سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 15

فصل ٻيو  - ب

بادشاھھ جو شڪار لاءِ ٻاھر وڃڻ ۽ اسان جو ھن سان گڏ وڃڻ

        جڏھن بادشاھھ شڪار لاءِ دارالخلافھ کان ٻاھر نڪتو، تڏھن مان ساڻس گڏ ويس. مون ھن سفر لاءِ سڀ شيون خريد ڪيون ھيون، جن ۾ ھڪ تنبو بھ خريد ڪيو ھوم. ھن ملڪ ۾ تنبو ھر ڪو شخص رکي سگھندو آھي ۽ اميرن لاءِ تھ بلڪل ھڪ ضروري شيءِ آھي. فرق رڳو ايترو ھوندو آھي، جو شاھي تنبو رنگ جو ڳاڙھو ٿيندو آھي ۽اميرن جا تنبو سفيد ٿيندا آھن، جن تي نيري رنگ جا چٽ نڪتل ھوندا آھن. مون ھڪ شاميانو بھ خريد ڪيو ھو، جيڪو تنبوءَ تي ڇانو ڪرڻ لاءِ لڳايو ويندو آھي ۽ ٻن ڊگھن ٿنڀن (لڪڙن) تي بيھاريو ويندو آھي. اھي لڪڙا ماڻھو (جن کي ڪيواني ڪري چوندا آھن) ڪلھن تي کڻي ھلندا آھن. ھندستان ۾ رواج آھي تھ مسافر ھنن ڪيوانن کي پگھار تي رکندا آھن، ۽ اھڙيءَ طرح سان اھي ماڻھو، جيڪي چوپائي مال لاءِ گاھ ڪندا آھن، پڻ پگھار تي رکيا ويندا آھن، ڇو تھ ھن ملڪ ۾ گھوڙن کي بھھ ڪو نھ کارائيندا آھن. اھڙيءَ طرح ڪلھا بھ رکيا ويندا آھن، جيڪي بورچيخاني جا ٿانو کڻي ھلندا آھن؛ ۽ ڏولي کڻڻ وارا بھ رکيا ويندا آھن، جن جو ڪم ھوندو آھي تنبو لڳائڻ؛ ان ۾ گلم غاليچن وغيره وڇائڻ ۽ سامان اٺن تي لڏڻ لاءِ دوا دوي بھ رکيا ويندا آھن، جيڪي اڳيان اڳيان ڊوڙندا ھلندا آھن ۽ رات جو مشعلون کڻي روشني ڪندا ھلندا آھن.

        مون بھ انھن قسمن جي سڀني ماڻھن کي روزانيءَ مزدوري تي پاڻ سان کنيو ۽ ڏاڍي ٺٺ سان اٿي ھليس. مان تھ انھي ڏينھن شھر کان ٻاھر نڪتو ھوس، جنھن ڏينھن بادشاھي سواري ٻاھر نڪرڻي ھئي. مون کان سواءِ ٻيا ماڻھو ٻھ ٻھ، ٽي ٽي ڏينھن پوءِ آيا. بادشاھھ، سواريءَ نڪرڻ واري ڏينھن عصر کان پوءِ، ارادو ڪيو تھ ھاٿيءَ تي سوار ٿي ڏسڻ وڃي تھ ڪير ڪير تيار آھي ۽ ڪنھن ڪنھن تياريءَ ۾ جلدي يا دير ڪئي آھي. ان وقت بادشاھھ پنھنجي تنبوءَ جي ٻاھران ھڪ ڪرسيءَ تي ويٺو ھو. مون وڌي وڃي سلام ڪيو ۽ ساڄي پاسي پنھنجي مقرر جڳھھ تي وڃي بيھي رھيس.

        بادشاھھ ملڪ قبولي سرجامدار کي مون وٽ موڪليو. ھن جو ڪم آھي تھ بادشاھھ جي مٿان مکيون ھڪليندو آھي، ھن اچي مون کي چيو تھ بادشاھھ جو حڪم آھي تھ ويھي رھو. ھي بادشاھھ جي خاص مھرباني ھئي. ورنھ انھيءَ ڏينھن ڪنھن کي بھ ويھڻ جي اجازت ڪا نھ ھئي. ايتري ۾ ھاٿي اچي پھتو، جنھن تي ڏاڪڻ لڳائي ويئي، بادشاھھ سوار ٿيو، مٿانئس ڇٽ لڳايو ويو، ۽ پوءِ بادشاھھ جا خاص ماڻھو بھ سوار ٿيا، ٿوري دير گھمي ، وري بادشاھھ پنھنجي تنبوءَ ڏانھن واپس آيو. ھتي اھو رواج آھي تھ جڏھن بادشاھھ  سوار ٿيندو آھي تڏھن ھر ھڪ امير پنھنجي فوجي جھنڊي ، طبل، نفيري ۽ شرناين جن سڀني کي گڏي مراتب چيو ويندو آھي، ساڻ ڪري سوار ٿيندو آھي.

        بادشاھھ جي اڳيان فقط پرديدار يعني حاجب ۽ گاني بجاني وارا ھوندا آھن، جن مان ڪي دھلن وارا دھل ڳچيءَ ۾ وجھي وڄائيندا ھلندا آھن ۽ شرنائن وارا وري شرنايون وڄائيندا ھلندا آھن. بادشاھھ جي ساڄي پاسي پندرھن ماڻھو ھوندا آھن ۽ کاٻي پاسي بھ ايترائي ماڻھو ھوندا آھن، ھنن ماڻھن ۾ فقط وڏا وڏا امير ، وزير ۽ ڪي غيرملڪي شرفا شامل  ھوندا آھن. مان بھ ساڄي پاسي وارن اميرن ۾ شامل ھوس. بادشاھھ جي اڳيان پيادا ۽ رھنما ھوندا آھن ۽ پٺيان ريشمي ۽ زريدار جھنڊا ۽ اٺن تي وڏا طبل رکيل ھوندا آھن، انھن جي پٺيان بادشاھھ جا غلام ۽ ٻيا خادم ، انھن کان پوءِ ٻيا امير ۽ پوءِ عام ماڻھو ھوندا آھن. ڪنھن کي بھ اھا خبر نھ ھوندي آھي تھ ڪھڙي ھنڌ منزل ٿيندي. پر جڏھن ڪو نديءَ جو ڪنارو يا وڻن جو ڪو جھڳٽو بادشاھھ کي وڻندو آھي تھ بادشاھھ جو انھيءَ جاءِ تي ترسڻ جو حڪم ٿيندو آھي. جيستائين بادشاھھ جو تنبو لڳي پورو نھ ٿئي، تيستائين ڪو بھ شخص تنبو نٿو لڳائي سگھي. پوءِ موڪل ڏيندا آھن، ۽ ھر ھڪ شخص کي سندس جڳھھ ٻڌائيندا ويندا آھن. بادشاھھ جو تنبو وچ ۾ لڳندو آھي. ٻڪري جو گوشت ، ٿلھيون متاريون ڪڪڙيون، تتر ۽ بدڪون وغيره اڳ ۾ ئي موجود ھونديون آھن.

        پوءِ يڪدم اميرن جا ڇوڪرا اچي حاضر ٿيندا آھن ، جن مان ھر ھڪ سيخ ھٿ ۾ کڻي، باھھ ٻاري، گوشت پچائيندو ويندو آھي، ھڪ ننڍو تنبو بھ لڳايو ويندو آھي جنھن م بادشاھھ پنھنجي خاص خاص اميرن سان اچي ويھندو آھي. پوءِ دستر خوان وڇايو ويندو آھي ۽ بادشاھھ جنھن کي چاھي تنھن کي پاڻ سان گڏ کائڻ لاءِ سڏيندو آھي.

        ھڪ ڏينھن بادشاھھ تنبوءَ ۾ ويٺو ھو ۽ پڇا ڪيائين تھ ٻاھر ڪير ڪير ويٺا آھن. جنھن تي سيد ناصر الدين مطھر اوھريءَ جيڪو بادشاھھ جو نديم ھو، چيو تھ فلاڻو مغربي شخص بيٺو آھي ۽ ڏاڍو پريشان حال آھي. بادشاھھ  پڇيو تھ ”ڇو؟“ سيد ناصرالدين جواب ڏنو تھ ھن جا قرض خواھھ ساڻس وصوليءَ لاءِ سختي ڪري رھيا آھن، آخوند عالم وزير کي سندس قرض جي ادائگي لاءِ حڪم ڏنو ھو، پر وزير ان کان اڳي ئي سفر تي ھليو ويو، تنھن ڪري حصور جن قرض خواھن کي حڪم ڏين تھ وزير جي اچڻ تائين ھن سان سختي نھ ڪن يا سائينءَ جن سندس قرض ادا ڪري ڇڏين.

        ان وقت ملڪ دولت شاھھ بھ موجود ھو، جنھن کي بادشاھھ چاچا ڪري سڏيندو ھو، جنھن چيو تھ ”آخوند عالم! ھي شخص ھر روز عربيءَ ۾ مون کي ڪجھھ چوندا آھن، پر مان سمجھي ڪو سگھندو آھيان، شايد سيد ناصرالدين ھن کي سمجھندو ھوندو تھ ڇا ٿو چوي“ اصل ۾ ھن جي ان چوڻ جو مطلب ھو تھ سيد ناصرالدين وري بھ منھنجي قرض جي ادائگي جو ذڪر ڇيڙي. تنھن تي سيد ناصرالدين چيو تھ ”ھو انھي قرض جي باري  ۾ چوندو رھندو آھي،“ بادشاھھ جي ٻڌي فرمايو تھ ” چاچا، اسين جڏھن دارالخلافھ ڏانھن واپس ھلون تڏھن توھان ھن کي خزاني ۾ وڃي اھا پئسا  ڏياري ڇڏجو“ اتي خداوند زادو بھ حاضر ھو، تنھن چيو تھ اخوند عالم! ھي شخص ڏاڍو خرچائو آھي، سندس اھو ئي حال ماورالنھر جي سلطان طرمشيرين جي درٻار ۾ بھ ھو، جتي منھنجي ساڻس ملاقات ٿي ھئي.

        اھي ڳالھيون ختم ٿيون تھ بادشاھھ مون کي دسترخوان تي سڏايو. مون کي خبر ڪا نھ ھئي تھ منھنجي باري ۾ ڪھڙيون ڳالھيون ھليون آھن. جڏھن ٻاھر آياسين تڏھن سيد ناصرالدين مون کي  چيو تھ ”ملڪ دولت شاھھ جا ٿورا مڃ“ ۽ ملڪ دولت شاھھ وري چيو تھ ”خداوند زادي جا ٿورا مڃ“ انھيءَ ئي ڏينھن اسان شڪار تي بادشاھھ سان گڏ ھئاسين ۽ بادشاھھ ڪئمپ مان سوار ٿي پئي لنگھيو، تھ سندس گذر منھنجي تنبوءَ وٽان ٿيو، مان بھ سندس ساڄي طرف ساڻس گڏ ھوس. منھنجا ساٿي تنبوءَ ۾ ھئا. جڏھن بادشاھھ اتان اچي لنگھيو تھ ھنن اٿي بيھي سلام ڪيو. بادشاھھ عماد الملڪ ۽ ملڪ دولت شاھھ کي موڪليو تھ انھن ماڻھن کان پڇن تھ اھو ڪنھن جو تنبو آھي، ھنن موٽي اچي جواب ڏنو تھ فلاڻي شخص جو (يعني منھنجو) آھي. بادشاھھ ھي ٻڌي مشڪيو ۽ ٻئي ڏينھن مون کي، سيد ناصر الدين بن قاضي مصر ۽ ملڪ صبيح کي حڪم ٿيو تھ شھر ڏانھن موٽي وڃو. پوءِ اسان کي خلعتون ڏنيون ويون ۽ اسين موٽي شھر ھليا آياسين.

بادشاھھ کي مون ھڪ اٺ تحفي طور ڏنو

مون کان ھڪ دفعي انھن ڏينھن بادشاھھ پڇيو تھ”ملڪ ناصر اٺ تي سواري ڪندو آھي يا نھ؟“ مون عرض ڪيو تھ حضور! حج جي ڏينھن ھو ڏاچيءَ تي سوار ٿي، مصر کان مڪي شريف تائين ڏھن ڏينھن ۾ پھچي ويندو آھي. مون ائين بھ عرض ڪيومانس تھ ”اھي اٺ اھڙا ڪين آھن جھڙا ھن ملڪ ۾ آھن، ۽ مون وٽ بھ ان ملڪ جو ھڪ اٺ موجود آھي“ جڏھن مان دارالخلافھ ۾ آيس تڏھن ھڪ مصري عرب کي سڏايم جنھن منھنجي لاءِ ڏايءَ جي پاکڙي جو نمونو تيار ڪرائي، مون کي ڏنو، جو مون ھڪ لوھار کان ٺھرائي ورتو. مون ان تي عمدو پلاڻ وجھائي، ان جي خوبصورتيءَ ۾ ڪا ئي ڪسر ڪا نھ ڇڏيم ۽ ان جي مھار بھ ريشم جي تيار ڪرايم. مون وٽ ھڪ يمن جو ماڻھو ھو، جيڪو حلوي ٺاھڻ ۾ ھوشيار ڪاريگر ھو. ان کان مون قسم قسم جو حلوو تيار ڪرايو، جن مان ھڪ قسم جو حلوو کجور جي شڪل جھڙو ھو ۽ ٻيا بھ ڪي قسم ھئا.

        پوءِ مون اھا ڏاچي ۽ حلوو بادشاھھ جي خدمت ۾ ڏياري موڪليا ۽ کڻي ويندڙ کي سمجھائي ڇڏيم تھ ھي سڀ شيون ملڪ دولت شاھ جي حوالي ڪجانءِ، جنھن جي لاءِ بھ مون ھڪ گھوڙو ۽ ٻھ اٺ ڏياري موڪليا ھئا. ملڪ دولت شاھھ اھي شيون بادشاھھ جي حضور ۾ کڻي ويو ۽ اندر وڃي عرض ڪيائين تھ ”آخوند عالم! مون ھڪ عجيب شيءِ ڏٺي آھي.“ بادشاھھ پڇيو تھ”اھا ڪھڙي شيءِ آھي؟“ تنھن تي ھن جواب ڏنو تھ ”سائين ! اٺ تي زين“ بادشاھھ فرمايو تھ”جلد اسان جي سماھون پيش ٿئي.“ اٺ کي تنبوءَ ۾ اندر پھچايو ويو. بادشاھھ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ منھنجي ھڪ ماڻھوءَ کي چيائين تھ ھن تي سوار ٿي ڏيکار، ھو يڪدم اٺ تي سوار ٿيو ۽ ان کي بادشاھھ سامھون ڊوڙائي ڏيکاريائين. بادشاھھ ھن کي ھڪ سئو درھم ۽ خلعت انعام ۾ ڏني. ھو ماڻھو مون وٽ آيو ۽ اچي سڄو احوال مون کي ٻڌايائين، جو ٻڌي مان ڏاڍو خوش ٿيس ۽ ھن کي بھ اٺ تحفي طور ڏنم. تنھن کان پوءِ موٽي دارالخلافھ ۾ آيس.

بادشاھھ کي منھنجا ٻھ اٺ ٻيا ۽ حلو و پيش ڪرڻ، ۽ منھنجي قرض جي ادائگي

جڏھن منھنجو ماڻھو اٺ جو نذرانو ڏيئي واپس آيو ۽ مون کي اچي سڄيءَ حقيقت کان آگاھھ ڪيائين، تڏھن مون وري ٻيا ٻھ پلاڻ تيار ڪرايا، جن جي اڳئين ۽ پٺئين حصي تي سون جو پاڻي چڙھيل ھو، مٿن چانديءَ جا پتر چاڙھيم ۽ ويھڻ واري جاءِ جا استر ڪيمخواب جي ڪپڙي جا لڳارايم، ازانسواءِ پاڻي چڙھيل چانديءَ جا گھنگھرو انھن ٻنھي اٺن جي گوڏن تي ٻڌايم. ان کان سواءِ يارھن ڍاڪون حلوي جا تيار ڪرايم. ۽ ھر ھڪ ڍاڪونءَ جي مٿان ريشمي رومال رکيم. جڏھن بادشاھھ شڪار تان واپس آيو ۽ ٻئي ڏينھن عام دربار ۾ اچي ويٺو تڏھين مون اھي اٺ وڃي سندس اڳيان پيش ڪيا. بادشاھھ حڪم ڏنو تھ ھن جو پنڌ ڏيکار. مون يڪدم سوار ٿي، انھن کي ڊوڙائي ڏيکاريو، تھ انھن مان ھڪ جو (خلخال)پائيل ڪري پيو. بادشاھھ بھاءُ الدين فلڪيءَ کي حڪم ڏنو تھ ”پائيل برداري“ يعني پائيل وڃي کڻ، جيڪو ھن وڃي کنيو.

        پوءِ بادشاھھ ڍاڪن ڏانھن ڏٺو ۽ پڇيائين”چھ داري؟ دو آن طقھا حلوه است! “ يعني تو وٽ ٻيو ڇا آھي؟ ھنن ڍاڪن ۾ حلوو آھي ڇا؟ مون چيو تھ ”ھائو حضور“ بادشاھھ فقيھ ناصرالدين ترمذي واعظ کي چيو تھ ”مون اھڙو حلوو، جيڪو فلاڻي شخص (يعني مون) لشڪر ۾ اسان ڏانھن موڪليو ھو، ڪڏھن بھ ڪو نھ کاڌو آھي.“ ۽ حڪم ڏنائين ھي ڍاڪون اسان جي خاص مجلس ۾ موڪليا وڃن. بادشاھھ پوءِ عام درٻار مان اٿي ھليو ويو ۽ مون کي اندر گھرائي. کاڌي آڻڻ جو حڪم ڏنائين. مون بھ اتيئي کاڌو بادشاھھ مون کان پڇيو تھ ”جيڪو حلوو تو اسان ڏانھن موڪليو ھو ان جو نالو ڇا آھي؟“ مون عرض ڪيو تھ ”آخوند عالم! ان حلوي جا ڪيترائي قسم ھئا، خبر نھ آھي حضور جن ڪھڙي قسم جي حلوي جو نالو پڇي رھيا آھن“ بادشاھھ چيو تھ ”ھي طباخ کڻي وٺو.“ ھن ملڪ ۾ طيفور کي طباق چوندا آھن. طباق پيش ڪري پڇيو تھ ”ھن جو نالو ڇا آھي؟“ مون عرض ڪيو تھ ھن کي لقيمات القاضي(قاضيءَ جا لقما) ڪري سڏيندا آھن. ان وقت ھڪ بغداد جو شيخ، جنھن کي سامري ڪري سڏيندا ھئا، پاڻ کي آل عباس ڏانھن منسوب ڪندوھو ، ھڪ وڏو شاھوڪار ھو ۽ بادشاھھ کيس پيءُ ڪري سڏيندو ھو، سو حسد جي ڪري، مون کي بادشاھھ جي اڳيان شرمندو ڪرڻ خاطر چوڻ لڳو تھ ”اھو لقيمات القاضي نھ آھي.“ پر ھڪ ٻيو قسم کڻي، جنھن جو نالو جلد الفرس(گھوڙي جي کل) ھو، چيائين تھ ”ھي لقيمات القاضي آھي.“

        سندس سامھون وري ناصر الدين ڪافي ھروي، جيڪو بادشاھھ جو نديم ھو ۽ ھن شيخ سان اڪثر بادشاھھ جي روبرو کل مسخري ڪندو ھو، ويٺو ھو، تنھن چيس تھ ”خواجھ صاحب توھان ڪوڙ ٿا ڳالھايو ۽ قاضي سچو آھي.“  بادشاھھ پڇيو تھ سو وري ڪيئن؟“  ھن عرض ڪيو تھ ”آخوند عالم! ھي شخص قاضي آھي ۽ پنھنجي لقمن کي ٻين جي بنسبت وڌيڪ سمجھي ٿو سگھي“ تنھن تي بادشاھھ کلي چيو تھ ”بلڪل صحيح آھي.“ جڏھين اسان کائي چڪاسين تڏھن فقاع پي ۽ پان وٺي گھر ھليا وياسين. تنھن کان ٿورو اڳ ۾ خزانچيءَ اچي چيو تھ پنھنجا ماڻھو موڪليو تھ پئسا کڻي اچن. مون پنھنجا ماڻھو ھن سان گڏ موڪلي ڏنا، شام جو جڏھين گھر آيس تھ ڏٺم تھ اتي ٽي ڳوٿريون پيون ھيون، جن ۾ ڇھھ ھزار ٻھ سئو ٽيٽيھھ تنڪا رکيا ھئا، جن مان پنجونجاھھ ھزار دينار تھ مون کي قرض ۾ ڏيڻا ھئا، باقي ٻارھن ھزار دينارن جو انعام مليو ھوم ۽ مٿين ڪل رقم عشر(ڏھون حصو) دستور موجب ڪاٽڻ کان پوءِ ڏني ويئي ھئي. تنڪا مغرب جي اڍائي سون دينارن جي برابر ٿيندو آھي.

 بادشاھھ جو ٻاھر وڃڻ ۽ مون کي داراخلافھ ۾ رھڻ جو ڏيڻ

جمادالاول جي نائين تاريخ بادشاھھ معبر جي ملڪ ڏانھن وڃڻ جو ارادو ڪري اوڏانھن روانو ٿيو، ڇو تھ اتي سندس ھڪ نائب (سيد حسن شاھھ)باغي ٿي ويو ھو، جنھن کي منھن ڏيڻو ھوس. مون پنھنجو سڀ قرض ادا ڪري ڇڏيو ھو ۽ سفر جو پڪو ارادو ڪيو ويٺو ھوس. ڪيوانين، فراشن، ڪھارن ۽ اڳيان ڊوڙندڙن کي نون مھينن جو پگھار بھ اڳواٽ ڏيئي ڇڏيو ھوم، پر مون کي حڪم مليو تھ مان دارالخلافھ ۾ رھان ۽ حاجب مون کان ان حڪم نامي تي صحيح بھ وٺي ڇڏي، جنھن جو مطلب ھو تھ مون کي حڪم نامو ملي ويو ھو. اھو ھن ملڪ جو رواج آھي تھ متان جنھن کي حڪم نامو پھچايو وڃي، سو ان جي پھچ کان انڪار ڪري ڇڏي.

        بادشاھھ منھنجي لاءِ ڇھن ھزارن درھمي دينارن ڏيڻ جو حڪم ڪيو ۽ ابن قاضي مصر لاءِ ڏھن ھزارن جو ۽ اھڙي طرح جنھن بھ غيرملڪيءَ کي ترسڻ جو حڪم مليو ھو، تنھن کي انعام ڏنو ويو. پر اتي جي ماڻھن کي ڪجھھ بھ ڪو نھ ڏنو ويو. بادشاھھ مون کي اھو بھ حڪم ڏنو تھ ”توکي سلطان قطب الدين جي مقبري جو متولي مقرر ڪيو ويو آھي، تنھن ڪري ان جو سڄو بندوبست تنھنجي ذمي آھي“ بادشاھھ ان مقبري جي، جنھن جو بيان اڳتي ايندو، تمام گھڻي تعظيم ڪندو ھو، ڇو تھ ڪنھن زماني ۾ ھو سلطان قطب الدين جي نوڪريءَ ۾ رھي چڪو ھو. مون ڪيترائي ڀيرا ڏٺو ھو تھ بادشاھھ ان مقبري ۾ اچي سلطان قطب الدين جا جوتا کڻي، چمي، پنھنجي مٿي تي رکندو ھو، ھن ملڪ ۾ اھو بھ رواج آھي تھ ميت جا جوتا سندس قبر جي ڀرسان ھڪ مٿاھينءَ جاءِ تي رکندا آھن.

        بادشاھھ جڏھين بھ مقبري ۾ ايندو ھو تڏھين اھڙيءَ طرح سان نمي سلام ڪندو ھو، جھڙيءَ طرح ھو بادشاھھ جي زندگيءَ ۾ ڪندو ھو، ھن جي بيواه زال جي بھ ڏاڍي عزت ڪندو ھو، کيس ڀيڻ ڪري سڏيندو ھو ۽ ھن کي پنھنجي حرم ۾ رھڻ لاءِ ھڪ خاص جڳھھ ڏني ھئائين، پوءِ ھن جو نڪاح ابن قاضي مصر سان ڪري ڇڏيو ھئائين، جنھن سبب ڪري ھن کي بھ گھڻو نوازيندو رھندو ھو ۽ ھر جمعي تي بادشاھھ ھن عورت سان ملڻ ويندو ھو.

جڏھن بادشاھھ رواني ٿيڻ وقت اسان کان موڪلائڻ لاءِ اسان کي گھرايو، تڏھن ابن قاضي مصر اٿي بيھي عرض ڪيو تھ ”مان حضور جن کان جدا رھڻ نٿو چاھيان“ تنھن تي بادشاھھ چيس تھ ”چڱو ڀلا تون وڃي پنھنجي سفر جو سامان تيار ڪر“ اھو ھن جي لاءِ ڏاڍو سٺو ٿيو. ھن کان پوءِ مان اڳتي وڌيس ۽ شھر ۾ رھڻ ٿي چاھيم، سو وري منھنجي لاءِ مصيبت جو باعث ٿيو.

بادشاھھ مون کان پڇيو تھ ”توکي ڪجھھ عرض ڪرڻو آھي؟” مون يڪدم پنھنجي يادداشت وارو ڪاغذ ڪڍيو، پر بادشاھھ فرمايو تھ ”پنھنجي زبان سان چئو“ مون عرض ڪيو تھ ”آخوند عالم! توھان مون کي قاضي مقرر ڪيو آھي، پر مان اڃا پنھنجي عھدي تي قائم نھ ٿيو آھيان، حالانڪ منھنجو مطلب انھي عھدي جي بزرگي قائم رکڻ بھ آھي. تنھن تي بادشاھھ منھنجي مقرري ۽ ٻھ نائب مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وري پڇيائين تھ ”ٻيو ڪجھھ؟“ مون عرض ڪيو تھ ”سلطان قطب الدين جي مقبري جو ڪم منھنجي حوالي ڪيو ويو آھي، جنھن لاءِ مون چار سئو سٺ ماڻھو مقرر ڪيا آھن، پر ان جي سڀني وقفن جي آمدني انھن کي کاڌي ۽ خرچ لاءِ پوري ڪا نھ پوندي.“ جنھن تي بادشاھھ وزير ڏانھن منھن ڪري چيو تھ ”آمدني پنجاھھ ھزار آھي“. ۽ حڪم ڏنائينس تھ ”لک من غلھ بده“ يعني ھڪ لک مڻ اناج ڏينس، ۽ مون کي چيائين تھ ”جيستائين مقبري جو اناج اچي تيستائين اھو اناج ھلاءِ“ غلھ جو مطلب ڪڻڪ ۽ چانور آھي.

ھن ملڪ جو مڻ مغربي ويھن رطلن جي برابر ٿيندو آھي. تنھن کان پوءِ بادشاھھ پڇيو تھ”ٻيو ڇا عرض ڪرڻو اٿيئي؟“ مون عرض ڪيو تھ”منھنجا ڪي ساٿي ھن ڪري قيد ڪيا ويا آھن تھ ھنن ڳوٺن، جن جي عيوض مون کي ٻيا ڳوٺ مليا آھن، جي ڪجھھ وصولي ڪئي آھي. ھاڻي ديوان وارا ٿا چون تھ توکي اتان جيڪا بھ آمدني ٿي آھي، سا خزاني ۾ جمع ڪراءِ يا بادشاھھ جو حڪم آڻ تھ اھا تقاضا معاف ڪئي وڃي“ بادشاھھ پڇيو تھ اتان توکي ڪيتري آمدني ٿي آھي؟ مون عرض  ڪيو تھ ”پنج ھزار دينار“ تنھن تي بادشاھھ فرمايو تھ ”چڱو اھا رقم اسان توکي انعام طور ڏني“ پوءِ مون ٻيو عرض ڪيو تھ ”جيڪو گھر بادشاھھ سلامت مون کي رھڻ لاءِ  ڏنو آھي، سو بالڪل جھونو ٿي ويو آھي ۽ مرمت جوڳو آھي“. تنھن تي وزير کي حڪم ڪيائين تھ ”عمارت کنيد“ يعني جڳھھ ٺھرائي وڃي. پوءِ مون کي چيائين تھ ”ٻيو بھ ڪجھھ باقي رھيو اٿيئي ڇا.“ مان عرض ڪرڻ تي ھوس تھ يڪدم چيائين تھ ”وصيت ديگر است......“ يعني مان توکي وصيت ٿو ڪريان تھ تون قرض نھ کڻندو ڪر، ممڪن آھي تھ توکي قرضخواه ڪا تڪليف ڏين ۽ اسان کي خبر ئي نھ پھچي سگھي؛ بلڪھ مان جيڪي ڪجھھ توکي ڏيان ٿو ان کان وڌيڪ خرچ نھ ڪر، ڇو تھ الله تعاليٰ فرمائي ٿو تھ ”فلاتجعھ يد لڪ مغلولتھ ولا تبسطھا کل البسط و کلوا و اشر بوا ولا تسر فوا و الدين اذا انفقوالم يسر فواو کان بين ذالڪ قواما. “ ھي ٻڌي مون ارادو ڪيو تھ بادشاھھ جا پير چمان، سو جيئن ھيٺ نميس تھ بادشاھھ کڻي مون کي مٿي کان جھليو ۽ ائين ڪرڻ کان منع ڪيائين.

        پوءِ بادشاھھ جا ھٿ کڻي، چمي، مان ٻاھر نڪتس ۽ شھر ۾ اچي مون پنھنجي جاءِ ٺھرائڻ شروع ڪئي، جنھن تي منھنجا چار ھزار دينار خرچ ٿيا، جن مان ڇھھ سو دينار مون کي خزاني مان مليا، باقي ٻيا مون پنھنجي ھڙان خرچ ڪيا ھئا، مون پنھنجي گھر جي سامھون ھڪ مسجد بھ ٺھرائي ڇڏي. ان کان پوءِ سلطان قطب الدين جي مقبري جي انتظام ۾ لڳي ويس، بادشاھھ حڪم ڏنو ھو تھ ان تي ھڪ سو گز ڊگھو قبو ٺھرايو وڃي، يعني عراق جي بادشاھھ قاران جي ٺھيل قبي کان ويھھ گز زياده اوچو، ۽ اھو بھ حڪم ڏنائين تھ ويھھ ڳوٺ خريد ڪري مقبري لاءِ وقف ڪيا وڃن ۽ خريد ڪرڻ جو حڪم بھ مون کي ڏنو ويو، جيئن عشر (ڏھون حصو) جو فائدو بھ دستور موجب مون کي ملي.

مقبري جو انتظام

ھندستانين جو اھو بھ دستور آھي تھ مردن جي قبرن تي سڀ شيون جيڪي انھن جي زندگيءَ ۾ ضروري ھونديون آھن، موجود رکندا آھن. اھڙيءَ طرح سان ھاٿي ۽ گھوڙا بھ اتي اچي ٻڌي ڇڏيندا آھن ۽ قبر کي تمام گھڻو سينگاريندا آھن. مون بھ ائين ڪيو ۽ ڏيڍ سو قرآن پڙھڻ وارا، جن کي ھن ملڪ ۾ ختمين ڪري چوندا آھن، نوڪريءَ ۾ رکيا ۽ اسي طالب علمن جو انتظام ڪيم؛ اٺ مڪررين(1) ۽ مدرس بھ پگھار تي رکيم، ۽ اسي صوفين جو انتظام ڪيم. ازانسواءِ ھڪ امام، ڪيترائي سريلا موذن، قاري، مولودن وارا، حاضري نوٽيس ۽ معترف بھ پگھار تي رکيم. انھن سڀني کي گڏي ھن ملڪ ۾ ارباب ڪري چوندا آھن، سي بھ رکيم، جي ھئا، فراش، طباخ (پچائڻ ۽ رڌڻ وارا) روشني ڪرڻ وارا، آبدار (بھشتي يا سقھ) شربت دار  يعني شربت پيارڻ وارا، تنبول دار يعني پان وارا، سلحدار ، نيزه دار، ڇٽ دار، طشت دار، حاجب ۽ نقيب. اھي ڪل چار سو سٺ ماڻھو ھئا.

        بادشاھھ جو حڪم ھو تھ ھر روز ٻارھن مڻ اٽو ۽ ٻارھن مڻ گوشت استعمال ڪيو وڃي، پر مون ڏٺو تھ اھو ڪافي نھ ھو، ۽ زمين جنھن لاءِ حڪم مليو ھو سا گھڻي ھئي، تنھن ڪري مون حڪم ڏنو تھ پنجٽيھھ مڻ اٽو ۽ پنجٽيھھ مڻ گوشت ھر روز استعمال ڪيو وڃي، ۽ انھيءَ حساب سان کنڊ، نباتون، گيھھ ۽ پان بھ استعمال ٿيندا ھئا جنھن مان مقبري وارن ۽ مسافرن کي کاڌو ڏنو ويندو ھو. ڏڪار جي زماني ۾ ماڻھن کي ھن لنگر مان تمام گھڻي مدد ملي. تنھن سبب مان تمام گھڻو مشھور ٿي ويس، ايتري قدر جو جڏھن ملڪ صبيح دولت آباد ويو ۽ بادشاھھ پنھنجي دھليءَ جي نوڪرن بابت ھن کان پڇا ڳاڇا ڪئي تڏھن ھن عرض ڪيو تھ دھليءَ ۾ فلاڻي شخص(يعني مون) جھڙا جيڪڏھن ٻھ ٽي ٻيا بھ ماڻھو ھجن تھ ھوند غريبن کي ڪا بھ تڪليف ڪا نھ پھچي. ھي ٻڌي بادشاھھ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنھنجي خاص لباسن مان مون کي ھڪ خلعت موڪلي ڏنائين.

        شب برات ، ٻنھي عيدن تي، عيد ميلادالنبي، عاشوري جي ڏينھن ۽ سلطان قطب الدين جي وفات جي ڏينھن، ھڪ سئو مڻ اٽو ۽ ھڪ سئو مڻ گوشت پچارائي، غريبن ۽ مسڪينن کي کارائيندو ھوس. ۽ جن خاص ماڻھن جي گھر کاڌو موڪليو ويندو ھو، اھو ان کان سواءِ ھو – ھن رواج جو بيان مان کولي ٿو لکان .

ماڻھن کي وليمي مان کاڌي ڏيڻ جو رواج

ھندستان ۽ سراءِ جي ملڪن جو اھو دستور آھي تھ جڏھن وليمي جو کاڌو کائي بس ڪندا آھن، تڏھن ھر ھڪ شرفا، فقيھ، مشائخ ۽ قاضيءَ جي اڳيان پينگھي جي شڪل جھڙو ھڪ خوان، جنھن جي ھيٺان چار پاوا ھوندا آھن ۽ سڄو کجيءَ جي پتن جو ٺھيل ھوندو آھي، آڻي رکندا آھن. پھريائين ان تي مانيون رکي، انھن جي مٿان ٻڪري جي پڪل منڍي ۽ گيھھ ۾ تريل چار ٽڪيون، جن ۾ حلوا صابونيھ ڀريل ھوندو آھي، رکندا آھن ۽ انھن جي مٿان حلوي جا چار ٽڪرا ۽ ھڪ چمڙي جي ننڍي طبق ۾ سموسا ۽ حلوا وجھي رکندا آھن . ۽ جيئن جيئن ماڻھو مرتبي ۾ گھٽ ھوندا آھن تھ ٻڪري جي منڍيءَ جو اڌ ۽ ٻيون شيون بھ انھيءَ حساب سان؛ ۽ اڃا بھ گھٽ درجي وارن ڏي چوٿون حصو وغيره موڪلي ڏيندا آھن. پوءِ ھر ھڪ ماڻھوءَ جي اڳيان جڏھن اھو خوان رکيو ويندو آھي، تڏھن ھو اھو پنھنجي پنھنجي گھر کڻي ويندو آھي. اھو رواج پھريائين مون سلطان ازبوڪ جي دارالخلافھ شھر سراءِ  ۾ ڏٺو ھو. مون پنھنجن ماڻھن کي منع ڪري ڇڏي ھئي تھ ھو اھو کاڌو نھ کڻن، ڇو تھ اھو اسان جي اصول جي خلاف ھو. اھڙيءَ طرح سان وڏن وڏن ماڻھن جي گھر اھڙي طريقي سان وليمي جي ماني موڪلي ويندي ھئي.


(1) شايد ھي ماڻھو اھي آھن، جيڪي قرآن شريف جي ڪا بھ ھڪ سورت بار بار پڙھندا آھن - مترجم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org