سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

باب: -

صفحو:7

5-دودو ۽ چنيسر

ڪنهن زماني ۾، روپا شهر ۾، ڀونگر نالي هڪ وڏو حاڪم راڄ ڪندو هو. هو سومرا قوم جو فرد هو ۽ سڄيءَ سنڌ جو مڃيل حاڪم هو. هو هڪ دفعي شڪار تي ويو ۽ لاهر قوم جي هڪ حسين ڇوڪري ڏٺائين، جا وقت  پنهنجي ماڙيءَ  جي دريءَ مان ٻاهر نهاري رهي هئي. توڙي جو بادشاهه ڇوڪريءَ کي ته گهڙي پلڪ  لاءِ ڏٺو هو، پر ڏسڻ سان ئي سندس دل ۾ گهڙي ويئي.  جڏهن بادشاهه واپس پنهنجي محلات ۾ پهتو،  تڏهن هن پنهنجي وزيرن کي گهرايو ۽ انهيءَ  واقعي  جو احوال ٻڌايو ۽ اهو اظهار  ڪيائين ته يا هو ان ڇوڪريءَ سان شادي ڪندو يا مرڻ پسند ڪندو. وزير کلي چوڻ لڳا ته: ” بادشاهه کي مرڻ جي ڪا ضرورت  ناهي.  اوهان سان شادي ڪرڻ تي ڪا به لاهر ڇوڪري  آرهي  ڪانه ٿيندي.“ ان کان پوءِ بادشاهه جا وزير ان ڇوڪريءَ  جي مائٽن  سان مليا ۽ وعدي مطابق بادشاهه جي شاديءَ جو بندوبست ڪيائون.

شاديءَ کان هڪ سال پوءِ بادشاهه کي انهيءَ لاهر زال مان هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو چنيسر رکيائين. ڀونگر بادشاهه کي سومري خاندان مان هڪ زال هئي، جنهن کي به ان وقت ڌاري هڪ نياڻي ڄائي جنهن جو نالو ڀاڳي  رکيو ويو. ان کان هڪ سال پوءِ بادشاهه کي ان سومري  راڻيءَ مان هڪ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو دودو رکيائين.

وقت گذرندو رهيو ، چنيسر ۽ دودو وڌي جوان ٿيا. بادشاهه چنيسر جي شادي هڪ لاهر نينگريءَ سان ڪرائي ۽ دودي کي پنهنجي ڏاڏي پوٽي شهزادي پرڻائي . چنيسر کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ننگر رکيو ويو ۽ دودي کي نياڻي ڄائي، جنهن جو نالو ڪاويل  رکيو ويو.

هڪڙي  ڏينهن بادشاهه ڀونگر پنهنجي لاهر، راڻيءَ وٽ ويٺو هو ته راڻيءَ نهايت  ئي مغمور ٿي چيو ته:”بادشاهه سلامت!  توهان جي مهربانين جي اظهار  لاءِ مون وٽ لفظ ڪونهن، نڪي مان پنهنجي خوشنصيبي بيان ڪري سگهان ٿي، جا توهان وٽ نصيب ٿي اٿم. پر مون کي هڪ خطرو رهي ٿو، اهو هيءُ ته توهان جي وفات کان پوءِ سومرا مون کي ۽ منهنجي پٽ چنيسر کي محلات مان ڪڍي ڇڏيندا ۽ ڪنهن جهنگ ۾ کڻي ڦٽو ڪندا.“ ڀونگر بادشاهه جواب ڏنو ته: ”نه منهنجي پياري! تون دلجاءِ ڪر. مان ننگر ۽ ڪاويل جي شادي ڪرائي ٿو ڇڏيان ۽ ان کان پوءِ سومرا توکي ٻاهر ڪڍڻ جي جرئت نه ڪري سگهندا.“ ان ئي ڏينهن، بادشاهه پنهنجي ننڍڙن پٽن  جو مڱڻو ڪرائي ڇڏيو.

ان واقعي کان ڳچ مهينا  پوءِ، ڀونگر بادشاهه بيمار ٿي پيو ۽ مري ويو. ان وقت سنڌ ۾ هيءَ رواج هو ته جيستائين  نئين بادشاهه جو انتخاب نه ٿيو آهي، تيستائين  مئل بادشاهه  کي دفن نه ڪيو  ويندو هو. اهڙيءَ طرح سنڌ جو تخت  ڪڏهن به خالي نه رهندو  هو. ليڪن جنهن وقت نئين بادشاهه جي چونڊ لاءِ سنڌ جا ماڻهو گڏ ٿيا ته ڪنهن به ڳالهه تي متفق نه ٿي سگهيا.  ڪي سومرا  چوڻ لڳا ته بادشاهه جو حقيقي  وارث دودو آهي، ڇو ته بادشاهه کي سومري راڻي مان ڄائو هو. ٻين سردارن وري راءِ ڏني ته نه ، حقيقي وارث چنيسر آهي، ڇاڪاڻ ته اهو دودي کان اڳ ۾ ڄائو هو. آخرڪار وزير بارن چيو ته” جيڪڏهن سومري  جو ئي انتخاب ڪرڻو آهي ته پوءِ حقيقي حڪومت  جي وارثياڻي ڀاڳي آهي، جا بادشاهه جي نياڻي آهي ۽ دودي کان به اڳ ڄائي آهي. هاڻي اهو فيصلو انهيءَ تي ڇڏڻ گهرجي، چاهي هوءَ تخت دودي کي ڏي يا چنيسر کي ڏي.“ اها رٿ سومرن سردارن کي به وڻي، ڇو ته هنن کي يقين هو ته هوءَ تخت جو مالڪ پنهنجي سڳي ڀاءُ دودي کي بڻائيندي ۽ نه چنيسر  کي ، جو پيتو ڀاءُ اٿس. اهو فيصلو ڪري وزير بارن ڀاڳيءَ کي لکيو ته هوءَ تخت جي وارثياڻي آهي ۽ پنهنجي مرضيءَ  مطابق جنهن کي وڻيس، تنهن کي تخت ڏي. پر ڀاڳي دودي جي ڀيٽ  ۾ چنيسر سان وڌيڪ پيار ڪندي هئي جواب موڪليائين ته هوءَ چنيسر جي حوالي  تخت ڪرڻ چاهي ٿي. اهو ٻڌي  سومرن غصي  ۾ چپن کي چڪ پئي واڌا،  ليڪن ڪري به ڇاٿي سگهيا. هنن خود  اها رٿ قبولي هئي، تنهنڪري لاچار چنيسر کي گهرايائون.

جڏهن چنيسر آيو ۽ اچي ڏٺائين ته سومرن سردارن  جا منهن لٿل آهن، تڏهن پاڻ ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته مون کي پنهنجي ماءُ راڻيءَ کان صلاح پڇڻ گهرجي. جيڪڏهن  هن جي مرضي هوندي ته پوءِ آءُ تخت  قبول ڪندس.“ چنيسر  ائين چئي، درٻار ڇڏي پنهنجي ماءُ وٽ ويو ۽ عرض ڪيائين  ته:”امان ٻڌاءِ ته سومرن جي هوندي مان تخت تي ويهان؟“ سندس ماءُ اهو ٻڌي، هن کي مٿي کنيو ۽ فخر سان هن جي ڪلهي تي هٿ رکي چيائين ته: ”منهنجا پٽ! ڪنهن جي به پرواهه ته ڪر. بخت تنهنجي طرف آهي، تخت تي ويهه ۽ سومرن جو مقابلو ڪر.“

جڏهن چنيسر  درٻار ڇڏي ٻاهر نڪتو هو، تڏهن ان وقت سومرن سردارن کي ڏاڍي  کل آئي ۽ نفرت سان چوڻ لڳا ته ”هيءَ  ته بهترين بادشاهه پيو ڏسجي. ماءُ کان پڇڻ بغير تاج به ڪونه ٿو پهري.“ ان کان پوءِ، دودي کي سڏائي، وڏي ڌام ڌوم سان، دهل دمانن سان روپا شهر مان گشت  ڪرائي، کيس پنهنجو بادشاهه ظاهر ڪيائون. دهلن جو آواز جڏهن چنيسر جي ماءُ جي ڪنن تي پيو، تڏهن هن نوڪرياڻي  ٻاهر موڪلي ان جو سبب معلوم ڪرايو. نوڪرياڻي موٽي اچي ٻڌايس ته سومرن سردارن دودي کي بادشاهه بڻايو آهي، ڇو ته چنيسر ماءُ جي رضا کان سواءِ تخت تي ويهڻ جي جرئت نٿو رکي. اهو ٻڌي، لاهر راڻيءَ جون اميدون خاڪ ۾ ملي ويون ۽ غصي ۾ چنيسر  کي چوڻ لڳي ته: ”بيشڪ  سومرا  سردار درست آهن، مون سمجهيو ٿي ته مون پٽ  ڄڻيو هو، پر تون ته ڌيءَ ثابت ٿئين. هاڻي توکي چرخي وٽ عورتن سان گڏ ويهي ڪتڻ گهرجي.“  چنيسر  جي زال کي به مڙس جي تخت وڃائڻ واري  ڳالهه بيحد غصي ۾ وجهي ڇڏيو.  هوءَ چوڻ لڳي ته: ”ڇا جو، هي ته چرخي هلائڻ لائق به نه آهي. هن کي ته ڪلهن تي چادر رکي ٻڪريون ۽ رڍون  چارائجنس.“ چنيسر کي هنن طعنن ۽ ٺٺولين سخت ڪاوڙايو. هو اُٿي  چوڻ لڳو ته: ”هڪڙي ڏينهن اوهان  پنهنجي چيل لفظن تي پشيمان ٿيندو.“ ائين چوندي هو جلدائيءَ سان گهر مان ٻاهر نڪتو ۽ دودي ڏانهن چوائي موڪليائين ته” سنڌ جي حڪومت  منهنجي آهي. اها مون کي موٽائي ڏي. نه ته مان انصاف وٺڻ لاءِ دهليءَ جي بادشاهه علاءَ الدين ڏانهن ويندس.“

جڏهن دودي کي اهو پيغام پهتو، تڏهن هن جي دل ۾ نرمي پيدا ٿي ۽ هن سڀني  سردارن کي گهرائي چيو ته: ”چنيسر هيءَ ڌمڪي موڪلي آهي. آخر هو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي ۽ سندس پٽ جو منهنجي نياڻيءَ سان مڱڻو ٿيل آهي. هن کي ڪاوڙ  ۾ دهليءَ وڃڻ کان روڪيو وڃي ۽ تخت  کيس ڏجي، ڇو ته ائين ڪرڻ سان سنڌ کي تباهيءَ کان بچائي سگهبو ۽ اسان ٻئي ڀائر هڪ ٻئي جي همدردي وڃائينداسون.“ پر سومرا سردار غصي ۾ اچي چوڻ لڳا ته: ”بادشاهه سلامت! ائين نه ٿيندو، بادشاهي توکي هلائڻ لاءِ ڏني ويئي آهي، نه انهيءَ لاءِ ته اها خيرات ۾ ڏئي ڇڏ. جيڪڏهن هن کي  خيرات جي ضرورت آهي ته کيس ڍڳا ڍور ڏئي ڇڏ.“ اهو جواب ٻڌي دودو خاموش رهيو. اهو جواب سردارن جي دودي کي ڏنل صلاح جڏهن چنيسر کي پهتي، تڏهن هن گهوڙي تي لانگ ورائي ۽ سڌو دهليءَ رخ ڪيو.

جيئن نوجوان شهزادو مغموم حالت ۾ گهوڙي تي اوڀر طرف وڃي  رهيو هو، ته هن هڪ ٻڪرار ماٿريءَ ۾ ستل ڏٺو. پريان ٿوري پنڌ تي ڏٺائين ته ٻڪرين  جا ڌڻ چري رهيا  هئا. جن جي پٺيان هڪ ٻڪرار  جي لٺ پنهنجو پاڻ هلي رهي هئي ۽ رولو ۽ ڌار ٿي ويندڙ  ٻڪرين کي هڪليندي  پئي هلي. ٻڪرار  جي مٿي کان مياڻ ۾ سندس تلوار  رکيل هئي!چنيسر  سوچڻ لڳو ته جنهن صورت ۾ ٻڪرار جي لٺ ۾ ايترو جادو آهي، تنهنڪري سندس تلوار ۾ ته ان کان به وڌيڪ جادو هوندو. سو ان جي چورائڻ لاءِ ستل ٻڪرار  جي مٿي ڏانهن آهستي آهستي هلڻ لڳو. بس هن اڃا ٻه قدم مس کنيا هوندا ته خوف هن کي سُڪائي ڇڏيو. جڏهن ڏٺائين  ته تلوار خودبخود اڀي ٿي هن ڏانهن ٽپا ڏئي  هلڻ لڳي. هو بي اختيار  دانهون ڪرڻ لڳو: ”اڙي ٻڪرار! اڙي ٻڪرار!  پنهنجيءَ تلوار  کي پڪڙ.“ رڙين تي ٻڪرار  جاڳي پيو ۽  هڪدم وڃي تلوار کي پڪڙيائين. تنهن کان پوءِ چنيسر  ڏانهن منهن ڪندي چيائين ته: ”اي موچارا جوان! تو ضرور منهنجيءَ لٺ کي يا تلوار کي چورائڻ  جي ڪوشش ڪئي هوندي،  جنهن ڪري تلوار  توتي حملو ڪيو آهي. چنيسر پنهنجو ڏوهه مڃيو ۽ چيو ته مون واقعي  هن تلوار  چورائڻ  جي ڪوشش ڪئي هئي. پر ساڳئي وقت هن وڌيڪ چيو ته: ”اي ٻڪرار! مون کي پنهنجي تلوار  ڏي، ڇو ته مون کي ان جي سخت ضرورت آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي، ٻڪرار  پڇيو ته: ”تون ڪير آهين؟“ چنيسر سوال جو جواب فخر سان ڏنو: ”مان بادشاهه ڀونگر سومري جو پٽ آهيان.“ ٻڪرار چيو ته: ”ڪهڙو پٽ؟ چنيسر يا دودو؟ ڀانيان ٿو ته تون مَمِي چنيسر هوندين، (ڇو ته سومرن سردارن هن کي اهو نالو ڏنو هو) ڇاڪاڻ ته دودو ته تخت تي ويٺو آهي.“ چنيسر وراڻيو: ”هائو، مان مَمِي چنيسر آهيان ۽ ان ڪري ئي تنهنجيءَ تلوار  جي ضرورت آهي.“ٻڪرار  چيو: ”چڱو! مان توکي پنهنجي تلوار اڌاري ڏيان ٿو، پر جڏهن تون هي رستو وٺي موٽندين، تڏهن اها توکي ڇڏي مون وٽ واپس ايندي.“ ان کان پوءِ  ٻڪرار پنهنجي تلوار  چنيسر کي ڏني ۽ چنيسر اها وٺي دهليءَ  روانو ٿيو. هو شهر جي دروازي کي ويجهو پهتو، تڏهن هڪ رخشش هن کي داخل ٿيڻ کان روڪيو. چنيسر  گهوڙي تان ٽپو ڏيئي لهي پيو ۽ مياڻ مان جادوءَ واري تلوار کي ڪڍندي هڪ ئي ڌڪ سان ٻه اڌ ڪري ڇڏيائين.

ان کان پوءِ چنيسر شهر ۾ داخل ٿيو ۽ سڌو وزير وٽ وڃي بادشاهه سان ملاقات جي موقعي لاءِ عرض ڪيائين. وزير چيس ته بادشاهه توسان دهليءَ ۾ ڪونه ملندو، ۽ گڏوگڏ هي به چيائينس ته : ”هڪ ڳالهه ۾ آهي  ته بادشاهه  سال ۾ فقط هڪ دفعو جمعي جي مقرر ڏينهن تي شينهن جي شڪار لاءِ نڪرندو آهي ۽ اهو جمعو هاڻ ويجهو آهي. ان ڏينهن جڏهن بادشاهه ٻاهر ايندو، تڏهن توکي وٽس پيش ڪندس.“ اهو ٻڌي چنيسر ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پڪو پهه ڪيائين ته ان ڏينهن شڪار ۾ دليري ڏيکاري بادشاهه جو جس کٽندس.

ان ڏينهن صبح جو سوير، بادشاهه شينهن جي شڪار لاءِ نڪتو ۽ پاڻ سان هزارين سپاهي به کنيائين، ڇو ته شينهن جو شڪار هڪ جوکائتو ڪم هو. چنيسر وزير وٽ ويو ۽ پڇيائينس ته: ”بادشاهه هڪڙي شينهن جو شڪار ڪندو آهي يا گهڻن جو؟ ڇو ته اسان جي سنڌ ۾ هڪ شينهن جو مقابلو هڪ مرد ڪندو آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي، وزير ڪو به جواب ڪونه ڏنو ۽ کيس بادشاهه وٽ وٺي ويو ۽ هن جا لفظ ان کي دوٻاره ٻڌايائين. بادشاهه چنيسر کي چتائي ڏٺو ۽ چيو ته: ”مون کي يقين آهي ته چنيسر پنهنجي لفظن کي ضرور پاڻي ڏيندو! ۽ کيس اهو ثابت ڪري ڏيکارڻو پوندو ته هو سنڌ ۾ شينهن جو شڪار ڪيئن ڪندا آهن. جيڪڏهن مُئو  ته سندس غلطي آهي ۽ جي شينهن کي ماري ٿو وجهي ته هن لاءِ وڏو انعام آهي.“ چنيسر اِها  ڳالهه قبول ڪئي.

جڏهن سوارن جي ٽوليءَ شينهن کي ڳوليندي ڳوليندي هڪ کڏي ۾ کيس ڏٺو، تڏهن چنيسر گهوڙي تان لهي، ٻڪرار واري تلوار هٿ ۾ کڻي شينهن ڏانهن اڪيلو هلڻ لڳو.  هو اڃا  ان کي ٿورو ويجهو ٿيو ته شينهن وڏيءَ جلهه سان وار ڪيو، پر هو ٽپو ڏئي  پاڻ بچائي ويو. ان کان پوءِ وڏي ڦڙتائيءَ سان جادو واريءَ تلوار سان، شينهن کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيائين.

 بادشاهه چنيسر جي بهادري ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي کيڪاريندي چيائين ته ”هاڻي  پنهنجو انعام  گهر.“ اتي  چنيسر پنهنجي سڄي  ڳالهه هن کي ڪري ٻڌائي ته ڪهڙيءَ  طرح کيس تخت مليو ۽ ڪيئن سومرن سردارن کيس سنڌ مان لوڌي ڪڍيو. هن رڙ ڪري چيو ته : ”اي دنيا جا رکپال! مون کي انعام پنهنجي سنڌ جي تخت جو موٽي ملڻ جو گهرجي.“ انهيءَ تي علاو الدين ورندي ڏنيس ته ”توکي  اهو ضرور ملندو.“  ان کان پوءِ چنيسر لاءِ سنڌ فتح ڪرڻ جي نيت سان وڏو لشڪر تيار ڪيو ويو.

افغانن جو لشڪر سنڌ ڏانهن روانو ٿيو ۽ جڏهن اهو اتان اچي لنگهيو، جتي اُهو  ٻڪرار رهندو هو، تڏهن ان ٻڪرار جي چوڻ مطابق سندس تلوار چنيسر کي ڇڏي، مالڪ ڏانهن موٽي آئي. چنيسر کي ٿورو افسوس ٿيو، مگر اهو علاو الدين جي لشڪر سان گڏ هليو. آخر علاوالدين جي لشڪر دودي جي شهر،  روپا جي ٻاهران اچي خيما کوڙيا.

جڏهن سومرن سردارن پنهنجي شهر جي ٻاهران هيڏو سارو لشڪر ڏٺو، تڏهن دهلجي ويا ۽ چنيسر جي پٽ ننگر کي سفير بڻائي  موڪليائون ته وڃي بادشاهه کي عرض ڪري ته جيڪڏهن هو پنهنجي لشڪر سميت امن سان اتان ئي واپس دهليءَ موٽي ته سندس لشڪر جي اچ وڃ جو سمورو خرچ ب ڀري ڏنو ويندو ۽ سنڌ جو تخت به چنيسر جي حوالي ڪيو ويندو. بادشاهه اهو جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ورندي ڏنائين ته: ”فقط چنيسر کي تخت تي ويهاريو، مان توهان کان ڪا به ڍل ڪانه وٺندس.“ پر چنيسر جي مرضي هئي ته سندس دشمنن کي وڌيڪ نوايو وڃي. سو چيائين ته:  ”عالم  جا محافظ!  مون کي تخت وٺي ڏيارڻ سان گڏ خود اوهان کي به دودي کان تحفو وٺڻ گهرجي. اوهان کي منهنجي ڀيڻ ڀاڳيءَ جو پاڻ لاءِ سڱ وٺڻ گهرجي ۽ ائين ڪرڻ سان مان سمجهندس ته اسان جي دوستي پائيدار رهندي.“ بادشاهه علاوالدين  چيو ته: ” جيڪڏهن تنهنجي اها مرضي آهي ته آءُ راضي آهيان.“ پوءِ ننگر ڏانهن منهن ڪندي چيائين ته : ”وڃ  ۽ سومرن کي ٻڌاءِ ته مان شهزادي ڀاڳيءَ جو سڱ بادشاهه سان ڪندس، ته جيئن اسان جي دوستي هميشه قائم رهي.“

پر ننگر جو پيءُ چنيسر وانگر غدار نه هو، تنهن فوراََ  بادشاهه کي فخر سان جواب  ڏنو ته: ڪا به سومري شهزادي اڄ تائين ڌارئي سان نه پرڻي آهي. جيڪڏ هن توکي ڳيلي شهزاديءَ سان شادي ڪرڻي آهي، ته پوءِ توکي ان جو سڱ  اسان جي تلوارن سان کٽڻو پوندو.“ اهو جواب ٻڌي، جوش ۾ علاوالدين جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ پنهنجي سپاهين کي ننگر کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. ننگر شهزادو وڏيءَ بهادريءَ سان وڙهيو، پر زخمن ۾ چُور ٿي ڪري پيو. چنيسر ان جي لاش کي کڻائي کٽ تي رکيو ۽ روپا شهر ڏانهن موڪليو. جڏهن شهزادي ڪاويل، جا پنهنجي مڱيندي ننگر جي واپسيءَ جو انتظار ڪري رهي هئي، تنهن ڏٺو ته ان جو لاش کٽ تي آندو ويو آهي، تڏهن هن هڪدم هڪ چکيا  تيار ڪرائي ۽ مڙس سان گڏ سڙي  خاڪ ٿي ويئي.

محلات اندر دودي جي راڻي، ڀاڳيءَ کي چئي رهي هئي: ”ڀيڻ! تنهنجي واسطي  ڇو اجايو ايتري  خون خرابي ٿئي؟ جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ توکي علاوالدين  بادشاهه جي حوالي ڪري، ته جيڪر سموري  خون خرابي بند ٿي وڃي.“  اها ڳالهه ٻڌي،  ڀاڳي دودي وٽ وئي ۽ چيائينس ته: ”ادا، اوهان منهنجي  ڪري لڙائي نه ڪريو ۽ مون کي کڻي علاوالدين جي حوالي ڪريو.“

دودي سڀني سومرن کي گڏ ڪيو ۽ کانئن  سوال ڪيو ته: ”اوهان سوچي ويچاري ٻڌايو ته سومري سردار کان سواءِ  ڪا به سومري عورت ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي ڪڏهن ڏني وني آهي؟“ وراڻيو، ”اسان ته ڪڏهن به اهڙي ڳالهه نه ٻڌي آهي، پر هتي ڀاڳ نالي هڪ فقير  آهي، جنهن کي سومرن بادشاهن جي سورهن پيڙهين جي خبر آهي، ان کان پڇا ڪري ڏسجي.“

دودي بادشاهه ڀاڳ کي هڪدم درٻار ۾ گهرايو ۽ هن کان جواب گهرائين. ڀاڳ چيو ته: ”بادشاهه سلامت!  سومرن جي سورهن پيڙهين مان ڪنهن به سومري پنهنجي نياڻي ڌارين  کي نه ڏني آهي.“ دودي اهو جواب ٻڌي چيو ته ”جيڪڏهن اسانجن وڏن ڪڏهن به ائين نه ڪيو آهي ته آءُ هرگز ڪين ڪندس. هاڻي مون کي رڳو اهو ٻڌائي  ته اُها ڪهڙي جاءِ آهي، جتي مان پنهنجي ٻارن ۽ سومرن  سردارن جون زالون حفاظت هيٺ رکي سگهان؟ ڀاڳ وراڻي ڏني ته: ”آبڙاڻي ڳوٺ ۾ هڪ ابڙو آهي، جيڪو سومرين جي سنڀال مرڻ گهڙيءَ تائين ڪندو.“ بادشاهه ڀاڳ کي ان ماڻهوءَ لاءِ خط ڏئي روانو ڪيو.

ابڙائي واري ابڙي، ڀاڳ جو آدرڀاءُ ڪيو ۽ بادشاهه جو خط پڙهي کيس چيائين ته: ”بادشاهه کي چئج ته مان سومرين   جي ننگ ناموس جي مرڻ گهڙيءَ تائين حفاظت ڪندس.“ ڀاڳ، ابڙي جو اهو نياپو بادشاهه تائين پهچايو، جنهن کيس حڪم ڪيو ته سومرين  کي ابڙي وٽ وٺي وڃي. ابڙي هنن عورتن کي کلي کيڪاريو  ۽ محلات  ۾ ويهاريو ۽ پنهنجو سڀڪجهه  سندن حوالي ڪيو. پوءِ دودي کي چوائي موڪليائين ته: ”توهان جون امانتون اسان وٽ محفوظ  آهن، تنهنڪري  مڙسن  وارو مقابلو ڪجو. ڏسو متان سنڌ جي مٿان ڪا آفت آڻيو ۽ سومرن جو نالو نشان ناس ڪري ڇڏيو.“

جڏهن دودي کي يقين ٿيو ته سندس ٻار ٻچا ۽ ٻيو سومريون عورتون  محفوظ  آهن، تڏهن شهر جي چوڌاري هڪ وڏي کاهي کڻايائين ته جيئن حملي وقت دشمنن جا گهوڙا ان ۾ ڪري پون. ان کان پوءِ پنهنجي لاءِ هڪ مضبوط  اوزار ٺهرايائين، ڇاڪيائين جو هڪ گهاٺي جي هٿئي ۾ شيعور وجهرايائين، ان جي هڪ پاسي کان چار تلوارون ۽ ٻئي پاسي ٽي تلوارون مضبوطيءَ سان ٻڌرايائين، پوءِ اهو هٿيار کڻائي  پنهنجو لشڪر وٺي، علاوالدين  جي بي پناهه لشڪر تي ڌوڪي آيو.

شروع ۾ سومرن جي ساري پئي نظر آئي ۽ دودو پنهنجي فوج سان اڳتي وڌندو رهيو ۽ وڃي علاو الدين بادشاه جي ويجهو پهتو علاوالدين  اهو ڏسي چنيسر کان پڇڻ لڳو ته: ”اهو ڪير جوان آهي؟“ چنيسر جواب ڏنو ته: ”اهو منهنجو ڀاءُ دودو آهي، جنهن مون کان تخت ٺڳي ورتو آهي.“ علاوالدين هي چوڻ تي مجبور هو ته: ”توڙي هن توکان تخت ڦري ورتو آهي، ليڪن هو سڀني سومرن سردارن ۾ وڌيڪ بهادر ٿو ڏسجي.“ دودو  بادشاهه کي تير هڻڻ وارو  هو، جڏهن هن سندس واتان پنهنجي تعريف  جا لفظ  ٻڌا ته هڪدم پنهنجي تير ڪمان  هيٺ کڻي ڪيائين  ۽ وراڻيائين ته: ”جيتوڻيڪ علاو الدين اسان جو دشمن آهي، ليڪن هو بهترين  خاندان جو انسان آهي، ان کي نه مارڻ گهرجي،“ ٻئي پاسي علاوالدين ، دودي  ۽ سندس ماڻهن تي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. حڪم جي دير هئي، دودو  ۽ ٻيا ڪيترائي  سومرا  سردار ميدان ۾ وڙهندي مارجي ويا. علاوالدين  دودي  جي لاش جي تلاش جو حڪم ڏنو ۽ جڏهن هٿ آيو تڏهن  چنيسر جي حوالي ڪرايائين. ڀاءُ جو لاش ڏسي،  چنيسر زارو زار روئڻ لڳو. اهو حال ڏسي علاو الدين  کي سخت  غصو  آيو ۽ چوڻ لڳو ته: ”مون کي سنڌ تي ڪاهڻ جي دعوت  کان اڳ ۾ توکي سوچڻ گهربو هو. جيڪڏهن مون کي دودي  جي بهادريءَ جي خبر اڳ ۾ پوي ها، ۽ تنهنجي گيدائپ جو به پتو هجي ها ته يقينا تنهنجي مدد ڪڏهن به ڪانه ڪريان ها. هاڻي سگهو ڪر، ڀاڳي ۽ ٻيو سومريون عورتون  اسان جي اڳيان حاضر ڪر.“

چنيسر روپا شهر ۾ داخل ٿيو، ڇا ڏسي ته شهر ماڻهن کان خالي پيو آهي. مرد سڀ جنگ  ۾ مري چڪا هئا ۽ عورتون ابڙي  وٽ پناهه ۾ رهيون. چنيسر اها ڳالهه بادشاهه علاوالدين کي وڃي ڪئي، جنهن ابڙائي واري ابڙي ڏانهن خط لکيو ته: ”سومريون عورتون هڪدم مون ڏانهن ڏياري  موڪل، ان جي عيوض  مان توکي ملتان  ۽ ماٿيلي  جي جاگير  ڏيندس.“ جواب ۾ ابڙي سخت نابري واري ۽ علاوالدين سان مقابلي لاءِ تياري ڪرڻ لڳو.

پهريائين ته ابڙي، علاوالدين جي لشڪر کي ڀڄائي ڪڍيو، پر پوءِ علاوالدين خود: لشڪر جو مهندار ٿي، ابڙي سان وڙهڻ آيو. اهو ڏسي، ابڙي ڀاڳي ۽ ٻين سومرين کي دلجاءِ ڏني ته آءُ پنهنجي جان اوهان جي حفاظت لاءِ فدا ڪندس، اوهان کي ڪو به فڪر نه ڪرڻ گهرجي.  ان کان پوءِ  پنهنجو پٽ ممات ۽ ٻيا ماڻهو ساڻ وٺي علاوالدين سان وڙهڻ ويو. پهريائين ممات  شهيد  ٿيو ۽ ڀاڳي ان جي لاش کي ڏسي، ائين رُني، جيئن ڀيڻ ڀاءُ جي خون تي ڳوڙها ڳاڙيندي آهي. ان بعد ابڙو ڪريو ۽ وعده مطابق پاڻ کي اندر زالن ۾ کڻائي ويو ته جيئن آخري دفعو انهن کي ڏسي سگهي. ابڙي جي موت تي سومريون سڀڪجهه  وڃائي ويٺيون ۽ الله پاڪ کان دعا گهريائون ته امن ۾ رکي ۽ عزت  بچائي . بس الله جي قدرت اهڙي ٿي جو اتي جو اتي زمين ڦاٽي پئي ۽ سڀني  کي ڳهي ويئي.

علاوالدين، آبڙاني ڳوٺ تي حملو ڪيو ۽ ابڙي جي گهر سپاهي موڪليائين ته وڃي ان جو سر ڪپي آڻين. اُهي  اُندر ويا، ليڪن ان مرندڙ ابڙي جي منهن ۾ ايڏو ته رعب  هو، جو هو دل جهلي نه سگهيا ۽ موٽي ويا. شهنشاهه ڏاڍو  ڪاوڙيو ۽ هنن کي ٻيهر سر ڪپڻ لاءِ موڪليائين، پر هن دفعي ابڙي جو ننڍو پٽ ڏونگري، جو هن وقت تائين کٽ تي سمهيو پيو هو، اُهو رانديڪي واري تلوار کڻي پيءُ جي بچاءُ  لاءِ بيهي رهيو. سپاهي وري به موٽي ويا ۽ بادشاهه کي ڏونگريءَ  جي خبر ڏنائون ۽ عرض ڪرڻ لڳا ته”بادشاهه سلامت! ننڍڙي  ڇوڪري کي گهرائي  وٺو،  ڇو ته ان معصوم  کي مارڻ تي اسان جي دل نه ٿي آماده ٿئي.“ بادشاهه ڏونگريءَ کي پاڻ وٽ گهرائي  ورتو ۽ ان کان پوءِ  سپاهين  ابڙي جو سِر ڪپي آڻي  علاوالدين  جي پيرن  ۾ ڦٽو  ڪيو. علاوالدين هن ننڍڙي جي جرئت  تي ايڏو ته خوش ٿيو جو چوڻ لڳو ته: ”مان چنيسر جي جاءِ تي توکي سنڌ جو بادشاهه بڻائيندس.“ اهو ٻڌي چنيسر ڪاوڙ مان چوڻ لڳو  ته: ”منهنجي ايڏي محنت  ۽ ڪشالن کان پوءِ آءُ حڪومت کان محروم رهندس؟“ چنيسر ائين چئي، پنهنجي دوستن ۽ ساٿين کي ساڻ ڪري علاوالدين سان اهڙو خوفائتي نموني وڙهيو جو پڇاڙيءَ ۾ جڏهن چنيسر  ۽ سندس سمورا  ماڻهو مارجي ويا، ته علاوالدين  وٽ به فقط ست گهوڙي سوار  وڃي بچيا.

علاوالدين، ڏونگري کي سنڌ جو تخت ڏنو ۽ پاڻ دهليءَ جو رستو ورتائين. جڏهن مير پور ماٿيلي وٽ پهتو ته کيس يادگيري پئي ته دهليءَ  مان نڪرڻ وقت ڪيڏو اٿاهه لشڪر  وٺي هليو  هو ۽ هاڻي  واپسيءَ ۾ ست گهوڙي سوار ڪهڙي  منهن سان وٺي وڃان. بس اهو سوچي، ميرپور ماٿيلي  ۾ رهي پيو ۽ اُتي هڪ وڏو مقبرو ٺهرايائين. تنهن کان پوءِ  جڏهن اُهو ٺهي تيار  ٿيو، تڏهن هڪ زهري گوري کائي پاڻ کي آپگهات ڪيائين، کيس ان ٺهيل مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. انهيءَ ڪري ئي، ماڻهو کيس اڃان  تائين علاوالدين ”گوري“(1) ڪوٺيندا آهن. سندس ست گهوڙي سوار اُتي  ئي رهي پيا ۽ انهن جا پوئير  اتي مجاور رهندا اچن ٿا.


(1) سنڌي زبان ۾ گوري ، ڦڪيءَ کي چوندا آهن. نعيءَ روايت غلط معلوم ٿئي ٿي، علاو الدين جي خاندان جو نالو خلجي هو ۽ نه”گوري“ هن دهليءَ ۾ وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرام گاهه اڄ به اتي قطب مينار جي لڳ موجود آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org