سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

باب: -

صفحو:10

9- بِيرسنگ ۽ سُندر ٻائي

آڳاٽي وقت جي ڳالهه آهي ته سيلا رياست ۾، ڪيسرسنگ نالي هڪ راجا راڄ ڪندو هو، جنهن کي سُن ٻائي نالي هڪ ڌيءَ هئي. بادشاهه جي لاءِ سُندرٻائي ڌيءَ نه هئي، پر هڪ خزانو هو، جنهن کي ڏسي پيو گدگد ٿيندو هو. شهزاديءَ جي گُڻن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ٿوري ئي وقت ۾ سنسڪرت زبان ۾ ماهر ٿي ويئي هئي ۽ حڪمت تي سمورا ڪتاب پڙهي، ڀڙ ٿي هئي. مذهبي شاستر سڀ پڙهيا هئائين . ٻئي پاسي وري حسن جي ميدان ۾“ هندوستان ۾ سندس ڪو مَٽ ٿاني نه هو. اهڙيءَ طرح سُندرٻائي نالو واقعي سندس صورت ۽ سيرت سان ٺهڪي ٿي آيو.

باو  ايتري علم ۽ ڄاڻ جي، سُندرٻائيءَ ۾ هَٺُ  ۽ وڏائي ڪانه هئي ۽ پنهنجي سهيلن سان راند روند ۽ ٻين ڳالهين ۾ شرمائيندي ڪانه هئي. هوءَ هڪڙي ڏينهن پنهنجي سهيلين سان گڏ، پنهنجي پيءُ جي باغ ۾ راند ڪري رهي هئي. انهيءَ باغ جي خوبصورتيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. سڄي باغ ۾ وڏا وڏا  وڻ هئا، جن جي ڇانو ڏاڍي گهاٽي ۽ ٿڌي هوندي هئي. ان ۾ بهترين خوشبوءَ ورا عجيب عجيب گلن جا ٻوٽا هوندا هئا، جن جو هٻڳاءُ پري پري تائين پهچندو هو. اهڙي ٿڌڪار ۽ خوشبوءِ جي وچ ۾ محلات جي عمارت هئي، جنهن ۾ ان وقت جي معلومات مطابق، سڀئي عيش و آزام جون شيون موجود هيون، اهڙي محلات ۾ ڏينهن جي گرمي گذارڻ کان پوءِ، سندرٻائي پنهنجي سهيلين سان گڏ باغ ۾ کيڏي  رهي هئي.

خدا جي قدرت اهڙي  ٿي، جو ان ڏينهن ولڀپرا جو راجڪمار بيرسنگ به اوڏيءَ مهل اُتي اچي سهڙيو. ڏينهن جو شڪار جي خيال سان پنهنجي دوستن سان نڪتو هو ۽ جهنگ ۾ دوستن کان جدا ٿي هتي اچي پهتو هو. هو آرام ڪرڻ جي ارادي سان، راجا ڪيسرسنگ جي باغ ۾ لنگهي  آيو هو ۽ گهاٽن وڻن جي جهڳٽي هيٺ ليٽي پوڻ لاءِ گهوڙي جو هنو لاهي، ٽپڙ وڇايو هئائين. اڃان سمهڻ واروئي  هو ته ڀرسان ڪنهن جي ڳائڻ جو آواز ٻڌائين، جنهنڪري پنهنجي ٿَڪ کي وساري ان آواز طرف وڌڻ لڳو. چاهيائين ٿي ته اُتي وڃي پاڻ به راڳيندڙن  سان شريڪ ٿي تفريح  وٺي،  ليڪن انهن جي ڀرسان پهچڻ تي ڏٺائين ته ڇوڪرين جي ٽولي ڳائي رهي هئي، تنهنڪري انهن وٽ وڃڻ بيرسنگ کي چڱو نظر نه آيو ۽ وڻن جي اوٽ ۾ ويهي ڇوڪرين جا گيت ٻڌڻ لڳو.

جڏهن ڇوڪرين گيت ڳائڻ ختم ڪيا، تڏهن سڀيئي  پاڻ ۾ گفتگو ڪرڻ لڳيون. هڪ چيو: ”جڏهن مان شادي ڪنديس. تڏهن پنهنجي متد کي پاڻ سان نرميءَ سان هلڻ يستاريندس اڪثر ڪري ائين ٿئي ٿو ته مڙس پنهنجي زال  کي جُتيءَ وانگر لتاڙيندو رهي ٿو، حالانڪ زال کان وسواءِ  مرد بيڪار  آهي.“ اهو ٻڌي شهزادي سندر  ٻائي چوڻ لڳي ته: ”تون درست چوين ٿي. ليڪن مون ته شهزادي  بيرسنگ سان شادي ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي جو ولڀپرا جي راجا جو پٽ آهي. شاديءَ کان پوءِ مان کيس اهڙيءَ طرح هلائينديس  جو هو ٻيءَ ڪنهن به عورت ڏانهن نه نهاريندو ۽ جيڪڏهن  هن مون کي منهنجي خواهش مطابق نه هلايو ته پوءِ مان کيس پنهنجي بهادري ۽ جرئت  سان اهو ڏيکاريندس ته عورت مرد کان ڪنهن به طرح گهٽ  ناهي. ان کان پوءِ ته يقيناََ  شرم وچان مون سان محبت ڪرڻ ۽ منهنجي عزت ڪرڻ تي مجبور ٿيندو ۽ منهنجي چوڻ مطابق هلندو.“ ان کان پوءِ ٽينءَ ڇوڪريءَ چيوته : ”توکي ان ڳالهه جو يقين ٿي سگهي ٿو ته راجڪمار ٻي زال ڪين پرڻبو؟“

راجڪمار  بيرسنگ هي سموريون ڳالهيون ڪن لائي ٻڌي رهيو هو. هو ڇوڪرين جي ڳالهائڻ مان اهو  اندازو لڳائي ويو ته ٻيو نمبر ڳالهائيندڙ ڇوڪري  ڪماري سندرٻائي هئي، تنهنڪري هن اُتي وڌيڪ ترسڻ مناسب نه سمجهيو. راجڪمار جلديءَ ۾ باغ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻاهر نڪرڻ کان اڳ هُن هڪ دفعو  سندر ٻائيءَ کي ڏٺو ڇا سندس سونهن هئي! راجڪماريءَ جو منهن چوڏهينءَ  جي چنڊ وانگر گول ۽ روشن هو ۽ پوري بناوت  لاثاني هئي. راجڪمار گهوڙي تي هنو رکي ۽ لغام سنڀاليو. جڏهن ٻاهر آيو، تڏهن ماڻهن کان ان باغ بابت پڇيائين، جن ٻڌايس ته اُهو باغ سندر ٻائيءَ جو آهي. ان تي کيس يقين ٿيو ته مٿي ڳالهائيندڙ سندرٻائي هئي، جنهن جي سونهن ۽ علم گهڻو مشهور هو. بس، پوءِ ته پنهنجي دل ۾ اهو فيصلو ڪيائين ته سندر ٻائيءَ کي پنهنجي ڪنوار ضرور  بڻائيندس.

گهر پهچڻ کان پوءِ راجڪمار کي آرام نه پئي آيو. هن پنهنجي  پيءُ کي ٻڌايو ته مان ڪيسرسنگ جي ڌيءُ سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو. راجا کي معلوم هو ته ولڀپرا ۽ سيلا جا خاندان سماجي طرح هڪٻئي جو مٽ ثاني هئا، تنهنڪري مٽيءَ لاءِ  ڪيسرسنگ ڏانهن هڪ پنڊت موڪليائين، جنهن وڃي ٻڌايو ته سيلا جي راجا جي خواهش آهي ته سندس پٽ جي شادي راجڪماري سندر ٻائي سان ٿئي. هي احوال ٻڌي ڪيسرسنگ، سندرٻائيءَ جو سنڱ ڏيڻ قبول  ڪيو ۽ ان کان پوءِ وڏي ڌام ڌوم سان شادي ڪئي وئي ۽ راجڪماري سندرٻائي کي راجائي سواريءَ ۾ راجڪمار بيرسنگ  جي محلات ۾ پهچايو ويو.

نوجوان راجڪمار، سندرٻائيءَ جو اهو امتحان وٺڻ ٿي چاهيو، جنهن جو هوءَ پنهنجي سهيلين سان واعدو ڪري چڪي هئي، تنهنڪري راجڪمار ڄاڻي واڻي پهرينءَ  رات سندرٻائيءَ  جي ويجهو نه ويو، جنهن تي هن کي ڏاڍو تعجب لڳو ۽ سندس ٻانهين ۽ سهيلين کي ان کان به وڌيڪ حيرت لڳي. ليڪن راجڪماريءَ ان غم کي پنهنجي منهن تي آڻن نه ڏنو، خوشيءَ ۽ اطمينان سان گذارڻ لڳي.

هڪ ڏينهن راجڪماريءَ جي ساهيڙيءَ کيس چيو ته اڄ نئين سال جو ڏينهن  آهي ۽ مندر  ۾ ماڻهن جو وڏو مجموعو  لڳو آهي، تون به اسان سان گڏجي هلي اهو ڏس. ائين ڪرڻ سان تنهنجي طبيعت  ۾ به تبديلي ايندي. اهو ٻڌي سندرٻائي تياري ڪئي ۽ راجائي  سواريءَ ۾ پنهنجي سهيلين ۽ ٻانهين سان گڏ مندر ۾ پهتي. اهو بندوبست ڪيو ويو هو ته جنهن وقت راجڪماري  مندر  ۾ اندر داخل ٿئي، ان وقت ڪو به مرد ماڻهو اندر نه ڇڏيو وڃي. جڏهن سندرٻائيءَ  جي  هن روانگيءَ جي خبر بيرسنگ کي پئي ته ان به پنهنجي دربانن سان گڏجي مندر  جو رستو  ورتو.  دراصل هن اهو ڏسڻ ٿي چاهيو ته سندرٻائي اتي وڃي ڇاٿي  ڪري. راجڪمار کي اندر وڃڻ کان ڪير ٿي منع ڪري سگهيو؟  هو اندر داخل ٿيو ۽ مخفي طرح سندرٻائيءَ  جي پٺيان وڃي بيٺو. سندرٻائي ان وقت پرار ٿنا ۾ مستغرق هئي ۽ وڏي آواز سان چئي رهي هئي ته: ”اي، عالم جي راڻي!  منهنجي مڙس  جا سڀ ڪم سولا ڪر!“  اهو چئي جيئن ئي سندرٻائي پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪيو ته راجڪمار بيرسنگ سامهون بيٺل ڏٺائين  جو سندس ڀرسان اچي  بيٺو  هو. بير سنگ  طعنو هڻندي  سندرٻائيءَ  کي چيو ته:”ڇا، اهو ئي طريقو  آهي پنهنجي مڙس کي بهادري  ۽ جريت سان حاصل ڪرڻ جو، جنهن جو وعدو تون پنهنجي سهيلين کي ڏئي چڪي آهين؟

جڏهن سندرٻائي پنهنجي مڙس جو هيءُ طعنو ٻڌو، تڏهن سمجهي ويئي ته باغ ۾ سهيلين  سان ڪيل ڳالهيون شايد هن ٻڌيون آهن. ان تي ٻئي هٿ ٻڌي سندرٻائي  وراڻيو ته: ”اي، منهنجي زندگيءَ جا مالڪ! عورتون مورک آهن، ڇوڪريءَ  جي ڳالهه کي ڪهڙي اهميت! منهنجي ان اعلان کي ڪا به اهميت  نه ڏي. پنهنجي عقل  جي وسعت ۾ مون کي معاف ڪري ڇڏ.“  پر بيرسنگ تي انهيءَ التجا ڪو به اثر نه ڪيو. هو چوڻ لڳو ته: ”جيستائين تو پنهنجي وعدي کي پاڻي نه ڏنو آهي ۽ جيئن تو چيو آهي تيئن نه ڪيو آهي، تيستائين  مان تنهنجي محلات ۾ پير نه وجهندس.“ ائين چئي راجڪمار بيرسنگ مندر کان ٻاهر نڪري  ويو. سندرٻائي ڪجهه وقت ته مايوسيءَ جي عالم ۾ بيرسنگ  کي ڏسندي رهي، پر پوءِ دل ۾ سوچيائين ته: ”جيڪڏهن مون کي مڙس جي  محبت حاصل ڪرڻي آهي ته ان لاءِ مون کي بهادري ۽ جرئت  ڏيکارڻي پوندي.“ ائين چئي مندر کان ٻاهر نڪتي ۽ محلات ۾ موٽي آئي.

ان کان پوءِ  سندرٻائي انهيءَ ڳالهه تي ڪيترا ڏينهن ۽ راتيون سوچيندي رهي ته کيس ڇا ڪرڻ گهرجي،  پر ڪا ترڪيب دماغ ۾ نه پئي آيس. آخر هن نهايت  پريشانيءَ ۾ هڪ رات محلات  ڇڏي ڀڄي  نڪرڻ جو ارادو ڪيو. ليڪن محلات مان نڪرڻ ڪيو سئولو  ڪم نه هو. آخر هڪ ڏينهن پنهنجي پيءُ  کان مليل منڊي آڱر  مان لاهي ٻانهيءَ  کي ڏنائين ۽ کيس چيائين ته: ”هيءَ منڊي منهنجي پيءُ  کي وڃي ڏي ۽ عرض ڪر ته ان جي ٽڪ پنهنجي جاءِ تان تڙڪي پئي آهي، سا مهرباني ڪري درست  ڪرائي ڏيو.“ حڪم ٻڌڻ کان پوءِ ٻانهي يڪدم  اها منڊي پاڻ سان کڻي سيلا رياست ۾ پهتي ۽ اتي وڃي راجا کي سندس نياڻي جي نياپي سان گڏ اها منڊي به ڏنائين.

جڏهن راجا پنهنجي ڌيءَ جي منڊي ڏٺي، تڏهن سمجهي ويو ته سندس ڌيءَ ڪنهن تڪليف ۾ آهي. منڊي وٺي ٻانهيءَ کي انعام وغيره ڏيئي ۽ اجازت ڏنائين. اڃان  جو منڊي کڻي کولي ته ٽِڪَ  جي هيٺان هڪ ڪاغذ ٽڪر نظر آيس،  جنهن ۾ سندرٻائيءَ  هيئن لکيو هو ته: ”منهنجا  مهربان بابا! جڏهن ٻه طوطا پاڻ ۾ تڪرار ڪري وجهن، تڏهن انهن کي ساڳئي پڃڙي ۾ رکڻ غير مناسب آهي. هڪ ڏينهن باغ ۾ مون پنهنجي سهيلين  کي چيو هو ته جيڪڏهن مون بيرسنگ سان شادي ڪئي ته مان کيس پنهنجو مجنون  بڻائي ڇڏيندس. اهو منهنجو قول بيرسنگ ٻاهران ٻڌي ورتو هو. هاڻي هو مون کي آزمائڻ چاهي ٿو. تنهنڪري  مهرباني ڪري مون ڏانهن هڪ مرداڻو لباس، مرداڻو ڪوٽ ۽ تيز  رفتار گهوڙو موڪلي ڏيو، پر انهيءَ ڳالهه جو ڪنهن کي پتو نه پوي.“

هن خط  راجا ڪيسرسنگ کي ڏاڍو ملول ڪيو. آخر سندرٻائيءَ لاءِ هڪ ڪوٽ، مرداڻو لباس ۽ تيز گهوڙو موڪلڻ هن لاءِ ڏکيو نه هو پر اها ڳالهه ضرور هن جي هئي ته ان جو ڪنهن کي پتو نه پوي. گهڻي غور ڪرڻ کانپوءِ، راجا زمين هيٺان رستي کوٽائڻ جو فيصلو ڪيو . وڏي  خرچ ۽ محبت سان، ولڀپرا جي ويجهو هڪ جبل مان راجا هڪ رستو کوٽايو جو زمين مان وڃي سندرٻائيءَ ڏانهن هڪ تيز رفتار گهوڙو،  هڪ زرهه ۽ هڪ مرداڻو لباس ڏياري موڪليو. ائين انهن جي پهچ تي سندرٻائيءَ  کي ڏاڍي خوشي  ٿي، ۽ پوءِ هڪدم مرداڻو لباس اوڙي، زره وجهي ۽ گهوڙي تي چڙهي ويٺي. محلات جي سڀني ٻانهين ۽ نوڪرن کي گهرائي چتاءُ ڏنائين ته ڪوبه سندس متعلق ڪا به خبر ڪنهن کي نه ڏئي. پاڻ ان کانپوءَ ان زمين دوز رستي مان ٻاهر نڪري ويئي.

ٻن ڏينهن کانپوءِ، هڪ جرئت مند سهڻو نوجوان ولڀپرا ۾ آيو ۽ راجا سان ملاقات ڪرڻ جي گذارش ڪيائين. اهڙي اجازت ملڻ تي، هو اندر درٻار ۾ داخل ٿيو. سڀئي هن نوجوان  جي قدوقامت ۽ ڦڙتائي تي حيران ٿي ويا. ويجهو اچڻ تي راجا کانئس نالو ۽ سندس پيءُ جو نالو پڇيو. جنهن جي جواب ۾ هن پرديسيءَ چيو ته: ”منهنجو نالو رتن سنگ آهي. منهنجو پيءُ  هڪ راجپوت آهي، ليڪن مان ان سان تڪرار ڪري گهران نڪتو آهيان، پر اهو قسم کنيو اٿم ته ان جو نالو نه ٻڌائيندس. مان توهان وٽ نوڪري ڪرڻ جي ارادي سان آيو آهيان. منهنجي حوالي  ڪهڙو به ڪم ڪيو وڃي، ان جي سرانجامي بهتر  طريقي سان ڪندس. راجا مون کي ڀل آزمائي ڏسي.“

راجا هن نوجوان جي صاف گوئيءَ ۽ همت کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کيس پنهنجي اميرن  ۽ وزيرن ۾ ويهڻ جي اجازت  ڏنائين. ان تي نوجوان، راجا جو شڪريو بجاءِ آندو. راجڪمار  کي جيتوڻيڪ لڙائي ۾ حصي  وٺڻ جو موقعو  ڪڏهن به نه مليو هو، ليڪن گهوڙي  سواريءَ  ۾ درٻار جي سڀني جوانن کي ماري مڃايائين. انهن خوبين سبب، بيرسنگهه جو رتن سنگهه  سان دوستيءَ جو ناتو ٿي ويو ۽ هُن  تي گهڻو ڀروسو ڪرڻ لڳو، ايتري قدر جو هن سان گهرو ڳالهين ڪرڻ ۾ به  هجاب نه محسوس ڪرن لڳو. هڪ ڏينهن هن کي سندرٻائيءَ  جي ڊاڙ ۽ غرور جو قصو ٻڌايائين ۽ اهو پڻ ٻڌايائينس ته ان جي نتيجي ۾ هن ساڻس ڪهڙو برتاءُ  ڪيو آهي. ان معلوم ٿيڻ تي رتن سنگهه کليو ۽ چيائين ته: ”شهزادا، ائين ڪرڻ سان، توهن سان چڱائي نه ڪئي آهي.“ بير سنگهه جواب ڏنو ته: ”سچ ڪري پڇين ته مون کي دنيا ۾ راجڪماريءَ کان وڌيڪ ڪا به پياري شيءِ نه آهي ۽ نه وري مان ٻيءَ ڪنهن عورت سان شادي ڪندس، مان ته فقط سندس فخر سان ڪيل وعدي کي آزمائڻ چاهيان ٿو. جيڪڏهن سچي راجپوتني آهي ته يقيناََ  ائين ڪري ڏيکاريندي.“ ان تي رتن سنگهه  ٿورو مشڪيو ۽ خاموش رهيو.

 ٿورن ڏينهن کان پوءِ، ڇا ٿيو جو ڀر وارن ڳوٺن ۾ هڪ خطرناڪ شينهن اچڻ لڳو ۽ روزانو رات جو هڪ يا ٻه ماڻهو ماري کائي چٽ ڪندو هو. انڪري ٻهراڙيءَ  ۾ڏاڍو هراس ۽ دهشت  پيدا ٿي پئي انهيءَ شينهن کي مارڻ لاءِ سڀني   نوجوان اميرن ڏاڍي ڪوشش ڪئي، مگر ان کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪيامياب ويا.

آخر هن دکدائڪ حالت راجا کي ڏاڍو پريشان ڪيو. هڪڙي ڏينهن رتن سنگهه  کي راجا پاڻ وٽ گهرايو ۽ شينهن کي مارڻ جو خطرناڪ ڪم هن جي حوالي ڪيو  جو هن خوشيءَ سان قبول ڪيو. هن راجا کي عرض ڪري هڪ لوهه جي ماڻهوءَ  جي شڪل جهڙو بوتو  ٺهرايو ۽ جتي شينهن رات جو ايندو هو، اتي ان کي کوڙائي ڇڏيو ۽ پاڻ وري ان جي ڀرسان هڪ هنڌ لڪي ويهي رهيو. رات جو اوندهه  ۾ شينهن اُن بوتي کي مانهو سمجهندي، ڇلانگ ماري ان کي چنبو هنيو ته ايتري دير ۾ رتن سنگهه، پٺيان اچي تيز تلوار سان شينهن جي سسي ڌڙ  کان جدا ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ  رتن سنگهه مئل شينهن جا ڪن ۽ پڇ وڍي گهر کڻي آيو ۽ پنهنجي کٽ هيٺان رکي سمهي پيو.

رتن سنگهه جي دوست بيرسنگهه  کي ان رات ڳڻتيءَ ۾ ننڊ ڪانه پئي ائي. هن هر گهڙيءَ  رتن سنگهه جي خطرناڪ ڪم متعلق  پئي سوچيو. آخرئي صبح ٿيندي ئي بيرسنگهه، رتن سنگهه جر رهايش گاهه وٽ پهتو ته جيئن هن متعلق ڪجهه  معلوم ڪري. رتن سنگهه کي جڏهن اهو معلوم ٿيو، ته هن کي اچي اهو خوف لڳو ته کيس سڃاڻي نه وٺي، سو يڪدم  مرداڻو لباس پهري، پيرسنگ جو آدرڀاءُ دروازي وٽ وڃي ڪيائين رتن سنگهه پاڻ سان گڏ ماريل شينهن جا ڪن ۽ پڇ به کڻي آيو. بيرسنگهه کي هي ڏسي، بيحد خوشي ٿي ۽ ان خوشيءَ ۾ رتن سنگهه کي پاڻ سان وٺي راجا جي درٻار  ۾ آيو. راجا رتن سنگهه جي  ڪارنامي کان ڏاڍو  متاثر ٿيو ۽ ان ڏکئي  ڪم جي سرانجامي  عيوض کيس هڪ قيمتي چوغو عطا ڪيائين ۽ هڪ جاگير به ڏنائين.

هڪ ڏينهن ان کان به وڌيڪ اهم واقعو رونما ٿيو. شڪار ڪرڻ جي ارادي سان راجا رتن سنگهه کي ساڻ ڪري، جهنگ ۾ هليو ويو . ڀرواري راجا جي جاسوسن اهڙي خبر کيس ڏني، ان کي سونهري موقعو ڄاڻندي، هن راجا ، راجپوت راجا جي ملڪ تي حملو ڪيو. بيرسنگهه  جو خود بيمار هو، هن جو مقابلو  ڪري نه سگهيو، پر پاڻ به قيدي ٿي پيو. هن خبر راجپوت راجا کي ڏاڍو ملول ڪيو ۽ ان پريشاني ۾ دانهن ڪري چوڻ لڳو ته: اي جگر بيرسنگهه، مون کي تنهنجي جدائي ماري ٿي. مون کي اهو ڀو آهي ته دشمن ڪٿي توکي نه ماري ڇڏي. تو کان سواءِ مان ڪيئن زنده رهي سگهندس؟ جيڪڏهن تون اڄ هن حالت ۾، مون سان هجين ها ته مان پنهنجي بادشاهي، تلوار جي زور تي واپس وٺي  سگهان ها.“

راجا جي اهڙي پريشاني رتن سنگهه کي وڌيڪ پريشان ڪيو. هن ٻڍڙي راجا کي آٿت ڏنو ۽ چيو ته راجا ڪيسر سنگهه منهنجو عزيز آهي، مون کي اجازت ڏيو ته ان کان لشڪر جي مدد وٺي اچان.

اجازت وٺي رتن سنگهه سيلا رياست ڏانهن گهوڙو دوڙايو ۽ راجا ڪيسرسنگهه  کي سڄو قصو ٻڌايائين. راجا کان هوشيار تيرانداز نوجوانن جو جٿو وٺي  رتن سنگهه ٻڍڙي راجا وٽ موٽي آيو ۽ کيس اچي دلداري ڏنائين. ان کان پوءِ  تيراندازن کي چئن حصن ۾ ورهايائين. ٽن حصن کي ولڀپرا  شهر تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليائين ۽ چوٿين حصي کي پاڻ سان وٺي ان جبل وٽ آيو، جتان سندن پيءُ زمين مان رستو کوٽايو هو. تيرانداز پاڻ سان وٺي ان زمين دوز رستي مان اچي محلات ۾ پهتو. ان وقت دشمن جو لشڪر ٻاهرين تيراندازن سان وڙهڻ ۾ مشغول هو ۽ پٺ جي ڪا به خبر ڪانه هين ۽ تڏهن خبر پين، جڏهن پٺئين پاسي کان تيرن جو مينهن وسڻ لڳو. رتن سنگهه شهر جا دروازا کولي وڌا،  جنهن مان ٻاهريان تيرانداز داخل ٿيا. اهڙيءَ طرح وڏيءَ  جريت ۽ همت سان رتن سنگهه وڃايل شهر وري هٿ ڪيو. ان کان پوءِ رتن سنگهه ٻڍڙي راجا جي پٽ بيرسنگهه  کي قيد مان ڪڍيو ۽ ان کي پاڻ سان وٺي راجا وٽ حاضر ٿيو. جنهن تي راجا ۽ بير سنگهه، رتن سنگهه جو شڪريو ادا ڪيو، ليڪن رتن سنگهه  کين ٻڌايو ته هن ڪو غير معمولي  ڪم ڪونه سرانجام  ڏنو آهي. هن ته فقط بحيثيت هڪ سپاهيءَ جي پنهنجي فرض ادائي ڪئي آهي.

ان کان پوءِ رتن سنگهه هي عذر ڪري راجا ۽ بير سنگهه  کان موڪل  ورتي ته سندس پراڻا دوست ملڻ لاءِ آيا آهن، جن جي خاطرداري کيس ڪرڻي آهي. اجازت وٺي رتن سنگهه قلعي ۾ ويو ۽ ڪافي دير تائين نه موٽڻ ڪري بيرسنگ  کي سندس ڏاڍو  انتظار  ٿي پيو بير سنگهه هن جي تلاش ڪئي مگر کيس ڪٿي به ان جو پتو نه لڳو. آخر کيس ڪنهن ٻڌايو ته هن رتن سنگهه کي سندر ٻائي جي محلات ڏانهن ويندي  ڏٺو هو.

اهو ٻڌڻ سان، بير سنگهه کي دل ۾ هڪ خطرناڪ شڪ جاڳيو . هن ڀانيو ته رتن سنگهه سندس زال جو عاشق آهي ۽ ان جي معرفت  ئي کيس زمين دوز رستي جي خبر پئي هئي، جنهن مان هو تيرانداز وٺي محلات ۾ داخل ٿيو هو ان رستي مان، يقيناََ  هن اچي سندر ٻائيءَ سان چوري ملاقاتيون ڪيون هونديون. بس ان شڪ جو شڪار ٿيندي ئي مياڻ مان تلوار ڪڍي، محلات جي ڏاڪڻ تان سندرٻائي  جي ڪمري جو رخ رکيائين . پنهنجي ڪمري ۾ سندرٻائي اڪيلي هئي. ۽ بير سنگهه  کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي کيس کلي کيڪار ڪيائين. سندس هن قسم جي نماڻائيءَ شهزادي بير سنگهه جي زخمن تي لوڻ جو ڪم ڪيو. هن رڙ ڪري چيو ته: ”اي دغاباز ۽ مڪار عورت، تنهنجو رتن ڪٿي آهي؟“ هي ٻڌي حيرت مان سندرٻائي پڇڻ لڳي ته:” اي منهنجي دل وجان جا مالڪ، توهان ڇا ڳالهائي رهيا آهيو؟“ هن سوال راجڪمار جي غصي ۾ اضافو ڪيو. هو چوڻ لڳو ته: ”اي، ڪوڙي بي وفا عورت، تون منهنجي سوال جو مفهوم چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿي. مان پڇان ٿو ته تنهنجو عاشق رتن ڪٿي آهي جو توسان لڪل رستي مان اچي، ملاقاتيون  ڪندو هو. مان ان کي تلوار سان ٽڪر ٽڪر ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ ان کان پوءِ تنهنجي سيني ۾ خنجر هڻندس.“ هي ٻڌي، سندرٻائي  ٻاهر نڪري، بيرسنگهه سامهون ٿي بيٺي  ۽ نوڙت سان چوڻ لڳي ته: ”اهڙي موت کان وڌيڪ ٻيو مون کي ڇا گهرجي؟ مون کي مارڻ کان اڳ، توهان منهنجي منهن کي چڱيءَ طرح گهوريو، شايد توهان پنهنجي دوست  رتن کي لهي سگهو، جنهن تي هينئر ايڏو سخت غصو ٿيو اٿوَ

بيرسنگهه، سندرٻائيءَ جي منهن ۾ ڏٺو، جو مشڪي هن کي شرمائي رهيو هو. هڪدم سندرٻائي کي رتن سنگهه تسليم ڪيائين اُهو  رتن سنگهه، جنهن سندس پيءُ جو تخت بچايو هو ۽ سندس زندگي بچائي  هئي. بس پوءِ ته معافيءَ لاءِ  سندرٻائيءَ  جي پيرن تي ڪري پيو، پر سندرٻائي  کيس چيڙائڻ جي ارادي سان چوڻ لڳي ته: منهنجا محبوب!  پنهنجي زبان سان هاڻي چئو ته جيڪي مون پنهنجي باغ ۾ سهيلين سان وعدو ڪيو هو، اهو پورو ڪيم ۽ عورتون به جرئت ۽ بهادريءَ ۾ مردن کان گهٽ نه آهن.“

بير سنگهه، پيار مان، کيس ڀاڪر پاتو ۽ معافيءَ لاءِ دوباره چيائين جا سندرٻائي کيس ڏني. ان کانپوءِ بير سنگهه سندرٻائيءَ کي هٿ کان وٺي پيءُ جي درٻار ۾ آيو ۽ کيس پنهنجي خطرناڪ  ڪار نامن بيان ڪرڻ لاءِ چيائين . سندرٻائيءَ  سمورو قصو پيرائتو ڪري راجا کي ٻڌايو.

ان ڏينهن کان پوءِ بير سنگهه،  سندرٻائيءَ جي محبت ۾ چريو ٿي پيو ۽ سندس خوبين جو پورو اندازو لڳايائين ۽ سندس موت تائين ٻيءَ عورت سان شادي ڪرڻ جو ڪڏهن به خيال نه ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org