سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

باب: -

صفحو:11

10- ڪامسين ۽ ڪامروپ

ڪنهن زماني ۾ ماگرور شهر ۾، نرڪرپال نالي هڪ بادشاهه راڄ ڪندو هو. هن وٽ نذرساف نالي هڪ وزير هو، جنهن جي مدد سان ساريءَ سنڌ تي هن جو ڌاڪو هوندو هو. بادشاهه کي هڪ پٽ هو، جنهن جو نالو ڪامسين هو ۽ ان جو چهرو اهڙو خوبصورت  هوندو هو جو جڏهن پنهنجي ساٿين  سان گڏ جهنگ  ۾ شڪار ڪرڻ ويندو هو ته اُتي جا جانور  هن جي حسن تي موهت ٿي پوندا هئا.

اونهاري جي موسم ۾، هڪ رات شهزادو ڪامسين محلات  جي ڇت تي سمهيو پيو هو ته مٿان هڪ پرين جو ٽولو اچي لنگهيو، جن جي نظر وڃي خوبصورت  شهزادي تي پئي. هڪٻئي  کي چوڻ لڳيون: ”هن جهڙو حسين جوان اسان اڳ ڪڏهن به ڪونه ڏٺو آهي.“ ان کان پوءِ جڏهن واپس پنهنجي هٻڪار وارن گلن جي باغ ۾ پهتيون،  جنهن جي سونهن ۾ چوڏهينءَ  جي چنڊ اضافو ڪري ڇڏيو هو، اُتي پرين جو هڪ ٻيو ٽولو ڏٺائون . انهن پرين کي ٻڌايائون ته ”اسان هڪ نهايت  حسين  نوجوان ڏٺو  آهي.“ انهيءَ ڳالهه ٻڌندي اُهي پريون خوشيءَ وچان تاڙيون وڄائڻ لڳيون ۽ چيائون ته: ”اسان جڏهن گجرات ملڪ جي مٿان اُڏنديون پئي ويوسين، تڏهن اُتي اسان هڪ محلات تي ستل سهڻي ڇوڪري ڏٺي، جنهن جو حسن  اسان پرين کان به وڌيڪ ڪشش وارو هو. اچو ته سڀاڻي رات هنن ٻنهي حسينن جون کٽون کڻي هڪٻئي جي ڀرسان رکون!“

ٻيءَ رات ڪيل فيصلي مطابق، پرين ماگرور مان شهزادي ڪامسين جي کٽ کنئي ۽ اک ڇنڀ ۾ آڻي گجرات جي ان شهزاديءَ جي کٽ  جي ويجهو  رکيائون. ان کان پوءِ ٻنهي کي ننڊ مان جاڳايائون . سجاڳ ٿيڻ تي ٻئي هڪٻئي کي ڏسڻ  سان عاشق ٿي پيا ۽ پوءِ ته سڄي رات پاڻ ۾ ويهي محبت جون  رهاڻيون ڪندا رهيا. جڏهن کين ننڊ وٺي  ويئي ته ان وقت  پرين، شهزادي جي کٽ واپس آڻي، ماگرور ۾، سندس محلات جي ڇت تي رکي.

شهزادو جڏهن ننڊ مان جاڳيو ۽ پاڻ کي اڪيلو ڏٺائين، تڏهن پنهنجو هوش حواس وڃائي ويٺو. کائڻ پيڻ حرام ٿي پيس. رات ڏينهن ان جي تات هيس. ان پريشانيءَ  ۾ ڏک ۾ شهزادو پنهنجو  ٻهڪندڙ حسن ان گل وانگر مرجهائي ڇڏيو،  جنهن کي وقت سر پاڻي نه ملندو آهي. بادشاهه پٽ جو هيءَ  حال ڏسي ڏاڍو غمگين ٿي پيو ۽ شهزادي جي بيماريءَ  جي سبب معلوم ڪرڻ لاءِ سندس ساٿين کي حڪم ڪيائين. هنن  شهزادي کي ريهي ريبي آخر سندس اندر جو راز پروڙيو. شهزادو چوڻ لڳو ته: ”هڪ رات مان جڏهن ننڊ مان جاڳي پيس، تڏهن مون پنهنجي کٽ، هڪ بيمثال حسين شهزاديءَ جي کٽ ڀرسان پيل ڏٺي ۽ وري جڏهن صبح جو اُٿيس، تڏهن  منهنجي کٽ ساڳئي هنڌ پيل هئي.“ هي ٻڌي شهزادي  جا دوست ڏاڍا حيران  ٿيا ۽ پڇڻ لڳا ته: ”ڀلا، اهو ته ٻڌاءِ ته اُها شهزادي ڪٿي رهي ٿي ۽ سندس نالو ڇا آهي؟“ شهزادي جواب ڏنن ته: ”ان جو نالو ڪامروپ  آهي، باقي ڪٿي رهي ٿي، اها مون کي خبر ناهي.“

ڪامسين جي دوستن اها ڳالهه بادشاهه کي وڃي ٻڌائي، جنهن هڪدم وزير کي حڪم ڪيو ته پنج سئو  ماڻهو وٺي ڪامروپ جي تلاش ۾ نڪري. هي قافلو وڏي شان ۽ شوڪت سان گجرات ملڪ ڏانهن  روانو ٿيو. هنن پنهنجن گهوڙن تي سونا سنج وڌا ۽ وڏا قيمتي  تنبو رهڻ لاءِ کنيائون. ايڏي ڌام ڌوم ۽ شاهي دٻدٻي سان، هيءُ قافلو پنجن مهينن جي سفر کان پوءِ هڪ ڏينهن اچي گجرات ڏيهه ۾ پهتو. پڇا تي معلوم ٿيو ته گجرات جي راجا جو نالو جئسنگراءِ آهي. وزير  کي گجرات جي هڪ ماڻهو ٻڌايو ته: ”جئسنگراءِ هڪ وڏو راجا آهي، جنهن کي بيحد  خزانا  آهن ۽ نه بردست  فوج آهي. پر هنن سڀني ڳالهين تي راجا کي ايڏو فخر ۽ ناز نه آهي، جيترو  کيس پنهنجي سهڻي  ڌيءَ، ڪامروپ  تي آهي. ٿورن  ڏينهن کان هن کي اهڙو ڪو عجيب لاڳاڻو لڳو آهي، جو هن کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ اڪيلائيءَ ۾ ويهي ڪامسين جو نالو پڪاري ٿي.“ اهو ٻڌي وزير سمجهي ويو ته پنهنجي مقصد کي قريب اچي چڪو آهيان. ۽ پوءِ هڪدم نوڪرن کي حڪم ڏنائين ته: ”هستي تنبو کوڙيو، هاڻي اسين هتي رهنداسين.“

هنن پرديسين جي اچڻ ۽ گجرات ۾ رهي پوڻ جي خبر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي  وئي. جڏهن اتي جي راجا کي خبر پئي ته غير ملڪي ماڻهو شهر جي ٻاهران  رهي پيا آهن، تڏهن وزير کي پاڻ وٽ گهرايائين  ۽ کانئس اچڻ جو سبب پڇيائين. وزير ادب سان عرض ڪيو ته: ”مهاراج! اسان ماگرور جي راجا ترڪر پال طرفان آيا آهيون، جو پوري سنڌ ۾ وڏو طاقت وارو ۽ ناميارو حاڪم آهي. اسان ان جي حڪم سان توهان کي هي عرض ڪرڻ آيا آهيون ته توهان پنهنجي شهزاديءَ  جو سڱ سندس پٽ شهزادي ڪامسين سان ڪيو جو حسن ۾ پوري ملڪ ۾ هاڪارو  آهي.“

ان کان پوءِ، راجا جئسنگراءِ وزير نذر ساف کان ڪيترائي سوال پڇيا ۽ هن جي جوابن تي ڏاڍو خوش ٿيو. هن نئينءَ  مائٽيءَ لاءِ پنهنجي وزيرن ۽ اميرن سان صلاح مشورا ڪري وزير کي جواب ڏنو ته: ”هي  ناريل  اوهان جي آڇ جي قبوليت جي نشاني آهي، اُهو پنهنجي مهاراج کي وڃي ڏج ۽ کيس چئج ته ايندڙ ٻارهن مهينن جي عرصي اندر شهزادي ڪامروپ کي شهزاديءَ سان شادي ڪرائڻ لاءِ هتي وٺي اچي.“

وزير اها خوشيءَ جي خبر کڻي، درٻار ۾ پهتو، جتي پوري ملڪ ۾ خوشين جا شادمانا ٿي ويا ۽ راجا خير خيراتون  ڪيون. جڏهن راجڪمار جي شادي ڪرائڻ جو وقت آيو، تڏهن راجا وڏين تيارين  جو حڪم ڏنو  . راجا جي هن اٽالي ۾ گهوڙن تي سونا  سنج ۽ قيمتي  ڪپڙڻ جون شالون رکيون ويون، سوکڙين لاءِ مختلف قسمن جون شيون کنيائون. بدقسمتيءَ  جي ڳالهه چئجي جو هنن خوشين ۾ پائداري ڪانه رهي، اڃا پنهنجي شهر کان هڪ ڏينهن جو سفر مس ڪيائون ته رستي ۾ مٿانئن هڪ دشمن راجا حملو ڪيو. ان حملي ۾ راجا مارجي ويو ۽ ڪيترا وزير ۽ امير قتل ڪيا ويا.  ڪامسين وڏيءَ  مشڪل سان پنهنجي ٿورن ماڻهن سان جان بچائي، پنهنجي شهر ڏانهن ڀڳو. دشمن هنن جو پيڇو  ڪيو ۽ اچي تخت گاهه کي گهيرو ڪيو. ليڪن وڏي بهادري  ۽ جرئت  سان ڪامسين پنهنجو شهر بچايو. ان کان پوءِ راجڪمار  ڪامسين، گجرات جي راجا جئسنگراءِ کي پيءُ جي قتل ۽ پنهنجي پريشانين کان واقف ڪيو.

 هي ٻُڌي راجا جئسنگراءِ کي ڏاڍو صدمو پهتو، ليڪن ٿوري ئي وقت ۾ کيس پنهنجي پريشانين اچي ورتو. هڪ ڏينهن ڀر واري  حاڪم هن جي شهر  تي حملو ڪيو ۽ صلح  ڪرڻ لاءِ سندس  راجڪماري ڪامروپ جي سنڱ کي وٺڻ  جو شرط مقرر ڪيو.

هن شرط راجا کان وڌيڪ راجڪماريءَ کي پريشان ڪيو، ڇو ته هوءَ ان ڏينهن کان وٺي  ڪامسين جي ٿي چڪي هئي، جڏهن پرين هنن ٻنهي جون کٽون کڻي هڪٻئي جي ڀرسان رکيون هيون. سو اُها  ته کائڻ پيڻ کي حرام سمجهي  ويهي رهي ۽ آه وزاري ڪرڻ ۾ وقت گذارڻ لڳي. آخر هن هڪ ڏينهن ڪامسين ڏانهن خط موڪليو، جنهن ۾ کيس گذارش ڪيائين ته جلدي، ڪنهن به طرح کيس اچي پنهنجو ڪري.

راجڪماريءَ جو هيءُ خط هڪ خاطيءَ کي ڏنو ويو، جو فقير جي لباس ۾ ماگرور شهر کي گهيرو ڪندڙن مان لنگهي  بادشاهي قلعي وٽ وڃي پهتو. قلعي وٽ پهچڻ کا پوءِ، هن ڪامسين جي سپاهيءَ کي ڪن ۾ ٻڌايو ته کيس راجڪمار سان ملائي. ملاقات ۾ هن اهو خط  راجڪمار کي ڏنو، جنهن پڙهي يڪدم جواب ۾ کيس خط لکي ڏنو، جنهن ۾ ڪامروپ کي يقين ڏنائين ته هو کيس ضرور پنهنجو ڪندو، ليڪن ٿورو وقت انتظار ڪري، هي خط راجڪماريءَ کي پهچايو ويو.

هوڏانهن  ماگرور  تي حملو ڪندڙ شهر ۾ داخل ٿي نه سگهيا ۽ آخر نااميد  ٿي پنهنجي ملڪ موٽي ويا. ان کان پوءِ  ماگرور جي ماڻهن راجڪمار کي راجا جي جاءِ تي  پنهنجو حاڪم تسليم ڪيو ۽ ڏاڍيون خوشيون ڪيون.

پيءَ جي وفات جي صدمي ۽ سندس راجا ٿيڻ جي خوشيءِ به ڪامسين جي دل تان ڪامروپ جي يادگير ي نه فنا ڪئي. راجا ٿيڻ کان پوءِ يڪدم پنهنجا امير ۽ وزير گهرايائين ۽ کين چيائين ته مون کي ڪامروپ ڪنهن به طرح حاصل ڪرڻ گهرجي. توهان حڪومت کي سنڀاليو ته مان وڃي اهو ڪم سرانجام ڏئي اچان. راجا جي هن ارادي وزيرن کي ڏاڍو خوفزده ڪيو. هو عرض ڪرڻ لڳا ته: هينئر گهڻي دير ٿي چڪي آهي ۽ تنهن کان سواءِ دشمن گجرات پهچڻ جا سمورا رستا بند ڪيا آهن، تنهنڪري  اهو ڪم راجا لاءِ خطري  کان خالي نه آهي.  ليڪن هن چتاءُ مٿس ڪو اثر  نه ڪيو. هو وڃڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو.

اهو ڏسي وزير نذرساف عرض ڪيو ته : جيڪڏهن ائين آهي ۽ توهان کي هررڀرو راجڪماريءَ کي حاصل ڪرڻو آهي ته پوءِ توهان پاڻ نه وڃو، پر هڪ ٻانهي موڪليو جا اتي وڃي ڪو رستو سوچي سگهجي. هن اها صلاح قبول ڪئي ۽ هڪ سهي ٻانهي دلهران نالي کي گجرات روانو ڪيائين. هيءَ ٻانهي سونهن سان گڏ چالاڪيءَ ۾ به بي مثل هئي، سو ڇا ڪيائين  جو دائي جو لباس  پائي سفر تي رواني ٿي.  هن ائين مشهور ڪرايو ته هوءَ عورتن جي مڙني بيمارين  جو علاج، طب ۽ جادوءَ  رستي ڪرڻ چاهي ٿي. تنهن کان سواءِ  هن ماڻهن ۾ پئسا به جام ورهائڻ  شروع  ڪيا، جنهنڪري  سندس پهچڻ  کان اڳ ۾ سندس خوبين جي مشهوري گجرات ۾ پهچي وئي.

جڏهن هيءَ طبيبياڻي  گجرات ۾ پهتي، تڏهن هن جي علاج جي خوبين  جي خبر ڪامروپ تائين پهتي. هن هڪدم کيس محلات ۾ اچڻ لاءِ چيو،، پر ٻانهي وڏائي  ڪندي چورائي  موڪليو ته هوءَ بادشاهن ۽ راڻين جي علاج ڪرڻ لاءِ ڪا نه نڪتي آهي. اهو ٻڌي ڪامروپ طبيبياڻيءَ کي آڻڻ لاءِ پالڪي موڪلي، جڏهن هوءَ محلات ۾ پهتي، اتي راجڪماريءَ پنهنجي علاج ڪرڻ لاءِ پنهنجو رومال ان جي ڳچيءَ ۾ وڌو، ڳچيءَ  ۾ رومال وجهڻ جي معنيٰ هئي کيس مست ڪرڻ.

ٻانهي تمام سياڻي هئي، سو پهچڻ  سان پنهنجا  ڪتاب کولي ۽ ڏسڻ لڳي، ڄڻ ته واقعي راجڪماريءَ جي علاج لاءِ ڪتاب ۾ ڏسي رهي آهي. ٿورو پڙهي چوڻ لڳي: ”مان سمجهان ٿي ته تو هڪ رات ننڊ مان جاڳڻ تي پنهنجي ڀرسان  کٽ تي هڪ راجڪمار ستل ڏٺو آهي. “ انهيءَ ڳالهه ٻڌن سان راجڪماري  سمجهي  وئي ته هوءَ ويڄياڻي نه هئي، پر سندس  محبوب  جي پيغامي . آخر ٻانهيءَ کيس ٻڌايو ته هوءَ  راجا ڪامسين وٽان آئي آهي، جو پڻ سندس وانگر بيمار آهي ۽ ساڳئي مرض ۾ مبتلا  آهي. هي ٻڌي راجڪماريءَ  چيو ته: ”هاڻي ڪا ترڪيب ڪڍڻي آهي، منهنجي  شادي زبردستي  منهنجي پيءُ جي دشمن سان ڪرائي ٿي وڃي. جنهن جي تاريخ ويجهي اچي چڪي آهي. جيستائين ڪامسين مون کي حاصل نه ڪيو آهي، تيستائين هي خطرو لاحق آهي. تون يڪدم موٽي وڃ ۽ راجڪمار کي ٻڌاءِ  ته هو منهنجو انتظار فلاڻي جهنگ  ۾ ڪري.

ٻانهي، ڪامروپ جو هيءُ نياپو کڻي نهايت تيزيءَ سان ڪامسين وٽ پهتي جو بنان دير جي حڪومت پنهنجي وزير جي حوالي ڪري، تمام تيز گهوڙي تي سوار ٿي گجرات  ۾ ان ٻڌايل جهنگ ۾ اچي پهتو. اتي هن هڪ  هاريءَ  کي ٻڌايو ته هو هڪ دولتمند واپاري آهي ۽ کيس ٻه ٽي ڏينهن پاڻ وٽ رهڻ ڏئي. ان جي عيوض راجڪمار هاريءَ کي هڪ سئو سونيون اشرفيون ڏنيون. هاريءَ وڏي  خوشيءَ سان ههڙي مهمان کي پاڻ وٽ رهايو. هن هاريءَ جي مدد سان ئي راڻي تائين پنهنجي اچڻ جي خبر پهچرائي.

 جڏهن راجڪماريءَ کي هيءَ خبر پئي، تڏهن ڏاڍو خوش ٿي ۽ يڪدم  مشهور ڪرايائين ته هوءَ پنهنجي سهيلين  سان  گڏ جهنگ  ۾ پرارٿنا  ڪرڻ جي ارادي سان وڃي رهي آهي اهڙيءَ طرح راجڪماري سهيليون  ساڻ ڪري جهنگ  ۾ ٻڌايل  هنڌ تي اچي پهتي، جتي گهوڙي تان لهي وڻ جي سامهون پرار ٿنا لاءِ جهڪي. ڪامسين ان وڻ جي پور ۾ راجڪماريءَ  جو انتظار ڪري رهيو هو. ڪامروپ جيئن عبادت جو عذر  ڪري هيٺ جُهڪي، تيئن  ڪامسين ٻاهر نڪتو ۽ گهڙيءَ  اندر راجڪماريءَ  کي گهوڙي تي چاڙهي، پاڻ پٺيان ويهي، گهوڙي کي تيز ڊوڙايائين. راجڪماريءَ جي سهيلين  ڪامروپ کي گهڻوئي ڳوليو ۽ سڏ ڪيا، مگر ڪو پتو ڪونه پين. گهڻيءَ تلاش کانپوءِ  هڪ ٻئي کي چوڻ لڳيون ته: ”شايد  ڪو ديوتا، راجڪماريءَ تي عاشق ٿي پيو هوندو ۽ پاڻ سان وٺي ويو هوندس.“ جڏهن رات جو واپس محلات ۾ آيون ۽ راجا جئسنگراءِ کانئن ڪامروپ جي غير موجودگيءَ جو سبب پڇيو تڏهن ان جي سهيلين جواب ڏنو ته:” راجا،  هڪ بيحد وڏو پکي آسمان مان هيٺ لٿو ۽ راجڪماريءَ کي اُڏائي کڻي ويو.“

ڪامسين، راجڪماريءَ کي گهوڙي تي کڻي، ڪجهه وقت گهوڙو رستي سان ڀڄايو، پر پوءِ وري خيال آيس ته ڪٿي راجا جا تيز گهوڙا نه اچي کين پڪڙين، تنهنڪري گهوڙي کي جهنگ ۾ لاڙي، هڪ طرف منهن ڏنائي. ڪامسين ان حالت ۾ سڄو ڏينهن گهوڙو ڊوڙايو. آخر جڏهن رات پئي، تڏهن پري کان ڪامسين کي ڪجهه دونهون ڏسڻ ۾ آيو. ان کي وسندي سمجهندي، گهوڙي کي ان طرف هلايائين.ٿوري وقت اندر ڪامسين هڪ جهوپڙيءَ اڳيان اچي راجڪماري  کي لاٿو ۽ اتي رات گذارڻ جو ارادو ڪيو. ”انسان جي دل ۾ هڪڙي، خدا جي دل ۾ ٻي.“ جنهن گهر کي هنن آرام لاءِ  چونڊيو، ان ۾ هنن لاءِ هڪ ٻيو دشمن موجود هو. ان گهر ۾ هڪ پوڙهو ماڻهو رهندو هو، جنهن ڏائڻ سان شادي ڪئي هئي ۽ ان مان چار راڪاس پٽ هئس. هنن جي گهر ۾ داخل ٿيڻ تي پوڙهي مرد سندن کلي کيڪار ڪئي ۽ رات رهڻ لاءِ چيو . پر ڳالهه هيئن ٿي جو ڪامسين کي ڏسندي ئي، ڏائڻ هن تي عاشق ٿي پئي ۽ راجڪماريءَ کي ان لاءِ مارڻ جو پروگرام رٿيائين. هن اهو ڪم رات اندر ڪرڻ ٿي چاهيو. رات جو جنهن وقت هن سمجهيو ته مهمان ننڊ ۾ هوندا، ڏائڻ پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ انهن ڏانهن هلي، پر ڏائڻ ڏٺو ته ڪامروپ هٿ ۾ تير ڪمان کڻي، پنهنجي محبوب تي پهرو ڏئي رهي آهي. ڏائڻ هيءُ ڏسي راجڪماريءَ کي ڊيڄارڻ لڳي، ليڪن هوءَ ڊڄڻ واري نه هئي، يڪدم ڪمان ۾ تير  وجهي ڏائڻ ڏانهن منهن ڪيائين. ڏائڻ هڪدم ايڏو ڊگهي ٿي وئي جو سندس مٿو آسمان  سان گسڻ لڳو ۽ نڪ زمين سان. ان کان پوءِ ڏائڻ پاڻ کي هڪ جبل ۾ تبديل ڪيو ۽ ان حالت ۾ ڪامروپ کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي. اهو ڏسي به ڪامروپ ڪانه ڊني. هن ڇا ڪيو جو تير ڪمان سان ان جبل جي مرڪز واري جاءِ تي تير هنيو، ائين ڪرڻ سان تير وڃي ڏائڻ جي دل ۾ لڳو ۽ هوءَ يڪدم پنهنجي اصلوڪيءَ  شڪل ۾ اچي، زمين تي ڪري پئي ۽ ڦٿڪي ڦٿڪي مري وئي. راجا ڪامسين جڏهن ننڊ مان جاڳيو، تڏهن راجڪماريءَ  سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس ۽ چيائينس ته: ”اسان کي هيءَ  خطرناڪ جڳهه يڪدم ڇڏڻ گهرجي، نه ته اجهو ٿا ڪي ديو اچن ۽ اسان تي حملو ڪن.“

اهو ٻڌي، راجا ڪامسين، ڪامروپ کي گهوڙي تي چاڙهيو ۽ پاڻ ٽپو ڏئي سندس اڳيان ٿي ويٺو. ان کان پوءِ  اڃان هي ٻئي اهڙي  طرح ڀڄڻ ۾ هئا ته هنن ست راڪاس ڏانهن ايندا ڏٺا جي ان ڏائڻ جا پٽ هئا. ڏائڻ راجڪماريءَ  سان ڪوڙ هنيو هو ته سندس راڪاس پٽ اڳ ۾ قتل ٿي ويا هئا. راجا گهوڙي کي گهڻو ئي  ڊوڙايو، پر سڀ اجايو هو، ڇو ته راڪاس جي رفتار جي هيءَ حالت هئي ته هڪ قدم  ۾ پوري فرلانگ جو فاصلو پئي هليا. ان مايوسي  جي وقت ۾ راجڪماريءَ ورينهنجي تيرڪان سڌي ڪئي ۽ هڪٻئي پٺيان ڇهه راڪاس ڪيرائي وڌا، باقي ستون راڪاس هيءُ  حال ڏسي، وٺي پٺتي ڀڳو.

ان کان پوءِ، راجا گهوڙي کي خوب  ڊوڙايو ۽ آخر  هڪ پاڻيءَ جي خوبصورت ڍنڍ  وٽ اچي پهتا، جنهن جي  ڪنارن تي گهاٽي ڇانو وارا وڏا وڻ ۽ گلن جا ٻوٽا هئا. هنن اتي ترسي، ٿورو آرام ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ گهوڙي  تان هيٺ لٿا، لهڻ سان هنن هڪ پوڙهو ڏٺو جو بيمار پئي ڏسڻ ۾ آيو. راجا کي ان تي رحم اچي ويو ۽ پڇيائينس  ته تون ڪير آهين؟  پير مرد جواب ڏنو ته: ”مان هرات کان اچان ٿو، مون سان گڏ ٻيا ساٿي به هئا، پر مان جڏهن بيمار  ٿي پيس، تڏهن منهنجو کاڌو وغيره به پاڻ سان کڻي، مون کي هتي  ڦٽو ڪري هليا ويا. راجا هن کي کاڌو وغيره کارايو ۽ چيو ته: ”تون اسان جي خدمت چاڪريءَ لاءِ اسان سان رهي پو.“ ان کان پوءِ راجا ان ڍنڊ  ۾ سنان ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پنهنجا ڪپڙا لاهي  ۽ تيرڪمان به ان پير مرد کي ڏنائين ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجڻ ويو، اڃان راجا چيلهه جيڏي پاڻيءَ  ۾ مس ويو ته هن پير مرد جو دراصل، ان ڏائڻ جو ستون راڪاس پٽ هو ۽ ڀڄي ويو هو، ان تير ، ڪمان مان ڪشي، راجا کي دل ۾ هنيو، راجا اتي پورو ٿي ويو ۽ مٿانئس پاڻي وري ويو. ان کان پوءِ راڪاس راجا   جا ڪپڙا پاڻي، سڌو راجڪماريءَ وٽ ويو ۽ ٻڌايائينس ته مون راجا کي ڇڏيو آهي، تنهنڪري تون هاڻي منهنجي ڪنوار بنج.

راجڪماريءَ سوچيو  ته راڪاس جي قبضي مان ائين جان ڇڏائڻ مشڪل آهي، تنهنڪري مڪر ڪري ان کي شادي جي قبوليت ڏنائين، پر چيائينس  ته: ”تون پاڻيءَ  ۾ پهريائين  سنان ڪر ته پوءِ مان توسان شادي ڪنديس.“  راڪاس به راجڪماريءَ جي مڪر  کي سمجهي نه سگهيو، سو تيار ٿي، ڪپڙا لاهي، تلاءَ  ۾ وهنجڻ  جي ارادي سان ٽپو ڏنائين. راجڪماري راڪاس سان به ساڳي ڪار ڪئي. تير، ڪمان ۾ وجهي راڪاس کي اهڙو چٽيائين جو هو اُتي جو اُتي  ختم ٿي ويو. تنهن کان پوءِ ان  جا ڪپڙا لاهي، ٻاهر آندائين ۽ ڪامسين کي به پاڻيءَ  کان ٻاهر ڪڍيائين. مئل راجا کي ٻاهر کڻي سهار يائين ۽ ان جو مٿو پنهنجي جهوليءَ  ۾ رکي، زور سان ماتم ڪرڻ لڳي. اهڙيءَ طرح پنهنجي محبوب تي، سڄو ڏينهن روئندي رهي ۽ اڌ رات وقت ان غم ۾ ايڏو  پريشان  ٿي جو سوچيائين ته هن حياتيءَ  کان مرڻ بهتر  آهي. انهيءَ  ارادي سان خنجر پنهنجي ڇاتيءَ ۾ هڻڻ جي سانباهي ۾ هئي.

ڪامروپ جو اهو سڄو لقاءُ مهاديو، عرش تان ويٺي ڏٺو. ان جي روڄ ۽ راڙي تي کيس ڏاڍو رحم آيو، سو پرواتيءَ سان گڏ اهو به هيٺ زمين تي لهي آيو. زمين تي لهڻ کان پوءِ ڪامروپ  کان روئڻ جو سبب پڇيائين، جنهن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس. ڪامروپ جي راجا  لاءِ ‎ اهڙي سچي محبت ڏسي، مهاديو  مئل راجاکي وري زنده ڪيو جو اکيون مهٽيندي ائين اُٿيو جيئن ڪو ننڊ مان اٿندو آهي. راجا ۽ راجڪماري ڪامروپ پيار مان هڪٻئي  کي مليا ۽ مهاديو پراوتيءَ سان وري آسمان  تي چڙهي ويو.

ان ئي ڏينهن ڪامسين ۽ ڪامروپ گهوڙي تي چڙهي اڳتي هليا. سورهين ڏينهن، هنن کي هڪ وڏو شهر سامهون نظر آيو. جڏهن هو انهيءَ شهر جي هڪ دروازي وٽ پهتا، تڏهن  معلوم ٿين ته انهيءَ شهر جو نالو ديول آهي ۽ اُتي جي راجا جو نالو ڪند آهي. هنن ٻنهي جي اچڻ جي خبر راجا ڪند کي پئجي ويئي، جنهن هنن کي پاڻ وٽ گهرايو  ۽ اُتي اچڻ جو سبب پڇيو. ڪامسين جواب ڏنو ته: ”مان ماگرو شهر جي راجا نرڪرپال جو پٽ آهيان، جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ آيس، پر اُتي رستو وڃائي ويٺس. رات گذارڻ لاءِ هتي آيو آهيان.“ راجا اهو احوال ٻڌي، هنن  جي ڏاڍي خاطرداري ڪئي ۽ پاڻ وٽ رهايو.

ڪامسين ڪجهه ڏينهن اُتي رهيو. هڪ ڏينهن، هڪڙو  هاري، راجا ڪند وٽ اها شڪايت کڻي آيو ته هڪڙو شينهن سندس ڍڳا ڍور کائي چٽ ڪري ويو آهي ۽ اها وينتي ڪيائين ته راجا ان شينهن کي مارائڻ جو ڪو بلو ڪري. هاريءَ جو اهو عرض ٻڌي، راجا ڪامسين ٽپ ڏئي  اُٿيو ۽ چيائين ته:” مون کي اجازت  ڏني. وڃي ته آءُ توهان جي ڪيل احسان جي بدلي ۾ شينهن کي وڃي ختم ڪريان .“ راجا اها ڳالهه ٻڌي ان کي اجازت ڏني. ان کان پوءِ بهادر راجا ڪامسين، هاريءَ سان گڏجي سندس گهر ڏانهن ويو ۽ ڏٺائين ته سچ پچ شينهن هڪ ڍڳو کائي رهيو آهي. هيءَ ماجرا ڏسي راجا ان طرف وڌيو. شينهن هڪ انسان جي اها جرئت ڏسي، مٿس حملو ڪيو. راجا ڪامسين بهادري  ڏيکاريندي، تيز تيز شينهن جي ڇاتيءَ  ۾ لنگهائي وڌو، جنهن هن جو ڪم تمام ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ جڏهن  راجا ڪامسين شينهن  کي ناس ڪري راجا ڪند وٽ آيو، تڏهن راجا خوشيءَ  وچان پنهنجي راجڪماري واسوءَ  جو سڱ کيس ڏيڻو ڪيو.

هيءَ ڪماري هڪ وڏي پاپي عورت هئي، جنهن هن کان اڳ پنهنجا ڪيترا ئي  مڙس ماري ڇڏيا هئا. جڏهن کيس خبر پئي ته ڪند سندس ٻانهن راجا ڪامسين جي حوالي  ڪئي آهي، تڏهن هن ڪامسين کي پنهنجي محلات ۾ گهرايو ۽ جادوءَ  جي زور تي هڪ رڍ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ اڱڻ  ۾ ڪلي سان  ٻڌي قابو ڪري ڇڏيو.

جڏهن راجا ڪامسين نه موٽيو، تڏهن ڪامروپ ڏاڍو پريشان ٿي. شهر ۾ راجا جي ڳولا ڪيائين، ليڪن ڪو به پتو ڪونه پيس. آخر گهڻي ڳولا کان پوءِ راجا جي پيرن جا نشان شهزادي واسوءَ  جي محلات ڏانهن ويندي ڏٺائين. هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ کان پوءِ جڏهن محلات مان واپس موٽڻ جا نشان نظر نه آيس، تڏهن يڪدم سمجهي وئي ته واسوءَ  ڪو ساڻس ويل ڪيو آهي. پنهنجي ڪمري ۾ وڃي مرداڻو لباس پائي، واسوءَ  جي محلات هيٺان  اچي لنگهي. اوڏيءَ مهل مڄاڻ محلات جي دريءَ،سان شهزادي ڪامروپ کي واسوءَ ڏسي ورتو ۽ کيس هڪ سهڻو نوجوان  سمجهندي، پنهنجي محلات ۾ اچڻ لاءِ گهرائي ورتو. انهيءَ دعوت تي هوءَ اندر وئي ۽ ڏٺائين ته هڪ رڍ اڱڻ ۾ ٻڏي بيٺي آهي.  ڪامروپ سڄي ڳالهه سمجهي وئي. يڪدم واسوءَ کي دسي کڻي نوڙيءَ سان ٻڌائينس ۽ چيائينس ته: ”جيڪڏهن ڪامسين کي آزاد نه ڪندينءَ ته مان توکي اتي ئي گهٽي ماري ناس ڪري ڇڏيندس.“

واسوءَ هڪدم وٺي رڙيون ڪيون ۽ سندس گوڙ تي راجا ڪند پاڻ محلات ۾ لنگهي  آيو. راجڪماري ڪامروپ  راجا کي واسوءَ  جي ڪيل ڏوهه کان واقف ڪيو. راجا، ڪامروپ کي واسوءَ کي معاف ڪرڻ لاءِ منت ڪئي، ليڪن ڪامروپ نه مڃيو ۽ تيستائين  نه ڇڏيائينس، جيستائين  هن ڪامسين کي وري انساني روپ ۾ آندو ۽ پوءِ اُن ڏائڻ جي چوٽي ڪتريائين، جنهن ۾ جادوءَ جو زور هو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ راجا ڪامسين جي شادي واسوءَ  سان وڏي ڌام ڌوم سان ڪرائي وئي ۽ ان خوشيءَ  ۾ راجا ڪيترا  ڏينهن شڪار  ۾ گزاريا. پر واسوءَ  جي من ۾ ڪامروپ لاءِ ڌڪار جيئن پوءِ تيئن وڌندي رهي. هڪڙي ڏينهن جڏهن هُن ڪامروپ کي غسل ڪندي ڏٺو ۽ سندس حسن  جو پورو جلوو پسيو، تڏهن ته سندس دل ۾ حسد جي باهه ڀڙڪڻ لڳي. ان کان پوءِ ڪامروپ  کي مارائڻ جون سازشون  سٽڻ لڳي. پنهنجي وارن وڃائڻ کان پوءِ، جادوءَ  جي وسيلي ته ڪامروپ کي ڪو نقصان پهچائي نه ٿي سگهي، تنهن هوندي به هن همت نه هاري ۽ ڪامروپ  جي خاتمي لاءِ هڪ خطرناڪ سازش سٽيائين.

ان ڏينهن شام جو، جنهن وقت ڪامسين واسوءَ جي محلات ۾ آيو، تڏهن واسوءَ کي ڏاڍو غمگين ڏٺائين ۽ کانئس  ان جو سبب پڇيائين. ليڪن واسوءَ،  ڪامسين سان بلڪل نه پئي ڳالهايو. راجا ڪيترائي سوال پڇيا، مگر واسو خاموش رهي. ڪجهه دير کان پوءِ ،واسو ٿورو کُلي ۽ راجا کي چوڻ لڳي ته: ”توهان جيڪا خوبصورت  ڇوڪري پاڻ سان آندي آهي، اها توهان سان بي وفا آهي ۽ هڪ وڏي دغاباز ٿي ڏسجي.“ هي ٻڌي ڪامسين کي ڏاڍو غصو لڳو ۽ چوڻ لڳو ته: ”مون دنيا جي تختي تي ڪامروپ جهڙي  صاف دل ۽ پوتر عورت ڪانه ڏٺي آهي. ٻه دفعا ته هن منهنجي زندگي بچائي آهي. مون کي يقين آهي ته هوءَ مون سان وفادار آهي.“ اُن تي واسو، ڪامسين کي ٽوڪيندي چيو نه ”چڱو توکي هن ستيءَ تي ايڏو ڀروسو آهي ته پوءِ سڀاڻي شڪار تي وڃڻ بدران ڪامروپ کي جاچ ۽ ڏس ته ڪهڙيءَ طرح سندس نوان عاشق ڀتيون ٽپي هن وٽ وڃن ٿا.“ راجا يڪدم ان رٿ  کي مڃيو، ڇاڪاڻ ته هن کي يقين هو ته اها دعويٰ ضرور ڪوڙي ٿابت ٿيندي.

ٻئي ڏينهن راجا ڪامسين محلات مان شڪار جي بهاني سان ٻاهر نڪري ويو. دراصل هو شڪار ڪرڻ ڪين ويو هو، پر هڪ اهڙي هنڌ وڃي لڪي ويٺو جتان ڪامروپ جي محلات کي چڱي طرح ڏسي سگهيو ٿي. راجا جي وڃڻ کانپوءِ،  ظالم واسوءَ ڇا ڪيو جو مرداڻو لباس پهري،  ڪامروپ  جي محلات جي ڀت تي چڙهي ۽ دريءَ مان اندر داخل ٿي. ڪامسين اهو سڀ ڪجهه ڏسي غلط فهميءَ  ۾ مبتلا  ٿي ويو جيڪي  واسوءَ چيو ٿي، سو سراسر سچ آهي. بس پوءِ ته  هڪدم گهوڙي کي ڊوڙائي گهر آيو ۽ جلادن کي گهرائي،  کين حڪم ڏنائين ته:”شهزادي ڪامروپ  کي يڪدم محلات مان وٺي  رڻ ۾ نيئي سندس ٻئي اکيون ڪڍي ڇڏيو.“ راجا اهو قهر  جوڪم غصي ۽ ڪروڌ جي باهه وچان ڪيو.

جلادن حڪم ٻڌڻ کانپوءِ، ڪامروپ کي محلات  مان وٺي هڪ رڻ پٽ ۾ آندو. قضا سان ڪامروپ جو ڪو ڀاڳ ڀلو هو. جلادن کي ڪامروپ  جي حسن ۽ جوانيءَ  تي رحم اچي ويو، تنهنڪري کيس مارڻ بدران ڇڏي ڏنائون، ۽ سندس اکين جي بجاءِ، هڪ هرڻ کي ماري ان جون اکيون ڪڍي،  ۽ موٽي اچي راجا کي ڏيکاريون.

اهڙيءَ ريت ڪامروپ موت کان بچي ويئي، پر محلات ۾ پليل راجڪماري رڻ ۾ اچي رلي، سڄو ڏينهن پنڌ ڪيائين، آخر پيرن ۾ لڦون پئجي ويس ۽ اڳتي هلڻ جهڙي نه رهي. انهيءَ حالت ۾، هڪ هنڌ ويهي رهي ۽ غم ۽ اندوهه ۾ اچي روئڻ ۾ ڇُٽڪي. ڪجهه وقت  روئڻ کانپوءِ، کيس اُهي پريون ياد پيون، جن کيس ۽ ڪامسين کي پاڻ ۾ ملايو هو، بس پوءِ ته انهن کي ڏک مان مدد لاءِ پڪارڻ لڳي. قدرت ڌڻيءَ جي اهڙي ٿي جو ٿوريءَ دير ۾ هن جي اڳيان هڪ پرين جو ولر اچي بيٺو. ڪامروپ کين پنهنجي سورن جي ڪهاڻي ٻڌائي . پرين کي راجڪماريءَ  جي هن حال تي ڏاڍو رحم آيو ۽ کيس آسمان  تي پنهنجي ولايت ۾ کڻي ويون. اُتي ڪامروپ  جي غم دور ڪرڻ لاءِ کيس هڪ بهترين  محلات ۾ رهايو ويو، جنهن ۾ پريون هن جي خدمت  چاڪري ڪنديون هيون، جنهن جي چوڌاري  هڪ دلچسپ  جنت نما باغ ۾ عجيب وغريب  گل هئا، جن جي خوشبوءِ ۾ وڻندڙ  اثر هو. هي سموريون چيزون راجڪماريءَ جي اڳيان انهيءَ لاءِ رکيون ويون ته جيئن هوءَ اُتي راضي رهي ۽ دل جي غم کي وساري ڇڏي.

ٻئي پاسي وري ڪامسين جو عجيب حال هو. هن کي يقين ٿي ويو هو ته ڪامروپ واقعي دوکيباز  عورت هئي. اهڙن خيالن ۾ جيئن کيس پڪائي ٿيندي وئي، تيئن پاڻ واسو جهڙيءَ دغا باز ۽ ڏائڻ  عورت سان وڌيڪ محبت ٿيندي ويس. ڪامسين، ڪامروپ کي دل مان وسارڻ کان پوءِ  زندگيءَ جو ڪافي عرصو عيش ۽ مزي ۾ گذاريو، ليڪن چوندا آهن ته خدا وٽ دير آهي، انڌير ناهي. سو ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ،  هڪ رات ڪامسين ننڊ مان جاڳي پيو ۽ جاڳڻ سان هن ائين محسوس ڪيو ته راجڪماري ڪامروپ بلڪل معصوم هئي ۽ مون ساڻس سان ظلم ڪيو آهي. انهيءَ  قسم جو خيال هن جي دل تي ايتري  قدر ته ڇانئجي ويو جو واسوءَ کي هڪ وڏي دوکيباز ۽ ظالم عورت تصور ڪرڻ لڳو. آخر هڪ ڏينهن هن کي ايڏو ته جوش اچي ويو جو خنجر کڻي، ننڊ ۾ ستل واسوءَ  کي هڪ ئي ڌڪ سان پورو ڪري ڇڏيائين. ان کانپوءِ، يڪدم گهوڙي تي سوار ٿي شهر مان نڪري ويو ۽ ريگستان ۾گهوڙي کي ڊوڙائيندو  رهيو. ڪامروپ جي فراق ۾، ڪامسين پنهنجو راجائي لباس پاڙي، ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو ۽ اڌ چرئي ماڻهوءَ جي حالت ۾ رڻ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو ۽ رلندو رهيو.

ڪامسين انهيءَ حالت ۾ جهنگن ۽ بيابان ۾ ڪيترا ڏينهن رلندو رهيو. آخر هڪ ڏينهن ٿڪجي هڪ ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺل وڻ جي ڇانو ۾ وڃي ويٺو. اُن وڻ تي ٻه پکي  ويٺا هئا،  جن مان هڪ ٻئي کي چيو ته: هن وڻ هيٺان ويٺل جيڪو ماڻهو ڏسين ٿو. انهيءَ جسو قصو نهايت عجيب اهي. اهو محبت جو مريض آهي، ليڪن هن پاڻ ئي پنهنجي بي گناهه معشوق کي مارڻ جو حڪم ڏنو هو.“ اها ڳالهه ٻڌي ٻئي پکيءَ  کي ڏاڍو عجب لڳو، هو چوڻ لڳو: مهرباني ڪري مون کي انهيءَ ماڻهوءَ جي سموري آکاڻي ٻڌاءِ.“  پوءِ پهرئين پکي، ڪامسين جي غلط فهميءَ  ۽ ڪامروپ کي سزا ڏيڻ وارو  سربستو قصو هن کي بيان ڪري ٻڌايو ۽ چيائينس  ته:”اڃا به هڪ رستو آهي، جيڪڏهن هن ماڻهوءَ  کي اُهو  معلوم ٿي وڃي ته: راجڪماري ڪامروپ کي وري به حاصل ڪري سگهي ٿو. هن کي اٺ ڏينهن باهه تي روزو رکي وهڻو پوندو ۽ دونهين مان ساهه کڻڻو پوندو. اٺين ڏينهن، پرين جو ٽولو، پنهنجي راڻي شپوري ۽ ڪامروپ  سان هن تلاءَ تي وهنجڻ ايندو. هن کي ان وقت موقعي مان فائدو وٺڻو آهي. جڏهن سڀئي پريون تلاءَ ۾ وهنجڻ لاءِ داخل ٿي وڃن، تڏهن هن کي راڻيءَ  جي ڪپڙن تي قبضو ڪرڻ گهرجي ۽ تيستائين ڪپڙا نه ڏيڻ گهرجن، جيستائين راڻي، راجڪماري ڪامروپ جي ٻانهن سندس حوالي نه ڪري.“

ڪامسين وڻ هيٺان پکين جي اها سموري گفتگو وڏي ڌيان سان ٻڌي رهيو هو . انهيءَ راز کي معلوم ڪندي ڪڏهن دل ۾ اميد پيدا ٿئيس ٿي ته ڪڏهن وري مايوسي. آخر هو انهيءَ ٻڌل طريقي موجب اٺ ڏينهن باهه تي روزو رکي ويٺو ۽ دونهين مان ساهه کڻندو رهيو. آخر اٺين ڏينهن  پرين جو ٽولو  پنهنجي راڻي شپوري ۽ ڪامروپ سميت انهيءَ  تلاءَ تي اچي لٿو. ڪامسين تلاءَ  جي ڀر ۾ وڻن جي اوٽ ۾ ايستائين لڪو ويٺو رهيو، جيستائين  سڀني پنهنجا ڪپڙا لاٿا ۽ وهنجڻ جي ارادي سان پاڻيءَ  ۾ ٽپو ڏنو. ان کان پوءِ، ڪامسين نهايت آهستگيءَ سان راڻي شپوري جي ڪپڙن تي قبضو ڪري اُهي پاڻ سان کڻي ۽ پنهنجي ساڳيءَ جڳهه تي اچي لڪي ويٺو. ٿوري وقت کان پوءِ، هر هڪ پري، پاڻيءَ مان نڪري پنهنجا ڪپڙا پاتا ۽ جڏهن راڻيءَ  جو وارو آيو ته جان ڏسن ته ڪپڙا غائب آهن. هن ڏاڍي ڳولا ڪرائي مگر بي سود ان کان پوءِ، هنن ڪپڙن جي تلاش لاءِ جهنگ ۾ ڳولا ڪرائي. اُتي ڳولا ڪندي، هنن ڪامسين کي ڏسي ورتو جيڪو راڻيءَ جا ڪپڙا پنهنجي ڪڇ ۾ ڪيو لڪو ويٺو هو. هي حال ڏسي پرين جي راڻي غصي ۾ ڳاڙهي ٿي وئي ۽ پنهنجي ڪپڙن جي واپسي ءَ لاءِ ڪامسين کي حڪم ڪيائين . اهو حڪم ٻڌي، ڪامسين وراڻيو ته ڪپڙن جي عيوض کيس ڪامروپ جي ٻانهن ڏني وڃي. اهو جواب ٻڌي پرين جي راڻي غصي ۾ اچي هڪ ننڍي راڪاس جي شڪل ۾ تبديل ٿي وئي ۽ ان کان پوءِ هاٿيءَ جي شڪل ۾ مٽجي وئي. هاٿيءَ  جي شڪل ۾ اچي ڪامسين کي لٿاڙي مارڻ جي ڌمڪي  ڏنائين. ليڪن ڪامسين به پرواهه ڪانه ڏيکاريس ۽ چيو ”هن  زندگيءَ کان موت بهتر آهي. ڪامروپ سان گڏ رهڻ حياتي  آهي ۽ ان کان سواءِ مان موت کي آجيان ڪندس.“ هي جواب ٻڌي، پرين جي راڻيءَ جو غصو رحم ۾ تبديل ٿي ويو ۽ هن جي دل نرم ٿي ويئي، جڏهن ڪامروپ، ڪامسين کي ائين ليلائيندي ڏٺو تڏهن پاڻ به ان سان گڏ راڻيءَ کي منتون ڪرڻ لڳي. چوڻ لڳي ته: ”مون کي هن جي حوالي ڪريو توهان ئي اسان ٻنهي کي پاڻ ۾ ملايو هو. سو هاڻي ڪيئن ٿيون جدا ڪريو.“ ڪامروپ کي ليلائيندي ڏسي، راڻي شپوريءَ سندس ٻانهن ڪامسين جي حوالي  ڪئي ۽ ان جي عيوض ۾ پنهنجا ڪپڙا واپس ورتا.

 ان کانپوءِ راڻي جي حڪم سان پرين هنن ٻنهي عاشقن کي مٿي کنيو ۽ هوا ۾ اڏائي، سنڌ ڏيهه جي مٿان آندو. جڏهن کين ٿورو هيٺ لاٿائون، تڏهن راجا ڪامسين پنهنجي تختگاهه ماگرور  کي سڃاتو. هيٺ لاهڻ کان پوءِ کين شپوري ٻڌايو ته هيءَ توهان جي بادشاهي آهي، ليڪن هڪ مڪار ماڻهوءَ توهان جي فوج کان حڪومت کسي پنهنيج قبضي ۾ رکي آهي. ايترو چئي پريون اکين کان گم ٿي ويون.

پرين کان هيءَ ڳالهه ٻڌي، راجا ڪامسين وڏيءَ ڳڻتيءَ  ۾ اچي  ويو ۽  ٿورو سوچي ڪامروپ کي چيائين  ته: ”ماگرور  شهر جي اتر طرف منهنجو هڪ محلات آهي، مان سمجهان ٿو ته اتي ڪو به ڪونه پهتو هوندو. اسان کي اتي هلي ڪو مشورو ڪرڻ گهرجي.“ ائين چئي ان طرف وڌيا ۽ اڌ رات جو هي ٻئي محبت جا متوالا ان خالي محلات ۾ وڃي پهتا. ان محلات ۾ ٻنهي خوشي ۽ سڪ ۾ رات گذاري، ليڪن ساڳئي  وقت پنهنجي آئينده جو اونو به گهڻو رهين.

صبح جو جڏهن ڪامسين پنهنجي محلات جي دريءَ کان هيٺ ڏٺو، تڏهن سندس نظر  وڃي هڪ پوڙهيءَ عورت تي پيئي، جنهن هن کي نپايو هو. ان کي آواز ڏنائين ، جنهن خوشيءَ مان ڊوڙي اچي ڪامسين جو خير مقدم ڪيو. پوڙهيءَ راجا کان سندس ايڏي لنبي عرصي جي غير حاضريءَ  جو سبب پڇيو.ر اجا پنهنجي سورين تڪليفن ۽ ڏکن ڏاکڙن سان ڀريل سفر جو بيان ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته ڪيئن کيس ۽ ڪامروپ کي پريون هتي پهچائي ويون آهن. ان کان پوءِ راجا پوڙهيءَ کان پڇيو ته منهنجي غير حاضريءَ ۾ ڇا وهيو واپريو ۽ اهو ماڻهو  ڪير آهي، جنهن منهنجي تخت تي ناجائز قبضو ڪيو آهي؟

راجا کي هن پوڙهي  عورت نهايت ڏک واري لهجي ۾ ٻڌايو ته: ”مهاراج، توهان جي وڃڻ کان پوءِ هڪ سال کن ته رواجي طرح حڪومت جو چرخو امن ۽ شانتيءَ سان هلندو ته رهيو ليڪن ان کان پوءِ جڏهن توهان جي باري ۾ ڪا خبر نه آئي، تڏهن توهان لاءِ همدردي ۽ وفاداري  ماڻهن جي دلين مان غائب ٿيڻ لڳي. ملڪ جون اهي حالتون ڏسي، هڪ دشمن، جنهن جو نالو شاهه دمڪه آهي، تختگاهه تي حملو ڪيو ۽ شهر جا سمورا دروازا ڀڃي اندر داخل ٿيو. شهر تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ توهان جي وزير نذر سيف کي قيد ڪيائين ۽ توهان جي حڪومت تي قبضو ڪيائين. هينئر توهان جو تاج ۽ توهان جا خزانا سڀ هن جي قبضي ۾ آهن ۽ مون کي ڪو رستو ڪونه ٿو سجهي، جو توهان  اهي واپس حاصل ڪري سگهو.“

هيءَ ٻڌي راجا ڪامسين کي ڏاڍي حيراني لڳي. ليڪن دل نه هاريائين ۽ پوءِ ڪاغذ  تي هي پيغام پوڙهيءَ  جي معرفت شاهه دمڪه ڏانهن موڪليائين  ته: ”اي غاصب!  تولاءِ مناسب آهي ته حڪومت مان چپ چاپ نڪري وڃ، ٻيءَ حالت ۾ مون سان مقابلي  لاءِ تيار ٿيءُ.“

جڏهن  شاهه دمه هيءُ خط پڙهيو، تڏهن پوڙهيءَ کان پڇيائين ته: ”راجا ڪامسين ڪٿي آهي ۽ هن ساڻ ڪيترو  لشڪر آهي؟“ کيس جواب مليو ته: ”هو فلاڻي  محلات ۾ لٿل آهي ۽ اڪيلو آهي.“ اهو جواب ٻڌي شاهه دمڪه هڪ چڱو لشڪر تيار ڪري هن سان وڙهڻ لاءِ محلات  ڏانهن وڌيو.راجا ڪامروپ جڏهن شاهه دمڪه جي فوج کي ايندو ڏٺو، تڏهن هن هڪ دفعو وري پرين کي مدد لاءِ پڪاريو. انهيءَ گهڙيءَ م“ پرين جو هڪ وڏو لشڪر  آسمان تان هيٺ لٿو، ديون ۽ راڪاسن جي شڪل اختيار ڪري، شاهه دمڪه جي فوج تي حملو ڪيو، ۽ انهن سخت خوف  ۽ هراس ڦهلايو. هي حال ڏسي شاهه دمڪه جي فوج هر طرف ڀڄڻ  لڳي، ليڪن ديون ۽ پرين هنن جو پيڇو ڪيو ۽ ڪيترن کي ماري قتل ڪري ڇڏيو، ۽ ڪيترا راجا ڪامسين جي پيش پيا. شاهه دمڪه  جو ننڍو پٽ شاهه صادق پيش پيو، جنهن کي راجا ڪامسين پناهه ۾ ورتو. خود شاهه دمڪه کي ڀڄڻ وقت ديون ماري وڌو هو.

جڏهن هيءَ لڙائي ختم ٿي، تڏهن راجا ڪامسين وڏي شاندار نموني سان پنهنجي  شهر ماگرور ۾ داخل ٿيو ۽ پنهنجي اڳئين وزير نذر سيف کي قيد مان آزاد ڪيائين، ۽ پوءِ ان جي ئي مدد سان هو پنهنجي تخت تي ويٺو، ۽ سنڌ ڏيهه ۾ راڄ ڪرڻ لڳو. راجا هڪ وڏو مضبوط قلعو ٺهرايو ۽ ڪيترائي  سال سنڌ ۾ انصاف  ۽ رحم سان حڪومت ڪندو رهيو. جيڪڏهن حقيقت جي نگاهه سان ڏسجي ته راجا ڪامسين لاءِ  سڀني  خزانن ۽ تاج کان وڌيڪ قيمت  واري  ملڪيت راجڪماري ڪامروپ هئي، جنهن ڪيترا دفعا  هن جي حياتي  بچائي ۽ جنهن جي ئي تعاون سان هن پنهنجي ويل حڪومت وڏيءَ  سوڀ سان حاصل  ڪئي ۽ پنهنجي رعيت  وٽ وڏي شان ۽ عزت  آبروءَ سان موٽي اچي حڪومت جون واڳون سنڀالون

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org