سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

باب: -

صفحو:13

12- سهڻي ۽ ميهوال

ڪنهن زماني ۾، چناب درياءُ جي ڪناري تي، گجرات شهر ۾ تلو نالي هڪ مشهور ڪنڀار رهندو هو جو ٿانون ٺاهڻ ۾ بي مثال ڪاريگر هو ۽ پنهنجي ڌنڌي مان گهڻي دولت  ڪمائي هئائين. هن کي پڇاڙيءَ ۾ هڪ نياڻي ڄائي، جا نهايت سهڻي ۽ سلڇڻي نينگر هئي. ڇوڪريءَ جي سونهن سوڀيا ننڍي کان ئي اهڙي ته نمايان هئي جو پڻس نالو ئي سهڻي رکيو هو.

انهن ساڳين ڏينهن ۾، بخارا شهر ۾ مرزا نالي هڪڙو دولتمند  سودا گر رهندو هو. جو پٽ جي اولاد نه هئڻ سبب ڏاڍو غمگين گذاريندو هو. هڪ ڏينهن کيس ڪنهن فقير  متعلق  معلوم ٿيو ته هو ڌڻيءَ جو اهڙو پيارو  آهي جو بي اولادن  کي اولاد ڏئي ٿو. اها خبر ٻڌي، هيءُ سوداگر به هڪلي وڃي ان فقير وٽ پهتو ۽ ٻاڏائڻ لڳو ته: اي سائينءَ  جا سنواريا!  منهنجي هيءَ هيتري گڏ ڪيل دولت ڪهڙي ڪم جي ٿيندي، جيڪڏهن مان بي اولاد مري ويندس.“  سوداگر وڏيءَ عمي جو ماڻهو هو، تنهنڪري سندس ٻاڏائڻ  تي فقير  کي رحم اچي ويو، ۽ هن اها خوشخبري ڏنس ته: ”تنهنجي آرزو قبول ٿي وئي،  توکي  هڪ پٽ عطا ٿيندو، پر انهيءَ  خطري کان ضرور  خبردار رهجان، جڏهن تنهنجو پٽ ڪنهن جي عشق ۾ مبتلا ٿيندو، ۽ توکان الڳ ٿي ويندو.“

پٽ ڄمڻ جي خوشخبري ٻڌي، سوداگر ايترو ته خوش ٿيو جو فقير جي چتاءُ جي ڪا به پرواهه ڪانه ڪيائين. هو بيحد  خوشيءَ ۾ گهر موٽي آيو. الله جي قدرت اهڙي جو ٿورن ڏينهن ۾ سندس پيرسن زال کي پيٽ ٿيو ۽ پوري وقت تي کيس هڪ سهڻو پٽ ڄائو چون ٿا ته سوداگر کي به انهيءَ ڏينهن پٽ ڄائو، جنهن ڏينهن تي تلو ڪنڀر کي سهڻيءَ  نالي بيحد حسين نينگر ڄائي هئي.

هن سوداگر پنهنجي پٽ جو نالو عزت بيگ رکيو ڇوڪري جو ننڍپڻ کان وٺي راڳ ۽ شڪار طرف گهڻو  لاڙو هوندو هو ۽ جوانيءَ  جي عمر تائين هڪ بي مثال  گويو ۽ نالي وارو شڪاري ٿي پيو. هڪ ڏينهن هنن جي شهر ۾ هڪ هندستاني مسافر آيو،  جنهن پنهنجي ملڪ ۽ دهليءَ جي شهر جي خوشحاليءَ  ۽ مغل بادشاهه، شاهه جهان جي انصاف جي ڏاڍي تعريف پئي ڪئي. عزت بيگ هن جي ڳالهين  کان متاثر  ٿي، دهلي ڏسڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ ان لاءِ پيءُ کان اجازت گهريائين، ليڪن پيءُ پٽ کي موڪل ڪانه ڏني. عزت بيگ کي دهلي ۽ مغل بادشاهه ڏسڻ جو ايڏو شوق وڌي ويو، جو هن کائڻ پيئڻ ۽ ننڊ ڪرڻ ڇڏي ڏني. ظاهر آهي ته پٽ جي اهڙيءَ دکدائڪ حالت ۾ ان ماڻهوءَ جو ڪهڙو حال ٿيندو، جنهن کي سالن کان سڪي سڪي هڪ پٽ ڄائو هجي. عزت بيگ جي هيءَ حالت سندس پيءُ کان ڏٺي ڪانه ٿي ۽ ڇوڪري جي مري وڃڻ جي خوف سببان لاچار کيس هندستان جي سفر  جي اجازت ڏنائين.

پيءُ جي اجازت سان عزت  بيگ پاڻ سان ڪيترا ئي نوڪر ۽ ناڻو کڻي دهليءَ  جي شهر ۾ پهتو. اُتي دربانن کي چڱيون خاصيون سوکڙيون ڏنائين، جن مغل بادشاهه، شاهجهان سان ملاقات ڪرڻ جو شرف ڏياريس. ٿوري ئي عرصي ۾،  عزت بيگ جي دل دهليءَ مان ڍائجي وئي ۽ موٽڻ جي تياري ڪيائين. هو جنهن وقت پنجاب مان لنگهي رهيو هو، ان وقت گجرات جي تلو ڪنڀر جي مشهوري به چوٽ تي پهچي چڪي هئي. عزت بيگ خيال ڪيو ته اهڙي مشهور ڪنڀر جا ٿانو ڇو نه پنهنجي پيءُ لاءِ سوکڙيءَ طور خريد ڪري کڻي وڃي. سو ان ارادي سان گجرات شهر ۾ اچي لٿو. اتان هڪ ڪنڀر کان ٿانون خريدڻ لاءِ پنهنجو هڪ نوڪر موڪليائين، جنهن موٽي اچي عزت بيگ کي ٻڌايو ته: ”سائين، هن ڪنڀر جي ٿانون جي خوبصورتي جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه آهي. سبحان الله! اهڙي من موهڻي صورت واري ڇوڪري، مون ساري ڄمار ڪٿي به نه ڏٺي ۽ ٻڌي آهي. سچ پچ اهڙي بي مثال سونهن لاءِ توهان ئي مستحق آهيو.“

 نوڪر کان نينگريءَ جي سونهن جي واکاڻ ٻڌي، عزت بيگ حيرت ۾ پئجي ويو ۽ انهيءَ  دم نوڪر ساڻ ڪري، ڪنڀر جي دڪان تي چڙهي آيو . ڏسڻ سان عزت بيگ پنهنجي دل وڃائي ويٺو ۽ ان ڇوڪريءَ کي زياده دير تائين ڏسڻ جي مقصد. سان ٿانون جو عزر ڪندو رهيو ۽ سڀ ٿانو ڏسندو رهيو. جڏهن ڇوڪري کيس سڀ ٿانو ڏيکاري چڪي ۽ هن هڪ ٿانو به خريد  نه ڪيو، تڏهن سهڻيءَ کيس چيو ته: ”جيڪڏهن توهان کي ٿانو خريد ڪرڻا آهن، ته آءُ اوهان  کي سڀئي ٿانو ڏيکاري چڪي آهيان، ۽ جيڪڏهن توهان کي مورڳو ٿانو وٺڻا ئي نه آهن ته پوءِ مهرباني ڪري مون کي ڇڏيو، ڇو ته مون کي ٻيو گهر جو ڪم به ڪرڻو آهي.“

سهڻيءَ کي راضي ڪرڻ لاءِ، عزت بيگ ڪنڀر جا سڀ اوچا ۽ مهانگا ٿانو خريد ڪري پاڻ سان کڻي آيو. ان وچ ۾ سوداگر جي پٽ سوچيو ته آءُ سهڻيءَ جي محبت ۾ بُريءَ طرح گرفتار  ٿي چڪو آهيان ۽ منهنجي زنده رهڻ لاءِ سواءِ ان ڳالهه جي ٻيو ڪو چارو ڪونهي ته آءُ گجرات شهر ۾ ئي رهي پوان. پوءِ سهڻيءَ کي روزانو ڏسڻ لاءِ هن ٿانون  جي واپار کي کڻي هڪ بهانو ٺاهيو. شهر ۾ هڪ دڪان  ورتائين ۽ ٿانون وڪڻڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. عشق جو رستو به عجيب آهي، ڇاڪاڻ ته عشق آيو ته عقل موڪلايو.اهڙي طرح، هيءُ سوداگر به ڪنڀر کان مهانگي قيمت تي، ٿانو ان ڪري پيو خريد ڪري، ته جيئن هو راضي رهي ۽ سسي بها تي انهيءَ لاءِ پيو وڪڻي ته جيئن  جلدي جلدي ٿانو وڪرو ٿين ۽ هو ٻين ٿانون  خريد ڪرڻ جي بهاني  سان ڪنڀر جي دڪان تي ويندو  رهي. عزت بيگ جي هيءُ  حالت ڏسي، سندس نوڪر ڊڄي  ويا ته هن نموني سان واپار ڪرڻ ۽ رهڻ جي معنيٰ هيءَ ٿي ته هٿين خالي ٿي وڃڻ کان پوءِ  پنهنجي زندگيءَ ۾ وطن جا وڻ ٻيهر ڪين ڏسبا، تنهنڪري  هڪ رات سڀئي صلاح ڪري، عزت بيگ کان باقي پئسا ڦري، بخارا ڏانهن روانا ٿيا.

ٻئي ڏينهن تي صبح جو، عزت بيگ جي حالت فقيرن جهڙي وڃي ٿي. کيس هڪ پئسو به نه هو، پر پوءِ به هو ٿانون جو واپار قرض تي به ڪندو رهيو. جڏهن ڪنڀر جو قرض ان تي وڌي ويو، تڏهن هن عزت بيگ تي ان جي ادائگيءَ  لاءِ زور بار رکيو. عزت بيگ نوڪرن جي ڦري  وڃڻ وارو  واقعو ڪنڀر کي ٻڌايو  ۽ قرض لاهڻ  لاءِ ڪنڀر وٽ نوڪر ٿي بيهڻ جي آمادگي  ڏيکاري. تلو ڪنڀر انهيءَ تي رضامند ٿيو ۽ عزت بيگ کي پاڻ وٽ نوڪر رکيو. عزت بيگ تي گهر جي ٻُهاري ڏيڻ ۽ درياءَ تان ٿانون لاءِ مٽي کڻي اچڻ جو ڪم هوندو .

ڪنڀر وٽ عزت بيگ ايڏي محنت سان ڪم ڪيو جو ٿوري وقت کان پوءِ  بيمار  ٿي پيو. گهڻيءَ محنت  سان ڪم ڪرڻ ۾ عزت بيگ جو مقصد هيءُ هو ته جيئن ڪنڀر منجهانئس  راضي رهي ۽ کيس نوڪريءَ مان نه ڪڍي. هن جي بيماريءَ  کان پوءِ تلو ڪنڀر کي هن تي قياس آيو ۽ ان کان پوءِ مينهن  چارڻ جو ڪم سندس حوالي ڪيو ۽ کيس ”ميهار“ جي نالي سڏڻ لڳو.

هڪڙي ڏينهن جيئن ميهار مينهون چاري رهيو هو، تيئن  کير لاءِ هن وٽ سهڻي آئي. کير ڏهڻ وقت ميهار پنهنجو سڄو درد جو داستان  سهڻيءَ کي ٻڌايو ۽ پڻس وٽ نوڪر رهڻ جو سبب به بيان ڪيو. ميهار جي هن داستان سهڻي ءَ  تي ايڏو اثر ڪيو جو هوءَ ان وقت سندس سامهون روئي رهي هئي ۽ آخر ميهار وانگر هن به پنهنجيءَ دل کي محبت  جي بيقراريءَ  ۾ تڙپندي محسوس ڪيو.

 ان کان پوءِ، هرروز سهڻي کير جي بهاني سان، ميهار سان ملندي هئي ۽ گهڙي  پلڪ هن جي رهاڻ ۾ گهاريندي هئي. چوندا آهن ته ڀتين کي به ڪن آهن، سو هنن ٻنهي بيقرار دلين جي محبت  جو راز گهڻو  وقت راز نه رهيو ۽ آخر  هنن جي محبت جو راز فاش ٿي پيو. شهر جا ماڻهو هڪ ٻئي جي ڪنن ۾ سس پس ڪندا رهيا. آخر تلو ڪنڀر جي ڪن  تي به اها ڳالهه وڃي پهتي، جنهن سخت غصي  جي باهه ۾ اچي، ميهار  کي نوڪريءَ مان  ڪڍي  ڇڏيو ۽ باوجود سهڻيءَ جي آهه و زاريءَ ۽ روڄ راڙي جي سندس  سئوٽ سان زبردستيءَ کيس  پرڻائي ڇڏيو. شاديءَ واري رات سهڻي، الله پاڪ جي بار گاهه ۾ زارو زار روئي ٻاڏايو ته منهنجي ميهار سان محبت آهي، تنهن ڪري منهنجي سئوٽ کان منهنجي عزت کي پناهه ۾ رک. قدرت الله جي اهڙي ٿي، جو روزانو رات جو هن نئين گهوٽ کي اهڙي ته ننڊ وٺي ويندي هئي، جو سهڻيءَ  جي پنهنجي پاسي ۾ هئڻ جي ڪا سڌ ئي ڪانه رهندي هئي.

جنهن ڏينهن ميهار کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو ۽ شهر مان تڙيو ويو، تنهن ڏينهن کان هن چناب درياءُ لنگهي، هُن پار وڃي هڪ جهوپڙي ٺاهي ۽ انهيءَ  ۾ ئي رهڻ لڳو.ڏينهن جو پنهنجي جهوپڙيءَ مان ڪُنڀر  جي ڇت ڏسي پيو وقت ڪاٽيندو هو، جنهن ۾ هن  جي محبوبه سهڻي رهندي هئي. سهڻيءَ جي وڇوڙي ۾ ميهار ڏينهن ڏکن ۾ راتيون روئيندي ئي گذاريندو هو، پر جڏهن خبر پيس ته سهڻيءَ جو سڱ سندس  سئوٽ کي ڏنو ويو آهي ته ان کان پوءِ هن جي دل ۾ پنهنجي محبت جي ناڪاميءَ  جي باهه ڀڙڪي اُٿي . هڪ ڏينهن سهڻيءَ ڏانهن خط موڪليائين، جنهن ۾ هن کي بي وفا قرار ڏنائين ۽ گهڻو ئي ننديائين . هن کي ائين به لکيائين ته تون اُن ماڻهوءِ سان بي وفا ٿي آهين، جنهن تنهنجي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪيو. پر ميهار سهڻيءَ  کي غلط سمجهيو هو. انهيءَ خط پهچڻ کان پوءِ، سهڻيءَ جوابي خط ۾ ميهار  کي لکيو ته ايندڙ  رات سندس سئوٽ جي گهر جي ڀرسان ساڻس ضرور ملي، جتي  کيس معلوم ٿيندو ته سهڻي بي وفا  آهي يا با وفا.

سهڻيءَ  جي جوابي خط  ميهار ۾ ٻيهر زندگي پيدا  ڪئي.  اُن رات ميهار، چناب ندي تري، سهڻيءَ  سان درياءَ جي ڪنڌيءَ  تي اچي محفل  مچايائين. سهڻيءَ جي مڙس کي خدا اهڙي ننڊ بڇي هئي، جو هو سڄي رات ان ۾ سوگهڙو پيو هو. هنن ٻنهي سڄي رات اُتي گذاري ۽ محبت جي وعدن کي نئون ڪيو. ميهار، سهڻيءَ لاءِ سوکڙي طور پڪل مڇي  آندي هئي، سا به اتي گڏجي کاڌائون ۽ آخر پرهه ڦٽيءَ  مهل ميهار درياءَ ٽپي پنهنجي جهوپڙيءَ  ۾ پهتو.

ان کان پوءِ هر رات، ميهار درياءَ تري، سهڻيءَ سان ملاقاتون ڪندو هو ۽ پاڻ سان هميشه پڪل مڇي آڻيندو هو، جا ٻئي گڏجي کائيندا هئا.

هڪ رات سخت طوفان لڳو ۽ ميربحر مڇي ڦاسائي ڪين سگهيا. ميهار سوچڻ لڳو ته مڇي نه نيڻ واريءَ حالت ۾، سهڻي ڪٿي ائين نه سمجهي ويهي ته مان ڪنجوس  ٿي پيو آهيان يا منهنجي  محبت جي درياءَ ۾ لاٿ

 

سهڻي

 

اچي ويئي آهي. سو ڇا ڪيائين جو پنهنجي ران جو گوشت جو ٽڪر وڍي پاڻ سان کنيائين. . سندس ڦٽ مان ايترو ته خون وهيو، جو درياءَ ۾ ترندي هو بيهوش ٿي ويو ۽ وڏيءَ تڪيلف سان درياءُ تري، ڪناري تي پهتو، سهني پڻهنجي محبوب جي جسم مان خون وهندو ڏسي، کانئس اُن جو سبب پڇيو، ميهار سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس. هي ٻُڌي سهڻيءَ جي دل تي اهڙو گهرو اثر ٿيو ، جو ملاقات ختم ڪرڻ کان پوءِ ميهار کي چيائين ته: ”اڄ کان پوءِ آءُ پاڻ درياءُ تري تو وٽ ايندس ۽ تون مهرباني ڪري وري اهڙي تڪليف نه ڪجانءِ.“ بس، ان کان پوءِ روزانو رات جو سهڻي  درياءُ تري، ميهار وٽ اچي رهاڻيون ڪندي هئي.

ٻي رات سهڻي، وعدي مطابق، پيءُ جو هڪ پڪل دلو پاڻ سان کنيو ۽ اُن جي آڌار تي چناب درياءَ تَري  ميهار  سان اچي ملي ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ وري ساڳئي دلي تي تري، موٽي اچي گهر پهتي.

اهڙيءَ طرح، دلي جي آڌار تي، سهڻيءَ ڪيتريون راتيون درياءُ تريو ۽ سندس وعدي وفائيءَ ۾ ڪا به رنڊڪ پيدا ڪانه ٿي. هن ميهار  سان محبت جون ڪافي راتيون گذاريون. هڪ رات سندس مڙس جي ڀيڻ“ هن کي ڏسي ورتو ۽ پڪو پهه ڪيو ته ڀاءُ جي اهڙيءَ ڪميڻي زال جو ضرور خاتمو آڻڻ گهرجي! هڪ رات درياءَ جي ڪناري تي، سهڻيءَ  جو پيڇو ڪندي، لڪي وڃي ويٺي ۽ سهڻيءَ جي واپس موٽڻ تي، اها جڳهه به ڏسي ورتائين، جتي سهڻي پنهنجو دلو لڪائي رکندي هئي . هوءَ ٻئي ڏينهن منجهند جو اُن جاءِ تي وڃي، پڪي دلي جي بدران، ڪچو دلو رکي آئي ۽ پڪو دلو گهر کڻي آئي.

سهڻي ٻيءَ رات، هميشح وانگر، ميهار جي محبت جي نشي ۾، پنهنجو دلو کنيو. ان رات سخت هوا گهلي رهي هئي، جنهن درياءَ جي موجن ۽ ڇولين ۾ تيزي پيدا ڪري ڇڏي هئي . درياءَ ۾ وڏي دهشت هئي، پر سهڻي  پٺتي هٽڻ واري نه هئي  ۽ دلو هيٺان ڪري درياءَ ۾ ٽپي پئي. وچ سير ۾ ڪچو دلو ڀُري، مٽي ٿي پيو  ۽ سهڻيءَ جو وسيلو ويندو رهيو. گهڻي ئي ٻانهون هنيائين، موجن سان مقابلو ڪيائين، پر آخر سندس ٻانهن ست ڇڏي ڏنو ۽ درياءَ کيس پنهنجي پيٽ ۾ ڳيهي ڇڏيو.

درياءَ جي ٻئي طرف، ميهار سهڻيءَ جو انتظار ڪندو رهيو ۽ آخر انتظار ڪندي ڪندي پرهه ڦٽي ويئي. ميهار کي يقين هو ته سهڻي درياءَ جي دهشت کان ڊڄڻ واري نه آهي ۽ ان جو نه اچڻ ثابت ٿو ڪري ته شايد کيس ظالم درياءَ ٻوڙي ڇڏيو آهي. اهو ويچاريندو ۽ سهڻيءَ  کان سواءِ پنهنجي زندگي زهر سمجهندي، ميهار دانهن ڪري وٺي درياءَ ۾ ٽپو ڏنو ته: ”سهڻي !آءُ به تو وٽ اچان ٿو.“ ان کان پوءِ ميهار کي وري ڪنهن به ڪونه ڏٺو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org