سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

باب: -

صفحو:3

2- عمر ۽ مارئي

ڪنهن زماني ۾ عمر ڪوٽ ۾، هڪ مشهور بادشاهه، عمر، نالي راڄ ڪندو هو  هو راجپوت گهراڻي جي سومرا  نسل مان هو، هن جي حڪومت ۾ اهرو ته انصاف هو، جو شينهن ۽ ٻڪري گڏ چرندا هئا. اها هاڪ هنڌين ماڳين مشهور هوندي هئي.

قدرت جا به اهڙا ته عجيب ڪارناما آهن جو اڪثر ڪنهن کي به هڪ حال ۾ رهڻ ڪانه ٿي ڏئي، ڪڏهن چڱن هٿان برا ڪم سرزد ٿيو پون ته ڪڏهن برن کان چڱا ڪم سرانجام ٿيڻ لڳن.

اهڙيءَ طرح هڪڙي ڏينهن جيئن عمر بادشاهه پنهنجي درٻار ۾ پنهنجي اميرن ۽ وزيرن کي پئي سمجهايو ۽ چتايو ته کين خدا جو خوف دل ۾رکي، ڪنهن کي به ستائڻ نه گهرجي، تيئن عين انهيءَ وقت هڪ اجنبي  وڏي واڪي عرض ڪيو ته” مون کي بادشاهه سلامت سان مخفي طرح ڪا ڳالهه ڪرڻي آهي. مون سندس لاءِ هڪ مخفي پيغام آندو آهي“. جڏهن بادشاهه اهي لفظ ٻڌا، تڏهن سڀني اميرن ۽ وزيرن کي برخاست ڪري، انهيءَ اجنبي شخص کي پاڻ وٽ گهرايو.

تن ڏينهن ٿر واري علائقي جي هڪ ڳوٺ ملير ۾ پالوي نالي هڪ غريب ٻڪرار رهندو هو. هن جي زال جو نالو ميراد هو ۽ مارئي نالي هڪ نياڻي هيس. وٽس ڦوڳ نالي هڪ نوڪر هوندو هو، جنهن جي تمنا  هئي ته مارئي جي ٻانهن کيس ملي. مگر پالوي پنهنجي ڌيءَ اڳ ئي پنهنجي سوٽ کي ڏيڻي ڪئي هئي، انهيءَ ڪري هن ڦوڳ جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو هو. ڦوڳ انهيءَ غصي کان ملير ڇڏي ويو ۽ انتقام وٺڻ جي ارادي سان عمر ڪوٽ ۾، بادشاهه جي درٻار ۾ اچي پهتو، هيءُ اهوئي اجنبي هو،  جنهن بادشاهه سان مخفي ملاقات ڪرڻ ٿي گهري.

جڏهن ڦوڳ بادشاهه سان نويڪلو ٿي مليو، تڏهن عرض ڪيائين ته ”بادشاهه سلامت ! مون کي هڪ عرض ڪرڻو آهي ۽ اهو هيءُ آهي ته ملير ۾ هڪ ڪنيا، مارئي نالي، رهي ٿي، جنهن جي سونهن سج کي به شرمايو ڇڏي.  سر وقد جسم ۽ اکيون ڀونر جيان ڪاريون ۽ سندس نظر تلوار کان تکي ۽ سندس چمڙي، اطلس جهڙي ۽ جڏهن کلي ٿي ته ڄڻ موتين جو مينهن ٿو وسي سندس سينو بهار جي موسم وارن ڪڪرن جهڙو سفيد آهي. انهن تي جي مکڙيون آهن، سي هوند تنهنجي باغ جي مکڙين کي شرمائين. هن جو چهرو چنڊ کان وڌيڪ حسين آهي ۽ ٽور اهڙي ٿي هلي ڄڻ ته ڊيل ٿي ٽلي ۽ جڏهن پئي ڳالهائي  ته ڪوئل جهنگن مان هن کي وراڻي پئي ڏئي. جنهن به هڪ واريءَ هن جو حسن ڏٺو هوندو، انهيءَ کي ٻيو ڪي ڪين وڻندو. پر آهي هڪ ٻڪرار جي ڌيءُ ۽ جسم تي ٿڳڙيون اٿس، ليڪن جيڪڏهن سهڻي  پوشاڪ پارائجيس ته هوند پرين کان به سونهن ۾ سرس ٿي وڃي. بادشاهه سلامت، سچ پچ ته هوءَ اوهان وٽ سونهين ٿي. حسن اهڙو اٿس ته وري دل به محبت جي کاڻ اٿس. مون سان گڏ هلو ته مان توهان کي ڏيکاريان ته هوءَ ڪٿي ٿي رهي.“

عمر بادشاهه کان اهي نصيحت جا الفاظ سڀ وسري ويا، جيڪي هن ٿورو وقت اڳ پنهنجي اميرن اڳيان چيا هئا ۽ ٻڪرار  جي حسين ڌيءَ جي عشق ۾ ديوانو ٿي پيو. پنهنجو تيز اُٺ  سنڀرائي ۽ مهار هٿ ۾ ڪري اڳيان سوار ٿي ويٺو. پٺيان اهو دغاباز ڦوڳ ويٺو ته جيئن مارئيءَ جي ڳوٺ جو رستو ڏيکاري.

مارئي جيئن پنهنجي ساهيڙين سان ڀر واري کوهه تان پاڻي ڀرڻ ٿي ويئي، ته ڇا ڏسي ته ٻه ماڻهو  هڪ اُٺ تي سوار پيا اچن. مارئي ڏسي ڊڄي ويئي. هوءَ هوند گهر ڀڄي  وڃي ها، مگر سندس سرتين  کي انهن ڌارين ماڻهن کي ڏسڻ جو شوق هو، تن چيس ته” ڀو نه ڪر، هي واٽهڙو آهن ۽ توکي ڪو نقصان ڪونه رسائيندا. جڏهن کوهه وٽ ايندا ته پاڻي گهر ندا ۽ اسين انهن کي پاڻي ڏئي، کانئن ان جي عيوض خبرون ٻڌنديوسين.“ مارئي پنهنجي سهيلين جي سمجهائڻ تي هنن سان گڏ کوهه تي وئي ۽ ساڳئي وقت عمر جو اُٺ به کوهه وٽ پهتو. ڦوڳ  جي ڀڻڪي ۽ عمر جي اکين سمجهي ورتو ته اها جيڪا سندس سامهون بيٺي آهي، سائي اُها حسين  مارئي آهي. عمر، اُٺ کي هيٺ جهڪايو ۽ مارئي کان پاڻي گهريو. هن سادي ڇوڪريءَ پاڻي ڏيڻ ٿي چاهيو ته ايتري  ۾ عمر ۽ ڦوڳ هن کي پڪڙي، اُٺ تي  ٻڌي، پاڻ سان کڻي هليا ۽ اچي عمر ڪوٽ ۾ پهتا.

انهيءَ رات عمر، مارئيءَ وٽ ويو ته ڇا ڏسي ته هوءَ ويٺي روئي ۽ کاڌو ائين هن جي اڳيان رکيو آهي. هن ريجهائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي ۽ چيائينس ته” مارئي، تون هاڻي روءَ نه، جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿي چڪو. هاڻي تون  منهنجي پاٽ راڻي آهين ۽ منهنجون ٻيون راڻيون تنهنجون ٻانهيون ٿي رهنديون ۽ پنهنجي حڪومت جون واڳون تنهنجي هٿ ۾ ڏيندس.“ مگر مارئي اڃا به وڌيڪ روئڻ لڳي،  ڇو ته هن کي پنهنجو گهر، مائٽ ۽ سندس مڱيندو کيت ياد ٿي آيا. انهيءَ تي عمر ڪاوڙ مان چيس ته  ”مارئي، تون پنهنجي مائٽن ۽ مڱيندي لاءِ ڇو ٿي پاڻ کي جهورين. اُهي ته جهنگل جا مارو آهن. هتي ته تون شهزادين تي حڪمراني ڪندينءَ پنهنجي ڳوٺ ۾ توکي پرهه ڦٽيءَ اُتي، ٻڪرين کي ڪاهي جهنگ ۾ وٺي وڃڻو پوندو هو، پر هت ته توکي ٿڌيءَ  ڇانو ۾، محلات جي مزي کي خوشيءَ سان قبول ڪرڻ گهرجي.“

مارئي هڪدم جواب ڏنو ته ” تنهنجي راڻين لاءِ اها وڏي ڳالهه آهي  ته برقعا پائي محلات جي چوديواريءَ ۾ گذارين، مگر مون کي آزاد فضا ۾ ۽ کليل هوا ۾ رهڻ ٿو وڻي. مون کي ننڍڙن ڇيلن کي هنج ۾ ڪري ٻڪرين جي ڌڻ سان جهنگ ۾ وڃڻ ۾ لطف ايندو آهي. مون ۾ تنهنجي وڏ گهراڻين راڻين جي ڪا به خاصيت ڪانهي. انهن کي نازڪ  طعام وڻن ۽ منهنجو کاڄ ٻير ۽ جهنگ  جو ڦل آهي. هو جواهر ڳچيءَ ۾ پائين ۽ مان ڳاڙهن مڻين جو هار پائي،  خوش  ٿي ٿيان. هو نرم بسترن تي سمهن ۽ آءُ ٿڌيءَ واريءَ تي ليٽي پوان. هنن جي اڱڻ ۾ نوڪر ڇڻڪار ڪري، دز کي وهارين ۽ مون کي مينهن جي بوندن مان مزو اچي. هو پائين پٽ پٽيهر ۽ آءُ پايان کهُري کاڌي. هو دهل ۽ بانسري  ٻڌي دل وندرائين ۽ منهنجي روح کي ٻڪرين جي ٻاڪر وڌيڪ مٺي ٿي لڳي.“

عمر وراڻيس ته ”مان توکي دنيا جو بهترين باغيچو ٺهرائي ڏيندس، جنهن ۾ سونا شمعدان لٽڪيل هوندا، جنهن ۾ انگور، کجور، ڪيلا، ليما، انجير ۽ سنگتڙا، ناريل ۽ بادام هوندا ۽ سارو باغيچو ايلاچي ۽ صندل جي خوشبوءِ سان واسيل هوندو.“

مارئي انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي جواب ڏنو، ”عمر بادشاهه! اهي سڀ نعمتون ٻين لاءِ رک، مون کي منهنجا کليل ميدان ۽ ماٿريون، جي منهنجي ڳوٺڙي جي چوڌاري  پکڙيل آهن ۽ اُهي ڪانڊيرا ۽ ڏيلهن جا ٻوٽا انهن ٽڪرين تي ۽ جهنگ  جا ٻير ۽ ميوا مون کي موٽائي ڏي.“

عمر گهڻيون ئي راتيون مارئيءَ کي ريجهائي ۽ هن جي قرب حاصل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، مگر هن تي نڪي  عمر جي آزين نيزارين جو، نڪي دڙڪن ۽ ڌمڪين جو ڪو اثر ٿيو. هڪڙي ڏينهن عمر، شهر کان ڪجهه ميل دور هڪ جهوپڙي ٺهرائي ۽ ڌنارن کي حڪم ڪيائين ته پنهنجو مال ان جي چوڌاري چارين ته من مارئيءَ جي روح کي اهو منظر ريجهائي ۽ اُن کي ڏسي من مرڪي. مگر مارئي انهن کي ڏسي ڌڪار مان کلي ۽ چيو: ”ادا عمر، تنهنجي ساري  محنت رائگان وئي. ٻڪريون اُهي آهن ۽ جهوپڙي به منهنجي ڳوٺ جهڙي آهي، مگر ان ۾ منهنجا مائٽ آڻي ويهارين ها ۽ ٻڪرار منهنجو پرين، کيت هجي ها، ته انهن کي ڏسي دل باغ بهار ٿئي ها!“

هڪ ڏينهن، عمر بادشاهه، هڪڙي جت کي حڪم ڪيو ته ملير جي ڪڙمين جهڙي پوشاڪ پائي اچي ۽ مارئيءَ کي چوائي موڪليائين ته سندس ڳوٺ کان هڪ قاصد  سندس مائٽن وٽان نياپو کڻي آيو آهي ۽ سندس ڪمري  ۾ اچڻ جي اجازت گهري ٿو. مارئيءَ اجازت ڏني، جڏهن هو اندر داخل ٿيو ته چيائين ”تنهنجي ماءُ مون کي توڏانهن موڪليو آهي ۽ هن جو سنيهو ڌيان سان ٻُڌ . هن جو توڏانهن پيغام آهي ته”منهنجي ڌيءُ، تو ڇو پنهنجي هٺ ۽ ضد جي ڪري عمر بادشاهه، کي ڪاوڙايو آهي. ساري جڳ کي خبر پهچي چڪي آهي ته هو توکي ڀڄائي محلات ۾ وٺي ويو آهي. پوءِ ڀلي کڻي تون باعصمت رهين، ته به ساري دنيا توکي ستي نه سمجهندي. تنهنڪري هن جو پيار نه موٽاءِ “ مگر مارئي هيءَ اٽڪل سمجهي  وئي ۽ جيئن ئي هن تيز نظر سان هن ڪوڙي قاصد کي ڏٺو ته هو هيسجي ويو. مارئيءَ  ڪاوڙ مان چيو ”ڇانجو پيار؟ هتي ڪو پيار ڪونهي، پر پيار اهو آهي، جيڪو قدرت ڪنهن جي دل ۾ ٻئي لاءِ پيدا ڪري. منهنجي مائٽن مان ڪو به اهڙو نياپو، مون ڏي ڪونه موڪليندو. اهو نسورو ڪوڙ آهي، جو توکي لب آڇي چَوَ رايو ويو آهي.“ جڏهن عمر جي اها رٿ به ناڪامياب ٿي،
 

 

مارئي

 تڏهن ڪاوڙ مان محلات مان ٻاهر نڪتو ۽ پڪو پهه ڪيائين ته مارئيءَ جي مائٽن کان ۽ سندس مڱيندي کان وير وٺي. پر پوءِ ڪجهه وقت لاءِ مارئيءَ کي مهلت ڏنائين. 

انهيءَ وچ ۾ مارئيءَ جي سرتين کان سندس مائٽن کي خبر پئي ته هوءَ ڪهڙيءَ طرح کڄي وئي ۽ پوءِ جڏهن پتو پين ته ان ڏوهه جو ڏوهاري خود عمر ڪوٽ جو بادشاهه عمر  آهي، تڏهن ان جي آزاد ڪرائڻ جو خيال لاهي ڇڏيائون ۽ سمجهيائون ته هوءَ بادشاهه جي محبت جي ڄار ۾ ڦاسي ۽ شاهي محلات جي رونق تي موهجي پئي هوندي.

مارئيءَ جي قرب جو فراقيل کيت، پيرين پيادو هن جي ڳولا ۾ عمر ڪوٽ اچي پهتو ۽ ڏهاڙي نااميديءَ جي حالت ۾ هن جي محلات جي چوڌاري پئي ڦيرا ڪيائين. هڪ ڏينهن مارئيءَ هن کي دريءَ مان ڏسي ورتو ۽ اٽڪل سان هن ڏانهن نياپو ڏياري موڪليائين ته فلاڻي مشهور ٽڪاڻي وٽ، فلاڻي ڏينهن تي تکي اُٺ سان تيار بيٺو هن جو. هڪ دفعي جڏهن عمر بادشاهه مارئيءَ کي ڏسڻ آيو، تڏهن مارئيءَ هن سان وعدو ڪيو ته جيڪڏهن منهنجي مائٽن ۽ ڳوٺ وارن منهنجي  سار نه لڌي ۽ هنن مون کي ٻارهن مهينن ۾ نه ڇڏايو ته پوءِ  آءُ هميشه لاءِ تنهنجي ٿينديس. انهيءَ واعدي جي بهاني هن کي مندر ڏانهن وڃڻ جي اجازت ملي وئي ۽ انهيءَ ڏينهن جڏهن کيت کيس ملڻ لاءِ اچڻو هو،  مارئي ۽ سندس ساهيڙيون وڳا ويس ڪري، گڏجي مندر ڏانهن پرارٿنا لاءِ هليون، اتي پهچڻ سان پالڪين مان لهي، هڪ ٻئي سان کلنديون ۽ دل وندرائينديون پئي ويون ۽ هنن جو ڌيان  انهيءَ غريب جت ڏانهن اصل نه ويو، جيڪو اُٺ وٺيو ڀر ۾ بيٺو هو ان جي ويجهو لنگهيون ته مارئي پنهنجن ساهيڙين کان پاسو وٺي ڊوڙي  وڃي ان ويٺل  اُٺ وٽ پهتي. کن ۾ هوءَ ۽ اوٺي (سندس مڱيندو کيت) ٻئي ٽِپ ڏيئي اٺ تي سوار ٿيا، اُٺ کڙو ٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو ملير  ڏانهن رخ رکيائين. ڇوڪرين  پٺيان وٺي واڪا ڪيا ”مارئي، هي ڇا ٿي ڪرين؟ ڇو هڪ ڌارئي ماڻهوءَ سان اُٺ تي سوار  ٿي وڃين ٿي؟“ مارئيءَ وراڻي ڏني ته” عمر کي وڃي چئو ته مون کي اُٺ تي کڻي آيو هئين، اڄ آءُ وري اُٺ تي چڙهي پنهنجي ملڪ وڃي رهي آهيان.“

ڇوڪريون موٽي اچي پنهنجين پالڪين ۾ ويٺيون ۽ گهر پهچي عمر کي سڄي حقيقت  ٻڌايائون. عمر سومري، رعيت جي ڊپ کان مارئيءَ جي آڻڻ لاءِ لشڪر  نه موڪليو ته متان سندس ماڻهو کيس مهڻو ڏين ته اسان کي نصيحت ٿو ڪري ته ظلم نه ڪريو ۽ خود پاڻ بي گناهه ماڻهن سان ظلم پيو ڪري. اهڙيءَ ريت مارئي صحيح  سلامت پنهنجي ڳوٺ پهتي، جتي وڃي پنهنجي سوٽ کيت سان لائون لڌائين ۽ ان کان پوءِ ٻيئي باقي حياتيءَ جا ڏينهن خوش سان گهارڻ لڳا. 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org