سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

باب: -

صفحو:14

13- شهزادو امل ماڻڪ ۽ شهزادي حسيني

ڪنهن زماني ۾، چين ولايت ۾، هڪڙو بادشاهه هو، جنهن کي لالو سڏيندا هئا. هڪ ڏينهن هن پنهنجي وزير  صيفل  کي سڏايو ۽ چيو ته: ”مون وٽ دنيا ۽ دولت  جي ڪا به ڪمي ڪانهي، پر افسوس جو مون کي اولاد ڪونهي.“ پوءِ وزير کي وڏو خزانو ڏيئي حڪم ڪيائين ته تون پڙهو گهماءِ ته جيڪو به ڌڻيءَ جي درگاهه مان مون کي پٽ  وٺي ڏيندو، انهيءَ کي آءُ پنهنجو خزانو ڏئي ڇڏيندس. اهو حڪم ٻڌي، وزير ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهو ڍنڍ ورو ڦيرايو. آخر اهو ڍنڍورو هڪ ڏينهن ڪنهن فقير جي ڪن تي وڃي پيو، جو هلي وزير وٽ ويو ۽ هن کي رک جي چپٽي هٿ تي رکي چيائين ته : ”جيڪڏهن بادشاهه هيءَ  خاڪ جي چپٽي پاڻيءَ جي پياليءَ ۾ وجهي، پنهنجي دل گهريءَ  راڻيءَ کي پياري، ته هن کي خدا جي مهرباني  سان ضرور  پٽ پيدا ٿيندو، پر انهيءَ ڇوڪري جو نالو : امل ماڻڪ، رکجو، جڏهن امل ماڻڪ وڌي جوان ٿيندو ته هن ۾ 33 صفتون هونديون. هو هڪ سياڻو انسان ۽ اعليٰ گهوڙيسوار  ٿيندو. جڏهن تعليم  مڪمل ٿئيس ته بادشاهه کي گهرجي  ته هن کي مون وٽ آڻي حاضر  ڪري.“ وزير بادشاهه جي پاران فقير سان وعدو ڪيو ته جيئن اوهان چيو آهي تيئن ضرور ڪبو. ان کان پوءِ فقير کان چپٽي رک جي وٺي،  بادشاهه وٽ کڻي آيو.

خدا جي مهربانيءَ سان فقير جي اڳڪٿي پوري ٿي. جڏهن ڇوڪرو بالغ ٿيو، تڏهن صيفل وزير بادشاهه کي عرض ڪيو ته: ”بادشاهه سلامت! اوهان جي رضا سان، مان شهزادي کي فقير سان ملائڻ وٺي تو وڃان.“ لالو بادشاهه  اها ڳالهه مڃي ۽ ڪيترائي گهوڙيسوار سپاهي شهزادي سان گڏ موڪليا ۽ ٻه گهوڙا جواهرن سان سنجيل ۽ وڏو خزانو سون ۽ رپي جو ۽ اُچا ويس وڳا پڻ فقير لاءِ سوغات طور وزير هٿان ڏياري موڪليائين.

فقير شهزادي جو چڱو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ آڌيءَ رات جو هن کي جاڳائي  پنهنجو ۽ شهزادي جو ويس مٽائي، هڪ بادشاهه جي ملڪ ۾ وٺي ويو، جنهن کي ”گل  آستان“ چوندا هئا. هو پوءِ پنهنجي رهڻ جو بندوبست  ڪري سارو شهر گهمڻ نڪتا ۽ ڳوليندي آخر  هڪ گهٽيءَ  ۾ پهتا، جتي بادشاهه ٿي رهيو. هنن محلات  جي درين مان ڏٺو ته اهو محلات اندران تمام گهڻو روشن ٿي نظر آيو. فقير شهزادي کي محلات کان تڪڙو وٺي وڃي ها، پر شهزادي هن کي زور ڪيو ته اُتي ٿورو ترسي ته جيئن محلات جي روشنائي جو نظارو چڱيءَ طرح ڏسي سگهي.

اوڏيءَ مهل هڪ ٻانهي ٻه بدلا هڪ سون جو ۽ ٻيو چانديءَ جو، کڻي آئي. شهزادي ۽ فقير کي ڏسي،  چيائين ته: ”توهين ڪير آهيو جو هن وقت رات جو درين مان بادشاهه جي محلات ۾ ليا پائي رهيا  آهيو. بهتر آهي ته توهين هتان جلدي هليا وڃو، نه ته چوڪيدار توهان کي جهلي، بادشاهه وٽ وٺي ويندو  ۽ ڏاڍي سزا ملندو.“

فقير جواب ڏنو ته: ”اي مائي، اسين ڏور ڏيهه کان آيا آهيون ۽ واٽ منجهي پيا آهيون. اسان کي ته خبر به ڪانه هئي ته هي ڪو شاهي محلات آهي. مهرباني ڪري اسان کي ڏس ڏي ته مسجد  ڪٿي آهي، ته اسين وڃي اُتي  آرامي ٿيون.“

ٻانهيءَ جواب ڏنو ته: ”توهان کي  مسجد جو ڪهڙو ضرور آهي؟ اتي ته فقير سمهڻ ويندا آهن، پر توهان ته ڏسڻ ۾ امير ماڻهو ٿا اچو.“

شهزادي وچ ۾ پئي، مائي کان پڇيو ته: ”اي موچاري عورت! خدا جي واسطي ٻڌاءِ ته هيءَ روشني ڇاجي آهي ۽ انهيءَ جي معنيٰ ڇا آهي؟“ ٻانهيءَ جواب ڏنو ته اها روشني  شهزادي حسيني نالي هڪ پريءَ جي حسن جي آهي. هوءَ  پنهنجي غسلخاني ۾ ويٺي آهي ۽ جنهن مهل هوءَ پنهنجا ڪپڙا لاهيندي آهي ته هن جي جسم جي چمڪ ۾ سارو محلات روشن ٿي ويندو آهي.

فقير ۽ شهزادي اها ڳالهه ٻڌي ٻانهيءَ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ موٽي گهر آيا، جتي پنهنجي منزل  ڪئي هئائون. رستي تي، شهزادي عرض ڪيو ته: ”اي بزرگ سائين!  ”توهان جي علم ۽ عقل  جي ته حدئي  ڪانهي. مان وينتي ٿو ڪريان ته مون کي انهي پري  شهزادي حسينيءَ سان شادي ڪرايو.“ فقير وراڻيو ته: ”منهنجا  پٽ! خدا اڳ ۾ انهيءَ جي ٻانهن توکي ڏئي ڇڏي آهي.“

ٻئي ڏينهن صبح جو، شهزادي فقير کان گهر موٽي هلڻ جي اجازت گهري. هن گهر پهچي پنهنجي پيءُ بادشاهه کي عرض ڪيو ته: ”بابا سائين! مهرباني ڪري منهنجي شادي حسيني  پريءَ سان ڪرايو، جا هڪ نهايت عجيب محلات ۾ ٿي رهي ۽ هن جي سونهن ۽ سوڀيا جي ڪا حدئي نه آهي. انهيءَ کان پوءِ هو بادشاهه کي تفصيل  سان ٻڌائڻ ويٺو  ته جڏهن هوءَ وهنجڻ ٿي ويهي تڏهن سندس جسم جو حسن اونداهيءَ رات ۾ به محلات کي ورشن  ڪيو ڇڏي. بادشاهه تنهن تي چيس ته: ”منهنجا پٽ! منهنجي تمنا آهي ته تون پنهنجي سئوٽ سان شادي ڪر، مگر شهزادي انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي بي صبريءَ سان جواب ڏنو ته: ”مان  يا ته شهزادي حسينيءَ سان شادي ڪندس، يا ته ساري ڄمار ڪنهن سان به شادي ڪونه ڪندس. جيڪڏهن توهان مون کي آڏو ايندا ته مان هميشه لاءِ توهان کي ڇڏي هليو ويندس. بادشاهه نرميءَسان جواب ڏنس ته: ”منهنجا پٽ! اجايو ڇوٿو ڪاوڙجين، جيڪڏهن تون هن جي عشق ۾ ڦاٿل آهين ته مان بيشڪ توکي شهزادي حسينيءَ سان شادي ڪرائيندس.“

تنهن کان پوءِ صيفل وزير کي بادشاهه حڪم ڏنو ته وڃي گلستان بادشاهه کان سندس ڌيءَ حسينيءَ جو سڱ گهري. وزير، بادشاهه جي ملڪ ۾ ويو ۽ گلستان  کي وڃي چيائين ته جيئندا قبلا! لالو بادشاهه منهنجي آقا، توهان جي نياڻيءَ شهزادي حسينيءَ جي ٻانهن جي گهر پنهنجي پٽ شهزادي امل ماڻڪ لاءِ ڪئي آهي.“

بادشاهه گلستان جواب ڏنو ته: ”توهان ڀلي ڪري آيا، پر منهنجي ڌيءَ هاڻي عاقل بالغ آهي، مون کي هن کان ضرور پڇڻ گهرجي ته هوءَ راضي آهي يا نه. جيڪڏهن هوءَ راضي آهي ته مان هن کي ڪونه روڪيندس.“

پوءِ بادشاهه گلستان، شهزادي حسينيءَ وٽ ويو ۽ لالو بادشاهه جي آڇ جو احوال  ٻڌايائينس، جنهن تي هن جواب ڏنو ته ”بابا سائين، مان اوهان کي پنهنجو ڪعبو  ۽ قبلو ٿي سمجهان، مان شهزادي سان هڪ شرط تي شادي ڪرڻ لاءِ  تيار آهيان ته اسين ٻئي ڌار ڌار محلاتن ۾ رهنداسون. جيڪڏهن هن کي مون سان ڳالهائڻو هوندو ته هو ٻانهيءَ کي چوندو ۽ اها جڏهن مون کان اجازت وٺندي، تڏهن مون سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.

بادشاهه شهزاديءَ جو شرط وزير کي ٻڌايو، جنهن ٿورو سوچي جوا ب ڏنو ته: ”چڱو ، مون کي شهزاديءَ پاران اهو شرط قبول آهي.“  هن دراصل ائين سمجهيو ته شادي ڪرڻ کان پوءِ شهزادي انهيءَ شرط تي ڪو به ضد ڪونه ڪندي.  پوءِ وزير اهو جواب وٺي موٽي بادشاهه وٽ پهتو ۽ کيس سارو احوال ڪري ٻڌايائين.

لالو بادشاهه، شهزادي کان پڇيو ته: ”شهزاديءَ جي انهيءَ شرط تي هلي سگهندين؟“ شهزادي جواب ڏنو ته: ”مان ڇا ڪريان، وزير ته اڳ ئي اهو قبول ڪري آيو آهي.“

ان کان پوءِ لالو بادشاهه وڏيون تياريون ڪيون ۽ پنهنجي پٽ کي وڏي شان شوڪت سان گلستان جي ملڪ ۾ موڪليائين،  جتي هن جو ڏاڍو آدرڀاءُ ٿيو ۽ حسيني سان هن جي شادي ڪرائي وئي. ڪجهه ڏينهن خوشيون ۽ جشن جاري رهيا ۽ انهيءَ کان پوءِ شهزاديءَ کي پنهنجي پيءُ  جي ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اڳ ۾ ڪيل وعدي مطابق  ڌار ڌاري محلات ۾ رهڻ لڳا ۽ جڏهن شهزادي ۽ شهزاديءَ کي پاڻ ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه ڪرڻي هوندي هئي ته ٻانهيءَ جي معرفت  ڪندا هئا، جا هنن جا نياپا هڪڙي محلات کان ٻئي محلات  تائين کڻي ويندي هئي.

هڪ ڏينهن شهزادو امل ماڻڪ شڪار تي نڪتو ۽ هن سان گڏ ٻيا سوار ڪافي اڳتي نڪري ويا ۽ هڪڙي نيري ڍڳي  کي نيزي جو نشانو ڪيائون، ۽ جڏهن شهزادو شڪار ڪري گهر ڏانهن موٽيو ٿي ته رستي تي پنهنجي ماڻهن سان ڳالهيون ٻولهيون ڪندو ٿي آيو ته هن کي هڪ فقير گڏيو جنهن هن کي چيو: ”شهزادا سائين! مون کي توسان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي.“ شهزادو، فقير کي هڪ گهوڙي  تي چاڙهي پنهنجي محلات ۾ وٺي آيو. اتي پهچڻ کان پوءِ هن کان پڇيائين ته: ”اي بزرگ سائين! توهان کي مون سان ڪهڙي ڳالهه ڪرڻي آهي.“

فقير جواب ڏنس ته: ”شهزادي حسيني، جنهن سان تو شادي ڪئي آهي، اها هڪڙي ديو سان عشق ۾ ڦاٿل آهي، باغيچي ۾ رهندو آهي، انهيءَ باغيچي کي بستي باغيچو چوندا آهن، هر وسپت جي ڏينهن شهزادي ”حسيني پپر جي وڻ ۾پنهنجي ٻانهين سميت اڏامي ”بستي باغيچي“ ۾ پهچائي ڇڏيندو آهي. مان توکي جادوءَ  جي هڪ ٽوپي ڏيندس، جا توکي پائڻ کان پوءِ ماڻهن جي نظر کان الوپ ڪري ڇڏيندي، تون انهيءَ ٽوپيءَ کي پائي ايندڙ خميس ڏينهن شام جو شهزاديءَ  جي محلات ۾ وڃج، هوءَ انهيءَ وقت وهنجندي آهي ۽ وهنجڻ کان پوءِ هوءَ هڪڙي غاليچي  تي ويهي ۽ پنهنجا سون ورنا  وار سڪائيندي آهي. تون به انهيءَ غاليچي تي هن جي ڀر ۾ ويهي رهج، هوءَ توکي ڪانه ڏسي سگهندي. وارن سڪائڻ کان پوءِ هوءَ قيمتي  زيورن سان پاڻ کي آرائسته ڪندي ۽ مشڪ عطر سان پاڻ کي معطر ڪندي. ٻانهن ۾ چوڙيون ۽ پيرن ۾ پازيب ۽ عاليشان پوشاڪ پائي تيار ٿيندي. انهيءَ  کان پوءِ پنهنجي کاڌي  لاءِ حڪم ڪندي ۽ ماني  هن جي اڳيان رکي ويندي.  هوءَ مانيءَ کي هٿ لائي تنهن کان اڳ تون سموري ماني کائي ختم ڪري ڇڏج. جڏهن هوءَ پنهنجي  اڳيان کاڌو نه ڏسندي، تڏهن بورچيءَ کي سڏ ڪري چوندي ته: ”منهنجي ماني جلدي کڻي اچ.“  بورچي جواب ۾ چوندس ته : ”اسين هميشه توهان جي بچيل کاڌي  مان ڏهه ٻارهن ڄڻا  کائي ويندا آهيون، پر اڄ اوهان سفيد ديو جي ملاقات جي خوشيءَ ۾ سمورو  کاڌو کائي ختم ڪري ڇڏيو، ۽ هاڻي ٻيو ٿيون طلب ڪريو. حسيني، بورچيءَ جي حاضر جوابي تي اهڙي شرمندي ٿيندي جو چوندي ته چڱو  ڀلا تڪليف نه ڪر، مون کي پپر جو وڻ آڻي ڏي، هاڻي انهيءَ کان اڳ جو هوءَ وڻ تي چڙهي، تون غاليچي تان اٿي وڻ تي چڙهي وڃج. شهزادي پنهنجي سرتين سان انهيءَ تي چڙهندي ۽ هن جي طلسم سان پپر جو وڻ هنن کي کڻي ست سمنڊ  پار ڪري سفيد ديو جي باغيچي ۾ پهچائيندو. اتي پهچڻ تي تون سڀني جي پٺيان هجج، ته جيئن ڀل ٻيا سڀ لهي وڃن ۽ توکي آخر ۾ لهڻ جو موقعو ملي. پوءِ سفيد ديو هنن کي کيڪاري پنهنجيءَ محلات ۾ وٺي ويندو جتي ٻيون سئو کن پريون پيون ناچ ڪنديون هونديون. سفيد ديو  حسينيءَ کي چوندو ته: ”جيڪڏهن تون اڄ هنن سئو پرين بدران ناچ ڪندينءَ  ته مان توسان ايندڙ خميس تي شادي ڪندس.“ شهزادي انهيءِ آڇ تي راضي ٿي ويندي ۽ ناچ جو گهگهرو پائي ديو جي اڳيان نچڻ لڳندي. جڏهن هوءَ ناچ ختم ڪندي ته ديو هن کي نو لکو هار ڏيندو. پوءِ تون اهو هار چورائي پنهنجي سٿڻ جي ور ۾ لڪائي ڇڏج. وري جڏهن ٻيهر  نچندي ته ديو کيس جواهرن جو چوغو ڏيندو، تون اهو به چورائي پنهنجي چيلهه سان ٻڌي ڇڏج. وري ٽيون دفعو به نچندي ۽ ديو هن دفعي هن کي نو لکي نٿ ڏيندو، اها به چورائي اڳٺ ۾ ٻڌي ڇڏج، ۽ پوءِ پپر جي وڻ جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃج. ٿوريءَ دير بعد شهزادي ديو کي خدا حافظ چوندي ۽ پنهنجي ساهيڙين  سان گڏجي وڻ تي چڙهندي . پپر توهان سڀني کي کڻي آڻي توهان جي شهر ۾ پهچائيندو، اتي وڻ تان لهي پنهنجي محلات  ڏانهن وڃج. شهزادي ۽ هن جون سرتيون پنهنجي گهر وينديون ۽ شراب پي انهيءَ ۾ الوث ٿي سمهي پونديون ۽ سج چڙهئي اٿنديون. شهزادي جڏهن هار، جواهرن سان جڙيل چوغو ۽ نٿ جيڪي ديو هن کي انعام طور ڏنا هئا نه ڏسندي ته ٻانهين کي ڌمڪائيندي  ۽ کين ڏوهاري ٺهرائيندي، مگر ٻانهيون صاف اظهار ڪنديون ته اسان کي انهن شين جو ڪو  به علم ڪونهي ۽ پنهنجي معصوميت جي اقرار کان پوءِ، شهزاديءَ کي مشورو ڏينديون ته هوءَ توهان وٽ اچي. هوءَ انهيءَ مشوري تي راضي ٿيندي  ۽ سڀني سان گڏجي تو وٽ محلات ۾ ايندي، جڏهن تون هن کي ايندو ڏسين تڏهن منهن تي چادر وجهي کونگهرا هڻڻ شروع ڪج، شهزادي لڪي تنهنجي هنڌوٽ ايندي، ۽ ائين وسهندي ته تون سچ پچ سمهيو پيو آهي ته اهو موقعو تولاءِ نهايت موزون آهي. پوءِ تون يڪدم هنڌ مان ٽپ ڏيئي، شهزاديءَ کي جهلي هن جا پر وڍي وٺج، جنهن کان پوءِ هوءَ اڏامڻ کان بيڪار بنجي هميشه لاءِ تنهنجي ٿي رهندي.

ٻيءُ خميس تي، شهزادي امل ماڻڪ ائين ڪيو، جيئن فقير هن کي صلاح ڏني هئي. هن اها آلوپ ٽوپي پاتي ۽ شهزادي حسينيءَ سان گڏجي پپر جي وڻ تي ديو جي محلات ۾ وڃي، موٽي آيو.

ٻئي ڏينهن صبح جو، شهزادي حسيني پنهنجن ٻانهين سان گڏجي شهزادي وٽ وئي، شهزادو مکر ڪري کونگهرا هڻڻ لڳو، شهزاديءَ نرمي سان چيو ته اهو به زمانو هو، جڏهن تون مون سان ڳالهائڻ لاءِ سڪندو هئين ۽ هاڻي جڏهن مان تو وٽ آئي آهيان ته تون پيو کونگهرا هڻين. شهزادو هن جي اکرن تي موهجي پيو ۽ هڪدم چيائين ته مون هڪ خواب ٻئي لڌو. اهو جواب ٻڌي، شهزاديءَ  زور ڀريس ته مهرباني ڪري مون کي پنهنجو خواب ٻڌاءِ . شهزادي وراڻيو ته مون خواب ۾ ڏٺو ته تون وهنجي پنهنجا سونهري وار پيئي سڪائين ۽ سڪائڻ کان پوءِ تو اُچا  ڪپڙا ۽ زيور پاتا تنهن کان پوءِ پنهنجي لاءِ مانيءَ جي گهر ڪئي ۽ مان جو تنهنجي ڀر ۾ ويٺو  هوس، سو سموري ماني کائي ختم ڪري پيو ڇڏيان، پوءِ مان، تون ۽ تنهنجون ٻانهيون سڀ پپر جي وڻ تي چڙهي ٿا ويهون ۽ وڻ هوا ۾ اُڏائي اسان سڀني کي کڻي ”بستي باغيچي“ ۾ آڻي ٿو پهچائي، جتي سفيد ديو ٿو رهي، انهيءَ ديو توکي پنهنجي اڳيان ناچ ڪرايو ۽ انهيءَ توکي هڪ هار، هڪ موتين جڙيل چوغو ۽ نولکي نٿ ڏني، اهي ٽيئي شيون تو منهنجي حوالي ڪيون، جي هينئر به مون وٽ موجود آهن.“

”منهنجا شهزادا“ نهايت ئي نرم لهجي ۽ شهزاديءَ چيو: ”مهرباني  ڪري اهي سمورا  زيور مون کي موٽائي ڏي.“ ”مگر هي ته رڳو هڪ سپنو هو.“ شهزادي کلي چيو: ”ڪيئن توکي موٽائي ڏيان.“

شهزاديءَ بيحد ليلايو ۽ ڳراٽڙيون پاتائين ۽ اٽڪل سان ريهي ريبي شهزادي کي اهڙو نرم ڪري وڌائين، جو نيٺ هن ديو جون ڏنل سوکڙيون ڪڍي ڏيکاريس. شهزادي جهٽ هڻي، هن جي هٿ مان ڦري هوا ۽ اُڏامي غائب ٿي ويئي.  اهو حال ڏسي، وڏيءَ مايوسيءَ  ۾ گهيرجي ويو. آخر شهزادي جي مايوسيءَ جي خبر فقير جي ڪنن تي وڃي پهتي، ۽ هو هڪدم وٽس هلي آيو ۽ چيائيس ته: ”جيئن مون توکي چيو هو، تو ائين نه ڪيو، جڏهن تو هن جا پَرَ  ڪپيا ته ڇا ٿيو؟“ شهزادي ارمان مان جواب ڏنو ته: ”ته، مون کان هن جا پَرَ  ڪپڻ وسري ويا ۽ هوءَ هڪدم اڏامي هلي وئي. مهرباني ڪري هاڻي ٻڌايو ته مان ڇا ڪريان؟  فقير جواب  ڏنو ته:”تنهنجي پيءُ جي طنبيلي ۾ هڪ سامونڊي گهوڙو آهي سان جڙيل سنج وجهه، لغام ۽ خرزين  ۾ هيرا ۽ موتي ڀرينس،  ۽ پوءِ واسريءَ  ۾ ٽن مهينن جي سفر جيتري رقم وجهي ۽ سفيد ديو جي تلاش ۾ نڪري پو.“

شهزادي، فقير جي چوڻ موجب ڪيو. هو پيءُ جو سامونڊي گهوڙو سنجي، سوار ٿي نڪتو  ۽ ست سمنڊ لتاڙي،  آخر هڪ وڏي جهنگ  ۾ اچي نڪتو. ٻيلي ۾ هن هڪ شينهڻ  ڏٺي، جا هڪ وڏي ڪنڊي لڳڻ ڪري منڊي ٿي پيئي هئي، هن جڏهن شهزادي کي ڏٺو تڏهن کيس سڏ ڪري چيائين: ”اي انسان جا ٻچڙا! خدا جي واسطي منهنجي پير مان هيءُ ڪنڊو ڇڪي ڪَڍُ “ شهزادي جواب ڏنس ته: ”مون کي خطرو آهي ته جيڪڏهن مان توکي ويجهو ايندس ته تون مون کي ماري وجهندينءَ.“ پوءِ شينهڻ يقين ڏنس ته:”حضرت محمد صلي الله عليه واله وسلم منهنجو شاهد آهي ته مان توکي ڪو به ايذاءُ نه رسائيندس.“

اهو جواب ٻُڌي، شهزادو گهوڙي تان لٿو ۽ الله جو آسرو ڪري، شينهڻ  جي ويجهو وڃي، هن جي پير مان ڪنڊو ڪڍيائين. شينهڻ سور کان گجگوڙ ڪئي، پر شهزادي کي ذرو به ڪونه ايذايائين. هن جي گجگوڙين تي، سندس ٻيئي ٻچا  ڊوڙي ويجهو آيا ۽ ڪاوڙ مان چوڻ لڳا ته : ”آدم جا ٻچا! توکي ڪهڙي کٽيءَ کنيو آهي جو اسان جي غار ۾ گهڙي، اسان جي ماءُ کي ايذاءُ پهچائين ٿو؟“  مگر شينهڻ هنن کي تسلي ڏني ته ائين نه آهي. هن ته پاڻ مون کي وڏي درد کان ڇُٽايو آهي. انهيءَ ڀلائيءَ جي عيوض ۾، مان توهان ٻنهي کي هن جي حوالي ٿي ڪريان ته توهان هن جا خادم ٿي رهو ۽ هن کي جننن ، ديون، پرين ۽ ٻين خوفناڪ جانورن ۽ نانگن کان حفاظت ۾ رکجو، هن کي کاڌي لاءِ هرڻ ۽ ڦاڙها ماري ڏجو. نه رڳو ايترو، مگر ضرورت وقت هن جي جان جي حفاظت خاطر پنهنجي جان قربان ڪرڻ ۾ به اصل نه ڪيٻائجو.“

شينهڻ جي ٻچن ماءُ جي حڪم پوري ڪرڻ جو وعدو ڪيو ۽ شهزادي جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. شهزادو جڏهن سامونڊي گهوڙي تي سوار ٿي هلندو هو، تڏهن شينهڻ جا ٻيئي، ٻچا سندس بچاءَ ۾ ٻنهي پاسن کان گهوڙي جي رفتار سان ٻٽ هلندا هئا.

هلندا هليا، آخر هو هڪ ڏينهن هڪ وڏيءَ ڍنڍ وٽ اچي پهتا، جنهن جي ويجهو هڪ محلات هو، جنهن جي در وٽ ڪي سون ۽ چانديءَ جا ڏاڪا  هڪٻئي پٺيان پاڻيءَ جي ڪناري تائين ٿي پهتا. شهزادي، شينهن کي چيو ته هي محلات  ضرور ڪنهن پريءَ جو هوندو. شينهن نهايت نوڙت سان شهزادي کان ان محلات ۾ اندر وڃڻ جي اجازت گهري.

شهزادي گهوڙي تان لٿو. گهوڙي کي وڻ سان ٻڌي، ڏاڪا چڙهيو. هڪ شينهن سندس اڳ ۾ هو ۽ هڪ پٺيان جڏهن شهزادو محلات جي در مان اندر گهڙيو ته هڪ سهڻي ڇوڪري، شهزاديءَ جي  لباس ۾ اندرئين ڪمري ۾ ڏٺائين. شهزاديءَ اُتي يڪدم دروازو بند ڪيو. ”در کول.“ شهزادي  وڏي آواز ۾ کيس چيو. مگر ڇوڪريءَ جواب ڏنو ته: ”هتان ڀڄي وڃ، جيڪڏهن پنهنجيءَ جان جو خير گهرندو هجين. ديو هاڻي هتي پهچڻ وارو آهي.“ شينهن رڙ ڪري ڌمڪي ڏنيس ته: ”جيڪڏهن تو دروازو نه کوليو ته اسين ان کي ڀڃي  تختو تختي کان جدا ڪري ڇڏينداسون.“ پوءِ شهزاديءَ  جواب ڏنو: ”چڱو ڀلا!“ ائين چئي هن دَرُ کوليو ۽ اندرئين ڪمري مان نڪري، ٻاهر ورانڊي ۾ هڪ ڪوچ تي ٿي ويٺي. شهزادو سندس ڀر ۾ ٿي ويٺو. ڇوڪريءَ پڇيس ته: ”اي جوان، توکي ڇا گهرجي؟“  شهزادي جواب ڏنو ته: ”مان شهزادي حسينيءَ کي ڳولي رهيو آهيان. هوءَ منهنجي زال آهي ۽ مون وٽان ڀڄي، سفيد  ديو وٽ، هن جي ملڪ ۾ وڃي لڪي آهي.“ ڇوڪريءَ ٻڌايس ته: ”ادي حسيني  ته منهنجي ڀيڻ آهي.“ پوءِ دور بيني هن جي هٿ ۾ ڏئي، چيائين ته: ”هو ڍنڍ  جي ڪناري تي پپر جو وڻ توکي ڏسڻ ۾ اچي ٿو؟  اڄ خميس جي رات آهي، حسيني سڀاڻي  صبح جو پنهنجي ٻانهين سان گڏجي  ايندي ۽ هو انهيءَ ڍنڍ  ۾ ڪپڙا لاهي تڙڳنديون. جنهن مهل هو پاڻيءَ  ۾ اندر گهڙنديون، ان وقت تون حسينيءَ جا ڪپڙا کڻي وٺج، پوءِ هوءَ تنهنجي رحم ۽ ڪرم جي محتاج ٿي پوندي.“

ائين چئي ڇوڪريءَ، شهزادي کي موڪل ڏني. ٻيئي شينهن ۽ شهزادو گڏجي  ڍنڍ جي ڪپ تي، پپر جي وڻ هيٺان وڃي پهتا، جتي شينهن ، شهزادي کي آرام ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ پاڻ ٻيئي چوڪيءَ تي ٿي بيٺا، شهزادي کي جلدي ننڊ کڻي وئي.

صبح سوير  شهزادو، پرن جي ڦڙڪڻ جي آواز تي جاڳيو. شينهن ٻڌايس ته پريون اچي ويون آهن. شهزادو خاموش رهيو جيئن ئي پرين ڪپڙا لاٿا ۽ پاڻيءَ ۾ گهڙي  پيون، تيئن شهزادي شينهن کي چيو ته: ”حسينيءَ جي ڪپڙن تي لامارو هڻو.“ هنن ائين ڪيو. شهزادو ڍنڍ  جي ڪپ تي وڃي حسينيءَ کي چيڙائڻ لڳو ۽ چيائينس ته هاڻي توکي پنهنجو جوڙ جيس مليو آهي. توکي هن دفعي چالاڪي ڪرڻ ڪين ڏيندس.

حسينيءَ ڏٺو ته هاڻي هوءَ شهزادي  جي رحم ڪرم تي آهي، ڇو ته شينهن به ڏاڍي  خوفائتي نموني ۾ ڏانهس نهاري گجگوڙون پئي ڪيون. هوءَ اڳئين وانگر وري به شهزادي کي ريجهائڻ لاءِ ويجهو ٿي ۽ چيائين ته شهزادا مون آڻ مڃي، تو مون کي شڪست ڏني آهي. پوءِ نڪ مان بولو لاهي هن کي ڏنائين ۽ چيائينس  ته ايندڙ جمعرات  سفيد ديو  جي باغ ۾ اچج، جتي توهان گهڻي ئي پريون واڱڻائي پوشاڪن ۾ ڏسندا،  جن جي هٿن ۾ سون ۽ چانديءَ  جو  ٻاثي  طلب ڪجو ۽ جيئن ئي توهان جو گهرڙوگهگهيون هونديون. توهان هنن جي ويجهو اچي کانئن  پنهنجي گهوڙي لاءِ پاڻي   پيئڻ شروع ڪري، توهان هي بولو هڪ جي گهگهي ۾ وجهي ڇڏجو. مان پوءِ بولو ڏسي ڪڍي وٺندس پنهنجي ٻانهي توهان کي وٺي آڻڻ لاءِ موڪليندي توهان ۽ پنهنجي لڪل هنڌ کان  نڪري اچجو ۽ جڏهن توهان باع جي وچ تي پهچو ته وڏي واڪي سان چئجو ته سفيد ديو  منهنجي حقيقي زال سان شادي ٿو ڪري. اهو ٻڌي سفيد ديو چوندو ته جيڪڏهن تنهنجي نڪاح ٻڌل زال آهي ته تون هن کي سڃاڻي وٺ. هو توکان پڇندو ته ان کي سڃاڻي سگهندين؟“ توهان جواب ۾ چئجو ته ”ها“ ان کان پوءِ سفيد ديو، سئو پريون هڪ قطار ۾ بيهاريندو ۽ سڀئي هو بهو مون جهڙيون هونديون. توهان کي چوندو ته مون کي ڳولي هٿ ڪر. انهيءَ مهل آءُ بولو پاتل هوندس ۽ پوءِ اوهان مون کي آسانيءَ سان سڃاڻي وٺندا.

شهزادي، حسينيءَ جي صلاح تي عمل ڪرڻ جو وعدو  ڪيو ۽ هن کي ڪپڙا موٽائي ڏنائين جا پائي اڏامي هلي ويئي.

ٻيءَ خميس تي شهزاديءَ حسينيءَ جي صلاح مطابق عمل ڪيو هن اهو بولو پريءَ هڪڙيءَ جي گهگهيءَ  ۾ وجهي ڇڏيو ۽ حسينيءَ اهو ڏسي، هڪ ٻانهيءَ کي شهزادي کي وٺڻ لاءِ موڪليو. ٻانهي اتي اچي پهتي، جتي شهزادو لڪو ويٺو هو ۽ واڪو ڪري چيائينس، ”جلدي ڪري هڪ اتي شادي ٿي ٿئي.“ شهزادو ٻانهيءَ سان گڏجي وچ باغيچي ۾ اچي پهتو ۽ بلند  آواز سان پڪاري چيئاين ته: ”سفيد ديو منهنجي حق ٻڌيءَ  زال سان شادي ٿو ڪري.“ ديو شهزادي جا اهي لفظ ٻڌي اڳتي وڌي آيو ۽ اچي چيائين ته: ”جيڪڏهن ائين آهي ته تون پنهنجيءَ زال کي سڃاڻي سگهندين؟“ شهزادي هاڪار ڪئي. تنهن کان پوءِ ديو، هڪ سئو پرين کي هڪ قطار ۾ بيهاريو، جي سڀ هوبهو هڪ  جهڙيون هيون ۽ چئن ڪنڊن تي گهوڙيسوار بيهاري ڇڏيائين ته جيئن شهزادو ڀڄي نڪري نه وڃي. شهزادي کي چيائين ته: ”مان توکي ٽي موقعا ڏيندس ۽  جيڪڏهن تو ان هوندي به ان کي سڃاڻي نه سگهين ته پوءِ مان توکي پنهنجي قلعي جي ديوار تان لٽڪائي، ڳجهين کان تنهنجو ماس کارائي ڇڏيندس.“

شهزادو امل ماڻڪ، پرين جي بيٺل قطار ڏانهن نهاريو ۽ هر هڪ کي پيرن کان وٺي مٿي تائين نهاريندو رهيو. سموريون گهڻو ڪري هڪ ئي مهانڊي جون هيون، تنهنڪري سڃاڻي نه پئي سگهيو. پر پوءِ بولي واري ڳالهه ياد پيس ۽ جڏهن ڏٺائين ته ڪنهن کي به ٻولو پيل نه هو، تڏهن بنهه نااميد ٿيڻ تي هو، مگر شينهڻ جي وڏي ٻچي اشارو ڪري چيس ته شهزادا ڊپ نه ڪر. جيسين اسين زنده آهيون، تنهنجو وار به ونگو ٿيڻ نه ڏينداسون.“ ديو هن کي ٻيو موقعو به ڏنو، مگر هن ڀيري به هو حسينيءَ  کي ڳولڻ ۾ ڪامياب ڪين ٿيو. آخر هن غمگين ٿي، شينهن کي چيو  ته: منهنجو ٻيو وجهه به ويو شينهن وري ۽ اشاري ۾ چيو ”شهزادا همت نه هار، اڃا ٽيون موقعو به آهي.“ هن ڀيري شهزاديءَ کي شهزادي تي قياس آيو ۽ يڪدم بولو  نڪ ۾ پائي بيهي رهي. جڏهن ديو ٽيون ڀيرو چيس  ته هن پرين جي قطار مان هڪ کي بولو نڪ ۾ ڏسي، خوشيءَ کان واڪو ڪري چيو ته مون حسينيءَ کي ڳولي ورتو. ٻيون سڀيئي پريون هن جي ڪاميابيءَ تي خوشيءَ مان تاڙيون وڄائڻ لڳيون ۽ ديو چيو ته:”ها، برابر شهزادي تنهنجي زال آهي، هاڻي تون هن کي ڀلي وٺي وڃ. هن سفيد ديو حسينيءَ جي ٻانهين شهزادي امل ماڻڪ کي ائين ڏني جيئن ڪو پيءُ پنهنجيءَ نياڻي ڪنهن کي پرڻائي ڏيندو آهي.

امل ماڻڪ ڪجهه ڏينهن ديو جو مهمان ٿي رهيو، ۽ پوءِ گهر ڏانهن موٽڻ جي موڪل گهريائين، جنهن تي سفيد ديو نهايت قرب سان چيس ته: ”جيترو وقت دل گهرئي اسان وٽ رهه، توهان جو آدرڀاءُ ٿيندو رهندو، مگر جيڪڏهن توهان وڃڻ چاهيو ٿا ته توهان ڀلي وڃو.“ شهزادي تانگهه ظاهر ڪئي ته هو پنهنجي پيءُ جي بادشاهت ۾ ضرور ويندو.  پوءِ سفيد ديو طرفان گهوڙيسوارن جو وڏو ڊنبلو ۽ خزاني  جو انبار ساڻ ڪري، شهزادي حسينيءَ سان پنهنجي پيءُ  جي ملڪ ڏانهن راهي ٿيو.

سفر ڪندي هڪ رات، هنن کوهه وٽ اچي منزل ڪئي. شهزادو ۽ شهزادي ٻئي ساڳئي پلنگ تي سمهي پيا ۽ سندن چوڌاري پهريدار سمهي پيا. اڌ رات جو ان کوهه مان هڪ ديو، جو ان ۾ اندر رهندو هو، نڪري آيو ۽ ننڊ ۾ ستل شهزاديءَ کي پلنگ تان کڻي کوهه ۾ واپس هليو ويو.

صبح جو ننڊ مان اُٿڻ کان پوءِ شهزادي امل ماڻڪ کي شهزاديءَ جي غائب ٿيڻ جي ڪَل پئي. هن غم ۽ خوف جي حالت ۾ چوڪيدارن کان پڇا ڪئي، مگر هو ڪجهه به ٻڌائي  نه سگهيا. شهزادي سخت مايوس ٿي، ائين سمجهيو ته شهزادي پنهنجو قول ڪوڙو ڪري، مون کي وري ڇڏي هلي وئي آهي. مگر شينهڻ جي هڪ ٻچي  چيو ته: ”شهزادا، متان شهزادي کوهه ۾ لڪي وئي هجي، سو توهان اسان ٻنهي کي رسي ٻڌي، کوهه ۾ ڇڏيو ته اسين ڏسي اچون.“ پهريدارن  ٻنهي شينهن کي رسيءَ جي وسيلي، اندر کوهه ۾ لاٿو. جڏهن هو تري ۾ پهتا ته ڇا ڏسن ته هڪ وڏو شهر آهي، جو سندن اڳيان ميلن ۾ پکڙيو پيو آهي، جنهن جي وچ ۾ هڪ سهڻو باغيچو آهي ۽ انهيءَ جي وچ ۾ هڪ عاليشان  محلات آهي. جڏهن انهيءَ محلات ۾ گهڙي نظر ڪيائون ته ڏٺائون ته ديو ڏاڍيءَ ننڊ ۾ ستو پيو آهي ۽ هن جو مٿو حسينيءَ جي هنج ۾ آهي. حسيني شينهڻ جي ٻچن کي ڏسي، ڏاڍو خوش ٿي ۽ هنن کي آهستي چيائين ته ”مون کي هن خوفناڪ جاءِ مان يڪدم ڪڍو.“ شينهڻ جي ٻچن اهڙي ته آهستگيءَ سان ديو جو مٿو کنيو ۽ هڪ وهاڻو هن جي مٿي هيٺان رکيو، جو شهزادي اُٿي پيرن ڀر ٿي ۽ ديو سُتو ئي رهيو پوءِ ته شينهن ديو جي مٿان چڙهي، کيس چيري ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.

هو جڏهن باغيچي کان ٻاهر ٿي نڪتا، ته ديو جو خوبصورت سامونڊي گهوڙو، سون جي زنجير ۾ ٻڌل هو ۽ ڪُنجي  تالي ۾ ئي لڳي پئي هئي. پوءِ گهوڙي کي کولي ورتائون ۽ جڏهن کوهه جي تري وٽ رسيا ته گهوڙي کي به پاڻ سان ٻاهر آندائون، پوءِ شهزادي کي ساري حقيقت اچي ٻڌايائون ته مشورو ڏنائون ته پاڻ ۽ سندس دربان هنن سان گڏ هڪ دفعو وري کوهه ۾ هلي ديو جي خزانو کڻي اچن . مگر شهزادي انڪار ڪيو ۽ چيائين ته: ”منهنجي پيءُ جي خزاني ۾ ڪابه کوٽ ناهي. باقي اهو سامونڊي گهوڙو شهزادي پاڻ وٽ جهليو ۽ پاڻ ۽ شهزادي انهيءَ تي سواري ڪندا هئا.

جڏهن سمنڊ  جي ڪناري تي پهتا،  تڏهن ٻئي سامونڊي گهوڙا شهزادي ۽ شهزاديءَ کي سفيد ديو جي سمورين  سوغاتن سميت پٺيءَ تي کڻي ست سمنڊ پار ڪري وڃي ٻيءَ  ڀَر  لٿا هو اتي پهچي، ملڪ ڏانهن روانا ٿيا، جڏهن هو ويجها پهتا، تڏهن بادشاهه لالوءَ  کي هنن جي آمد جي خبر ملي، دهلن ۽ شرنائين وڄائيندڙن جو پاڻ  سان قافلو آندو،  ۽ کين وڏي شان ۽ مرتبي سان پنهنجي بادشاهي ۾ وٺي آيو، جتي هو ٻيئي هڪ محلات ۾باقي حياتيءَ جا ڏينهن عيش ۽ مزن ۾ گذاريندا رهيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org