سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳيچ

باب: -

صفحو :27

[9][9]

مَرُوئو

 

وراڻي:  جهيڏر! مَرُوئي رو اڌِيڪار،
        [اي ٻيلڻ! نازبو جي گهرج آهي]
        رسيلا ڍولا! مَرُوئو لي گهرِي آئو.
        [اي ڍولا! نازبو وٺي گهر اچ]

 

مَرِوئو مانجهي اِٿ نه اُٿ، ڙي ڀوڙي!
        [مَروئو منهنجي آسپاس نه آهي، اي ڀوري]
        مَروئو مانجي آمراڻي ري واڙيئي-
        [نازبو عمر ڪوٽ جي واڙين ۾ آهي]
        رسيلا ڍولا! مَروئو لي گهري آئو...
        [اي ڍولا! نازبو وٺي گهر اچ]

 

جوڌاڻي سين ٻيج نگايو، آآراڻي با لڳايو-
        [جوڌپور کان ٻج گهرايو ۽ عمرڪوٽ ۾ باغ لڳايو]
        رسيلا ڍولا! مروئو لي گهري آئو...
        [اي ڍولا! نازبو وٺي گهر اچ]

 

ڪيهِي سَپوتِي مَرُوئو روپيو، ڪيهيَ چوڙالِي مَروئو سينچو؟
        [ڪهڙي سپوٽيءَ نازبو هنيو ۽ ڪنهن نازبو کي پاڻي ڏنو]
                   رَسيلا ڍولا! مَروئو لي گهَرِي آئو...

[اي ڍولا! نازبُو وٺي گهر اچ]

 

ساسُو سپوتي مَروئو روپيو، نِڻَند چوڙالِي مَروئو سينچيو-
        [سَس نازبو لڳايو ۽ نِڻان اُن کي پاڻي ڏنو]
                   رَسيلا ڍولا! مَروئو لي گهَرِي آئو...

[اي ڍولا! نازبُو وٺي گهر اچ]

 

مَروُئي رِي جَڙ اُنَڙي پاتاڙ ۾، جهيڏر،-
[نازبُو جي پاڙ پاتال ۾ آهي اِي ٻيلَڻ!]
ٻارهن ڪوس مَروئو مهڪ رهيو-
[ٻارهن ڪوهن تائين نازبو جي خوشبوء آهي]
           رَسيلا ڍولا! مَروئو لي گهَرِي آئو...

[اي ڍولا! نازبُو وٺي گهر اچ]

 

[10][10]

مَرُوئو

 

وراڻي:  مَرُوئو مانرو آمراڻيَ ريَ واڙِيئي،
        [نازبو منهنجو امر ڪوٽ جي واڙين ۾]
        مَروُئو مانرو ڏاڏاڻي ريَ سير يئي،
        [نازبُو منهنجو ڏاڏاڻي ڏيهه جي گهٽين ۾]
        ڪيهِي ٻائي رو وايوڙو؟ ڪيهِي ٻائِي رو سِينچيوڙو؟
        [ڪهڙي ٻائيءَ جو پوکيل، ۽ ڪهڙي ٻائِي جو پاڻي ڏنل آهي]
        مانهنجِي جهِيڻولِي جهڏَل! مرُوئي رِي مُهڪار.
        [منهنجي پياري ساهيڙي! نازبُو جي عجيب خوشبوءِ آهي]

 

مَرُوئو ٽوڙي بِيريَ ري وريڙيَ ٻَڙان، ٻيهينل ريَ چُوڙليَ
        [نازبو پٽي ڀاءَ جي پٽڪي ۾ ٻڌان ۽ ڀيڻ جي چُوڙ ۾ وجهان]
        مانهنجي جهِيڻولِي جهيڏَل! مَرُوئي رِي مُهنڪار...
        [منهنجي پياري ساهيڙي! نازبُو جي عجيب خوشبوءِ آهي]

 

مَرُوئو مانرو گوڍيَ، ڏاڙيَ ڊانکرو، پاني، ڦُولي ڦُوٽڙو-
        [منهنجو نازبو تُڙ ۽ ٽارين ۾ گهاتو، پنن ۽ گُلن سان گهڻو پيو لڳي]
        منهنجي جهيڻولي جهيڏل! مَرُوئي ري مُهنڪار...
        [منهنجي پياري ساهيڙ! نازبُو جي عجيب خوشبوءِ آهي]

 

مَرُوئو مانرو موڀي وِيري ري گاسيڙي، ٻيهينل ٻائي ري چوٽلڙي-
        [نازبو منهنجو وڏي ڀاءَ جي گاشي ۾، ۽ ڀيڻ جي چوٽيءَ ۾ وجهان]
        مانهنجي جهِيڻولِي جهيڏل مروئي رِي مُهنڪار....
        [منهنجي پياري ساهيڙي! نازبو جي عجيب خوشبوءِ آهي]

 

مرُوئو مانرو ٻيهينل ٻائِي ريَ ڇاتلڙي، ڀيڻوئي جِي رِي رِهاڻ-
        [نازبو منهنجو ڀيڻ جي ڇاتيءَ تي، ۽ ڀيڻوئي جي مجلس ۾ آهي]
        مانهنجي جهِيڻولِي جهيڏل! مَرُوئي رِي مُهنڪار....
        [منهنجي پياري ساهيڙي! نازبو جي عجيب خوشبوءِ آهي]

 

مرُوئو مانروسوپاري جهڙو سو گٺو، ڦرٽان جهڙو ڦُٽڙو-
        [نازبو منهنجو سوپاريءَ جهڙو وڻندڙ ۽ ڦوٽن جهڙو سهڻو آهي]
        مانهنجي جهِيڻولِي جهيڏل! مَرُوئي رِي مُهنڪار....
        [منهنجي پياري ساهيڙي! نازبو جي عجيب خوشبوءِ آهي]

 

مرُوئو مانروڪيهيَ ڀيڻئي ري اوتاري؟ ڪيهي ڀيڻئي ريَ رِهاڻ؟-
        [نازبو منهنجو ڪهڙي ڀيڻوئي جي اوطاق ۾، ۽ ڪهڙي ڀيڻوئي جي مجلس ۾ آهي]
        مانهنجي جهِيڻولِي جهيڏل! مَرُوئي رِي مُهنڪار....
        [منهنجي پياري ساهيڙي! نازبو جي عجيب خوشبوءِ آهي]

 

مرُوئو مانروڪيهيَ بيري ري گاسيڙي؟ ڪيهي بيري ريَ رِهاڻ؟-
        [نازبو منهنجو ڪهڙي ڀاءُ جي گاشي ۾، ۽ ڪهڙي ڀاءَ جي رهاڻ ۾ آهي؟]
        مانهنجي جهِيڻولِي جهيڏل! مَرُوئي رِي مُهنڪار....
        [منهنجي پياري ساهيڙي! نازبو جي عجيب خوشبوءِ آهي]

 

[11][11]

نيٻُو جهر

 

وراڻي:                     نيٻُوجهر لِيو.

[نيم جو ٻُور وٺو]

ساسُو واهِيو اَڪڙو، مَين تو واهِي آمڻ ٻُور ڙي،
        [سس اَڪ پوکيو ۽ مون ٻير جو وڻ پوکيو]
        ساسُو رو آڪڙو ٻَڙِي گيو، مانريَ تولاگا آمڻ ٻُور ڙي-
        [سَس جو آڪ سڙي ويو ۽ منهنجي وڻ ۾ ٻير ٿيا آهن]
                           نيٻُوجهر لِيو.

[نيم جو ٻُور وٺو]

 

ساسُو رڌي رَٻَڙِي، مَين تو رڌي مِٺڙي کِير ڙي،
        [سَس رَٻ رڌي ۽ مون مِٺي کيرڻي رڌي]
        ساسُوريَ رَٻڙِي ڍُڙي گئي، مانري تو جِيمِي وڏيرا بيرَڙي-
        [سس جي رٻ هارجي وئي، منهنجا ته وڏا ڀاءُ کائين ويٺا]
                           نيٻُوجهر لِيو.

[نيم جو ٻُور وٺو]

 

ساسُو ڌاري کوٻيَ، مَين نو ڌارِي ڀُورڪي مينس ڙي،
        [سس هڪڙي بيڪار ڍڳي ڌاري ۽ مون ڀُوري مينهن ڌاري]
        ساسُورَيَ لوئڙي ٻَڙي گئي، مِين تو اوڍي مَٽڪو ماريو ڙي-
        [سس جي لوئي سڙي وئي ۽ مون سالرو اوڍي ڦير پاتي]
                           نيٻُوجهر لِيو.

[نيم جو ٻُور وٺو]

 

ساسو نان کاڌي ڪاڙي ناگ، مِنان تو کاڌي ڪاڙِي وِڇوُن ڙي،
        [سَس کي ڪاري نانگ کاڌو، مونکي فقط ڪاري وڇونءَ ڏنگيو]
        ساسُو ڪري روڪَ رَيان، مِنان تو آيو هيرڙِي هاسو ڙي-
        [سس گهوڙا گهوڙا ڪرڻ لڳي ۽ مون کي آهستي کل اچي وئي]
                           نيٻُوجهر لِيو.

[نيم جو ٻُور وٺو]

 

ساسُو سُونگيَ سُونڪڻِي، هُون تو پيئان سِيل ٻيڙي ڙي،
        [سَس ناس سُڻڪي ٿي ۽ آءٌ سيل جي ٻيڙي پيئان ٿي]
        ساسُورِي سُونڪڻِي ڍوڙِي گئِي، مَين ٿو پيئي مَٽڪو ماريو ڙي-
        [سَس جي ناس هارجي وئي، ۽ مون خوشيءَ مان جهمر هنئي]
                           نيٻُوجهر لِيو.

[نيم جو ٻُور وٺو]

 

[12][12]

جهُولِتو ماڏريو

 

وراڻي:  ٻارهَي رِيَ پَڪِين بِيرا ٻاجهرڪين، تيرِ هئان مهَنان رِي جُوئار،
[ٻارهين مهني ڀاءَ جي ٻاجهر پڪي آهي ۽ تيرهين مهني جي جوئار]
                جهُولتو ماڏريو...

[ڳچيءَ ۾ لُڪڙو لٽڪي پيو]

 

ڳيهوئان روپڪو بيرا لوليو، اوتان گهيِ سين مکيو ٿي کان،
[ڪڻڪ جو لولوڀاءُ پڪو آهي، جو آءٌ گيهه سان مکي ٿي کان]
چُونيَ روپڪو ساسُو ٻاٽيڙو، سوتان تيل سين مکيو ٿي کان
[سس چُوني جو لولو پچايو، جو تيل مکي ٿي کائي]
                جهُولتو ماڏريو...

[ڳچيءَ ۾ لُڪڙو لٽڪي پيو]

 

جائي متان ڪَهِياڙي مانهنجي ٻانڌوَ نان، ٻانڌوَ آسِي اَج رات-
[متان وڃي چئو منهنجي ڀاءُ کي، جو اُهو ٻڌي اَڄ رات ايندو]
                جهُولتو ماڏريو...

[ڳچيءَ ۾ لُڪڙو لٽڪي پيو]

جائي متان ڪَهِياڙي مانهنجي جيجل نان، جيجيل روسِي ساري رات-
[وڃي متان چئو منهنجي ماءُ کي، اَمڙ ٻڌي سڄي رات روئندي]
                جهُولتو ماڏريو...

[ڳچيءَ ۾ لُڪڙو لٽڪي پيو]

 

جائي متان ڪَهياڙي مانهنجي جيڏليان نان، جيڏلِين روسِين ساري رات-
[وڃي متان چئو منهنجي سهلين کي، سهليون سڄي رات روئنديون]
                جهُولتو ماڏريو...

[ڳچيءَ ۾ لُڪڙو لٽڪي پيو]

 

[13][13]

چِڙوُڪِلين

 

وراڻي:  واڙو ڀَرين چَڙُ وڪَلين، ڦُڙ ڦُڙ اُڏيو جائين.
        [واڙو ڀريل جهرڪين جو ڦَڙ ڦَڙ ڪريو اڏاميون وڃن]
        سِمَهلي آئِي ڪنڌان ۾ ڪو ٿِڙين، مانهنجي جِيجل ميلهي ڀيٽ
        [سامهون ڳچين ۾ ڳوٿريون وجهي آيون، منهنجي ماءُ سوکڙي موڪلي آهي]
        واڙو ڀَرين چِڙوڪِلين ڦڙ ڦڙ آڏيو جائين...
        [واڙو ڀريل جهرڪين جو ڦڙ ڦڙ ڪريو اُڏاميو وڃن]
        ڀيٽ مَين اُپٽي جوئي، مانهنجي ڏر ڏر آنسو وهين-
        [سوکڙي مون کولي ڏٺي، منهنجي اکين مان ٽم ٽِم ڳوڙها وهن]
        واڙو ڀَريل چِڙوڪلين ڦڙ ڦڙ اُڏيو جائين...
        [واڙو ڀريل جهرڪين جو، ڦڙ ڦڙ ڪيو اُڏاميو وڃن]
        جوشيڙو تيڙائي مَين چٺي لکائي، ميلهان مانهنجي جامِي ڄائي نانُ-
        [برهمڻ ڪوٺائي مون خط لکايو جو پنهنجي ڀاءُ کي موڪليان ٿي]
        واڙو ڀَرين چِڙوڪِلين، ڦُڙ پُڙ اُڏيو جائين...
        [واڙو ڀريو جهرڪين جو، ڦڙ ڦُڙ ڪريو اُڏاميو وڃن]
        جيجل مِنان ٻانڌوڙو ميلهي، بيرو تڪڙو آوي تيڙو انان-
        [اي امڙ ڀاءُ کي جلدي موڪلج ته هو مونکي وٺي وڃي]
        واڙو ڀرين چِڙُوڪلين ڦڙ ڦُڙ اُڌيو جائين...
        [واڙو ڀريل جهرڪين جو، ڦڙ ڦڙ ڪريو اڏاميو وڃن]

 

[14][14]

چڙوڪِلين

 

وراڻي:  واڙو ڀَرين چِڙوڪلين، ڦُڙ ڦُڙ اُڏيو جائين، ڙي چڙوڪلين!
        [واڙو ڀريل جهرڪيون، ڦَر ڦَر ڪريو اُڏاميو وڃن]

 

هِيڪ نه اُڏِي چِڙوڪلي، جي روپهيريو پرديس، ڙي چڙوڪِلين!
        [هڪڙي جهرڪي ڪانه اُڏاڻي، جنهن جو وطن پري آهي]
        واڙو ڀَرين چُڙوڪيلن ڦُڙ ڦڙ اڏيو جائين...
        [واڙو ڀَريل جهرڪيون، ڦڙ ڦڙ ڪيو اڏاميو وڃن]

 

گانيان آڏو گيڏيو، مکڻ ٻڌي پار- ڙي چڙوڪلين!
        [ڍڳين اڳيان اُٺ ڪمائتي آهي، مکڻ جي ڀت ٻڌل آهي]
        واڙو ڀَرين چِڙوڪلين ڦڙ ڦڙ اُڌڏيو جائين...
        [واڙو ڀريل جهرڪيون، ڦڙ ڦڙ ڪيو اُڏاميو وڃن]

 

پارچڙهي مَين جويوڙو، موريڙا اُڏتا آوين ڙي چڙوڪلين!
        [اڱڻ جي ڀِت تي چڙهي مون ڏٺو، مور اُڏامندا پيا اچن]
        واڙو ڀَرين چِڙوڪلين ڦڙ ڦڙ اُڌڏيو جائين...
        [واڙو ڀريل جهرڪيون، ڦڙ ڦڙ ڪيو اُڏاميو وڃن]

 

موريان ري جويوڙو، موريڙا اُڏتا ڪنڌان ۾ ڪوٿرين،
        مانهنجِي مائو مِيلهيَ ڀيٽ- ڙي چڙوڪلين!
        [مورن جي ڳچين ۾ ڳوٿريون، منهنجي ماءَ سوکڙي موڪلي آهي!]
        واڙو ڀَرين چِڙوڪلين ڦڙ ڦڙ اُڌڏيو جائين...
        [واڙو ڀريل جهرڪيون، ڦڙ ڦڙ ڪيو اُڏاميو وڃن]

        ڪوٿرين اُپٽيَ مين جويوڙو،م مِنان ڏَر ڏَر،
        آنسُو آئين- ڙي چڙوڪلين!
        [ڳوٿريون کولي مون ڏٺو، مون کي اکين مان زار زار لڙڪ وهڻ لڳا]
        واڙو ڀَرين چِڙوڪلين ڦڙ ڦڙ اُڌڏيو جائين...
        [واڙو ڀريل جهرڪيون، ڦڙ ڦڙ ڪيو اُڏاميو وڃن]

 

 

[15][15]

جهالريو

 

وراڻي:  کيڙِيئي رِي کِيتر ۾ ٻورئي،
        [کيڙيئي جي کيٽ ۾ ٻُور ٿيو آهي]
        هُون تان تيهرو، گهڙائيسان هيل-
        [آءُ هن سال تنهنجي لاءِ گهڙائيندس]
                        ملوڪ جهالريو.

ڪيهو وِيرو آيو ٻيهينَل! سِيمَڙِئين؟،
        [اديون! هي ڪهڙو ڀاءُ آيو آهي چراگاهه ۾]
        او! تان سِيم ڪيو سِڻگار-
        [جو چراگاهه ئي کڻي سينگار ڪيو آهي]
                        ملؤڪ جهالريو....

 

ڪيهو وِيرو آيو ٻيهينَل! ريل ۾؟،
        [اديون! هي ڪهڙو ڀاءُ آيو آهي ڏهر ۾]
        او! تان کوهه ڀريا کنڊ کير-
        [جو کوهه ئي کير کنڊ سان ڀرجي ويا آهن]
                        ملؤڪ جهالريو....

 

ڪيهو وِيرو آيو ٻيهينَل! کوهه تي-
        [اديون! هيءُ ڪهڙو ڀاءُ آيو آهي کوهه تي؟]
        او! تان لاج مَري پاڻهيار-
        [آءٌ ته هن وچ واري ٻانهياريءَ جو ڀاءُ آهيان]
                        ملؤڪ جهالريو....

 

ڪاهي ري پاڻهياري! تون لاج مَرين؟
        [اي پاڻي ڀرڻ واري! تون ڇو ٿي شرمائين؟]
        هُون تان... وچلي ٻاهياڙي رو وِير-
        [آءٌ ته هن وچ واري ٻانهياريءَ جو ڀاءُ آهيان]
                        ملؤڪ جهالريو....

 

ڪيهو ويرو آيو ٻِيهينل! جهانپئي؟
        [اديون! ڪهڙو ڀاءَ آيو آهي گهر ۾؟]
        او! تان رِڻڪي ڀُورِي مَنيس--
        [جو ڀُوري مينهن ٿي رڙي]
                        ملؤڪ جهالريو....

 

ڪاهي ري ڀُوري مَنس، رڻڪين؟
        [اي ڀيڻ! هيءُ ڪهڙو ڀاءُ اڱڻ تي آيو آهي؟]
        او! تان ڇنٽيا عنطر گلاب-
        [جو اڱڻ تي عطر گلاب ڇٽجي ويا آهن]
                        ملؤڪ جهالريو....

 

ڪيهو ويرو آيوٻيهينل! آنگڻيئي؟
        [اي ڀيڻ! هيءُ ڪهڙو ڀاءُ اڱڻ تي آيو آهي؟]
        اؤ! تان ڇنٽيا عنطر گلاب-
        [جو اڱڻ تي عطر گلاب ڇٽجي ويا آهن]
                        ملؤڪ جهالريو....

 

چاراڻي رو ڏيسيَ گهوڙِيو،
        [هُو سيڻن کي گهوڙو ڏيندو]
        او تان ڏيسي گهڻا رنگ پاٺ-
        [۽ ٻيا به گهڻيئي سُٺا سامان ڏيندو]
                        ملؤڪ جهالريو....

 

[16][16]

هوائڙو

 

وراڻي:  هوائڙا! تِنان لالان لوهارڻ گهڙيو ڙي،
        [اي هوائي جهاز! توکي لالن لوهارڻ گهڙيو]
        هوائڙا! تِنان ڦُولان سوناري گايو ڙي.
        [اي هوائي جهاز! توکي ُلان سوناريءَ ڳايو]

 

هوائيڙا! تون بمبئي سين اُڏيوڙو، سِنڌاڻي آيوڙي-
[اي هوپائي جهاز! تون بمبئي مان اُڏامي سنڌ ۾ آيو آهين]
هوائيڙا! تنان ڦولان سوناري گايو ڙي-
[اي هوائي جهاز! توکي ڦلان سوناريءَ ڳايو]

 

هوائيڙا! تِنا ساري سرشٽي جويو ڙي-
[اي هوائي جهاز!توکي سڄي دنيا جي  ماڻهن ڏٺو]
هوائيڙا! تنان ڦولان سوناري گايو ڙي...
[اي هوائي جهاز! توکي ڦلان سوناريءَ ڳايو]

 

هوائيڙا! تون ڪراچي ري بندر ئي لٿو ڙي-
[اي هوائي جهاز! تون ڪراچي بندر تي لٿين]
هوائيڙا! تنان ڦولان سوناري گايو ڙي...
[اي هوائي جهاز! توکي ڦلان سوناريءَ ڳايو]

 

هوائيڙا! تانهجي چرخئي چُڪلڙي پڙي ڙي-
[اي هوائي جهاز! تنهنجي مشين ۾ ڪا خرابي ٿي آهي]
هوائيڙا! تنان ڦولان سوناري گايو ڙي...
[اي هوائي جهاز! توکي ڦلان سوناريءَ ڳايو]

هوائيڙابِچ ۾ تون ناري ڍورئي لٿو ڙي-
[اي هوائي جهاز! وچ ۾ تون ناري ڍوري لٿو هئين]
هوائيڙا! تنان ڦولان سوناري گايو ڙي...
[اي هوائي جهاز! توکي ڦلان سوناريءَ ڳايو]

 

هوائيڙ! تين آڀي ڌرتي ۾ گهور مانڏي ڙي-
[اي هوائي جهاز! تو اُڀ ۽ ڌرتي جي وچ ۾ زبردست آواز ڪيو]
هوائيڙا! تنان ڦولان سوناري گايو ڙي...
[اي هوائي جهاز! توکي ڦلان سوناريءَ ڳايو]

هوائيڙا! تون بيجلين چمڪاتو جائين ڙي-
[اي هوائي جهاز! تون بتيون چمڪائيندو پيو وڃين]
هوائيڙا! تنان ڦولان سوناري گايو ڙي...
[اي هوائي جهاز! توکي ڦلان سوناريءَ ڳايو]

هوائيڙا! تون ڇيڪو ڏاڏاڻيَ ڇڄائين ڙي-
[اي هوائي جهاز! تون جلدي وطن پهچائين ٿو]
هوائيڙا! تنان ڦولان سوناري گايو ڙي...
[اي هوائي جهاز! توکي ڦلان سوناريءَ ڳايو]

 

[17]

راهُوڙو ريلان

 

وراڻي:  مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
        [منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]
        گهَڙو نه ٻُوڏي، گَگَر نه ٻُوڏيَ، هينڍوڻي هيلان کائي-
        [دلو نٿو ٻُڏي نه دِلي ٿي ٻُڏي، سينهي پيئي مٿي تان ٿِڙڪي]
        مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
        [منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]

 

سائِي توڏَڙَلِي پَلاڻي وِيرئيئا! ٻيهينل نان تيڙئو جائي-
        [سائي رنگ جي اُٺ پلاڻي، اي ڀاءُ! ڀيڻ کي ڪوٺڻ وڃ]
        مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
        [منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]
       
        ڪوٽڙي سُوتوڙا جاگو، ڀيڻيئا جي! آيو ڙو ساڙئِي رو ساٿ-
        [سائي رنگ جو اُٺ پلاڻي، اي ڀاءُ! ڀيڻ کي ڪوٺڻ وڃ]
        مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
        [منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]

 

هَلونِي جيڏاليا! پاڻي ڙيَ نان هالان، موڀي وِيرئي وارو واڙيو-
        [هلوڙي سرتيون! پاڻي تگي هلون، وڏي ڀاءَ تَڙتي وارو وارايو آهي]
        مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
        [منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]

 

هَلونِي سَهليان! پاڻي ڙيَ نان هالان، هُون تان وِيرئي تان گهوري جان-
        [هلو ڙي سرتيون! پاڻي ڀرڻ هلون، آءٌ پنهنجي ڀاءُ تان قربان وڃان]
        مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
        [منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]
       
        آڌي رات رو ڪَرهيو ڪُڻڪيو، جِيجل کاڌي ڇلڪڙي-
        [آڌي رات جو اُٺ جي رڙ ٿي، ماءُ اوچتو ڇرڪ کاڌو]
        مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
        [منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]

 

سَت رڌائي ساسُو ڀوجنڙا، جيميوڙو جُوائي جي رو ساٿ-
        [سس ستن قسمن جا کاڌا رڌايا، جي ناٺي ۽ ساڻس گڏ آيل کائين ٿا]
        مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
        [منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]

        گام رو ڍولاري تيڙان ڙان، رَسيَ جوائي جي رو وير-
        [ڳوٺ جو دهلاري گهرايان، ناٺي جو ڀاءُ راند ڪندو]
        مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
        [منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]

        ٻَيهينَل گهوريو رُوپيو روڪڙو، ڀيڻيئي گهوريا نوٽَ ري-
        [ڀيڻ هڪڙو رپيو گهوريو، ڀيڻوئي نوٽ گهوريا]
        مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
        [منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]

        باڀلڙي گاڙيو ميٽ تيل ڙو، نِڻندل را ڇُٽوڙا ڪيس ري-
        [ڀاڄائي ميٽ تيل مَليو، ڇو ته نڻان جا وار ويڙهيل نه هئا]
        مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
        [منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]

 

ڏورا ڦُڻِي وَٽَلڙي ۾ سينهڙو، گؤنٿي باڀَل چوٽَلِڙو رِي-
        [مٿي ۾ ويرهڻ لاءِ ڌاڳا، ڦڻي ۽ ڪٽوري ۾
        سنيهڙو ڀاڄائي مٿي جا وار ڳنڌي]
        مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
        [منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]

        سائِي توڏڙلِي جهيڪاڙي ڀيڻيئي جي، جيجل سنڀاليو ڏيج ري-
        [سائِي اُٺ پلاڻي ڀيڻوئي ويهاري، ڇوڪريءَ جي ما ڏيج تيار ڪيو]
        مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
        [منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]

        سيڻل سِيرک رو گاسِيڙو منڏاڙي، ڏيئل ٻائي ڀَريوڙا نيڻ ري-
        [سَوَڙ جو اُٺ تي گاشو تيار ٿيو ته ڇوڪري لُڙڪن سان اکيون ڀريون]
        مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
        [منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]

        ڀيڻيئو جي چَڙهِي چاٽو ڪيا، سارين رهيوڙين وڙ لان هيٺ ري-
        [ڀيڻويو: چڙهي روانو ٿي ويو، ساليون اُتيئي وڻن هيٺ رهجي ويون]
        مان رو راهُوڙو ريلان جائي.
        [منهنجو واٽهڙو ريل ڏئي پيو وڃي]

 

3- ڦوٽاڻا

 

[18][18]

ٻول پَنجر

 

وراڻي:  پَن کَڙوڪِي، پَنجر ٻوليا، ري لال!
        [وڻن جي پنن کڙڪو ڪيو ته پکين ٻوليو]
        اسان ري وهاڻ مٿي نُور- پنجر ٻوليا، ري لال!
        [اسان جي پنهنجي سيڻ تي چڙهائي آهي- پکين ٻوليو]
        وهائين جِي! اُونگهاڻو هوئي تو جاگ- پنجر ٻوليا، ري لال!
        [اي سيڻ! ستل هجين ته سجاڳ ٿي- پکين ٻوليو]
        تانهنجي گورَل نان لي گياچور- پنجر ٻوليا، رِي لال!
        [تنهنجي زال کي چور کڻي ويا- پکين ٻوليو]
        مٿي انڌاري ڙي رات- پنجر ٻوليا، رِي لال!
        [مٿان بلڪل اونداهي رات آهي- پکين ٻوليو]
        چور جائي ڍڙيا ڍاٽ- پنجر ٻوليا، رِي لال!
        [چور وڃي ڍاٽ کي رسيا آهن- پکين ٻوليو]
        وِهاڻ ري ڪونڻ چڙهِسِي واهر- پنجر ٻوليا، ريِ لال!
        [سيڻ جي مدد تي ڪير چڙهندو- پکين ٻوليو]
        لاڏو پٽيل چڙهسيَ واهر- ڇنجر ٻوليا، رِي لال!
        [لاڏو پٽيل مدد تي چڙهندو- پکين ٻوليو]
        وهاڻ رو ڏيڪرو پينڏا ڪُٽي- پنجرٻوليا ري لال!
        [اسان جي سيڻ جو پُٽ ڀينڊا ويٺو ڪُٽي- پکين ٻوليو]
        وِهاڻ رو ڏير! ڌُڪو کڻي ڊوڙ- پنجر ٻوليا، ري لال!
        [اسان جي سيڻ جا ڏير! ڌُڪو کڻي ڊوڙ- پکين ٻوليو]
        وِهاڻ رِي ساسُو روئي جور- ٻوليا، رِي لال!
        [اسان جي سيڻ جي سَس پئي روئي- پکين ٻوليو]

 

[19][19]

 

وراڻي: وِهاڻ گئي تي کيتريئي، وَڙتي پِپان کائي،
        [سيڻ ٻني تي وئي، موٽندي پپُون ٿي کائي]
                        لامان لاچان ڏي.

[وڏيون وکون کڻي ٿي]

 

وِهاڻ گئي تي کيتريئي، آئي اُس وڌائي-
        [سيڻ ٻني تي وئي هئي، اوهه وڌائي آئي]
                        لامان لاچان ڏي....

[وڏيون وکون کڻي ٿي]

 

اوس وڌايو تو ڀَلان وَڌايو، وَڙتي ڇوريا لي آئي-
        [اوهه وڌايو ته ڀلي وڌايو، موٽندي کيس چار پُٽ ڄاوا]
                        لامان لاچان ڏي....

[وڏيون وکون کڻي ٿي]

 

ڇوريا لائي تو ڀَلان لائي، وِهائين رو وڳ وڌايو-
        [پٽ ڄاوا ته ڀلي آئين، وهائين جو ڪٽنب وڌيو]
                        لامان لاچان ڏي....

[وڏيون وکون کڻي ٿي]

 

ڪَنٺيَ رو جوشيرو تِيڙاڙان، جوشيڙو وَٽا ٽپڻو جوئاڙان-
        [ڪنٺي جو برهمڻ گهرايان، برهمڻ کان ٽپڻو نهاريان]
                        لامان لاچان ڏي....

[وڏيون وکون کڻي ٿي]

 

جوشيڙو تيڙايو تو ڀلان يڙايو، ڇوريان رونام ڌرايو-
        [برهمڻ گهرايو ته ڀلي گهرايو، ڇوڪرن جا نالا رکايو]
                        لامان لاچان ڏي....

[وڏيون وکون کڻي ٿي]

 

هيڪي رو نام هَرچند، ٻيجو پَرچند-
        [هڪڙي جو نالو هرچند، ٻيو پرچند]
        ٽيجو چَرچند، ڇوٿِي رو نام ڪَرچند،
         [ٽيو چرچند، چوٿين جو نالو ڪَر چند]
                        لامان لاچان ڏي....

[وڏيون وکون کڻي ٿي]

 

وِهاڻ ڇوري وَڳ وڌايو، ٽِڪيٽ لِيو شهر گُدام-
        [سيڻ ڪٽنب وڌايو، ٽڪيٽ گدام شهر جو ورتو]
                        لامان لاچان ڏي....

[وڏيون وکون کڻي ٿي]

 

ٽڪيٽ لِيو تو ڀَلان لِيو، وهاڻ وهِائين سين-
        [ٽڪيٽ وٺو ته ڀلي وٺو، سيڻ مڙس کان رسي وئي]
                        لامان لاچان ڏي....

[وڏيون وکون کڻي ٿي]

 

ريساجي گئي تو ڀلان گئي، هريو نيٺ مَناڻَ گَيو-
        [رُسي ويئي ته ڀلي وئي، هريو نيٺ پرچائڻ ويو]
                        لامان لاچان ڏي....

[وڏيون وکون کڻي ٿي]

 

تيڙي آيو چيلهار ري تڙيئي، جائي ٻيٺي ري هوٽل-
        [اُٺي چيلهار جي ڳوٺ ۾ آيو، وڃي هوٽل تي ويٺي]
                        لامان لاچان ڏي....

[وڏيون وکون کڻي ٿي]

 

ڏيو وهاڻ نان گهُونٽ هِيڪ، ڌاتورو، ايڙيو، ٿُوهر ري پاڙ-
        [سيڻ کي هڪ ڍُڪ کن ڏيو، ڌاتورو، ايريو يا ٿوهر جي پاڙ ڏيو]
                        لامان لاچان ڏي....

[وڏيون وکون کڻي ٿي]

 

برهمڻ تِيڙاڙان، سيڻ رو لگن لِکاڙان-
        [برهمڻ گهرائي وهاڻ جو مهورت لکايان]
                        لامان لاچان ڏي....

[وڏيون وکون کڻي ٿي]

 

لَگنيو لکائي، وهاڻ نان پَرڻاڙان-
        [مهورت لکائي وهاڻ جي شادي ڪرايان]
                        لامان لاچان ڏي....

[وڏيون وکون کڻي ٿي]

 

لَگنيو لکايو، تو ڀلان لِکايو، وهاڻ نان تيل چڙاهه-
        [لگن لکايو ته ڀلي لکايو، سيڻ کي تيل جي مالش ڪرايو]
                        لامان لاچان ڏي....

[وڏيون وکون کڻي ٿي]

 

تيل چڙاهو ته ڀَلان چڙاهو،. وهاڻ نان پِير گائو-
        [مالش ڪريو ته ڀلي ڪريو، سيڻ جي ڇيئر جو ڳيچ ڳايو]
                        لامان لاچان ڏي....

[وڏيون وکون کڻي ٿي]

 

[20][20]

 

وراڻي:  ڪام ڪڙهيلي وار، سُڻو سُڻو وِهائين واڙي هُڙ مَلَ
        [ٻُڌ ٻُڌ وهائين جي زال! ٻُڌ وهائين جي زال!]
        تِنان ٻولاڙي ڪاڙو َريو، سانجهه پَڙي رو ڏيسي دَريو-
        [تو کي ڪارو ماڻهو سڏي ٿو، جو سانجهي توکي بند ڪري در ڏيندو]

سُڻو سُڻو وهائين واڙي هُڙَ مَل!

[ٻڌ ٻڌ وهائين جي زال!]

 

تِنان ٻولاڙي ڇورو ڪاڙو، سانجهه پَڙي رو ڏيسي تاڙو-
        [توکي ڪارو ڇوڪرو سڏي ٿو، جو سانجهي ٿيڻ سان در بند ڪري ڪلف ڏيندو]

سُڻو سُڻو وهائين واڙي هُڙَ مَل!

[ٻڌ ٻڌ وهائين جي زال!]

 

تِنان ٻولاڙي وهائين سِڏو، سانجهه پَڙي رو هڻسِي ٿُڏو-
        [توکي واقف سڏي ٿو، جو شام جو توکي ٿڏو هڻندو]
                  سُڻو سُڻو وهائين واڙي هُڙَ مَل!

[ٻڌ ٻڌ وهائين جي زال!]

 

تِنان ٻولاڙي ڏريو چيلو، سانجهه پَڙي رو ڏيسِي ٺيلهو-
        [توکي چيلو سڏي ٿو، جو شام جو توکي ڌڪوڏيندو]
                  سُڻو سُڻو وهائين واڙي هُڙَ مَل!

[ٻڌ ٻڌ وهائين جي زال!]

 

تِنان ٻولاڙي مانهنجو ڀائي، سانجهه پَڙي ري گهَتسي ڦاهي-
        [توکي سڏي ٿو منهنجو ڀاءُ، جو شام جو ڪنڌ ۾ ڦاهي وجهندئي]
                  سُڻو سُڻو وهائين واڙي هُڙَ مَل!

[ٻڌ ٻڌ وهائين جي زال!]

 

[21][21]

لُونڪِڙِي

 

وراڻي:  لاني پونڇ واري لونِڙي، ڊگهي پُونڇ واري لُونڪِڙي،
        [وڏي وڇ واري لُومڙِي، ڊگهي پڇ واري لُومڙي]
        پاتلِي پيٽ واري لونڪِڙي، بِلي ٻُوٿ واري لُونڪِڙي،
        [سنهي پيٽ واري لُومڙي، ٻِلِيءَ جي ٻُوٿ واري لومڙي]
                        لُر لُر هلي لُونڪِڙي.

 

لُونڪڙي ڪَهِي مِنان آرڻائو، وِهائين سين مِنان پڙڻائو-
        [لُومڙي چئي ته مون کي شادي ڪرايو پر وِهائين سان]
                        لُر لُر هلي لُونڪِڙي.

 

لُونڪڙي ڪَهِي مِنان آسُو ڏيو، آسُو ڏيو،
        [لُومڙي چوي ته مون کي آسو ڏيو، آسو ڏيو]
        وِهائين ريَ ماءُ جهڙيِ مِنان ساسُو ڏيو-
        [وِهائين جي ماءُ جهڙي مون کي سس ڏيو]
                        لُر لُر هلي لُونڪِڙي.

 

لُونڪڙي ڪَهِي مِنان آسُرو ڏيو،
        [لُومڙي چوي ته مون کي آسرو ڏيو]
        وِهائين ريَ ٻاپ جهڙيِ مِنان سسُرو ڏيو-
        [وِهائين جي پيءُ جهڙو مون کي صهرو ڏيو]
                        لُر لُر هلي لُونڪِڙي.

 

لُونڪڙي ڪَهِي مِنان ايٺ ڏيو،
        [لُومڙي چوي ته مون کي ايٽ ڏيو]
        وِهائين ريَ ٻاپ جهڙيِ مِنان جيٺ ڏيو-
        [وِهائين واريءَ جي ڀاءُ جهڙي مون کي ڏير ڏيو]
                        لُر لُر هلي لُونڪِڙي.

 

[22][22]

وراڻي:  پاڏِي ڀَڳي جائِي، پاڏِي ڀڳي جائِي،
        [پاڏي ڀڳي پڃي، پاڏي ڀڳي وڃي]
        ڇورو جاڻي مانهنجي ڏاڏي ڀڳي جائي-
        [پر ڇورو ٿو سمجهي ته منهن ڏاڏي ڀڳي وڃي]
        ناڙي ڇورا! ڏاڏي ڪونِهي، پاڏي ڀڳي جائي.
        [نه ڙي ڇوڪرا! ڏاڏي نه پر پاڏي ڀڳي وڃي]

 

پاڏو ڀڳو وجائي، پاڏو ڀڳو جائي،
        [پاڏو ڀڳو وڃي پاڌو ڀڳو وڃي]
        ڇورو جاڻي مانهنجي ڏاڏو ڀڳو جائي-
        [پر ڇورو ٿو سمجهي ته منهنجو ڏاڏو ڀڳو وڃي]
        ناڙي ڇورا! ڏاڏو ڪونِهي، پاڏو ڀڳو جائي...
        [نه ڙي ڇوڪرا! ڏاڏو نه پر پاڏو ڀڳو وڃي]

 

گاءِ ڀڳي جائي، گاءِ ڀڳي جائي،
        [ڍڳي ڀڳي وڃي ڍڳي ڀڳي وڃي]
        ڇورو جاڻي مانهنجي ماءِ ڀڳي جائي...
        [ڇوڪري ليکي ته ماءُ ڀڳي وڃي]
        نا، ڙي ڇورا! ماءُ ڪونِهي، گاءِ ڀڳي جائي...
        [نه ڙي ڇوڪرا! ماءُ نه پر ڍڳي ڀڳي وڃي]

 

ڍڳو ڀڳو جائي، ڍڳو ڀڳو جائي،
        [ڍڳو ڀڳو وڃي ڍڳو ڀڳو وڃي]
        ڇورو جاڻي مانهنجو آبو ڀڳو جائي-
        [ڇوڪري ليکي ته منهنجو بابو ڀڳو وڃي]
        نا ڙي ڇورا! اَبو ڪونِهي، ڍڳو ڀڳو جائي...
        [نه ڙي ڇوڪرا! ابو نه پر ڍڳو ڀڳو وڃي]

 

گابو ڀڳو جائي، گابو ڀڳو جائي،
        [ڍڳو ڀڳو وڃي ڍڳو ڀڳو وڃي]
        ڇورو جاڻي مانهنجو بابو ڀڳو جائي...
        [ڇوڪري ليکي ته بابو ڀڳو وڃي]
        نا، ڙي ڇورا! بابو ڪونِهي، گابو ڀڳي جائي...
        [نه ڙي ڇوڪرا! بابو نه پر گابو ڀڳو وڃي]

 

ڪُوئو ڀڳو جائي، ڪُئو ڀڳو جائي،
        [ڪوئو ڀڳو وڦي، ڪئو ڀڳو وڃي]
        ڇورو جاڻي مانهنجو ڦُهو ڀڳو جائي-
        [ڇوڪري ليکي منهنجو پڦڙ ڀڳو وڃي]
        نا ڙي ڇورا! ڦُوئو ڪونهي، ڪُئو ڀڳو جائي...
        [نه ڙي ڇوڪرا! پڦڙ نه پر ڪُئو ڀڳو وڃي]

 

[23][23]

وراڻي:  ڪَچي ڪِريئيَ رِي اِٽِ مڙهاڙان،
        [ڪَچي مٽيءَ جي سِر ٺهرايان]
        جِي ۾ وهائين جِي رو محل اَڏاڙان،
        [جنهن مان گهوٽ جي پيءُ جو محلات ٺهرايان]
        مِنين ايڍليا مِنِهين پيڍليا،
        [جنهن ۾ هيٺ مٿي جايون ۽ ڏاڪڻيون هجن]
        مِنِهين اَنگارا مِنِهين ٺِينهارا،
        [جنهن ۾ سڙيل اڱر ۽ مٽيءَ جا ٺڪر هجن]
                   ٻول وِهائين جي را ٻاپ!

[گهوٽ جا پيءُ! تون ته ڪُڇ]

 

تِنان ڪي ڪَهيِو، تون ٻولي ٻارهان ٻاپان را-
        [توکي ڪنهن چيو ته تون ڳالهاءِ، ٻارهن بابن جا پُٽ]
                   ٻول وِهائين جي را ٻاپ!

[گهوٽ جا پيءُ! تون ته ڪُڇ]

 

تِنان ڪي ڪَهيِو، تون ٻولي هُڙئي ليلِي را-
        [توکي ڪنهن چيو ته تون ڳالهاءِ، هُڙئي ۽ ليليٰ جا پُٽ]
                   ٻول وِهائين جي را ٻاپ!

[گهوٽ جا پيءُ! تون ته ڪُڇ]

 

تِنان ڪي ڪَهيِو، تون ٻولي ڀيل ۽ ڀَنگي را-
        [توکي ڪنهن چيو ته تون ڳالهاءِ، ڀيل ۽ ڀنگي جا پُٽ]
                   ٻول وِهائين جي را ٻاپ!

[گهوٽ جا پيءُ! تون ته ڪُڇ]

 

تِنان ڪي ڪَهيِو، تون ٻولي جِجهان جاٽان را-
        [توکي ڪنهن چيو ته تون ڳالهاءِ، گهڻن جا ٽن جا پُٽ]
                   ٻول وِهائين جي را ٻاپ!

[گهوٽ جا پيءُ! تون ته ڪُڇ]

 

تِنان ڪي ڪَهيِو، تون ٻولي سَتان ساميان را-
        [توکي ڪنهن چيو ته تون ڳالهاءِ، سَتن سامِين جا پُٽ]
                   ٻول وِهائين جي را ٻاپ!

[گهوٽ جا پيءُ! تون ته ڪُڇ]

 

[24][24]

وراڻي:  ڪاڪَلِيو ٻانڀِڻيو! وهاڻ لارِي چڙهي گَئِي ڙِي،
        [چاچو ٻانڀڻيو! سيڻ لاري ۾ چڙهي ڀڄي وئي]
        ڪاڪَلِيو ٻِيٺو هِڻڪِي ڙِي- ڪاڪَليِو ٻانڀڻيو!
        [چاچو ويٺو روئي- چاچو ٻانڀڻيو]

 

ڇورا ٻيٺا جوئِين ڙِي- ڪاڪَلِيو ٻانڀڻيو!
        [هن جا پُٽ ويٺا نهارين- چاچو ٻانڀڻيو]
        سڄي سِنڌ گهمي ڙِي – ڪاڪَلِيو ٻانڀڻيو!
        [سڄي سنڌ رُليو آهي- چاچو ٻانڀڻيو]

 

ڪِيري هوٽَل اُتري ڙِي- ڪاڪَلِيو ٻانڀڻيو!
        [ڪنهن جي هوٽل تي لٿي آهي- چاچو ٻانڀڻيو]
        ڪِيري هَٽَ واپارلِيان تِي ڙي- ڪاڪَلِيو ٻانڀڻيو!
        [ڪنهن جي هَٽ تي خريداري ڪيائين – چاچو ٻانڀڻيو]
        ڪِيَ جهڙي ڦُٽَري ڙي- ڪاڪَلِيو ٻانڀڻيو!
        [ڪنهن جهڙي سهڻي آهي- چاچو ٻانڀڻيو]
        ڦوٽي جهڙي ڦُٽَري ڙِي- ڪاڪَلِيو ٻانڀڻيو!
        [ڦوٽن جهڙي سهڻي هئي- چاچو ٻانڀڻيو]
        ڪِي جهڙي چَرَڪِي ڙِي- ڪاڪَلِيو ٻانڀڻيو!
        [ڪنهن جهڙي چهري آهي- چاچو ٻانڀڻيو]
        لونگان جهڙي چَرَڪِي ڙي- ڪاڪَلِيو ٻانڀڻيو!
        [لونگن جهڙي چهري هئي – چاچو ٻانڀڻيو]
        اوڍاڻِيو مُلايانتي ڙي – ڪاڪَلِيو ٻانڀڻيو!
        [بزار ۾ چُني خريد ڪيائين- چاچو ٻانڀڻيو]
        مَٽَڪُو رَمتِي گئي ڙي- ڪاڪَلييو ٻانڀڻيو!
        [پوءِ نخرا ڪندي ويئي- چاچو ٻانڀڻيو]
        پَڇِي ڪونهِي وڙي ڙي- ڪاڪَلِيو ٻانڀڻيو!
        [اڃان تائين ڪانه موٽي آهي- چاچو ٻانڀڻيو]

 

[25]

جهٻيو

 

وراڻي:  ٽڪي را تان ڏورا منگاڙان، پئسي ري تان تئي،
        [ٽڪي جا ڌاڳا گهرايان، پئسي جي تُئي]
        مينگهواڙان را گُرڙا، وِهاڻ رو جهٻيو سيڙي ڏيئي.
        [مينگهواڙن جا گرڙا! وِهاڻ جو جهٻيو سِبي ڏج]

 

جهٻئي مٿي چار گل، ٽنئور ٽانڪي ڏيئي.
        [جهٻئي تي چار گل ڀَرت جا، مٿان ٽنئور سِبي ڏج]
        مينگهواڙان را گرڙا! وِهاڻ رو جهٻيو سيڙي ڏيئي…

 

جوڳي مڙهي مٿان ڦيرو کاڌو، ميهاري مٿان گَئي.
[جوڳي مڙهي مٿان ڦيرو کائي، ميهاري مٿان وئي]
مينگهواڙان را گرڙا! وِهاڻ رو جهٻيو سيڙي ڏيئي…

روپيو ڏيسان روڪڙو، آ هتيان را سيڙي اُونهِي،.
[رپيو روڪڙو سڀاڻي ڏينداسون، آ هت وارن جا مفت سِبي ڏج]
مينگهواڙان را گرڙا! وِهاڻ رو جهٻيو سيڙي ڏيئي…


 


[9]  ٿرپارڪر (تعلقي ننگرپارڪر) مان مليو.

[10]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[11]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[12]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[13]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[14]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري9 مان مليو.

[15]  ”رسالي مهراڻ“ 1-1956ع تان ورتل.

[16]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[18]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[19]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[20]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[21]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[22]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[23]  ٿرپاڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[24]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org