سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳيچ

باب: -

صفحو :11

[11] [1]

وراڻي: جهڳمڳ ساڻ پڙو، پِڙو ته ادل گهوٽ جو،
گهوري ته وڃانءِ ساهي، ڀيڄ ڀنيءَ رات جو.

 

دهلن ساڻ پِڙو، پِڙو ته ادل گهوٽ جو-
گهوري ته وڃانءِ ساهي، ڀيڄ ڀنيءَ رات جو…

 

ڄاڃين ساڻ پِڙو، پِڙو ته ادل گهوٽ جو-
گهوري ته وڃانءِ ساهي، ڀيڄ ڀنيءَ رات جو…

 

نياڻين ساڻ پڙو، پڙو ته لاڏل گهوٽ جو-
گهوري ته وڃانءِ ساهي، ڀيڄ ڀنيءَ رات جو…

 

[12]

وراڻي: کُهنبن ساڻ پڙو، جيئين لاڏا! کُهنبن ساڻ پڙو،
تنهنجي رسول ساهي سنباهي، شال به جُڙيو آگي اڏيو.

 

چڱا ڄاڃي سونهن لاڏل مقنهَن ۾-

تنهنجي رسول ساهي سنباهي، شال به جڙيو آگهي اڏيو…

 

چڱيون نياڻيون سونهن ادل ڪاڄ ۾-

تنهنجي رسول ساهي سنباهي، شال به جڙيو آگي اڏيو…

 

چڱا ڀائر سونهن ادل راڄ ۾-

تنهنجي رسول ساهي سنباهي، شال به جڙيو آگي اڏيو…

 

[13] [2]

وراڻي: نياڻين ساڻ پِڙو، پِڙو ته ادل گهوٽ جو راهه ۾ ٿو رچي،
 سو ته سونهي سندس سُهج مؤم ساهرين گهر ٿو اچي.

 

بينسر گهڙايم نهري، لاڏل گهوٽ جي-

سا ته سونهي سندس سُهج مؤن، ساهرين گهر ٿو اچي…
       وينڊو گهڙايم نهرو، لاڏل گهوٽ جو-

سو ته سونهي سندس سُهج مؤن، ساهرين گهر ٿو اچي…
       دُهري گهڙايم نهري، لاڏل گوٽ جي-

سا ته سونهي سندس سُهج مؤن، ساهرين گهر ٿو اچي…

 

 

[14]

وراڻي: پِڙو حمير هلايو، جنهن تي لڳڙو لڳڙو لک سوا، پِڙو.
                     ويٺي جيڏين وچ ۾-

پِڙو حمير هلايو، جنهن تي لڳڙو، لڳڙو لک سوا، پڙو.
                     ويٺي جيڏين وچ ۾-

پِڙو حمير هلايو، جنهن تي لڳڙو، لڳڙو لک سوا، پڙو.
                     ويٺي جيڏين وچ ۾-

پِڙو حمير هلايو، جنهن تي لڳڙو، لڳڙو لک سوا، پڙو.

 

[15]

وراڻي: ڏاج ادل جو مان ٺاهي سينگاريان،

لاڏو لاڙ ڏنهون آيو.

راڻو راڄن جو اڳ ۾ ٿي آيو، پُٽ ته امڙ جو اڳ ۾ ٿتي آيو،
              عــــــطر ڇــــٽايــــو، گــــــلم وڇـــــايو-

ڏاج ادل جو مان ٺاهي سينگاريان.

ڀاءُ ته ڀيڻن جو اڳ ۾ ٿي آيو، ور ته وينگس جو اڳ ۾ ٿي آيو،
              عــــــطر ڇــــٽايــــو، گــــــلم وڇـــــايو-

ڏاج ادل جو مان ٺاهي سينگاريان.

ساٿي سنگت جو اڳ ۾ ٿي آيو، ميڙي جو مهندار اڳ ۾ ٿي آيو،
              عــــــطر ڇــــٽايــــو، گــــــلم وڇـــــايو-

ڏاج ادل جو مان ٺاهي سينگاريان.

[16] [3]

وراڻي: منهنجا ملوڪڙا بنا! شال سيج ماڻين،
شال سيج ماڻين، پنهنجي وَني گهر آڻين!
      بينسر جوڙايم، پِڙي ۾ ڏيکاريم-

منهنجا ملوڪڙا بنا! شال سيج ماڻين.
      جهالر جوڙايم، پڙي ۾ ڏيکاريم-

منهنجا ملوڪڙا بنا! شال سيج ماڻين.
     دهري جوڙايم، پڙي ۾ ڏيکاريم-

منهنجا ملوڪڙا بنا! شال سيج ماڻين.
     ٻانهين جوڙايم، پڙي ۾ ڏيکاريم-

منهنجا ملوڪڙا بنا! شال سيج ماڻين.

 

[17]

وراڻي: سوني صندل سان هنڌ، لاڏل کي ٿي ڏيان.

اکيون لاڏل جون مرگهه مثالي، ڪجل جوڙ بناءِ-
      سوني صندل سان هنڌ، لاڏل کي ٿي ڏيان.

ڏند لاڏل جا ماڻڪ مثالي، سُرخيءَ جوڙ بناءِ-
        سوني صندل سان هنڌ، لاڏل کي ٿي ڏيان.

هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بناءِ-
        سوني صندل سان هنڌ، لاڏل کي ٿي ڏيان.

 

[18] [4]

وراڻي: ڪري هلج ساهرين سيج سهجڙو، ماڻج ڀيڄ ڀنيءَ جو.
جهُومر ساڻ پِڙو، منهنجا لکي لاڏا! جهُومر ته اٿئي ملتان جو-
    ڪري هلج ساهرين سيج سهجڙو، ماڻج ڀيڄ ڀنيءَ جو.

 

دهريءَ ساڻ پِڙو، منهنجا لکي لاڏا! دهري ته اٿئي ملتان جي-
    ڪري هلج ساهرين سيج سهجڙو، ماڻج ڀيڄ ڀنيءَ جو.

 

ٽِڪلي ساڻ پِڙو، منهنجا لکي لاڏا! ٽِڪلو ته اٿئي ملتان جو-
    ڪري هلج ساهرين سيج سهجڙو، ماڻج ڀيڄ ڀنيءَ جو.

 

[19]

وراڻي: آڻ مومل، ماڻ پِڙو، آڻ مومل، ماڻ ڏاجو،
اٿي ڙي ڀيڻ! ڇوڙ پلؤ هن ڀُورل جو.
        ڀُورل ڀاءُ بينسر آندي جيسلمير سندي،

جيسلمير سندي، ميندي ملير سندي-

اٿي ڙي ڀيڻ ڇوڙ پلؤ هن ڀُورل جو…
        ڀُورل ڀاءُ ٻانهين آندي جيسلمير سندي،

جيسلمير سندي، ميندي ملير سندي-

اٿي ڙي ڀيڻ ڇوڙ پلؤ هن ڀُورل جو…
        ڀُورل ڀاءُ ڪٺمال آندي جيسلمير سندي،

جيسلمير سندي، ميندي ملير سندي-

اٿي ڙي ڀيڻ ڇوڙ پلؤ هن ڀُورل جو…

 

[20]

وراڻي: سون ته اُتر پار جو، ابل! ماڻ پِڙو سيج رات جو.
بينسر جوڙائج نهري، سون ته اُتر پار جو-
                ابل! ماڻ پِڙو سيج رات جو.

بُولو جوڙائج نهرو، سون ته اُتر پار جو-
                ابل! ماڻ پِڙو سيج رات جو.

دُهري جوڙائج نهري، سون ته اُتر پار جو-
                ابل! ماڻ پِڙو سيج رات جو.

 

[21] [5]

وراڻي: گوري ڙي وڃان، اوٺيئڙا شهر ڀنڀور جا!

 

ساٿ ڏسان سردار جو، ڏاج ڏسان هن ڪنوار جو.
          نَٿَ ساڻ پِڙو، پِڙو ته سرور گهوٽ جو-

ساٿ ڏسان سردار جو، ڏاج ڏسان هن ڪنوار جو…
          هَسي ساڻ پِڙو، پِڙو ته سرور گهوٽ جو-

ساٿ ڏسان سردار جو، ڏاج ڏسان هن ڪنوار جو…
          جهالر ساڻ پِڙو، پِڙو ته سرور گهوٽ جو-

ساٿ ڏسان سردار جو، ڏاج ڏسان هن ڪنوار جو…

[22]

وراڻي: بينسر بولو، منهن لايو ڙي اديون!

توهين هلي جوڙي کي جاڳايو،

توهين هگلي ڏاجو ته ڏيکاريو.

آيو خان ٻاروچو ڙي اديون! آيو مير  ٻاروچو ڙي اديون!
  توهين هلي ڏاجو ته ڏيکاريو…

اچي گڏ ٿيو گهوٽيتيون! تن گڏ ڏاڏي پوٽيون!
  توهين هلي ڏاجو ته ڏيکاريو…

کولي سڀئي صندوقون، ويس وڳا ءٌ ڳَهوٽيون،
    توهين هلي ڏاجو ته ڏيکاريو…

 

3. چِڪيي يا تيلاڙي جا ڳيچ

 

[23]  [6]

وراڻي: جاءِ جاءِ ڦُلڙا، سُرهو تيلائو، سو ته سُرهو تيلائو.

سوني ڏاوڻ، جاءِ جاءِ ڦُلڙا – سُرهو تيلائو، سُرهو تيلائو.
سوني نُوري، جاءِ جاءِ ڦُلڙا – سُرهو تيلائو، سُرهو تيلائو.
ڳاڙهن ڳانن، جاءِ جاءِ ڦُلڙا – سُرهو تيلائو، سُرهو تيلائو.

 

[24]

وراڻي: جيجان! تنهنجو سُنهڙو، آيل تنهنجو سُونهڙو،
                      گُجر سان جي گڏيو.

سوني ڏاوَڻ، روپي ڏاوَڻ، دُرس تيلاڙو-
               جيجان! تنهنجو سُونهڙو.

مڙني نياڻين، گڏجيڀيڻن، ساٺِيو تيلاڙو-
               جيجان! تنهنجو سُونهڙو.

تيلن ڦُليلن، عطرين عنبرين، سُرهو تيلاڙو-
               جيجان! تنهنجو سُونهڙو.

4. ٿار جا ڳيچ

[25]

وراڻي: موتي پايو ٿار ۾، جنهن کي ڪنڊڙيون او لاڏا!
ساٺ سنگهاريون ڪن، موتي پايو ٿار ۾
موتي پايو ٿار ۾، جنهن کي ڪنڊڙيون او لاڏا!
سنگهارن گهر سومرو، موتي پايو ٿار ۾-
موتي پايو ٿار ۾، جنهن کي ڪنڊڙيون او لاڏا!
آيا پالر پير ڀري، موتي پايو ٿار ۾-
موتي پايو ٿار ۾، جنهن کي ڪنڊڙيون او لاڏا!
5. ٽاري ڪپڻ جا ڳيچ

[26]  [7]

وراڻي: ٽِلي آءُ ٽاري تي، هلي آءُ مومل وٽ، سيڻن ڏنئي ڇپر کٽ.
       وڍ دشمن جو نڪ، ٽِلي اءُ ٽاري تي-

ٽلي آءُ ٽاري تي، هلي آءُ مومل وٽ، سيڻن ڏنئي ڇپر کٽ.
       الله ڏنيئي همٿ، ٽِلي آءُ ٽاري تي-

ٽلي آءُ ٽاري تي، هلي آءُ مومل وٽ، سيڻن ڏنئي ڇپر کٽ.
       رسول رکيئي پَت، ٽِلي آءُ ٽاري تي-

ٽلي آءُ ٽاري تي، هلي آءُ مومل وٽ، سيڻن ڏنئي ڇپر کٽ.

 

[27]

وراڻي: وڍڻ آيو ڪنڊري، وَنِي مليس ننڍڙي،
    سهڻل سونيءَ ترار سان، وڍڻ آيو ڪنڊڙي.
هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، سرخيءَ جوڙ بنايو-
     سهڻل سونيءَ ترار سان، وڍڻ آيو ڪنڊڙي…

هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو-
سهڻل سونيءَ ترار سان، وڍڻ آيو ڪنڊڙي…

 

[28]

وراڻي: ادل ويڙهل ۾ سائي موريم ڪَنڊ،
ڪپ ته ادل هٿ ۾ وڍيم ويرين نڪ،

 

موتي ڏئي دهري به گهڙاءِ، زميندار! ٻيلي آءُ سؤ لڳيئي سَٺ.
  اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-

 

موتي ڏئي دهري به گهڙاءِ، زميندار! ٻيلي آءُ سؤ لڳيئي سَٺ.
  ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سُرخيءَ جوڙ بنايو-

 

موتي ڏئي دهري به گهڙاءِ، زميندار! ٻيلي آءُ سؤ لڳيئي سَٺ.
  هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ هيءَ رنگ لايو-

 

موتي ڏئي دهري به گهڙاءِ، زميندار! ٻيلي آءُ سؤ لڳيئي سَٺ.
  اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-

 

 

 

[29] [8]

وراڻي: هن وڻ منجهان ڙي لاڏا! تنهنجو ڇُڳڙو رتو،
هن وڻ منجهان ڙي لاڏا! تنهنجو مَنڙو موهيو.

 

Text Box: ٽارو ڪپڻ

 

لاڏي کي جا لِکڙي، سنهڙيءَ سينڌ ڪنوار-
هن وڻ منجهان ڙي لاڏا! تنهنجو ڇُڳڙو رتو.

 

 

لاڏو لاڏي ننڍڙا، سنهڙيءَ سينڌ ڪنوار-
هن وڻ منجهان ڙي لاڏا! تنهنجو ڇُڳڙو رتو.

 

[30]

وراڻي: آڻي ٽارو کوڙيئون جيڏڙي!
لاڏيءَ جي گهر ڀر، ٻائي جيڏڙي!
          سون ساهيون سڄڻين.

 

پکي ۾ جا پدمڻي جيڏڙي!
پڌري جلوا ڏئي، ٻائي جيڏڙي!
          سون ساهيون سڄڻين.

 

مهاريءَ ۾ جا پدمڻي جيڏڙي!
ڪر ڏيو، ورڪي وڄ، ٻائي جيڏڙي!
          سون ساهيون سڄڻين.

 

هي جي اچن ٻه ڄڻا جيڏڙي!
اُماسيو ڍوليو آيو، ٻائي جيڏڙي!
          سون ساهيون سڄڻين.

 

 

[31] [9]

وراڻي: جُهڙن ٻڌي جهڪور، اُٿ ڪرهو ڪوڏ پلاڻ.
آڻي ٽارو کوڙيو، ٽاري ٽلن ٽؤنر، مَيڙو مهند پلاڻ-
     جُهڙن ٻڌي جهڪور، اُٿ ڪرهو ڪوڏ پلاڻ.

سائو سکيو شال هجين، مومل سندا مور! مَيڙو مهند پلاڻ-
      جُهڙن ٻڌي جهڪور، اُٿ ڪرهو ڪوڏ پلاڻ.

ڏک نه ڏسين ڏيهه ۾، املهه لال اتور! مَيڙو مهند پلاڻ-
      جُهڙن ٻڌي جهڪور، اُٿ ڪرهو ڪوڏ پلاڻ.

 

6. گَهڙي ڀرڻ جا ڳيچ

[32]  [10]

وراڻي: منهنجي پُڄاڻي آهي پِير، گهَهڙي ڀرڻ ڪا هلندي؟
منهن لاڏل جي موڙ جي سونهندا، موتين لايس شمعان-
منهنجي پڄائي آهي پِير، گهَڙي ڀرڻ ڪا هلندي؟
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل لايس شمعان-
منهنجي پڄاڻي آهي پِير، گَهڙي ڀرڻ ڪا هلندي؟
ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سُرخي لايس شمعان-
منهنجي پڄاڻي آهي پِير، گَهڙي ڀرڻ ڪا هلندي؟

 

[33]

وراڻي: گهَڙيو ڀرڻ هلو، جَر تي هلو،
سمون ڄام جَهلو، سمون ڄام جَهلو،

 

سهارين گهر هلو، گَهڙيو ڀرڻ هلو-
سمون ڄام جَهلو، سمون ڄام جَهلو،
لئي! لويان لُڏڻ گهوٽ کي.

 

جيڪي ماڻس من ۾، گَهڙيون ڀرڻ هلو-
سمون ڄام جَهلو، سمون ڄام جَهلو،
لئي! لويان لُڏڻ گهوٽ کي.

 

جيڪا ڀيڻس من ۾، گهَهڙيون ڀرڻ هلو-
سمون ڄام جَهلو، سمون ڄام جَهلو،
لئي! لويان لُڏڻ گهوٽ کي.

 

[34] [11]

وراڻي: انهيءَ گهوٽ سهڻل جي گَهڙي ته ڀريو،
             گَهڙي ته ڀريو، ويساهه وريو.

سر سهڻل جي سونا سهرا. زريءَ سينگار آ لايو-
انهيءَ گهوٽ سهڻل جي گَهڙي ته ڀريو،
             گَهڙي ته ڀريو، ويساهه وريو.

 

هيٺ سهڻل جي هرڻا مهري، ڇيرن ڇمڪار آ لايو-
انهيءَ گهوٽ سهڻل جي گَهڙي ته ڀريو،
             گَهڙي ته ڀريو، ويساهه وريو.

 

ڄاڃي سهڻل جا سڀئي سهڻا، دهلن ڌڌڪار آ لايو-
انهيءَ گهوٽ سهڻل جي گَهڙي ته ڀريو،
             گَهڙي ته ڀريو، ويساهه وريو.

 

[35]

وراڻي: اها ڀَردي آ ته ماءُ ٺَردي آ،
واهه واهه! گَهڙولِي ڀَردي آ.

 

سر لاڏل دي سوني سهري، زري جوڙ بنايا-
                  اها ڀَردي آ ته ماءُ ٺردي آ.

اکيان لاڏل ديان ٻرن مشعالي، ڪجل جوڙ بنايا-
                  اها ڀَردي آ ته ماءُ ٺردي آ.

ڏند لاڏل دي سنهڙي سهڻي، سرخي سهج بنايا-
                  اها ڀَردي آ ته ماءُ ٺردي آ.

هٿ لاڏل دي مينديءَ رتڙي، ڳاني سهج بنايا-
                  اها ڀَردي آ ته ماءُ ٺردي آ.

 

7. گهوٽ کي وهنجارڻ جا ڳيچ

[36]  [12]

وراڻي: کنوڻيون ٿيون تجلا ڪن، پيءُ جو پيارو، جُهڙ ۾ جُهلايو،                                
          آءُ گهوري وڃان، وهنجڻ ويلي آيو.

دهري گهڙائج سهڻي، گهوٽ لاڏا!

کنوڻيون ٿيون تجلا ڪن، پيءُ جو پيارو، جهڙ ۾ جُهلايو.
          ڪٺمال گهڙائج سهڻي، گهوٽ لاڏا!

کنوڻيون ٿيون تجلا ڪن، پيءُ جو پيارو، جهڙ ۾ جُهلايو.

ٻار کيون گهڙائج سهڻيون، گهوٽ لاڏا!

کنوڻيون ٿيون تجلا ڪن، پيءُ جو پيارو، جهڙ ۾ جُهلايو.

 

[37]

وراڻي: کوهه تي ويهه خوشيءَ سان ادل گهوٽ!
ادل گهوٽ تَڙ تي، ڏيهه تجلو، ڏيهه تجلو.

 

مهري آندءِ لال! موچارو، لال موچارو، سوني گاشي وارو-
 ادل گهوٽ تڙ تي، ڏيهه تجلو، ڏيهه تجلو…

نُقرو آندءِ لال! موچارو، لال موچارو، سونن سنجن وارو-
ادل گهوٽ تڙ تي، ڏيهه تجلو، ڏيهه تجلو…

هاٿي جو آندءِ لال! موچارو، لال موچارو، سوني هنباريءَ وارو-
ادل گهوٽ تڙ تي، ڏيهه تجلو، ڏيهه تجلو…

 

[38] [13]

وراڻي: اهو ميٽ تنهنجو تيل، ماءُ ڇو نه مليندي،
ڇو نه لڱن لائيندي، ڀيڻ ڇو نه مليندي؟

 

سوني دهري گهڙائي آءُ، منهنجا مور لاڏا!
     اهو ميت تنهنجو تي، ماءُ ڇو نه ملندي.

سونا ڪنگڻ گهڙائي آءُ، منهنجا مور لاڏا!
     اهو ميت تنهنجو تي، ماءُ ڇو نه ملندي.

سونا تائيٿ گهڙائي آءُ، منهنجا مور لاڏا!
     اهو ميت تنهنجو تي، ماءُ ڇو نه ملندي.

 

[39]

وراڻي: رک کاري تي پير، منهنجا مور لاڏا!
تنهنجي سولي ڪئي ستار، منهنجا مور لاڏا!

 

خاصي بينسر جوڙائي ڏي، منهنجا مور لاڏا-
         رک کاري تي پير، منهنجا مور لاڏا.

خاصي دهري جوڙائي ڏي، منهنجا مور لاڏا-
         رک کاري تي پير، منهنجا مور لاڏا.

خاصي ٻانهين جوڙائي ڏي، منهنجا مور لاڏا-
         رک کاري تي پير، منهنجا مور لاڏا.

 

[40] [14]

وراڻي: موڙ سان مٿڙو ڌوئي، هُو راڻل، تڙ سونهاريءَ ڪاڪ جي.
   ميٽ وِٽي هٿ ۾ هُو سوڍل، موڙ سان مٿڙو ڌوئي-
موڙ سان مٿڙو ڌوئي، هُو راڻل تڙ سونهاري ڪاڪ جي.
   ميٽ ملي سومر ملي، هُو سوڍل، موڙ سان مٿڙو ڌوئي-
موڙ سان مٿڙو ڌوئي، هُو راڻل تڙ سونهاري ڪاڪ جي.

 

[41]

وراڻي: لاڏو جَرَ ۾ ٿو جُهلي، ارباب لاڏو جَرَ ۾ ٿو جُهلي،
       ڇٻڪ ڇڙيس وار، جُهليو سو جيڏل ڀاءُ.
بينسر گهڙائج نهري، لاڏو جَرَ ۾ ٿو جهلي،
                 ارباب لاڏو جر ۾ ٿو جهلي.

دهري گهڙائج نهري، لاڏو جَرَ ۾ ٿو جهلي،
                 ارباب لاڏو جر ۾ ٿو جهلي.

جهالر گهڙائج نهري، لاڏو جَرَ ۾ ٿو جهلي،
                 ارباب لاڏو جر ۾ ٿو جهلي.


 

[42] [1]

وراڻي: واهه ڙي راڻل! تنهنجو وهنجڻ آ، سورٺ سان مِلڻو آ، عطر گلاب مَلڻو آ.

 

اکيون لاڏل جون ٻر مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو آ-
          سورٺ سان ملڻو آ، عطر گلاب ملڻو آ…

 

هٿ سهڻل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو آ-
          سورٺ سان ملڻو آ، عطر گلاب ملڻو آ…

 

ڏند سهڻل جا ماڻڪ موتي، سُرخيءَ جوڙ بنايو آ-
          سورٺ سان ملڻو آ، عطر گلاب ملڻو آ…

 

[43]

وراڻي: ٿڌڙيون کُوهيون، جَرَ جا پاڻي، ادل پرديسي،

 

ادل پرديسي ويٺو وار سڪائي، وار سڪائي، ويٺو حسن وڌائي.

 

عطر جي شيشي ادل گهرائي، جوڙيل گهرائي، ته لڱن کي لائي-
ادل پرديسي ويٺو وار سڪائي، وار سڪائي، ويٺو حسن وڌائي.

 

صابڻ ٽِڪي ادل گهرائي، جوڙيل گهرائي ته سُڳنڌ وڌائي-
ادل پرديسي ويٺو وار سڪائي، وار سڪائي، ويٺو حسن وڌائي.

 

مُشڪ کٿوري ادل گهرائي، جوڙيل گهرائي، ته لڱن کي لائي-
ادل پرديسي ويٺو وار سڪائي، وار سڪائي، ويٺو حسن وڌائي.

 

[44]

وراڻي: ٺاري واري کوهي، جَرَ جو پاڻي، جتي منهنجي ادل وار سڪايا.
عطر آڻائي، لڱن کي لائي، چندن آڻائي، وَنُل کي لائي-
ٺاري واري کوهي، جر جو پاڻي، جتي منهنجي ادل وار سڪايا.
ادل مشڪ ٿو لڱن کي مَلي، تيل ڦليل سان رَلي،
ٺاري واري کوهي، جو پاڻي، جتي منهنجي ادل وار سڪايا.
گلن سان ٿو نِچوئي بت، عاج ڦڻيءَ سان وار ٿو ٺاهي-
ٺاري واري کوهي، جر جو پاڻي، جتي منهنجي ادل وار سڪايا.

 

8. مينڍي ڇوڙڻ جا ڳيچ

[45] [2]

وراڻي: اڙي مينڍين واري لال سوناري! مينڍيون ڇوڙڻ ڏي،
ادل حاڪم پَٽ جو، صاحب سنڌ جو، شل ماڻيندو مومل!

 

هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو، ڙي لال سوناري-
ادل حاڪم پَٽ جو، صاحب سنڌ جو، شل ماڻيندو مومل!

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو، ڙي لال سوناري-
ادل حاڪم پَٽ جو، صاحب سنڌ جو، شل ماڻيندو مومل!

 

هيٺ لاڏل جي هرڻا جو مهري، گاشي جوڙ بنايو، ڙي لال سوناري-
ادل حاڪم پَٽ جو، صاحب سنڌ جو، شل ماڻيندو مومل!

 

[46] [3]

وراڻي: لاڏو لاڏي ننڍڙا، تنهنجا مينڍڙا ويڙهيا جيجل ماءُ،
                    هڪ جيڏي جيڏل! مينڍا ڇوڙڻ ڏي.

 

اسان آسون پنيون، تنهنجا مينڍا ويڙهيا جيجل ماءُ-
لاڏو لاڏي ننڍڙا، تنهنجا مينڍا ويڙهيا جيجل ماءُ.

 

لاڏي کي جا لِکڙي، تنهنجا مينڍا ويڙهيا جيجل ماءُ-
لاڏو لاڏي ننڍڙا، تنهنجا مينڍا ويڙهيا جيجل ماءُ.

 

لاڏو هليم ساهرين، تنهنجا مينڍا ويڙهيا جيجل ماءُ-
لاڏو لاڏي ننڍڙا، تنهنجا مينڍا ويڙهيا جيجل ماءُ.

 

[47]

وراڻي: لاڏي! ميندي ڦل ڇوڙڻ ڏي، تنهنجو سرتين ويڙهيو ڪوڏ مان،
                           سو مينڍي ڦل ڇوڙڻ ڏي.

ڌي سڀاڳي سلڇڻي! مينڍي ڦلڻ ڇوڙڻ ڏي-

لاڏي! مينڍي ڦل ڇوڙڻ ڏي، سو مينڍي ڦل ڇوڙڻ ڏي…
        جيجل ويڙهيئي سڪ مان، سو مينڍي ڦل ڇوڙڻ ڏي-

لاڏي! مينڍي ڦل ڇوڙڻ ڏي، سو مينڍي ڦل ڇوڙڻ ڏي…

 

ڳُتيل ڳوڙهو ڪوڏ مان، سو مينڍي ڦل ڇوڙڻ ڏي-

لاڏي! مينڍي ڦل ڇوڙڻ ڏي، سو مينڍي ڦل ڇوڙڻ ڏي…

 

تنهنجا وار گهنڊيدار، سو مينڍي ڦل ڇوڙڻ ڏي-

لاڏي! مينڍي ڦل ڇوڙڻ ڏي، سو مينڍي ڦل ڇوڙڻ ڏي…

 

توتي سچي سڳوري جي ڇانوَ، سو مينڍي ڦل ڇوڙڻ ڏي-

لاڏي! مينڍي ڦل ڇوڙڻ ڏي، سو مينڍي ڦل ڇوڙڻ ڏي…

 

9. ڪنوار کي وهنجارڻ جا ڳيچ

[48]  [4]

وراڻي: هرين هرين هلو، ويرم لايو، آءٌ هلندڙي آس.
                   ويهه وينگس سڄڙي پاڻيءَ -

هرين هرين هلو، ويرم لايو، آءٌ هلندڙي آس.
                 کول منينڍڙا جي ماءُ ڳتڙئي-

هرين هرين هلو، ويرم لايو، آءٌ هلندڙي آس.
                     لاهي مَرُ مٿان لڱن-

هرين هرين هلو، ويرم لايو، آءٌ هلندڙي آس.

 

[49]

وراڻي: پُکا ڀائرن جا، سُونهن سانگين جا،
ڪريو قبول، گوڏو موڙيندِي تڙ تي.
مينڍا مائٽاڻا، آيل اوراڻا، حامي الله ۽ رسول-
     پکا ڀائرن جا، سُونهن سانگين جا.

چيڙهه چڳن مان، لاهه لڱن تان، مٺڙي مومل-
     پکا ڀائرن جا، سُونهن سانگين جا.

ڇَٽ پٽن تي پَٽ ڇٽن تي، موليٰ جو معمول-
     پکا ڀائرن جا، سُونهن سانگين جا.

 

10. گهوٽ کي ڪپڙن پهرائڻ جا ڳيڇ

[50]  [5]

وراڻي: عطر چندن هلي لاڏل کي لايو، بسم الله ڪري آيو.
بسم الله ڪري آيو، آيو وَنڙي جو مالڪ-
عطر چندن هلي لاڏل کي لايو، بسم الله ڪري آيو.

 

بسم الله ڪري آيو، آيو هِندوري جو مالڪ-
عطر چندن هلي لاڏل کي لايو، بسم الله ڪري آيو.

 

بسم الله ڪري آيو، آيو ديري جو مالڪ-
عطر چندن هلي لاڏل کي لايو، بسم الله ڪري آيو.

 

[51]

وراڻي: ويهي وِيرَ مَلهاءِ، ويهي وِيرَ مَلهاءِ،
              بچين لاڏا! ويهي وير ملهاءِ.

ڪاڪل ڏيندئي ڪپڙا، اُچي هِرک منجهاءِ-
         ويهي وير ملهاءِ، ويهي وير ملهاءِ.

ڪپڙا تنهنجا قيمتي، تون اُٿي پهرڻ پت هنڍاءِ-
         ويهي وير ملهاءِ، ويهي وير ملهاءِ.

اطلس، بخمل، بافتا، ململ مَرڪ سندياءِ-
         ويهي وير ملهاءِ، ويهي وير ملهاءِ.

پٽڪو تنهنجو پَٽَ جو، واري وَرڙو وراءِ-
         ويهي وير ملهاءِ، ويهي وير ملهاءِ.

جُتي جيسلمير جي، پير پنهنجي ۾ پاءِ-
         ويهي وير ملهاءِ، ويهي وير ملهاءِ.

 

[52] [6]

وراڻي: لاڏل جو جورو، ڍَڪي ڏي رومال سان،
ڍَڪي ڏي رومال سان، ريشمي رومال سان.

 

بينسر لاڏل جي ساري اٿم سون جي-
لاڏل جو ورو ڍَڪي ڏي رومال سان.

 

دُهري ادل جي ساري اٿم سون جي-
لاڏل جو ورو ڍَڪي ڏي رومال سان.

 

ٻانهِين لاڏل جي ساري اٿم سون جي-
لاڏل جو ورو ڍَڪي ڏي رومال سان.

 

[53] [7]

وراڻي: وڳا ويس پُٽَ جا ماءُ کڻي آيئي،
ڀيڻ کڻي آيئي، سي پيءَ پهرايئي.

 

بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
وڳا ويس پَٽَ جا ماءُ کڻي آيئي.

 

دُهري ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
وڳا ويس پَٽَ جا ماءُ کڻي آيئي.

 

ٻانهين ادل جي مان لاڙئون آڻايان-
وڳا ويس پَٽَ جا ماءُ کڻي آيئي.

 

[54]

وراڻي: وڳا ويس تنهنجا، ڀائر کڻيو ايندءِ،
چاچا جو ايندءِ، موڙ ٺاهي ٻڌندءِ.

 

سونا ٻيڙا ته ٺهرائي، ماما کڻيو ايندءِ،
ڄاڃي جو ايندءِ، موڙ ٺاهي ٻڌندءِ-
وڳا ويس تنهنجا، ڀائر کڻيو ايندءِ.

 

مُنڊيونن ته ٺهرائي، چاچا کڻيو ايندءِ،
ڀائر جو ايندءِ، موڙ ٺاهي ٻڌندءِ-
وڳا ويس تنهنجا، ڀائر کڻيو ايندءِ.

 

[55] [8]

وراڻي: لاڏل ڀائرن وچ ۾ وهنجيو ٿو ويس ڪري،
وهنجيو ٿو ويس ڪري، لاڏل ڀائرن وچ ۾.

 

آهيس نينهن نماز سان، ڪلمون ڪوڏ پڙهي-
لاڏل ڀائرن وچ ۾، وهنجيو ٿو ويس ڪري.

 

ڀلو آهي ڀائرن ۾، گهوڙي ٿو گهوٽ چڙهي-
لاڏل ڀائرن وچ ۾، وهنجيو ٿو ويس ڪري.

 

قصد اٿس ڪاڄَ جو، وَهلو ٿو وِيرُ وري-
لاڏل ڀائرن وچ ۾، وهنجيو ٿو ويس ڪري.

 

[56]

وراڻي: لاڏل ڪندم ويس، ڏسي آءٌ ڇو نه ٺران، آءٌ ڇو نه ٺران؟
            چڱي بينسر جوڙائي، لاڏل پاڻ آيو-

لاڏل ڪندم ويس، ڏسي آءٌ ڇو نه ٺران، آءٌ ڇو نه ٺران؟
            چڱي هَسي جوڙائي، لاڏل پاڻ آيو-

لاڏل ڪندم ويس، ڏسي آءٌ ڇو نه ٺران، آءٌ ڇو نه ٺران؟
            چڱي دُهري جوڙائي، لاڏل پاڻ آيو-

لاڏل ڪندم ويس، ڏسي آءٌ ڇو نه ٺران، آءٌ ڇو نه ٺران؟

 

[56]

وراڻي: ابلڙو ڀلي پيو ويس ڪري، بنرو ڀلي پيو ويس ڪري،
ڀلي پيو ويس ڪري، ڏسي ماڻس ٺري، منهنجو آهي اربيلو.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
ابلڙو ڀلي پيو ويس ڪري، بنرو ڀلي پيو ويس ڪري،

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ آهي رنگ لايو-
ابلڙو ڀلي پيو ويس ڪري، بنرو ڀلي پيو ويس ڪري،

 

هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بنايو-
ابلڙو ڀلي پيو ويس ڪري، بنرو ڀلي پيو ويس ڪري،

 

[57] [9]

وراڻي: ادل توکي الله پهرايو، پاءِ ولائتي وڳو.
ويل اسر جي، ويل صبح جي، رنگ سرور کي لڳو-

ادل! توکي الله پهرايو، پاءِ ولائتي وڳو.

هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جو رنگ لڳو-
    ادل! توکي الله پهرايو. پاءِ ولائتي وڳو.
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جو رنگ لڳو-
    ادل! توکي الله پهرايو. پاءِ ولائتي وڳو.

 

[58]

وراڻي: ابل! ڪر کهنبو ويس، تنهنجون نمونو نُورل واسيون،
 تو سان ڀائر هلندا ساڻ، تو سان راڄ هوندا ساڻ.

 

وينڊو ابل! تنهنجو سونو، تو سان ڄاڃي هلندا ساڻ-
ابل! ڪر کهنبو ويس، تنهنجون نمونو نُورل واسيوڻ.

 

دهري ابل! تنهنجو سونو، تو سان ڄاڃي هلندا ساڻ-
ابل! ڪر کهنبو ويس، تنهنجون نمونو نُورل واسيوڻ.

 

هسي ابل! تنهنجو سونو، تو سان ڄاڃي هلندا ساڻ-
ابل! ڪر کهنبو ويس، تنهنجون نمونو نُورل واسيوڻ.

 

[59]

وراڻي: شيشي عطر هٿ ۾، رتو راڻل رات،
 وهاڻي پرڀات، لاڏي پَٽ پرهيو.
ڳاڙهو ٻاجهَٽ ٻُنڀ تي، رتو راڻل رات-
وهائيءَ پرڀات، ڍولئي پٽ پرهيو…
سِر کنڊ ڪاٺي هٿ ۾، رتو راڻل رات-
وهائيءَ پرڀات، ڍولئي پٽ پرهيو…

 

[60] [10]

وراڻي: منهنجو لاڏل پائي آيو چولو ستار سان،
چولو ستار سان، زريءَ ڪِنار سان.

 

بينسر جوڙائيندو هيري واهر سان،
منهنجو لاڏل پائي آيو چولو ستار سان.

 

هَسُ جوڙائيندو هيري واهر سان،
منهنجو لاڏل پائي آيو چولو ستار سان.

 

بينسر جوڙائيندو هيري واهر سان،
منهنجو لاڏل پائي آيو چولو ستار سان.


 


[11] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [12] لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان مليو.

[13] اتر (تعلقي خيرپور) مان مليو. [14] لاڙ (تعلقي بدين) مان مليو. [15] اُتر (تعلقي اُٻاوڙي مان مليو.

[16] ۽ [17] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليا.

[18] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو. [19] اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان مليو. [20] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

[21] اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان مليو. [22] اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان مليو.

[23] لاڙ (تعلقي بدين) مان مليو. [24] وچولي (تعلقي هالا) مان مليو. [25] لاڙ (تعلقي بدين) مان مليو.

[26] وچولي (تعلقي حيدراباد) مان مليو. [27] اتر (تعلقي ميروخان) مان مليو. [28] اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو.

[29] ۽ [30] لاڙ (تعلقي بدين) مان مليا.

[31] ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان مليو.

[32]وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. ]33] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

[34] اُتر (تعلقي ميرو خان) مان مليو. [35] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

[36] لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان مليو. [37] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[38] اُتر(تعلقي وارهه) مان مليو. [39] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

[40] لاڙ تعلقي بدين) مان مليو. [41] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

[42] اُتر (تعلقي ميروخان) مان مليو. [43]اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[44] اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان مليو. [45] اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان مليو.

[46] لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان مليو. [47] لاڙ (تعلقي بدين) مان مليو

[48] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو. [49] لاڙ (تعلقي بدين) مان مليو. [50] وچولي (تعلقي سانگهڙ) مان مليو.

[51] ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان مليو.

[52] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) ۽ اُتر (تعلقي خيرپور) مان مليو.

[53] اُتر (شڪارپور ۽ ڪڪڙ تعلقن) مان مليو. ]54[ وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

[55] وچولي (تعلقي هالا) ۽ لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان مليو. [56] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو. [56] اُتر (تعلقي رهڙي) مان مليو.

[57] اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان مليو. [58] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو. [59] وچولي (تعلقي هالا) مان مليو.

[60] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org