سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳيچ

باب: -

صفحو :23

ڀاڱو ٻيو

 

ٿر جا ڳيچ

 

باب يارهون

 

ونواوهه کان وٺي ستاوڙي تائين ڳيچ

 

هن باب ۾ (1) ونواهه، (2) ميندي، (3) شاديءَ جي تياري، (4) گهوٽ جي ڪنواريتن ڏانهن روانگي ۽ پهچ، (5) ڏانوڻ ڏائڻ يا پُر کڻ، (6) ڄڃ کي سوکڙيون ڏيڻ، (7) مهرات يا شاديءَ جي رات، (8) گهوٽ جي مرحبا، (9) سيج، (10) ڪنوار جي موڪلاڻي ۽ (11) ستاواڙي جا ڳيچ اچي وڃن ٿا.

آڳاٽي وقت کان ٿرپارڪر واري ڀاکي ۾ مسلمانن سان گڏ هندن جي پڻ وڏي آدمشماري آهي، پر شاديءَ جا ڳيچ گهڻو ڪري سڀني قومن جا ساڳيا آهن. صرف ن ان ڪي سنڌيءَ  ترو ڪري ڳائبا آهن، گر رسون روا گڻي قدر ساڳيا آن. ن باب ۾ آيل ڪافي رسمن توڙي ڳيچن جو مواد تعلقي ڇاڇري جي ڪارڪن رائچند هريجن کان مليو، جنهن ۾ هن هريجن قوم جون رسمون بيان ڪيون آهن. ڳيچن سان مناسبت رکندڙ رسمن جو مختصر بيان سلسليوار هتي ڏجي ٿو.

شاديءَ کان پنج يا ست ڏينهن اڳ جيئن ڪنوار کي ’ونواهه‘ ويهاريو ويندو آهي، اهڙيءَ طرح گهوٽ کي به ونواهه ۾ ويهاريندا آهن. انهيءَ موقعي تي هڪڙي ديڳ چانورن جي رڌي، ٻاجهريءَ جي اٽي جون مانيون پچائي، اُن ۾ ڳُڙ ملائي مٺيا ٺاهي، گهر گهر ۾ ورهائيندا آهن. ان بعد م پِيهي اٽو ڪري، ان ۾ ٿورو گيهه ۽ هيڊ ذرو ملائي، ڳوهِي ”پيٺِي“ يا ”پِيئر“ تيار ڪندا آهن، جا وناهه وارن ڏينهن ۾ گهوٽ کي روزانو بُت تي مليندا آهن. ونواهه واري عرصي ۾ گهوٽ کي ٻانهن ۾ هڪ پيلو ڌاڳو ٻڌل هوندو آهي ۽ بيٺ ۾ ڪاتي يا ڪٽاري لڳل هوندي، جا هر وقت ساڻس گڏ هوندي، رات جو سمهڻ مهل سيرانديءَ کان رکندو آهي.

ٻه سهاڳڻ زالون، خاص طرح گهوٽ جون ڀاڄايون ۽ ٽي ڪنواريون ڇوڪريون، خاص طرح گهوٽ جون ڀيڻون ان هنڌ اينديون جتي گهوٽ مَنجيءَ تي ويٺل هوندو. پهريائين هڪ ڀاڄائي پنهنجا ٻئي هٿ هڪٻئي مٿان ڪئنچي وانگر رکي، بيٺي مان آريون ٻوڙي گهوٽ جي پيرن تي رکندي، پوءِ گوڏن تي، پوءِ ڪلهن تي ۽ ان بعد مٿي تي رکندي. اهڙيءَ طرح پنج دفعا ڪندي. ان بعد باقي چارئي ڄڻيون اهڙيءَ طرح پنج پنج دفعا ڪنديون، فقط ڀيڻون، يعني ڪنواريون ڇوڪريون، گهوٽ جي پيرن تي هٿ نه رکنديون ان رسم کي چَون گهوٽ ”پيئر چڙهيو“ يا ”تيل چڙهيو“. ان وقت گهر ۾ ٻيون زالون وري پنج اُکريون کڻي انهن مان هرهڪ ۾ سير کن داڻا (ٻاجهر يا چانور) وجهي، مٿان اُڀيون مُهريون وجهي، پنجن ڪنوارين ڇوڪرين کي چونديون جي اُهي مهريون اُتي جهلي بيهنديون. ان مهل ڇوڪرين کي هٿن ۾ مٺن لولن جا ڇُڳا هوندا، جنهن مان هر هڪ ڇوڳي ۾ پنج لولا هوندا. ان رسم مهل زالون ڳيچ ڳائينديون آهن، جن کي ٿري ٻوليءَ ۾ ”لاڏيلو“ چون ٿا، اهي هن قسم جا آهن:

چوکا ڇڙجين، موتي ڏڙجين،

ٺاڪر ور لاڏو، گومند ور لاڏو.

*  *  *

لَــگــيــنــيــا لِــــکـــــا ڙي چــــــڙهيو لاڏو،

لِــــــکــــــاڙي چــــڙهيـــــو لاڏو،

لاڏيلو جائي اُڀو مڻهياري ري هاٽ،

چندن چوڙو چيرائي چڙهيو هو ري لال!

*  *  *

        ان بعد انهن داڻن جون چار پتيون ڪري، مکڻهار، گُرڙِي ڪُنڀر ۽ موچيءَ کي ورهائي ڏينديون آهن.

        ڪنواريتا وري شاديءَ کان پنج ست ڏينهن اڳ ڪنوار کي ونواهه ۾ ويهارڻ جي تيري ڪندا. ونواهه ويهارڻ واري ڏينهن ٻنپهرن ڌاري ڪنوار جون ساهيڙيون، ڪنوار جو مٿو ڌئاري، تيل وجهي ڪنوارين ڇوڪرين وانگر سندس وار ويڙهنديون. ان بعد وري ٽپهري ڌاري سندس ساهيڙيون اينديون ۽ مٿو اُکيلي کيس ننڍي منجيءَ تي ويهاري ڇڏينديون. پوءِ رڌل ڇچانورن تي گيهه کنڊ وجهي هڪڙي ٿانءُ ۾ ڪنوار جي اڳيان رکنديون ۽ ان سان گڏ پنج ست ڇوڪريون به کائڻ وينديون. ماني کائڻ بعد ڪنوار کي ڪچي پيلي رنگ جي سُٽ جا پنج يا ست ڌاڳا گڏي ڏورو ٺاهي ساڄي هٿ ۾ ٻڌنديون، جنهن کي ”ڏورو ٻڌڻ“ چئبو آهي. ان بعد پيٺِي تيار ڪري ڪنوار جي اڳيان رکنديون ۽ اُهو ساڳيو ساٺ ڪنديون، جهڙيءَ طرح گهوٽ سان بيان ڪيو ويو آهي. ان بعد چوندا ته ”ڪنوار تيل چڙهي“ يا ”ونواهه ويٺي“. انهيءَ موقعي تي به زالون ساڳيا ڳيچ چونديون، جي گهوٽيتن ۾ چون.

        انهيءَ رات جو گهوٽيتن توڙِ ڪنواريتن ۾ مجلس ٿيندي آهي، تنهنڪري ان رات کي ”مهرات جي رات“ چوندا آهن، جنهن جي معنيٰ آهي ”اوجاڳي جي رات“. اُها سڄي رات هڪ طرف زالون ڳيچ ڳائي گذارين ته ٻئي طرف وري مرد ڪهاڻيون، ڪافيون چئي کل خوشيءَ ۾ پوري ڪن. ان رات گهوٽ ڪنوار کي ”ميندي لائڻ“ جي رسم به ادا ڪئي ويندي آهي، ۽ ان وقت هن قسم جا ڳيچ چون:

ميندي نيپجي مالِي آيو ڙي عمرڪوٽ،

ميندي مين مُلائي- ري لال!

* * *

جهڙ ڦڙ ڦرو لاڏيلا، جهڙ ڦڙ ڦڙو سورٺيا،

تانهنجي جيجل رومن راجي.

        وڳي ڍڪائڻ کان پوءِ ”تورڻ مان لنگهڻ“، ”ڪَنڪڻ ٻَڌڻ“ ۽ ”مُنهن اُٺائڻ“ وغيرهه جون رسمون گهوٽ ۽ ڪنوار کي ادا ڪرائيندا آهن، انهن لاءِ به مختلف ڳيچ آهن، جيئن ته:

تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي، جهالر جهڙ جهڙ جهُليو،

لاڏيلي ري جان ۾ وَڙي، تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي.

        ان بعد گهوٽ کي اچي ڇَنِي ۾ ويهاريندا، جنهن کي چون ”گادي ويهارڻ“.

        ان بعد گهوٽ کي ”ڪُلر ٻڌڻ“، ”ترگس ڦيرائڻ“ يا ”نيسار ٿيڻ“ ۽ ”واڳ جهلڻ“ جون رسمون به ضرور ڪرائيندا. جنهن کي پوءِ ڄاڃي ۽ گهوٽيتا ڪنواريتن ڏي روانا ٿينا. ان مهل زالون ڳيچ چونديون، جهوڙڪ: ”لاڏيلو گُلال وارو“، ”دودل لاڏيلو“ وغيرهه، جي هن طرح آهن:

لاڏيلي ري جان ۾ گلاليڙو گهڻيرو،

گلاليڙو لاڏيلو، آپ جي هي چڙهيو ري لال.

* * *

لاڏيلو ڏَران ڦران جو وي، پاڇلڙي ٿو ڦوري،

هالِي رِي موريڙا! تانجهي جانَ سنڀوڙي، ري لال!

* * *

دودل جي دل لونگن تي، دودل جي دل ڦوٽن تي،

هَلو هاڻ دودل!

        ڪنواريتن ڏي ويندي ڄڃ وارا رستي تي موقعي پٽاندر سَوڻ ساٺ به ڪندا ويندا، جن مان ”بَتڻ جي ماني ورهائڻ“ ۽ ”ڪنواريتن جي طرفان موڪليل ڇوڪرن“ کان جند ڇڏائڻ جون رسمون مکيه آهن.

        جڏهن ڄڃ ڪنواريتن جي گوٺ وٽ پهچندي آهي، تڏهن ڄاڃي انهيءَ ڳوٺ جي ٻاهران ئي ويهي رهندا ۽ پاڻ مان هڪڙو ماڻهو ”وڌائيئو“ ڪري ڪنواريتن ڏي اطلاع لاءِ موڪليندا آهن.، ڪنواريتا وري انهيءَ وڌائيئي کي مٺائي وغيرهه کارائي، مٿانئس ايترو ڳاڙهو رنگ هاريندا آهن، جو سڃاڻڻ کان نڪري ويندو آهي، پوءِ کيس هڪڙو ناريل ڏيئي روانو ڪري پاڻ وري ان وقت ”سامئيئي“ جي رسم موجب هڪڙي سهاڳڻ زال جي مٿي تي چونري ۽ لوٽو رکي، ان جي مٿان سائي ڪپڙي سان ڍڪيل ناريل رکي ڪن مردن، زالن ۽ دُهلارين سان ڄاڃين جي آجيان لاءِ روانو ڪندا آهن. ان مهل زالون جيڪو گيت ڳائينديون هلنديون، ان ۾ انهن ماڻهن جا نالا به چونديون، جيڪي آجيان لاءِ ويندا هوندا، جنهن مان گهوٽيتن کي خبر پوندي ته فلاڻي فلاڻا ماڻهو اسان جي آجيان لاءِ آيا اهن. ان مهل جو ڳيچڍ هيءُ آهي:

سامئيئي ڪوڻ ڪوڻ، سانچري سامئيئو؟

سامئيئي ۾.... روٻيٽو.... سانچري(1).

        پوءِ ڪنواريتن جا موڪليل ماڻهو ڄاڃين جي آجيان ڪري، کيس پاڻ سان گڏ وٺي اچي باعزت ڇني ۾ ويهاريندا. ڇني ۾ پهچڻ سان اُهيئي ڪنواريتون زالون ”ساميڙيو“ جي رسم ادا ڪنديون. جڏهن ڄڃ ٿانيڪي ٿي ويندي تڏهن ”گُرڙو“، گهوٽ ۽ سندس ”آڻوهار“ کي پاڻ سان گڏ ڇني مان وٺي ڪنواريتن ڏي ”تورڻ“ وٽ ويندو، جتي ڪنواريتا گهوٽ سان ”پِرانکڻ“ يا ”ڏَهِي نِلاڙ“ ۽ ”ڏانوڻ ڏانئڻ“ جا ساٺ سڳڻ ڪن ۽ ساڳئي وقت ڪنوار کان گهوٽ کي ”آکا هڻڻ“ جو سَوَڻ به ڪرائين. انهن ساٺن مهل زالون جي ڳيچ چون، سي ”تورڻ جو ڳيچ“، ”پرکڻ جو ڳيچ“ ۽ ”ڏانوڻ ڏانئڻ“ جو ڳيچ سڏجن، جي هن طرح آهن:

 

تورڻ چڙهيو لاڏو، هرِي هرِي پرُ کج او-

لاڏو ماءُ جو پيارو، لاڏو ڀيڻ جو پيارو.

* * *

آڻي تورڻ اُڀا جاڻي، سوڙهي سروج اوگا-

هو ڪيسريا لاڏا!

انهن ساٺن بعد ”گُرڙو“ هيءَ آرتِي (دعا) پڙهندو:

”وِگهن وڏارِڻ ڀَوَ هيرڻ، هونت ٻڌ پرڪاش،

لينَت نام گهڻيش، اڍارهه مهورتي،

سرب سمهورتي، سري سيتارام، رامنگلا چار.“

 

        (جيڪي رنڊڪون ۽ وڏيون تڪليفون اچن، سي شل ناس ٿين ۽ توهان ۾ سمجهه ۽ سوجهرو ٿئي. آءٌ گڻيش ديوتا جو نالو وٺان ٿو. نيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ جملي ارڙهن مهورت آهن، سڀڪو نيڪ ڪم انهن مهورتن ۾ ڪيو آهي، تيئن هي به سُڀ مهورت آهي. سري سيتا رام جو نالو وٺان ٿو ته شل اوهان وٽ هميشه آندد هجن.)

        ان بعد ڪنوار کي موٽائي گهر وٺي ويندا ۽ گهوٽ وري ڇني ۾ ايندو.

        انهيءَ رات جو وري سهاڳڻ زالون ٿالهين ۾ کاکَڙ، وڙيون، پاپڙ ۽ مٺائي وغيرهه وجهي ڄڃ کي سوکڙيءَ طور ڏيڻ لاءِ وينديون. ڪنواريتن جي گهر کان وٺي ڳيچ ڳائينديون اچي گهوٽ جي ڇني جي در تي بيهنديون، اتي به جيڪي ڳيچ چونديون، سي هن قسم جا آهن.

 

هالو سهيليئا! جــو وڻيئي نان هالان،

مانهنجو لاڏلو آيو سيڻجي ڏيس ۾ هو راڄا!

هان جــوڌيئا ٻائي رو جـــوڙي رو جلال،

هيرونِي ڇي رتنارو، گاڍومارُ وار کووراڄا!

 

        ان کان پوءِ زالون ڇني جي دروازي تي بيي ”رام رام“ جو ڳيچ ڳائينديون آهن:

هيڪ پانَ، دوئي پان، دُوسرائي پان،

مور بجاوي بانسري، پپيها توڙي ڪانَ

رگهو رام سڀائي رام رام!

نيٻراج بيڀائي رام رام!

        ان بعد وري گهوٽ لاءِ ڳيچ چونديون آهن، جو هن قسم جو آهي:

گهي پي لاڏلڙا، گهِي پي لاڏا!

ٿانري ٻانهنڙيئي ٻرٿا سي ري.

        آڌر ڀاءُ کان پوءِ ڄاڃين کي ماني کارائي ويندي آهي، جنهن جو بندوبست اڳ ۾ ئي ٿيل هوندو. جڏهن گهوٽيتن جي ڄڃ کي ماني ملندي، تڏهن ڪنواريتيون زالون ”جهيمڻ“ جو ڳيچ چئي گهوٽيتن کي چونديون آهن ته اسان ”جهيمڻ“ ٻڌو آهي، هاڻي اوهين ”جهيمڻ“ ڇوڙي پوءِ ماني کائو. اڪثر هرهڪ قوم، مثلاً ڪنڀارن، ڪولهين، لوهاڻن وغيره وٽ جهيمڻ ٻڌڻ جا ٻول جدا جدا آهن. جهيمڻ ٻڌڻ جا ٻول هن طرح آهن:

 

ٻانڌا مائُوڙَلي، جي ري گهر جايا،

]ٻڌان تنهنجي ماءُ، جنهن توکي ڄائو[

ٻانڌا سُوئيياڻي، جي ٿانا جهِلايا،

]ٻڌان دائي، جنهن توکي وهنجاريو[

ٻانڌا ڀوئا ڀلي، جِي منگل گايا،

]ٻڌان پڦي، جنهن خوشيءَ جا راڳ ڳايا[

ٻڌاڻ بِينل، جي ڪَڙيئي هُلرايا،

]ٻڌان ڀيڻ، جنهن توکي چيل تي کڻي گهمايو[

ٻڌاڻ واٽڙلي، جي وهي آيا،

]ٻڌان واٽ، جنهن تان هلي آيو[

ٻڌاڻ ڪَرهيو، جي چڙهي آيا،

]ٻڌان اُٺ، جنهن تي چڙهي آيو[

ٻڌاڻ سيرو، ساگريئاندو،

]ٻڌان سِروساگِريئو[

ٻڌاڻ مُگت موگريئا ندو،

]ٻڌان مگت موگريئا دو[

ٻڌان لاپسڙي پنج ڌارِي،

]ٻڌان ڪڻڪ جي ڏاري جو ڀت[

جنهن ۾ گهِي ڳڙ گمات سڌاري،

]جنهن ۾ گيهه جو داغ ۽ ڳڙ پيل هوندو آهي[

ٻانڌاڻ نکتي داڻيدار،

]ٻڌان نختي داڻيدار[

ٻانڌا جڙيبِي جهل جهلتي،

]ٻڌان جليبيون چاشدار[

ٻانڌا لاڏو موچ موچارا،

]ٻڌان لڏون نرم نرم[

ڪورا ڪپڙا وڇايا،

]ڪورا ڪپڙا وڇايان[

جانڃ سَهِي منڍي آئي،

]ڄڃ سموري ماڃين جي گهر آئي[

لاڏلڙي ري ماٿي موڙَ،

]گهوٽ جي مٿي تي ٻڌل موڙ به ٻڌو[

ٻانڌي جانڄيوان ري جوڙ،

]ڄاڃين جي جوڙي جوڙي به ٻڌو[

اسان جي گهَر ٽِي رو وڏو هَٿو،

]اسان جي جنڊ جو وڏو هٿو[

ٻَڌو بِيڀائي رو مٿو،

]ٻڌو بيڀائي جو مٿو[

لاڏلڙي ري ماٿي پاٽو گر مگرو،

]گهوٽ جي مٿي تي ٻڌل پٽاپٽي پٽڪو ٻڌو[

ٻڌڌو بيڀائي سَگهرو،

]ٻڌو بيڀائي سگهرو[

        اهو ٻُڌڻ بعد ڪوبه ڄاڻي ماني نه کائيندو، جيسين منجهانئن جهيمڻ نه ڇوڙي. آخر ڪو نه ڪو سگهڙ هن طرح ٻڌل جهيمڻ ڇوڙيندو.

اَن ڌن ڌڻيءَ اُپايو، جي نان ٻَنڌڻ ڪي فرمايو
[ان ڌن ڌڻي اپايو، ان تي وري بندش ڪنهن وڌي؟]
جوٺي دنيا جوٺ ڪمايو، ڌرتي اوپر ڏان چَلايو،
[ڪوڙي دنيا ڪوڙ ڪمايو، ڌرتيءَ تي ان اُپايو]
چوري ڏاڙي چوڙ ٻجهين، جهنگ ٻيلائي سور ٻجهين،
[چور ٻڌجي سگهن ٿا، جهنگ جا ٻيلائي شينهن ٻڌجي سگهن ٿا]
ٻجهين ايڙا، ٻجهين ٻيڙا، ٻجهين کڙ کڙندا جوڙا،
[درياء ۾ ٻيڙآ ٻڌجي سگهجن ٿا، ٻني پوکيندڙ ڍڳا ٻڌجي سگهن ٿا]
اَن نه ٻڌو گورڙين، جهيِمي لوڪ سنسار،
[اي زالون! اوهان ان نه ٻڌو، اُهو سڄي دنيا کائي ٿي]
اَن بنا آدم نهين، نَران نه ميڙو نار،
[اَن کان سواءِ انسان نه آهي، جيئن مرد کانس واءِ زال]
منهڏيهه اضڏايو مانڏ هلي، جس ري ٻيٺي جانَ،
[ڄڃ لاءِ ڇنو ڪنواريتن ٺهرايو، جنهن ۾ نامياري ڄڃ ويٺي آهي]
خوب جهيمڻ کيمي ڪهيو، ڌرا ڇٽو ڌان،
[’کيمي‘ خوب جهيمڻ چيو، اَن شروعات کان ئي ڇٽل آهي]
ميهه پون، پاڻِي ڇُٽا، ساڌو ڏيهه سَماڻي،
[مينهن،هوا، پاڻي سڀ ڇٽا، درويشن جي روح کي به آرام آيو]
ڇٽو چندر، ڇٽو سورج، ڇٽا نو لک تارا،
[ڇٽو چنڊ، ڇٽو سورج، ڇٽا نو لک تارا]
نور ڇٽا، ايڪوئيس برهه منڊل ڇٽا، چاريءَ ڏسِين نو لک کنڊ ڇٽا،
[سوجهرو ڇٽو، ايڪيهه برهه منڊل ڇٽا، چار ئي طرف ۽ نوکنڊ ڇٽا]
اتر ڇٽو، ڏکڻ ڇٽو، دلِي ڇٽي، دکن ڇٽو،
پورب ڇٽو، پڇم پٽو، واڻِي ويد، ڇڇم ڇٽو،
ڍٽ ڇٽو، پٽ پٽو، پاڙي پاڙي وَٽ ڇٽو،
اَڏين اَجهائين گهر ڇٽا، ناريان را نر ڇٽا،
[اڏيل جايون ۽ گهر ڇٽا، زالن جا مڙس ڇٽا]
وهنجا واريان وَر ڇٽا، تَج ڪماني سر ڇٽا،
[وهنجندي وار ڇٽا، تير ڪمانن ۾ جي گز هئا اهي ڇٽا]
ڍال اچن تلوار ڇٽا، هڻڻ وارا هٿيار ڇٽا،
[ڍال ۽ تلوار ڇٽا، هٿير به ڇٽا]
لوهه بندوقِي، لارِي ڇٽِي، ڪمربند ڪٽاري ڇٽِي،
[لوهه جي بندوق ۽ لاري به ڇٽا، ڪمر بند ۽ ڪٽاري به ڇٽا]
سِيري رِي سرواڻي ڇُڦٽي، مردن جنگ ملهائي ڇٽي،
[سِيري تان بندش ڇُٽي، مردن جنگ مَلهائي، اُها به ڇٽي]
پاڻي ري پڻهاري ڇٽي، نِير ڀريندي ناري ڇٽي،
[پاڻي ڀرڻ واري ڇٽي، پاڻي ڀريندي زال ڇٽي]
هينڍوڻِي پرهيل ڇٽي، ٻانهياري جي ٻيلهه ڇٽي،
[سينهون تي رکيل ٻه دلا ڇٽا، ٻانهيارين جي ٻيلهه ڇٽي]
ٻانهن، ڇُوڙو، کنج ڇٽا، پوپٽ، پنڙا، منجهه ڇٽا،
وينڊي وريا وار ڇٽا، سُندر جا سڻگار ڇٽا،
[وينڊي جا وَر ڇٽا، سهڻين جا سينگار ڇٽا]
هيڪو ٽائي هار ڇٽا، چَونري ڦيرا چار ڇٽا،
[هِڪ سروارا پوتل هار ڇٽا، چَونريءَ جا چار ڦيرا ڇٽا]

 

ڪن ڪن هنڌن جهيمڻ ڇوڙڻ جا ڳيچ ٻين نمونن جا آهن، مثلاً:

ڏک ميٽڻ ڏيوتا، اَن موٽو آڌار،
[ديوتا ڏک دور ڪن ٿا، اَن اسان جو جياپو آهي]
اُونئان ڪو ٻنڌڻ نه ٻنڌيئي، سک پاوي سنسار،
[ان تي بندش نه وجهجي جنهن مان دني اسک وٺي]
رَين ڏِن ڇُوٽو رهي، پر آتم ڪونه پوک،
[رات ڏينهن ڇٽل رهن، جي ڀڳوان جا پيدا ڪيل آهن]
سک جِي ۾ سَنپجي، سڀ ڪون ملي سَنتوڪ،
[اناج جي ڪري سک ٿئي ٿو ۽ سڀ کي آرام ملي ٿو]
جات موتي دان ڇوٽا، ڇٽا اَن ڏيوَ آپ،
[طرح طرح جا دان ۾ ڏنل موتي ڇٽا، اناج به ڇٽو]
پُن جهِي پر گهٽيا، ميٽ گئي سڀ پاپ،
[جيئن ئي ڌرم آيو، تيئن گناهه سڀ ختم ٿي ويا]
ڌرڻي ڌيرج، ڌيان ڇٽا، ست سمپادڪ گيان ڇٽا،
[صبر، ڌيرج، ڌيان ڇٽا، ست سمپادڪ گيان ڇٽا]
ڌڻ، ڌيڻا، ڌام ڇٽا، کنڊ کير، پَڪوان ڇٽا،
[مال ۽ تيرٿن جون جايون ڇٽيون،. کنڊ، کير ۽ پڪوان ڇٽا]
ساگر نير سُچَنگ ڇٽا، گئون پاپ گنگ ڇٽا،
[سٺي پاڻي وارا سمنڊڇٽا، گئو هتياوارن جا پاپ ڇٽا]
نوَ لک تارا نِرڌار ڇٽا سورج، چندر ڏسين چار ڇٽا.
[نَوَ لک تارا ڇٽا، سج ۽ چنڊ چئني طرفن کان ڇُٽا]
ڌَر انٺر اٿاگ ڇٽا، گسڻ تين تتاگ ڇٽا،
[ڌرتي ۽ آسمان ڇٽا، ٽي گڻ جلدي ڇٽا]
ميگهه طاقت ميگهه منڏاڻ، گهري گاج، بيج گهُمساڻ.
[طاقت وارن ڪڪرن جو مانڊاڻ منڊيون آهي، گوڙ ٿئي ٿي، وڄ چمڪي ٿي]
ڇٽا سوروير وڏي سردار، رهي رَڻِ بجائين بار.
[وڏا سردار ۽ بهادر ڇٽا جي لڙائي جي ميدان ۾ ڌاڪو ڄمائين]
اڇٽا نِج گرهه نرياڻ، ڇٽا پُور پئي پرماڻ.
[تڪليفون سڀ ڇٽِي ويون، سڀ دليل خيال لهي ويا]
ڇٽا نِج پرکڱ ناريل، ڇوٽا بين، برڌ وڏير.
[ناريل جهليل ڇٽا، گهوٽ ۽ پريسن ڇٽا]
ڇٽا وڏيانِي جانِ سُجاڻ، ڇٽا پرت مانڏهي پرماڻ.
[ڄڃ جا هوشيار اڳواڻ ڇٽا، پريت وارا ڪنواريتا به آزاد ٿيا]
ڇٽا رڇ رڌڻ هي ريت، ڇٽا گڻ سهيليان گيت.
[ٿانو ۽ رڌڻ جا نمونا ڇٽا، ساراهه جا گيت ڳائڻ واريون ڇٽيون]
ڪَهي ارجڻ ڪَر جوڙ، ڇٽا ٻنڌڻ جهيمڻ ڇوڙ.
[”ارجن“ هٿ ٻڌي چوي ٿو ته ٻڌڻ ڇٽا جو جهيمڻ ڇٽي ويو]
لوٽي نير، ڪٽوري ماکي، جهيمڻ ڇٽو، سورج چندر ساکي.
[لوٽي ۾ پاڻي، وٽي ۾ ماکي، چنڊ ۽ سج شاهد آهي ته جهيمڻ ڇٽو.]
                *              *              *

جڏهن کائڻ جي ٿي بات، جهيمڻ پَڌارو سَگهري. ساٿ،
[جڏهن کائڻ جي مهل ٿي، تڏهن سڀ ڄاڃي گڏجي کائڻ هلو]
اُوپر آئي آڌي رات، هل ڪاميڻِي ٻانڌيو ڀات،
[مٿان اڌ رت آئي آهي، ۽ سهيلين گڏجي پنهنجو کاڌو ٻڌو آهي]
چَتُر مردو ڇوڙو ڀاتَ.
[اي ڇالاڪ مرد! توهين ڀت ڇوڙي پوءِ کائو]
ڇُوٽيا ٻاپَ ٻيج بِکويا، ڇُوٽي ماءُ جَنني جايا،
[ڇٽو پيءُ جنهن جي ڌيءَ آهي، ڇٽي ماءُ جنهن جنم ڏنو]
ڇوٽيو مارگ جن ۾ آيا، ڇوٽِ ڀوئا منگل ڀر گايو.
[جنهن رستي تان ڄڦ آئي اهو ڇٽو، ڳائڻ واري جي پڦي ڇٽي]
ڇوٽي ٻَهن گود کِلايو، ڇوٽو ڍولِي چول بَجايو،
[ڇٽي ڀيڻ جنهن گود ۾ راند ڪرائي، ڇٽو مڱڻهار جنهن دهل وڃايو]
ڪڙيان جَڏا ڪِنگ ڇوٽا، اُٺِي گهوڙي سنج ڇٽا،
[پيرن ۾ پيل ڪڙيون ڇٽيون ۽ گهوڙن جا سنج پڻ ڇٽا]
اَرٽ ڇٽا، گهَرٽ ڇٽا، گانئي گرڌي وَڇ ڇٽا،
[ارٽ ڇٽا، جنڊ ڇٽا، گانيون ۽ وڇيُون به ڇٽيون]
کاٽان را تو واڻ ڇٽا، پَڙڇيئان پلاڻ ڇٽا،
[کٽن جو واڻ ڇٽو، اُٺن جا پڙڇ ۽ پلاڻ ڇٽا]
چار ڪنڊن ۾ مارواڙ ڇٽو، دهلي ۽ ملتان ڇٽو،
[چار ڪنڊن ۾ مارواڙ ڇٽو، دهلي ۽ ملتان ڇٽو]
چوڏهن چالِيس ڪڇ ڇٽي، سوا لک سِنڌ ڇٽي،
[چوڏهن چاليهن (ولين وارو) ڪڇ ملڪ پڻ ڇٽو، ۽ سوا لک (ولين وارو) سنڌ ملڪ پڻ ڇٽو]
ڇوٽيو سِيرو ماڏليئارو، ٻانڌاڻ گهاگهر ڌوم ڌمالو،
[سيرو سوادي ڇٽو، ۽ توهان جو گهاگهرو ٻڌان ٿو]
ڇُٽِيا گايان را کِير، ٻانڌاڻ چندراون چِير،
[ڍڳيءَ جو کير ڇٽو، ۽ توهان جي سهڻي ساڙهي ٻڌون ٿا]
ڇوٽيو سَرور جن ۾ نهايان ....   ....   ....
[اُهو تلاءُ ڇٽو جنهن ۾ غسل ڪيو ....  ....  ....]
مَگَت مو گِريو ڇوٽو، سيرو لاپسيو ڇوٽو،
[مَگت مُگرو ڇٽو، سيرو سوادي ڇٽو]
آڙو ڇوٽو پاڙو ڇوٽو، گام ڌڻي رو اوتارو ڇوٽو،
[اوڙو ۽ پاڙو ڇٽو ۽ ڳوٺ جو اوتارو پڻ ڇٽو]
چوڙان واڙي نار ڇٽي، ساڙهي ري ڪِنار ڇٽي،
[چوڙا پاتل زال پٽي، ساڙهيءَ جي ڪنار ڇٽي]
سورج مکي هار ڇٽو، سوڙهي سڻگار ڇٽو،
[ڳچيءَ ۾ پاتل هار ڇٽو، سورهن سنگار پڻ ڇٽو]
جا ڦل پاڻي ڇٽو، پاڻيءَ ۾ گهي ڇٽو،
[جل ڦل پاڻي ڇٽو ۽ پاڻيءَ ۾ پيل گيهه پڻ ڇٽو]
ٻَتَريِس ڀوڄن ڇٽا، تيتريس ساڳ ڇٽا،
[ٻٽيهه کاڌا ڇٽا، ٽيٽيهه ڀاڄيون ڇٽيون]
رَڌڻ واڙي زال ڇوٽي، واٽڪڙي ري دال ڇٽي،
[رڌڻ واري زال ڇٽي ۽ ڪٽوري واري دال پڻ ڇٽي]
ڇٽي جليبي کٽکٽالي، ٻانڌان نَٿڙي جهلڪي واڙي،
[جليبي وارا ڪن واري ڇٽي ۽ جهلڪا ڏيندڙ نٿ ٻڌون ٿا]
ڇٽيا کاٽا، مٺا، ڦڪا، ٻانڌان ڪاجل، ڪِنڪُو ٽِيڪا،
[کٽيون مٺيون ڦڪيون شيون ڇٽيون ۽ توهان جا ڪجل، ڪينڪو ۽ ٽيلا ٻڌون ٿا]
لوٽي نِير ڪَٽوري ماکي، جهيمڻ ڇتو سورج ساکي.
[سج شاهد آهي ته اسان جو کاڌو ڇٽي ويو آهي.]

 

مگر حجتي ڄاڃي چرچي طور هيٺيان لفظ چئي وڃي کائڻ کي لڳندا آهن“ ته:

ڪاري ڇاٽ، اڇا پٽا، هڻو ڙي ڄاڦيا وڏا ڳٽا.


ڪن هنڌن جهيمڻ جا ٿورا ٻول چئي، جهيمڻ ٻڌندا آهن، جيئن ته:

 

اُکري موسري، هر ۾ چَهو،
[اُکري ۽ مُهري ۽ هر ۾ ڦار]
اِٿَ ٻَڌو بيڀائي، نِي گهر ٻَڌي وَهو.
[هتي بيڀائي ٻڌو ۽ گهر سندس زال ٻَڌي]

 

        ڄاڃي ان طرڻ ٻڌل جهيمڻ وري هيئن کوليندا آهن:

 

اُکري موسري، هر ۾ چَهو،
[اُکري ۽ مُهري ۽ هر ۾ ڦار]
اِٿَ ڇٽو بيڀائي، نِي گهر ڇٽي وَهو،
[هت ڇٽو بيڀائي ۽ گهر ۾ ڇٽي سندس زال]

 

اهڙيءَ طرح پاڻي پيئڻ مهل به زالون ڄاڃين کي چونديون آهن ته اوهان جو پاڻي ٻڌل آهي، ڇوڙي پوءِ پاڻي پيئو. ٻڌل پاڻي سگهڙ هن طرح کوليندا آهن:

 

پاڻي هئي آرڻي جهَرڻي، پاڻي هئي گوري ري گال،
[پاڻي جهنگلن ۽ جبلن جي آبپاشارن ۾ آهي ۽ گوري جي ڳلن ۾ آهي]
پاڻيءَ بنا مرتا هئي ٻار، پاڻي بنا سوڪِي هئي باگ،
[پاڻي بنا ٻار اڃ مرن، ۽ باغ به سڪي وڃن]
پاڻي اوپر تَڻو ڇوٽا، پاڻي ڪَرو چَرون.
[اُهو پاڻي ڪکن جي مٿان ڇتل آهي، هاڻي هٿ ڌوئي پيو.]

 

وري زالون جڏهن ڏسنديون آهن ته ڄاڃي اڌ جهڙو کاڏو کائي چڪا آهن، تڏهنوري هن قسم جو ٻيو جهيمڻ چئي اڌ کاڌو ٻڌي ڇڏينديون آهن:

 

آٽيرَڻو اَٺ تاڙيئو، سوپاريءَ ۾ سَل
[اَٺڻ ڪِلين وارو اوڀرو، سوپاريءَ ۾ ٽُنگ]
آڌو جهيمڻ جهيمي لِيو، آڌي ڪَري جهَل،
[اڌ کاڌو کائي ورتو، اڌ کي پيئي روڪ]
سِنڌ سين آيو نائيڪو، ٻَڏو کِچ گهِي رائيتو،
[سنڌ مان آيو سورمو، ٻڌو کچڻي، گيهه ۽ رائتو]
گان ري وڏي چچڙي، ٻڌو گهِي، کچڙِي.
[ڍڳيءَ جو وڏو چهٽل چچڙ، ٻڌو گيهه ۽ کچڻي]
جيسلمير سُون جوڳي آيا، جوڳيئي ڪڍي هُڙي،
[جيسلمير کان جوڳي آيا، جوڳين ڪڍي ڊوڙ]
جانِي سَهي کُڏ        ۾ وڙيا، ٻاهري آڏو ڏني کُڙي،
[ڄاڃي سڀ ڪوٺي ۾ گهڙيا، ٻاهر آڏي ڏني کُڙي]

 

انهيءَ اڌ کاڌي ڇوڙڻ لاءِ سُگهڙ وري هن طرح جهيمڻ چئي کاڌو ڇوڙيندا آهن:

 

ان ڌن ڌڻيءَ اُپايو، جنهن کي ٻڌڻ ڪنهن نه فرمايو،
جُوٺيءَ دنيا جُوٺ ڪمايو، ڌرتي اوپر ڌان چلايو،
چوريءَ ڏاري چور ٻڌا، جهنگ ٻلا ۽ سور ٻڌا، گهوڙا ٻيڙ ٻڌا.
اَن ٻڌو ٿي گهورڙيين، ٻيسي جيسر جاڻ،
خوب جهِيمڻ ”کيمون“ چئي، ڌاران ڇُٽو ڌان،
ڇُٽا مينهن پاڻي پَسون، ڇٽو ساڌو جيسر مير.
ڇٽي گاهه چرندي گانءِ، ڇٽا پکي پاروئڙا،
مر مرڪز ٿا ماروئڙا، جن ڄائي ٿي ماروئي!

 

*              *              *

مانيءَ کائڻ بعد شاديءَ جا ساٺ ٿيندا. پهريائين گهوٽ کي آڻوهار وٺي ”تورڻ“ وٽ ايندو، جتي ڪنواريتون به اچي گڏ ٿينديون ۽ ڳيچ ڳائينديون، جي گهڻو ڪري اُهي ساڳيائي هوندا جي گهوٽ جي پهرئين دفعي تورڻ وٽ اچڻ تي ڳايا ويندا آهن. تورڻ وچان لنگهي گهوٽ ”ڏينگهڻ“ وٽ ايندو، جتي ڪپڙو يا رلي وڇائي گهوٽ کي اُتر طرح (ملتان ڏي) منهن ڪرائي ڏينگهڻ جي سامهون ويهاريندا پوءِ ڪنوار کي وٺي آڻي گهوٽ جي ڀرسان ساڄي پاسي ويهاريندا. اُتي زالون ”پلؤ ٻڌڻ“ جي رسم ادا ڪنديون. تنهن کان پوءِ اُتان گهوٽ ڪنوار کي وٺي ”چونري“ وٽ ايندا، جتي گهوٽ ۽ ڪنوار کي ”تائيٿڙا ڏيڻ“ ۽ ”ڦيرا ڏيارڻ“ جي رسم ادا ڪندا. ان مهل زالون ”چونري جو ڳيچ“ چونديون، جو هن طرح آهي:

 

چونرِي پاکِين پهلوڪو ڦيرو،
[چونري تي پهريون ڦيرو]
هانڄي ري مانري ڌيوِڙلِي ڪُنوارِي.
[منهنجي ڌيءَ اڃا ڪنواري آهي]
چونري پاکين ٻيجو ڦيرو،
[چونري تي ٻيو ڦيرو]
هانجي ري ڪاڪان ري ڀاتريجي ڪنواري.
[اسان جي ڪاڪن جي ڀائٽِي اڃا ڪنواري آهي]
چونري پاکين ٽيجو ڦيرو،
[چونري تي ٽيون ڦيرو]
هتانجي ري مامان ري ڀاڻيجي ڪنواري.
[مامن جي ڀاڻيجي اڃا ڪنواري آهي]
چونري پاکين چوٿون ڦيڙو،
[چونري تي چوٿون ڦيرو]
هانجي ري ڏيئا ٻائِي هوئي پرائِي.
[اسان جي ڌيءَ هاڻي پراڻي آهي]
ڏيور رِي ڀوجائي.
[۽ ڏير جي ڀاڃائي ٿي.]

 

ڦيرن ڏيرڻ بعد گهوٽ ۽ ڪنوار کي ٿوري دير اتي ويهاري پوءِ گهوٽ کي واپس ڄڃ ۾ موڪليندا ۽ ڪنوار وري پنهنجي گهر ايندي، جتي زالن جو مارڪو ٿيندو. ان وقت زالون ڪنوار جي ساراهه، ڪنوار جي ڪپڙن جي ساراهه ۽ ڳَهن جي ساراهه وغيره جا ڳيچ چونديون اهن، مثلاً:

 

ساجن رِي بَهُوئل رِي، سائو ساڙُون سونهِي،
ڳاڙهي چنڙِي مانهنجي، ٻيهينل ٻائي ري سونهي.
                *      *      *
ماءُ! مانهنجي پڳ تي جهٻِڪي پولري،
هينئڙي هرڪي هار، ٻيهينل! پولري.
                *      *      *

حَيدراڻي ٿين بَنا جائِي جو،
ٿانري هَرڻا ڪِي رونَٿَڙِي مُولائجو.

 

شاديءَ جي ٻئي ڏينهن صبح جو مانيءَ کائڻ بعد ڪنواريتا گهوٽ کي گهر گهرائيندا. گهوٽ سان گڏ سندس اڻوهار به هوندو. گهوٽ تورڻ جي هيٺان لنگهي، گهر ۾ گهڙندو، جتي سندس ساليون استقبال لاءِ اڳواٽ بيٺل هونديون، جي هن جي پهرئين ڀيري گهر ۾ اچڻ جا ڳيچ بيٺيون ڳائينديون، جن ۾ گهوٽ جي سونهن ۽ بهادريءَ جي تعريف هوندي آهي. انهن مان ”ڍولو“، ”ساڙهي“ ۽ ”ڪويل“ ڳيچ مشهور آهن، جيئن ته:

آنگيڻئي اوڀو ڍولو، سوڙهي سورج اُگيا، هو راجا!
بادليئي رِي ڇانوَ ڍولا ڇانئينئي هال، هو راجا!.
                *              *              *

ٻيهينوئِي ساڙو چڙهيا شينهان ري شڪار،
ٻارهي ٻارهي گهوڙلي آن، سوڙهي سوڙهي ساٿِيري.
                *              *              *
لاڏي وَهُو پُڇي، هان ري ڪلنگي واڙا گهوٽ!
آنگڻيئي ۾ اَنتريو ڍوڙاڙان، سارونڙي ۾ ٻالوڙو لڳاڙان.
لِيلِي پِيلِي ساڙهِي، ٽِٻڪي واڙِي....

 

گهر اچڻ سان ساليون گهوٽ کي وٺي آڻي ڏينگهڻ وٽ مقرر جاءِ تي ويهارينديون ۽ پاڻ بيٺيون هونديون جيستائين گهوٽ انهن کي ”ٻيسڻ“ جا ٻول چئي ويهڻ لاءِ نه چوندو. انهيءَ رسم کي ”ٻيسڻ“ چوندا آهن. انهيءَ رسم ادا ٿيڻ وقت گهوٽ ٻيسڻ جا ٻول چوندو، جي هن طرح آهن:

 

گادي گيڍ گجرات ري، گونٽاڻي اجمير،
[گجرات جي گادي اجمير ۾ وڃي ٺهي]
ڦُوندا لاگا مِيڙ تي، هيرا جيسلمير،
[ٽئونر ٻاهڙميڙ ۾ لڳا ۽ هِيرا جيلسمير ۾]
ايک ڍڙاڙان آنگڻي، ٻيجي ڍڙاڙان ٻهار،
[هڪ گادي اَڱڻ ۾ وڇايان ۽ ٻي وري ٻاهر]
ٽيجي ڍڙاڙان چووٽي، چوٿي راج دُوار،
[هڪ چؤواٽي تي ۽ بي وري بادشاهي محلات ۾]
سَرچي ٻيسو سهليان، هيڪي گهٽ هجار،
[هڪ گهٽ هزار سرتيون! سرچي ويهي رهو]

 

        جدا جدا هنڌن تي ۽ جدا جدا قومن ۾ ”ٻيسڻ“ جا ٻول جدا جدا آهن، مثلاً:

 

گادي گُونٿڻ واڙو هيڪلڙو هوشيار،
[گادي ٺاهڻ وارو ڏاڍو هوشيار آهي]
شيشم گادي ڍڙاڙان، تيل عنطر منجهه جهار،
[شيشم جي گادي وڇايان، لوٽي ۾ سرهو تيل ۽ عطر وجهان]
سَتان نان ست رنگيلو، نوان نان نَوَ سَر هار
[ستن کي ست سري، ۽ نون کي نَوَ سري دُهري ڏيان]
ٻارهان نان ٻاڄٺو، سوڙهان نان سِڻِگار،
[ٻارهن ڄڻين کي ٻاڄٺو ۽ سورهن ڄڻين کي ڪپڙا ڏيان]
سوڙهي ٻاڳا سيل ۾، سوپاريءَ ري ايس،
[کٽ ۾ سورهن پايا آهن ۽ سوپاريءَ جي اِيس وڌل آهي]
سرچي ٻيسو سهيليان، کُوڻي کُوڻي ٽييسَ،
[اي سرتيون! ٺهي ويهو، ۽ هڪ هڪ ڪنڊ تي ٽيهه ٽيهه ڄڻيون ويهو]

 

ڪن ڪن هنڌن هيٺين طرح به ”ٻيسڻ“ چوندا آهن، جن ۾ ڀيڻيويو پنهنجي سالين جي ساراهه ڪندو آهي:

 

من ميٺي، نر موهڻي، ون تا کٽ ڏس بيس،
[دل کي وڻندڙ، مردن کي موهيندڙ، گهڻي تيج واري]
هنسان، ڍوران جيئن ڍر تي، ڪامڻ کُلتي ڪيس.
[هنس پکين ۽ هاٿين جي ٽور وانگر کليل وارن سان هلندڙ عورت]
ڪوڏ گهڻي هستي، ڪامڻ ڪامل، سوهي ٽيجئي سات،
[گهڻي سينگار سان ۽ کلندڙ پنهنجي سهيلين سان عورت]
[بينڌ رماوڻ سنچري، جاڻان موحلان جات ڇن جات]
[گهوٽ کي راند ڪرائڻ هلي محلا ۾]
پڌري سيس بدن، لويل لوچل، سپيل بپڻي هي ناگ بسيڪ،
[جنهن جو بدن ٺهيل ٺڪيل نانگ کان وڌيڪ لچڪيدار]
لڇڻ ڇتريسان، گڻ لاکان، ايسي نيتا ايڪ.
[ڇٽيهه لکڻي، لکن گڻن واري، اُها ڪامڻي]
لئي سوڀيا ڪامڻ لڇ، تيئا روپ گڻ تاڇ،
[سندس لچڻ ۽ شڪل اهڙا سوڀيا وارا آهن]
وڌ سان وکاڻي پڌري ڇند.
[جو سڀڪو پيو ساراهي]
پر گلس بنتاسيس بيسڪ، ڏوسرو جاڻ ناريل ڏيک،
[سندس مٿو اهڙو گول ٺهيل آهي جو ڄڻ ته ناريل آهي]
سيسرا وار ايسا سچنگ، ڀڙڪيو پيٺ بسيڪ ڀوئنگ،
[مٿي جا وار اهڙا ڪارا آهن، ڄڻ ڀؤنر جو چمڪندڙ رنگ آهي]
لِي ونت سُڀ ايسو لِلاٽ، نڪسيو چندر پونم ڪِي رات.
[نراڙ تي اهڙو تيج آهي جو ٺڻ چوڏهين جو چنڊ اُڀريو آهي]
لِلان بيچ تلڪ لائي، اوگيا سُور بادلان هائي،
[نراڙ تي تلڪ ڏنل آهي، ڄڻ ته ڪڪرن جي وچ مان سج اُڀريو آهي]
ڀانپئان ريک ايسي وئنگ، پيکيئي جاڻ متڪر بانک.
[ڀروُن اهڙا پيا لڳن جو ڄڻ ڀؤنر آهن]
آنکيان جوت ڏيسي اپار، ڏيکيا جائي مورئيا ڏار،
[اين ۾ حيرت جهڙي روشني آهي]
ساملي ريک ڪانٽلي جاڻ، راڌڻ سجيو روپ راج ڪي پاگ چنپ ڏار،
[شڪل اهڙي آهي جو ڄڻ ته راڌا سورهن سينگار ڪري آئي آهي]
رونک اروچ پڪا ڏيئي اَنار، توڙي آ نينبو ڪر تيار.
[ڇاتيءَ تي ٻه ڇڪل ڏاڙهون آهن يا ڄڻ ته ليما آهن]
آنگلي ولي پاتلي جيم، جاڻ ڦِري مونگ ري جيم.
[آڱريون اهڙيون سنهيون آهن جو ڄڻ ته مڱن جون ڦريون آهن]
راڌڪا ڪير ايس سروپ راتا هي ڏنت، ٻتريسي ڄاڻ ساپرنت،
[سندس هٿ راڌا جهڙا، چپ ڳاڙها ۽ ٻٽيهه ڏند جوڙ سان ٺهيل]
ماهه ڏيک ڏانتان ۾ ميک، جاڻئي اندر اپر جا ڏيک.
[جن ۾ سون جون ميخون لڳل آهن، ڄڻ ته راجا اِندر جي پري آهي]
مُک ۾ واس سڳنڌي ميل، بن تاتاڻان ناگرويل.
[وات ۾ خوشبوءِ اهڙي آهي ڄڻ ته ناگرويل جي خوشبوءَ آهي]
ڏيگهي هي نس پاٽلي ڏور، پنڇيئا ڪري بن ۾ ڪلول.
[ڳچي ڊگهي ۽ سنهين نسن واري آهي، ڳالهائي ٿي ته ڄڻ جهنگ ۾ پکي پيا لنون]
هينڏول نَگ گلي وچ هار، اوگيا سورج ڪرڻا اپار.
[هنڊول جي رنگ جهيڙو ڳچيءَ ۾ هار آهي جنهن مان سج جهڙا تجلا پيا نڪرن]
هار ۾ جڙي ماڻڪي هير، سندري گهات ڪنچن سرير.
[هار ۾ ماڻڪ جڙيل آهن، ۽ سندس بدن سون جهڙو آهي]
ٻانهن ۾ بازوبند، ٻانهه لَچڪنتَ،
[ٻانهن ۾ بازوبند آهن جي لڙِڪن پيا]
ڪڙ پاتلي لاگ هاليو، باگ ڪَڙَ موڙاڪ.
[چيلهه اهڙي سنهي آهي ڄڻ واگهه چيلهه موڙي هليو آهي]
پاول پولري پاڻ، اڻ برو پيڇي پريا جي ڄاڻ.
[پيرن ۾ پولڙيون آهن ۽ مڙس سان محبت اٿس]
رم جهم ڪرتا گگهرا روڙ چالنتي نار.
[پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌل وڄي رهيا آهن]
گجرا جوڙ گو گهري، جڙي ڦير واچ، گهير ڦوٽري نار.
[گهاگهري جي ڪنار ۾ گهنگهرو پوتل آهي]
آونت ڦير اوڍڻ سارو ايڪج آڻ، جبرا هاٽ کليا ڄاڻ.
[اوڍڻ لاءِ سٺي چُني اٿس ڄڻ سيگار جو دڪان کوليو]
ٻولتي ٻَهُو، هَستِي جواب ملسيا ڌوئي سرو ور نار.
[ڳالهائي ۽ کِلي جواب ڏئي ٿي، عورت ۾ ٻئي گڻ عجيب آهن]
ڪامڻي روپ ايسو ڪرنت، ڏامڻي جاڻ ڀر ڪنت.
[سينگار ڪري ٿي ۽ مٿي ي ڏاوڻي پيل اٿس ۽ هوءَ شان سان رهي ٿي]
ڏنت گوک ۾ ٻيسي گاونت، اوگيا سورج ٻارهه آڏيت.
[جڏهن ڳائي ٿي ان مهل سندس منهن اهڙو لڳي ٿو ڄڻ سج اڀريو آهي]
سجن رماون سنچري، سجي سورهن سينگار.
[مڙس کي خوش ڪرڻ لاءِ سورهن سينگار ڪري وڃي ٿي]
نيت سان حد ناري، وسي اوڀي نپٿ اپار.
[پنهنجي خوشيءَ لاءِ انيڪ سرتين سان گڏجي دل وندرائي ٿي]
ڀَل ٻَهُو ڀل ڀارِي سَهُو، ٽيجڻيان ڪي ساٿ.
[ڀلي ويهو ۽ خوش ٿيو، سهيلين سان گڏ]

 

ڪجهه وقت کان پوءِ جيڪڏهن گهوٽ پاڻي پيئڻ لاءِ گهرندو ته ساليون کيس هڪدم چونديون ته اوهان جو پاڻي ٻڌل آهي، ڇوڙي پوءِ پيئو. جنهن لاءِ گهوٽ کي هيٺينءَ طرح چوڻو پوندو ته:

 

ڪَسُوئيءَ منجهه ڪٻُوتر ٻولي، ٻولي اَمرت واڻِي،
[کوهه ۾ ڪبڀوتر ٻولي رهيو آهي، سندس آواز مٺو آهي]
ٻانڌان سهيليان را لعل گهاهگرا، ڇُوٽو مانرو پاڻي.
[مان سهيلين جا ڳاڙها گهاگهرا ٻڌان ٿو، منهنجو پاڻي ڇٽي ويو]

 

وري ڪنواريتن ۾ ماني کائڻ بعد گهوٽ اُٿڻ جي ڪندو ته وري به ساليون چونديس ته:

 

ٻَٻر مٿي ٻاٻَهيو، لَئي مٿي لاٽ،
متان وڃين ءيڻيويا! ٻَڌي پيئي آهي واٽ.
[اي ڀيڻيويا! تنهنجي واٽ ٻڌل آهي، متان وڃين]

 

جنهن تي گهوٽ ٺهه پهه چوندو ته:

ٻگلا گهيٽا، ٻَگلا سينگ، جنهن تي چڙهيا ٻارهي ڍينگ.
[اڇا گهيٽا ۽ اڇا سِڱ، جن تي ٻارهن ڍينگ پکي چڙهيا]
ٻارهي ڍينگن سئو سئو سريئا، ٻڌا گورِي را ڦريئا،
[انهن ٻارهن ڍينگن جا سو سو پَر آهن، جن سان اوهان جو سڄو ڪٽنب ٻڌجي ويو]
گوري جايا مين ٻولايا  ...      ...      ...
[سهڻيءَ جا سڀ عزيز مون ڪڇائي ڇڏيا ...   ...   ...]
اونچِي کِڙڪِي، نِينچي کاٽ، ڇُٽِي ڇانهيلان رِي واٽ.
[مٿي دري ۽ هيٺ کٽ، اسان جي رستي تان بندش لٿي]
                *              *              *

        ڪن هنڌن وري هن طرح به واٽ کوليندا آهن، ته:

چلو چلو، يار چلو، کيل ديکو پڻهيارين ڪا،
[يار هلو ته پاڻي بريندڙ عورتن جا کيل ڏسون]
لِي پڻهار گهڙ ٺَم ٺور چلِي، جُڏ گورو ڇُٽا لک وارن ڪا،
[جڏهن پاڻيءَ جا گهڙا کڻي ڊيل جيان هلن ٿيون تڏهن لکاپتين جو گهمنڊ لهي وڃي ٿو]
جب ٻانهه ڪِي اُپر چُوڙ بڻي، تو هاٽ کلا لک تارن ڪا،
[جڏهن انهن لاءِ چُوڙيون ٺهيون تڏهن عاج وارن واپارين جا سوين دڪان کليا]
جَبِ ساڙُون ڪِي اُپَر ڪور بني، تو هاٽ کُلا مڻهارن ڪا،
[جڏهن انهن جي ريشمي چُنين لاءِ ڪنارون ٺهيون، تڏهن وري مڻهارن جا دُڪان کليا]
جب چونري اوپر بوند پڙي، تڏ ڀيج ڏناتن ڪا ڪَپڙا،
[جڏهن شاديءَ وقت برسات پئي تڏهن انهن جا ڪپڙا پسي ويا]
ٻانهه ڪِي بيچ باجو بند هَسي، پُنچي ڪي بيچ هَسي گَجرا،
[انهن جي ٻانهن ۾ بازوبند کِلي ٿو ۽ ڪرائي ۾ گلن جو هار پيو کِلي]
ڪُڇ آپ هَسي، ڪُ نين َسي، ڪُڇ نين ڪي بيچ هَسي ڪجرا،
[ڪجهه پاڻ کِلن، ڪجهه اُنهن جون اکيون کِلن، ڪجهه وري اکين ۾ پاتل سرمو کِلي]
ٻانڌيا مارگ ڇوڙدو سُندر! راهه ڪي بيچ ڪيسي جهڳڙا.
[اي سندريون! ٻڌل رستو ڇڏي ڏيو، ڀلا رستي تي ڪهڙو جهڳڙو؟]

 

تڏهن وري سندس ساليون چونديون ته:

سائِي سُتي موتين ڳُتِي، ٻَڌي اوهان جي جُتي.
[سائي رنگ جي سُتي يعني ڪناري واري سِپَ، موتين ڳتيل، ٻڌي اوهان جي جُتي]

 

جنهن جو مطلب ته اوهان جي جُتي ٻڌي اٿئون، تنهنڪري توهين وڃي نٿا سگهو. جنهن جو جواب گهوٽ وري هن طرح ڏيندو:

اَڇي مَيڙهي اُجَلِي، اوپر بِيٺا ٻه ٻَگ،
[اچي صاف ماڙي، مٿان بيٺا ٻه ٻگهه]
اسان موجا ڇوڙيا، ٻَڏا اوهان جا پَڳ،
[جتي مون ڇوڙي ۽ ٻڌا اوهان جا پير]

 

تنهن کان پوءِ اها رسم پوري ٿي ۽ گهوٽ واپس ڇني ۾ ايندو. ان کان پوءِ انهيءَ ڏينهن تي ”نينڍ ٻوڻ“، ”ٿالهي ڏيڻ“، ”مامهيرو ڏيڻ“، ”سارت ڪرڻ“ ۽ ”ڏاج ڏيڻ“ جون رسمون پڻ ڪنواريتن ۽ گهوٽيتن طرفان ڪيون وينديون آهن. ”جهيمڻهار“ يعني رات جي ماني کائڻ بعد وري گهوٽ کي ڪنواريتن ۾ سڏ ٿيندو، جتي باقي رهيل ساٺ جهڙوڪ ڪلهڪيئي راند (تر مئڻ جو ساٺ)، مانڌاڻي ساٺ، تير ڪماڻ جو ساٺ، مُنڊين جو ساٺ، ڦُل چونڊڻ ۽ لانئن جي رسم ادا ڪندا آهن، جن ۾ منڊين جو ساٺ سڀني کان دلچسپ ٿئي. سالِي کير جي ٿالهيءَ ۾ منڊيون اڇليندي آهي، جنهن مان گهوٽ ۽ ڪنوار گهڻي ۾ گهڻيون کڻي هڪٻئي جي هٿن مان کسڻ جي ڪوشش ڪندا آهن؛ ايتري قدر جو هٿن تي هلڪڙيون رهڙون به اينديون اٿن؛ انهيءَ هٿ کس ۾ ڄاڦي تمام گهڻو کلندا آهن. ان بعد شاديءَ جا جملي ساٺ سوڻ پورا ٿيندا.

        ٽئين ڏينهن تي گهوٽيتي ڄڃ واپس وڃڻ لاءِ تيار ٿيندي. گهوٽ ۽ ٻيا ويجها عزيز ساهرن کان موڪلائي ڪنوار کي وٺي ويندا. ڄڦ رواني ٿيڻ وقت ڪنواريتن جون زالون ڳيچن سان گڏ ”ڪامڻ“، ”بيڀاڻ“ ۽ ”ڏورو“ به چونديون آهن، جي مشهور ويچ آهن. ڪامڻ ڳيچ سَوڻ طور چون، بيڀاڻ موڪلاڻي وقت ۽ ڏورو اُٺ تي چڙهڻ وقت چون، جي هن طرح آهن:

ڪامڻِيئا را رَسِئا گَسِيئا انگ لاڏيڙِي را لَسِيئا.
                *              *              *

چَونرِي تو ماٿي سائِي نِيل، او بيڀاڻ،
اَجِيمَت بِيڀاڻ! مانَ ڏِيراڙان،
سَچي سڳوري ڏانَ ڏيراڙان.

 

        شاديءَ بعد ناٺي جڏهن پهريون دفعو ساهرن ايندو آهي تڏهن ان کي ”ٻينهندو“ چوندا آهن. ان وقت به روز رات جو جيستائين گهوٽ ڪنوار ساهرن ۾ هوندا تيستائين زالون ڳيچ ڳائينديون، جن مان ”ماکي“ ۽ ”ترچل“ مشهور آهن، اهي گهڻو ڪري گهوٽ جون ساليون ٻين زالن سان گڏجي ڳائينديون، جن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جي ڪپڙن ۽ ڳهن کي، ساراهه ۽ گهوٽ کي سس سالين لاءِ سوکڙين آڻڻ جي هدايت هوندي آهي، مثلاً:

 

ماکِي مانهنجي ٻائي ري، چُوڙ لئي جائِي ٻيٺِي،
چُوڙليو مانهنجي ٻائي رو ڏهياڻوئي لاگي.
                *              *              *

ماکي مانهنجي ڀيڻيوئي ري مورهيڙي جائِي ٻيٺِي،
مورهيڙو مانهنجي ٻيهينوئي ڏهياڻوئي لاگي.
                *              *              *

او مانهنجا ولائتي ناٺي! ڪوپرا مَ لائيجو،
ڪوپرا جي لائون تو مانرو سڏڙلو تو رهي.
                *              *              *

آيوڙا اوهان جي سوپاريان ري ڪوڏي،
ونڪڙيان مُڇان وارا ڀيڻيويا! جاوان ڇان گهَرِي.
                *              *              *

ٽِيلڙِي چَهُوڙي آتڻ ٻيٺي، ڀورا ناٿ،
آتــڻ ٻيٺِي تـــو نِڻندل مُنهن مروڙيو،
اڌ مڻ سونو، اڌ مڻ روپو ...

 

انهن سڀني عنوانن تي چونڊ ڳيچ ڏجن ٿا.


 


(1)  خالي جاين تي ان ماڻهو جو نالو پيءُ جي نالي سميت ڇون. مثلاً ”ساميئي ۾ ڪرشن جي روٻيٽوڳ ديوا شنڪر سانچري“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org