سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳيچ

باب: -

صفحو :24

1- وناهه جا ڳيچ:

 

[1][1]

وراڻي:  چوکا ڇَڙجِين، موتي ڏَڙجين،
        [چانور ٿا ڇڙجڻ، ڄڻ ته موتي پيا چلڪن]    ٺاڪُر وَر لاڏو، گومَند وَر لاڏو.
        [بهادر لاڏو، موتيءَ جهڙو لاڏو]
        جوشِيڙا! تون مانريءَ ڌرم رو وِير،
        [اي برهمڻ! تون منهنجو ڌرم جو ڀاءُ آهين]
        تِرڇَل را لگنڙا لِک لاوِي جوڙِي را-
        [ڇوڪري جو شُڀ لگن لکي کڻي اچجناءِ]
        ٺاڪُر وَر لاڏو، گومند ور لاڏو...
        [بهادر لاڏو، موتيءَ جهڙو لاڏو]
        گانڌيڙا! تون مانري ڌرم رو وير،
        [اي واڻيا! تون منهنجو ڌرم جو ڀاءُ آهين]
        ٻائي رِي برڙي چتري لاويءَ جوڙي ري-
        [ڪنوار جا ڪپڙا آڻج جيڪي هن کي وڻن]
        ٺاڪر ور لاڏو، گومند ورَ لاڏو...
        [بهادر لاڏو، موتيءَ جهڙو لاڏو]
        کِتر بڙا! تون مانري ڌرم رو وير،
        [اي کٽي! تون منهنجو دين جو ڀاءُ آهين]
        ٻانڌياڻيا رَنگي لائي ٻائِي رِيَ جوڙي را-
        [ٻانڌياڻيون رڱائي اچ جي ڪنوار کي ٺهي اچن]
        ٺاڪر ور لاڏو، گومند ور لاڏو...
        [بهادر لاڏو، موتيءَ جهڙو لاڏو]
        سونارا! تون مانري ڌرم رو وير،
        [اي سونارا! تون منهنجو دين جو ڀاءُ آهين]
        نَٿَڙلِي گهڙي لائِي ٻائي ري جوڙي ري-
        [نٿ گهڙي اچج جا ڪنوار کي سُونهي]
        ٺاڪر ور لاڏو، گومند ور لاڏو...
        [بهادر لاڏو، موتيءَ جهڙو لاڏو]
        سُوتَراڙيا! تون مانري ڌرم رو وير،
        [اي سوٽهڙ! تون منهنجو دين جو ڀاءُ آهين]
        تورڻيو گهَڙي لائي ٻائي رِي جوڙي رو-
        [تورڻ ٺاهي اچج جو وڻندڙ هجي]
        ٺاڪر ور لاڏو، گومند ور لاڏو...
        [بهادر لاڏو، موتيءَ جهڙو لاڏو]
        ڪُونڀاريا! تون مانري ڌرم رو وير،
        [اي ڪُنڀر! تون منهنجو ڌرم جو ڀاءُ آهين]
        چَونري گهڙي لائي ٻائي رِيَ جوڙي رو-
        [چونرو ٺاهي اچج جو وڻندڙ هجي]
        ٺاڪر ور لاڏو، گومند ور لاڏو...
        [بهادر لاڏو، موتيءَ جهڙو لاڏو]
        موچيڙا! تون مانري ڌرم رو وير،
        [اي موچي! تون منهنجو دين جو ڀاءُ اهين]
        بينڌولي گهڙي لائي ٻائي رِيَ جوڙ رو-
        [جُتي تيار ڪري اچج جا وڻندڙ هجي]
        ٺاڪر ور لاڏو، گومند ور لاڏو...
        [بهادر لاڏو، موتيءَ جهڙو لاڏو]
        بانڀيرا! تون مانري ڌرم رو وير،
        [اي ٻانڀي! تون منهنجو دين جو ڀاءُ آهين]
        بينسڙا وڍِي لائي چونري رِي جوڙي رو-
        [بانس جون ڪاٺيون وڍي اچج جي چونري تي ٺهڪندڙ هجن]
        ٺاڪر ور لاڏو، گومند ور لاڏو...
        [بهادر لاڏو، موتيءَ جهڙو لاڏو]
        ڪوري ڪَڙسي، ليلي بَنسي،
        [ڪورن دلن ۽ آلين ڪاٺين جي ٺاهيل چونري ۾]
        ڪورِي ڪپڙي، لِيلي ڪَيسي،
        [نون ڪپڙن ۽ ڀنل وارن وارِي]
        ٻائِي نان چونري ڦير سان-
        [ڪنوار کي ڦيرا کارائينديونسين]
        ٺاڪر ور لاڏو، گومند ور لاڏو...
        [بهادر لاڏو، موتيءَ جهڙو لاڏو]

 

[2][2]

وراڻي:  لَگِينَيا لِکاڙِي چڙهيو لاڏو.
        [گهوٽ لگن لکائي چڙهيو آهي]
        لاڏيلو جائي اُڀو جوشِيڙيَ ري هاٽَ،
        [گهوٽ وڃي برهمڻ جي هٿ تي بيٺو]
        چوکيرا لِکائي چڙهيو- هورِي لالَ!
        [اتان سٺو لگن لکائي چڙهيو- واهه واهه گهوٽ!]
        لگينيا لکاڙي چوڙهيو لاڏو...
        لاڏيلو جائي اوڀو مَڻهياريَ ري هاٽَ،
        [گهوٽ وڃي مڻهياري جي دڪان تي بيٺو،
        چندن چُوڙو چيرائي چڙهيو- هوري لال!
        [چوڙا ٺهرائي روانو ٿيو- واهه واهه گهوٽ!]
        لگينيا لکاڙي چڙهيو لاڏو...
        لاڏيلو جائي اوڀو کَتَرِيڙيَ رِي هاٽَ،
        [گهوٽ وڃي کَٽيءَ جي دڪان تي بيٺو]
        ٻانڌڻيا رنگاڙي چڙهيو- هوري لال!
        [ٻانڌڻو رڱائي روانو ٿيو- واهه واهه گهوٽ!]
        لگينيا لِکاڙي چڙهيو لاڏو...
        لاڏيلو جائي اوڀو سوناريَ ري هاٽَ،
        [گهوٽ وڃي سوناري جي دڪان تي بيٺو]
        موندرڙا گهڙائي چڙهيو- هوري لال!
        [اُتان منڊيون ٺهرائي روانو ٿيو- واهه واهه گهوٽ!]
        لگينيا لکاڙي چڙهيو لاڏو...
        لاڏيلو جائي اوڀو سُوتراڙائيَ ري هاٽ،
        [گهوٽ وڃي سوٽهڙ جي دڪان تي بٺو]
        تورَڻيو گهَڙائي چڙهيو- هوري لال!
        [تورڻ گهڙائي روانو ٿيو- واهه واهه گهوٽ!]
        لگينيا لکاڙي چاڙهيو لاڏو...
        لاڏيلو جائي اوڀو کانڌيڙيَ رِي هاٽَ،
        [گهوٽ وڃي واڻئي جي دڪان تي بيٺو]
        کُهنبا مولائي چڙهيو- هوري لال!
        [کُهنبيون وٺي روانو ٿيو- واهه واهه گهوٽ!]
        لگينيا لکاڙي چڙهيو لاڏو...

 

3- ميندي جا ڳيچ

 

[3][3]

وراڻي:  ميندي نيپجي مالٻي، آيو ڙي عمر ڪوٽ،
        [ميندي مالوا ۾ پيدا ٿي عمر ڪوٽ آئي]
        ميندي مين مُلائِي ري لال.
        [مون ڳاڙهي ميندي خريد ڪئي]
        عمرڪوٽ سين ميندي اُپڙي، آيو ڙي ڏڏاڻي ري ڏيس-
        [عمرڪوٽ مان ميندي رواني ٿي، منهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه آئي]
                ميندي مين مُلائِي ري لال...

آڻي نانکي هاٽان ويچ ۾، ليگوڙا ڦِرڦِر جائيم-
        [اچي دڪانن جي وچ ۾ رکي، خريدار گهميو گهميو واپس وڃن]
                ميندي مين مُلائِي ري لال...

مهِنگي مُول ري ميندي، مِلسِي رپئي ڀارو ڀار-
        [ميندي مهانگي آهي، رپئي سان برابر وزن تي ملندي]
                ميندي مين مُلائِي ري لال...

ليسين برهمڻ واڻيا، ليسِي ڌيِئا رِيَ ماءُ-
        [برهمڻ ۽ ڪراڙ خريد ڪندا ۽ ڪنوار جي ماءُ به وٺ ڪندي]
                ميندي مين مُلائِي ري لال...

ڪوري ڪُونڏي مين گهوٽجي، جهيڻولي ڪپڙي ڇلي-
        [نئين ڪونڊي ۾ ميندي گهوٽجي ۽ سنهي ڪپڙي ۾ ڇاڻجي]
                ميندي مين مُلائِي ري لال...

ڏيئا ٻائي روٻوڙ جي ڏابو هاٿ، بيرئي ٻوڙاڙان چيٽو ڙي-
        [ڇوڪريءَ جو ڏائو هٿ ۽ ڀاءُ جي چيچ ٻَوڙڻ گهرجي]
                ميندي مين مُلائِي ري لال...

پڳَ جَهٻڪي پولري، هينئڙي جهَٻڪي هار-
        [پير ۾ پولريون سونهن ۽ هينئين تي هار چلڪي ٿو]
                ميندي مين مُلائِي ري لال...

 

[4][4]

مينڌڙي

 

وراڻي:  اٺ رپيا ڏِينا روڪڙا، مِلهيو درياءَ پار،
        [اٺ رپيا روڪڙا ڏيئي درياءُ پار قاصد موڪليو]
                     مينڌڙي رنگ لاگي.

[ميندي جو سٺو رنگ لڳي]

اُٿِڪِي جائِي صاحبي نان اِئان ڪَهِيا،
        [اُتي وڃي منهنجي مڙس کي ائين چئج]
        ٿانرو ڏِڪرو جايون، گهَرِي اَوَ-
        [توکي پُٽ ڄاو آهي تون واپس گهر هل]
                        مينڌڙي رنگ لاگي....

 

ڏوڪرو جايو ته ڀلان جايو، رَتي هِندوري لوڏِي،
        [پٽ ڄائو ته ڀلي ڄايو، ڳاڙهي هندوري ۾ لوڏجو]
        گهڻا هُلراڻا ڪَريا، مِنان مِٺڙي گُجرات لاگي-
        [ساراهه جا گيت چئجو، مونکي گجرات مٺو لڳي]
                        مينڌڙي رنگ لاگي....

دَرياءُ پار جائِي صاحبيءَ نان اِئان ڪَهيِا،
        [درياءُ پار وڃي منهنجي مڙس کي ائين چئج]
        تاهِجو ٻاپُو مرِي گيو، گهَري آوَ-
        [تنهنجو پيءَ مري ويو، گهر اَچ]
                        مينڌڙي رنگ لاگي....

ٻاپُو مُئو تو ڀلان مُئو، ميلهيا سروور پيليَ پارَ،
        [پيءُ مئو ته ڀلي مئو، تلاءُ جي ڪپ تي پورجو يا چکيا تي چاڙهجو]
        مِنا مٺڙي لاگي گجرات- مينڌڙي رنگ لاگي...
        [مون کي گجرات مٺو لڳي، مينديءَ جو سٺو رنگ لڳي]
                        مينڌڙي رنگ لاگي....

اُٿڪِي جائِي صاحبيَ نان اِئان ڪَهيا،
        [اُتي وڃي منهنجي مڙس کي ائين چئج]
        ٿانري ماتا مئي، گهري آوَ-
        [تنهنجي ماءُ مري ويئي، گهر موٽي اچ]
                        مينڌڙي رنگ لاگي....

ماتا مُئي تو ڀَلان مُئي، ميلهيا سروور پيلي پار،
        [ماءُ مئي ته ڀلي مئي، تلاءُ جي ڪپ تي پورجو يا چکا تي چاڙهجو]
        مِنا مٺڙي لاگي گجرات- مينڌڙي رنگ لاگي...
        [مون کي گجرات مٺوڳ لڳي، مينديءَ جو رنگ سٺو لڳي]
        درياءُ پار جائي صاحبي نان اِئان ڪَهيا،
        [درياءُ پار وڃي منهنجي مڙس کي ائين چئج]
        تاهجي ٻيهينل پرڻجي، گهوري آوَ-
        [تنهنجي ڀيڻ ٿي پرڻجي، گهر موٽي اچ]
                        مينڌڙي رنگ لاگي....

پيهينل پَڻجي تو ڀلا پرڻجي، جان جيمائي گهڻو ڏيج ڏيوجو،
        [ڀيڻ پرڻجي ته ڀلي پرڻجي، ڄڦ کي ماني کارائي ڀيڻ کي گهڻو ڏاج ڏجو]
        مِنا مٺڙي لاگي گجرات- مينڌڙي رنگ لاکي...
        [مونکي گجرات مٺو لڳي، مينديءَ جو رنگ سٺو لڳي]
        اُٿڪي جائي صاحبي نان اِئان ڪهيا،
        [اُتي وڃي منهنجي مڙس کي ائين چئج]
        تاهجِي گورل نان کاڌي ڪاڙي نانگ-
        [تنهنجي زال کي ڪاري نانگ ڏنگيو آهي]
                        مينڌڙي رنگ لاگي....

ڇُڙ ڦُڙ گهوڙلا چوڙو ساٿي!
        [يڪدم گهوڙا تيار ڪري ڇوڙيو دوستو!]
        سنڀرو هَلان گوري ريَ ڏيس-
        [سنبرو ته منهنجي زال جي مُلڪ هلون]
                        مينڌڙي رنگ لاگي....

رَتي گهوڙليَ نهين چڙهان، رَتا مانهنجي گورل را ويس-
        [ڳاڙهي گهوڙي تي نه چڙهندس، ڇو ته ڳاڙهو منهنجي زال جو ويس آهي]
                        مينڌڙي رنگ لاگي....

اڇي گهوڙلي نَهين چڙهان، اڇا مانهنجي گورل را ڏنت-
        [اڇي گهوڙي تي نه چڙهندس، ڇو ته اڇا منهنجيءَ زال جا ڏند آهن]
                        مينڌڙي رنگ لاگي....

ڪاري گهوڙليَ نهين چڙهان، ڪارا مانهنجي گورل را ڪيس-
        [ڪاري گهوڙي تي نه چڙهندس، ڇو ته ڪارا منهنجي زال جا وار آهن]
                        مينڌڙي رنگ لاگي....

ساٿيڙا سنبرائي هاليو، سِگهڙو آيو گورل ريَ پاس،
        [ساٿي سنڀرائي روانو ٿيو، جلد ئي پنهنجي زال وٽ آيو]
        اوٽيَ ڦڙتِي ڏيکي گورل نان مَس مَس نينهچو ٿيو-
        [اڱڻ تي زال کي ڦِرندي ڏسي مَس مَس دل کي آٿت آيس]
                        مينڌڙي رنگ لاگي....

 

[5][5]

وراڻي:  عطر ٿو مُلائي لاڏو، ميندي ٿو مُلائي لاڏو.
        [گهوٽ عطر ٿو وٺي گهوٽ ميندي ٿو وٺي]
        ميندي ٿو مُلائي، ميندي جو واپاري-
        [ميندي ٿو وٺي ڄڻ مينديءَ جو واپاري آهي]
        دُهري ٿو مُلائي، دُهري جو واپاري-
        [دُهري ٿو وٺي ڄڻ دُهرينَ جو واپاري آهي]
        ساجن ننڍڙو ئي ٻار، عطر ٿو مُلائي لاڏو...
        کُهبنا ٿو مُلائي، کُهنبن جو واپاري-
        [کُهنبا ٿو خريد ڪري ڄڻ ته کُهنبن جو واپاري]
        ساجن ننڍڙو ئي ٻار، عطر ٿو مُلائي لاڏو...
        نَٿ ٿو مُلائي، نَٿنَ جو واپاري-
        [نٿ ٿو وٺي، ڄڻ نٿن جو واپاري]
        ساجن ننڍڙو ئي ٻار، عطر ٿو مُلائي لاڏو...
        جهِرمِر ٿو مُلائي، جهِرمِر جو واپاري-
        ساجن ننڍڙو ئي ٻار، عطر ٿو مُلائي لاڏو...
        بُولو ٿو مُلائي، بُولن جو واپاري-
        [بولو ٿو وٺي، ڄڻ بولن جو واپاري]
        ساجن ننڍڙو ئي ٻار، عطر ٿو مُلائي لاڏو...
        ڀائر ٿو ڪوٺائي، ڀائرن جو لاڏلو ئي ڀاءُ-
        [ڀائرن کي گهُرائي ٿو ڀائرن جو پيارو ڀاءُ]
        ساجن ننڍڙو ئي ٻار، عطر ٿو مُلائي لاڏو...

 

[6][6]

لاڏيلو سير دارون وارو

 

وراڻي:  سير دارون پايو، بَنلا لَکَينيا لِکائي آيو،
        [سير شراب پيارو، گهوٽ مهورت لکائي آيو آهي]
        اِئيَ مِرگها نيڻِي ريَ ڍولي نان کَمان ري،
        [هن مرگهه جهڙين اکين واري گهوٽ تي سلامتي]
        پِرڀُو! لاڏيلي نان کَمان، سير دارون پايو.
        [اي ڌڻي! گهوٽ تي ٻاجهه ڪر، سير شراب پياريو]

 

سِنڌاڻيءَ رِي ڏِس نان جائيجو، جو شيڙاتيڙي آئيجو،
        [سنڌ طرف وڃجو ۽ برهمڻ ڪوٺي اچجو]
        پِرڀُو! لاڏيلي نان کَمان، سير دارون پايو...
        [اي ڌڻي! گهوٽ تي سلامتي، سير شراب پياريو]
       
        ڊِرگهڙي ڏِس نان جائيو، زيور يا گهڙائي لائجو،
        [ڊگهڙي طرف وڃجو ۽ زيور ٺهرائي اچجو]
        اِئيَ اُگتيَ سُورج نان کمان، سير دارون پايو...
        [هن ساليءَ جي ڀيڻوئي تي سلامتي، سير شراب پياريو]

 

ساماري رِي ڏِس نان جائيجو، کڻهنبا لي آئيجو،
        [ساماري طرفن وڃجو ۽ کُهنبا وٺي اچجو]
        اِئيَ ساڙي ري ٻيهنوئي نان کمان، سير دارون پايو...
        [هن ساليءَ جي ڀيڻوئي تي سلامتي، سير شراب پياريو]

 

ڇاڇراڻِي رِي ڏس نان جائيجو، چُڙليو لي آئيجو،
        [ڇاڇري طرف وڃجو ۽ چُوڙا وٺي اچجو]
        اِئي جيجل ري ٻَچيئي نان کمان، سير دارون پايو...
        [هن ماءُ جي پُٽ تي سلامتي، سير شراب پياريو]

 

مِٺي رِي ڏِس نان جائيجو، سوئيرو لي آئيجو،
        [مِٺي جي طرف وڃجو ۽ سُرمون وٺي اچجو]
        اِئي نِنڍيئي لاڏيلي نان کمان، سير دارون پايو...
        [هن ننڍڙي گهوٽ تي سلامتي، سير شراب پياريو]

 

کوڙٻِي رِي ڏِس نان جائيجو، تورڻِيا گهڙائي آئيجو،
        [کوڙٻي طرف وڃجو ۽ ٿورڻ ٺهرائي اچجو]
        اِي ماسِي ري ڀاڻيجي نان کمان، سير دارون پايو...
        [هن ماسيءَ جي ڀاڻيجي تي سلامتي، سير شراب پياريو]

 

آمرئي رِي ڏسِ نان جائيجو، دوهري گهڙائي لي آئيجو،
        [آمرئي ڳوٺ وڃجو ۽ دهري گهڙائي اچجو]
        اِئي سورٺئيَ لاڏيلي نان کمان، سير دارون پايو...
        [هن سهڻي گهوٽ تي سلامتي، سير شراب پياريو]

 

نَگَر رِي ڏِس نان جائيجو، ساڙون سٺو لائيجو،
        [ننگر پارڪر وڃجو ۽ سالورو وٺي اچجو]
        اِئي ڏاڏيءَ ري پوتريءَ نان کمان، سير دارون پايو...
        [هن ناني جي ڏوهٽي تي سلامتي، سير شراب پياريو]

 

ڀُوريلي ڏس نان جائيجو، نُورالي آئيجو،
        [ڀُوريلي طرف وڃجو ۽ نُورا وٺي اچجو]
        ائيَ ننڍيِئيَ لاڏيلي نان کمان، سير دارون پايو...
        [هن ننڍڙي گهجوٽ تي سلامتي، سير شراب پياريو]

 

چيلهارَ ري ڏِس نان جائيجو، لُونگِي لي آئيجو،
        [چليهار طرف وڃجو ۽ لُونگي وٺي اچجو]
        اِئي ڪونجل ري ڍولي نان کمان سير دارون پايو...
        [هن سهڻي گهوٽ تي سلامتي، سير شراب پياريو]

 

ڇاڇِراڻي ري ڏس نان جائيجو، ٻانڌڻيالي آئيجو،
        [ڇاڇري طرف وڃجو ۽ ٻانڌڻو وٺي اچجو]
        اِئيَ ماما رِي باڻيجي نان کمان، سير دارون پايو...
        [هن مامن جي ڀاڻيجي تي سلامتي، سير دارون پياريو]

 

ٻيهِينلَ وَٽَ جائيجو، لاڏيلا! موڙلالي آئيجو،
        [لاڏا! ڀيڻ وٽ وڃج ۽ موڙ وڍي اچج]
        اِي بابل ري ٻَچيئي نان کمال، سيردارون پايو...
        [هن بابي جي پُٽ تي سلامي، سير شراب پياريو]

 

3- شاديءَ جي تياري

 

[7][7]

مور ڪٽورو

وراڻي:  مور ڪٽورو هٿ ۾، چاڳلا بنلا،
        [ميٽ جو وٽو لاڏلي گهوٽ جي هٿ ۾]
        جيئين ننڍيا لاڏيلا! حِرصيو مَٿو ڌوئي،
        [شل جيئي ننڍو گهوٽ، جو چاهه مان مٿو ڌوئي]
        هو هوري لاڏِيلا! جيئين ننڍِييا لاڏِيلا!
        [او گهوٽ! شل جيئين گهوٽ]

 

مَٿو ڌوئِي اوٺي، چاڳلا بَنَلا،
        [مٿو ڌوئي اُٿي، لاڏلو گهوٽ]
        حِرصيو باگو پَهرِي، چاڳلا بَنَلا،
        [چاهه سان نوان ڪپڙا پائج]
        باگو پهِري اوٺي چاڳلا! جيئين چاڳلا بَنَلا!
        [ڪپڙا پائي اُٿي گهوٽ! جيئين گهوٽ]
                مور ڪٽورو هٿ ۾ چاڳلا بَنَلا...

[ميٽ جو وٽو لاڏلي گهوٽ جي هٿ ۾]

 

جيئين ننڍيا لاڏيلا، حرصيو لُونگِي ٻَڌين چاڳلا،
        [شل جيئين ننڍا گهوٽ، چاهه مان لونگي ٻَڌين]
        لُونگِي ٻَڌِي اُوٺي چاڳلا، جيئين چاڳلا بَنَلا!
        [لُونگي ٻَڌي اُٿي گهوٽ، جيئين چاڳلا گهوٽ]
                مور ڪٽورو هٿ ۾ چاڳلا بنلا...

 

جيئين ڪيسريا لاڏيلا، حرصيو موڙَ ٻَڌِي چاڳلا،
        [شل جيئين ڪيسريا گهوٽ! چاهه مان موڙ ٻڌين]
        موڙ ٻَڌي اُوٺي چاڳلا، جيئين چاڳلا بَنَلا!
        [موڙ ٻَڌي اُٿي گهوٽ، جيئين چاڳلا گهوٽ]
                مور ڪٽورو هٿ ۾ چاڳلا بنلا...

 

جيئين ڪيسريا لاڏيلا! حرصيو پينڌولي پَهري چاڳلا،
        (جيئين ڪيسريا گهوٽ! چاهه مان جُتي پائين]
        ٻينڌولي پهري اُٺي چاڳلا، جيئين چاڳلا بَنلا!
        (جُتي پائي اُٿيو لاڏلو، شل جيئين چاڳلا گهوٽ]
                   مور ڪٽورو هٿ ۾ چاڳلا بنلا...

 

جيئين ننڍييا لاڏيلا! تون حِرصيو ساسَري هالاري،
        [شل جيئين ننڍڙا گهوٽ! تون چاههمان ساهرين هَل]
        ساسَري هالاي لاڏيلکا، جيئين چاڳلا بَنَلا!
        [ساهرين هلي گهوٽ، شل جيئين چاڳلا گهوٽ]
                   مور ڪٽورو هٿ ۾ چاڳلا بنلا...

 

جيئين ننڍييا لاڏيلا! تون حِرصيو چونري ڦِري،
        [شل جيئين ننڍڙا گهوٽ! تون چاهه مان چونري ڦرين]
        چونري ڦِري اُوٺي چاڳلا، جيئين چاڳلا بَنَلا!
        [چونري ڦرِي اُٿي گهوٽ، شل جيئين چاڳلا گهوٽ]
                   مور ڪٽورو هٿ ۾ چاڳلا بنلا...

 

جيئين ننڍييا لاڏيلا! پَرڻي گهَرِي آوِي،
        [شل جيئين ننڍڙا گهوٽ! پرڻجي گهر اچين]
        گهَرِي آوِي چاڳلا لاڏيلا، جيئين نندييا لاڏيلا!
        [گهر آيو چاڳلو گهوٽ، شل جيئين ننڍڙا گهوٽ]
                   مور ڪٽورو هٿ ۾ چاڳلا بنلا...

 

[8][8]

 

ڏُگلو

 

وراڻي:  سائِي تان تَسَرَ رو ڏُگِلو سيڙاڙان،
        [سائي تَسِر جي ڪپڙي جو ڪوٽ سبايان]
        سچي ڪيسَرِ ريِ ٽوي، هريئي بَنري ٽوپِي،
        [سچي ڪيسر جي ٽوپي، سهڻي گهوٽ جي ٽوپي ٺهرايان]
        جهُڙ ڦُڙِ ڦِرو لاڏيلا، جهُڙ ڦُڙ ڦِرو سورٺيا،
        [ڪپڙا پائي گهوٽ تون گهمين، ڪپڙا پائي تون سهڻا گهمين]
        تاهجي جيجل رو من راجِي تاهجي جامڻ رومن راجي.
        [تنهنجي ماءُ جي دل خوش، تنهنجي امڙ جي دل خوش]

 

تاهجي جيجل رومن هن پر راجي،
        [تنهنجي ماءُ جي دل هن طرح راضي ٿئي]
        ٻيچيئو سڻگاريجو، لاڏيلو سڻگاريجو، ساجن سڻگاريجو-
        [پٽ کي سيگار ڪرائجو، گهوٽ کي سينگار ڪرائجو]
                سائي تان تَسَر رو ڏُگلو سِيڙاڙان...

[سائي تسر جي ڪپڙي جو ڪوٽ سبايان]

 

تاهجي ٻيهينل رو مَن هن پر راجي،
        [تنهنجي ڀيڻ جي دل هن طرح خوش ٿئي]
        بيريئيو سڻگاريجو، لاڏيلو سڻگاريجو
        [ڀاءُ کي سينگار ڪرائجو، گهوٽ کي سينگار ڪرائجو]
                سائي تان تَسَر رو ڏُگلو سِيڙاڙان...

[سائي تسر جي ڪپڙي جو ڪوٽ سبايان]

 

تاهجي باڀَل رو مَن هن پر راجي،
        [تنهنجي ڀاڀي جي دل هن طرح خوش ٿئي]
        ڏيوَرِ سڻگاريجو، لاڏيلو سڻگاريجو-
        [ڏير کي سينگار ڪرائجو، گهوٽ کي سينگار ڪرائجو]
                سائي تان تَسَر رو ڏُگلو سِيڙاڙان...

[سائي تسر جي ڪپڙي جو ڪوٽ سبايان]

 

تاهجي ڪاڪَل رو مَن هن پر راجي،
        [تنهنجي چاچي جي دل هن طرح خوش ٿئي]
        ڀاتريجي نان سڻگاريجو، لاڏيلي نان سڻگاريجو-
        [ڀائٽيي کي سينگار ڪرائجو، گهوٽ کي سينگار ڪرائجو]
                سائي تان تَسَر رو ڏُگلو سِيڙاڙان...

[سائي تسر جي ڪپڙي جو ڪوٽ سبايان]

 

تاهجي ماسَل رو مَن هن پر راجي،
        [تنهنجي ماسي جي دل هن طرح خوش ٿئي]
        ڀاڻيجي نان سڻگاريجو، لاڏيلي نان سڻگاريجو-
        [ڀاڻيجي کي سينگار ڪرائجو، گهوٽ کي سينگار ڪرائجو]
                سائي تان تَسَر رو ڏُگلو سِيڙاڙان...

[سائي تسر جي ڪپڙي جو ڪوٽ سبايان]

 

تاهجي ڀُوئَلِ رو مَن هن پر راجي،
        [تنهنجي پُڦي جي دل هن طرح خوش ٿئي]
        ڀاتريجو سڻگاريجو، لاڏيلو سڻگاريجو-
        [ڀائٽيي کي سينگار ڪرائجو، گهوٽ کي سينگار ڪرائجو]
                سائي تان تَسَر رو ڏُگلو سِيڙاڙان...

[سائي تسر جي ڪپڙي جو ڪوٽ سبايان]

 

[9][9]

 

وراڻي:  لاڏيلي جي اميد پڄڻ ڏي،
                بنلي جي اُميد پڄڻ ڏي.

                جِنين وڻين ويٺوڙو سُونهي،
                [جن وڻن تي ويٺل سُونهي]
                وَڻڙا ڳاڙهن ڦُلنَ ڇانيوڙا-
                [وڻ ڳاڙهن گلن سان ڀريل آهن]
                لاڏيلي جي اُميد پڄڻ ڏي...

                جِنين پَلنگين ويٺوڙو سُونهِي،
                [جن پلنگن تي ويٺل سُونهي]
                پلنگ تان سوني رُپي جَڙِيل-
                [اهو پلنگ سون رُپي سان جَڙيل آهي]
                لاڏيلي جي آس پڄڻ ڏي...

                جنين واٽين هلندو سُونهي،
                [جن رستن تان هلندو سُونهي]
                واٽيون تان پَلَر پاڻِي ڀَريَل-
                [سي رستا برسات جي پاڻيءَ سان ڀريل آهن]
                لاڏيلي جي آس پڄڻ ڏي...

                جِنين ڪَرهين چڙهيلَ سُونهي،
                [جِن اُٺن تي چڙهيل سُونهي]
                ڪَرهيا ته آهن مَيا مَتارا-
                [سي اُٺ ٿلها متارا آهن]
                لاڏيلي جي آس پڄڻ ڏي...

                جِنين سَرتَنَ سُهڻو گهوٽ سُونهي،
                [جن دوستن سان گهوٽ سُونهي]
                سي سَرتا ته آهن سڀ سَرکا-
                [سي دوست سڀ هڪجيڏا آهن]
                لاڏيلي جي اُميد پڄڻ ڏي...

 

[10][10]

 

لاڏيلو ايلي وارو

 

وراڻي:  سورِٺيو لاڏِيلو ايلي واڙو، ننڍيو لاڏيلو ڪلنگي واڙو،
        [سهڻو گهوٽ موڙن وارو، ننڍڙو گهوٽ ڪلنگي وارو]

 

ساجن لاڏيلو ايلي وارو،

[ساجن گهوٽ موڙن وارو]

اِيئيَ لاڏيلي نان ڪاڪيئيَ ماني لِيو،
        [هِن گهوٽ کي چاچن قبول ڪيو]
        ڪاڪَليان رِي جوڙ لاڏا، جوڙ جوڙي، چڙهو نهين مهراج!
        [چاچن جي جوڙ آهي، جوڙ ٺهيل آهي، چرهين ڇو نٿو؟]
        جو اِي لاڏيلو ايلي واڙو، ساجن لاڏيلو ڪلنگي واڙو...
        [ڏسو هي موڙن وارو گهوٽ، ساجن ڪلنگي وارو گهوٽ]

 

اِئيَ لايلي نان بيرئي ماني لِيو،
        [هن گهوٽ کي ڀائرن قبول ڪيو]
        بِيرئان رو هيت لاڏا، جوڙ جوڙِي، چڙهونهين مهراج!
        [ڀائرن جو پيار آهي، جوڙ ٺهيل آهي، چڙهين ڇو نٿو؟]
        جو اِي لاڏيلو ايلي واڙو، ساجن لاڏيلو ڪلنگي واڙو...
        [ڏسو هِي موڙن وارو گهوٽ، ساجن ڪلنگي وارو گهوٽ]

 

اِئيَ لاڏيلي نان ٻيهوئي جِي ماني لِيو،
        [هن گهوٽ کي ڀيڻيويئي قبول ڪيو]
        ٻيهنويان رو هِيت لاڏا، جوڙ جوڙي، چڙهو نهين مهراج!
        [ڀيڻيوين جو پيار آهي، جوڙ ٺهيل آهي، چڙهين ڇو نٿو؟]
        ننڍيو لاڏيلو ايلي واڙو، ساجن لاڏيلو ڪلنگي واڙو...
        ننڍڙو گهوٽ موڙن وارو، ساجن گهوٽ ڪلنگي وارو]

 

اِي لاڏيلي نان ڦُوئي ماني لِيو،
        هن گهوٽ کي پُڦڙ قبول ڪيو آهي]
        ڦُوئان روهيت لاڏا، جوڙ جوڙي چڙهو نهين مهراج!
        پُڦڙن جو پيار آهي، جوڙ ٺهيل آهي، چڙهين ڇو نٿو؟]
        ننڍيو لاڏيلو ايلي واڙو، ساجن لاڏيلو ڪلنگي واڙو...
        ننڍڙو گهوڙو موڙن وارو، ساجن گهوٽ ڪلنگي وارو]

 

[11][11]

لاڏيلو گُل وارو

 

وراڻي:  گهڻو گهورِي جائون، ٻَچيئو مائل رو گُل ڙي،
        [گهوڻو قربان وڃان، ماءُ جو پُٽ گُل جهڙو آهي]
        گل تان واڙي رو ڦُلَ ڙي، قُلبانَ جائون!
        [گُل ڄڻ ته باغ جو ڦُل آهي، قربان وڃان]

 

آيل گهڻو گهوري جائي، ٻچيئو آيل رو گل ڙي-
        [ماءُ گهڻو قربان وڃي، ماءُ جو پٽ گل جهڙو آهي]
        گهڻو گهوري جائون، قُلبان جائون......
        [گهڻو قربان وڃان، قربان وڃان]

 

بابو گهڻو گهوريو جائي، ڏڪرو بابا رو گل ڙي-
        [پيءُ گهڻو قربان وڃي، پيءُ جو پٽ گل جهڙو آهي]
        گهڻو گهوري جائون، قربان جائون...
        [گهڻو قربان وڃان، قربان وڃان]

 

ڏاڏو گهڻو گهوري جائي، پوترو ڏاڏي رو گل ڙي-
        [ڏاڏو گهڻو قربان وڃي، ڏاڏي جو پوٽو گل جهڙو آهي]
        گهڻو گهوري جائون، قلبان جائون...
        [گهڻو قربان وڃان، قربان وڃان]

 

ڏاڏي گهڻو گهوري جائي، پوترو ڏاڏي رو گل ڙي-
        [ڏاڏي گهڻو قربان وڃي، ڏاڏي جو پوٽو گل جهڙو آهي]
        گهڻو گهوري جائون، قلبان جائون...
        [گهڻو قربان وڃان، قربان وڃان]

 

[12][12]

جهُونٻڪيو

وراڻي:  جهُونٻڪيو مان رو جهُولڻ لاگو،
        [ڇُڳو منهنجو لڏڻ لڳو]
        جهُولِسِي، سُگڻ سياڙِي ري رات،
        [لُڏندو اهو سياري جي رات]
                        مَلُوڪ جهُونٻڪِيو!

[مَلُوڪ ڇُڳو]

ٽَڪي پَئسيَ را ڀيڻِئي لونگ مُلايا، آڌيلي ري ڏاڙم ڊاک-
        [بيڻويي ٽَڪي پئسي جا لونگ گهرايا، آڌيلي جا ڏاڙهون ۽ ڊاک]
                جهونٻڪيو مان رو جهولڻ لاگو...

[ڇڳو منهنجو لڏڻ لڳو]

 

اوڏيڙان سين ڀيڻئي لونگ وڙهايا، ڇجڙان سين ڏاڙم ڊاک-
        [وڏن کِارن سان لونگ ورهايائين، ڇڄن سان ڏاڙهون ۽ ڊاک]
                جهونٻڪيو مان رو جهولڻ لاگو...

[ڇڳو منهنجو لڏڻ لڳو]

 

ڪورِي گگر مَڌَ ڀريو ڙي، مهيلهان ڀيڻيئي جي ري پاس-
        [ڪوري گهاهگر ماکيءَ سان ڀريل، ڀيڻيوئي کي موڪليون]
                جهونٻڪيو مان رو جهولڻ لاگو...

[ڇڳو منهنجو لڏڻ لڳو]

 

سائي لَڙهه رو جهُونٻڪيو، پِيلي لَڙهه رو هار-
        [سائي ريشمي ڌاڳي جو ڇڳو، پِيلي ريشمي ڌاڳي جو هار]
                جهونٻڪيو مان رو جهولڻ لاگو...

[ڇڳو منهنجو لڏڻ لڳو]

 

ڪِيهي ڀيڻيئي نان ڏيسان، جانهِين را کاسان لونگ-
        [ڪهڙي ڀيڻوئي کي ڏينديونسين، جنهن جا لونگ کائبا]
                جهونٻڪيو مان رو جهولڻ لاگو...

[ڇڳو منهنجو لڏڻ لڳو]

 

اونچي مِيڙهي اُوجڙي، مَنَهِين لُونٻاڙي کاٽ-
        [اُچي ماڙي، صاف ۽ سهڻي، اُن ۾ سٺي سيج بند کٽ]
                جهونٻڪيو مان رو جهولڻ لاگو...

[ڇڳو منهنجو لڏڻ لڳو]

 

اِٿ ڀيڻيئي جي رو ٻيسڻو، ڌِيئا ٻائي! وائِيرو ڍوڙَ-
        [اهي هنڌ ڀيڻيويئي جي ويهڻ لاءِ آهي، ادي ڙي! وڃڻو جهُلاءِ]
                جهونٻڪيو مان رو جهولڻ لاگو...

[ڇڳو منهنجو لڏڻ لڳو]

 

وائيرو ڍوڙتِي ڌيئا ٻائي اِئان ڪَهِيو، هيلوڪي مِنان ڏاڏائي ميل-
        [پڃڻي هڻندي ڇوڪري ائين چيو: هن سال موڪل ڏي ته مائٽن وڃانِ]
                جهونٻڪيو مان رو جهولڻ لاگو...

[ڇڳو منهنجو لڏڻ لڳو]

 

ميلَهِسان وِهان وَڌائي، ميلهسان سراوڻَ ٽيج-
        [ڪنهن شادي مُرادي، يا ساوڻ ٽيج تي موڪليندوسانءِ]
                جهونٻڪيو مان رو جهولڻ لاگو...

[ڇڳو منهنجو لڏڻ لڳو]

 

[13][13]

لاڏيلو تيل چڙهيو

 

وراڻي:  تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي، جهالر جهُڙ جهُڙ جهليو،
        [وناهه ويٺل گهوٽ تورڻ تي اچي ٿو، پاسي کان ڪپڙو پڙ وانگر جهُليو]
        لاڏيلي ري جانَ ۾ وڙي، تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي.
        [گهوٽ ڄڃ سان تيار ٿي، تورڻ تي اچي ٿو]

 

وِينڊو تنهنجو هيرن سان سُونهي، لَکِوَرَ لاڏيلا!
        [تنهنجو وينڊو هيرن سان سُونهي، او شاهوڪار گهوٽ]
        وينڊو تنهنجو هيرن سان سُونهي، جهالر جهُڙ جهُڙ جهُليو-
        [تنهنجو وينڊو هيرن سان سونهي، پاسي کان ڪپڙو جهليو]
                   تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي...

[وناهه ويٺل گهوٽ تورڻ تي اچي ٿو]

 

دُهرِي تنهنجي مانگن سان سونهي، الله بچائي لاڏيلا!
        [دهري تنهنجي موتين سان سونهي، خدا بچائي اي گهوٽ]
        دهري تنهنجي مانگن سان سونهي، جهالر جهُڙ جهُڙ جهليو-
        [دهري تنهنجي موتين سان سونهي، پاسي کان ڪپڙو جهليو]
                        تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي...

[وناهه ويٺل گهوٽ تورڻ تي اچي ٿو]

 

بُولو تنهنجو رائِي سان سونهي، نَٽَوَر لاڏيلا!
        [بُولو تنهنجو سهڻن چٽن سان سونهي، اي چالاڪ گهوٽ]
        بُولو تنهنجي راءِ سان سونهي، جهالر جهُڙ جهُڙ جهُليو-
        [بولو تنهنجو سهڻن چٽن سان سونهي، پاسي کان ڪپڙو جهليو]
                        تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي...

[وناهه ويٺل گهوٽ تورڻ تي اچي ٿو]

 

بازوبند تنهنجا جهاٻِين سان سونهن، نِنڍيا لاڏيلا!
        [بازوبند تنهنجا ٽؤنرن سان سونهن، اي ننڍڙا گهوٽ]
        بازوبند تنهنجا جهاٻن سان سونهن، جهالر جهُڙ جهُڙ جهليو-
        [بازوبند تنهنجا ٽؤنرن سان سونهن، پاسي کان ڪپڙو جهليو]
                        تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي...

[وناهه ويٺل گهوٽ تورڻ تي اچي ٿو]

 

ڪُڙڪُون تنهنجون لِکن سن سونهن، ڪونڌر لاڏيلا!
        [ڪڙڪون تنهنجو لِکن سان سونهن، اي ڪونڌر گهوٽ]
        ڪڙڪون تنهنجون لکن سان سونهن، جهالر جهُڙ جهُڙ جهليو-
        [ڪڙڪون تنهنجون لکن سان سونهن، پاسي کان ڪپڙو جهليو]
                        تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي...

[وناهه ويٺل گهوٽ تورڻ تي اچي ٿو]

 

ڪنگڻ تنهنجا مِنا سان سونهن، جَل ڦُل لاڏيلا!
        [ڪنگڻ تنهنجا مينا سان سونهن، اي تجلي وارا گهوٽ]
        ڪنگڻ تنهنجا مِينا سان سونهن، جهالر جهڙ جهڙ جهليو-
        [ڪنگڻ تنهنجا مِينا سان سونهن پاسي کان ڪپڙو جهليو]
                        تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي...

[وناهه ويٺل گهوٽ تورڻ تي اچي ٿو]

 

چوٽيون تنهنجون گهنگهرن سان سونهن، ڀورڙا لاڏيلا!
        [چوٽيون تنهنجون گهنگهر سان سونهن، اي اليبلا گهوٽ]
        چوٽيون تنهنجو گهگهرن سان سونهن، جهالر جهُڙ جهُڙ جهليو-
        [چوٽيون تنهنجون گهنگهرن سان سونهن، پاسي کان ڪپڙو جهليو]
                      تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي...

[وناهه ويٺل گهوٽ تورڻ تي اچي ٿو]

 

چوڙلو تنهنجو چندن سان سونهي، ڪوڏيلا لاڏيلا!
        [چوڙ تنهنجي چندن سان سونهي، اي شوقين گهوٽ]
        چوڙلوتنهنجو چندن سان سونهي، جهالر جهڙ جهڙ جهليو-
        [چوڙ تنهنجي چندن سان سونهي، پاسي کان ڪپرو جهليو]
                      تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي...

[وناهه ويٺل گهوٽ تورڻ تي اچي ٿو]

 

پازيب تنهنجا گهنگهرن سان سونهن، سورٺيا لاڏيلا!
        [پازيب تنهنجا گهنگهرن سان سونهن، اي سهڻا گهوٽ]
        پازيب تنهنجا گهنگهرن سان سونهن، جهالر جهڙ جهڙ جهليو-
        [پازيب تنهنجا گهنگهرن سان سونهن، پاسي کان ڪپڙو جهليو]
                      تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي...

[وناهه ويٺل گهوٽ تورڻ تي اچي ٿو]

 

چُنِي تنهنجي گلن سان سونهي، جَل ڦُل لاڏيلا!
        [چنِي تنهنجي گلن سان سونهي، اي سهڻا گهوٽ]
        چُنِي تنهنجي گلن سان سُونهي، جهالر جهڙ جهڙ جهليو-
        [چنِي تنهنجي گلن سان سونهي، پاسي کان ڪپڙو جهليو]
                      تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي...

[وناهه ويٺل گهوٽ تورڻ تي اچي ٿو]

 

ڪنجري تنهنجي ٽِڪَن سان سونهي، نَٽَوَر لاڏيلا!
        [ڪنجري تنهنجي ٽِڪن سان سونهي، اي هوشيار ۽ چالاڪ گهوٽ]
        ڪنجري تنهنجي ٽِڪن سان سونهي، جهالر جهڙ جهڙ جهليو-
        [ڪنجري تنهنجي ٽِڪن سان سونهي، پاسي کان ڪپڙو جهليو]
                      تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي...

[وناهه ويٺل گهوٽ تورڻ تي اچي ٿو]

 

پَڙو تنهنجو ڀَرت سان سونهي، سهڻا لاڏيلا!
        [پَڙو تنهنجو ڀَرت سان سونهي، اي سهڻا گهوٽ!]
        پَڙو تنهنجو ڀرت سان سونهي، جهالر جهڙ جهڙ جهليو-
        [پَڙو تنهنجو ڀَرت سان سونهي، پاسي کان ڪپڙو جهليو]
                      تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي...

[وناهه ويٺل گهوٽ تورڻ تي اچي ٿو]

 

جُتي تنهنجي چاندي سان سونهي، جَل ڦُل لاڏيلا!
        [جتي تنهنجي چاندي سان سونهي، اي سهڻا گهوٽ]
        جتي تنهنجي چاندي سان سونهي، جهالر جهڙ جهڙ جهليو-
        [جتي تنهنجي چاندي سان سونهي، پاسي کان ڪپڙو جهليو]
                      تيل چڙهيو لاڏو تورڻ اچي...

[وناهه ويٺل گهوٽ تورڻ تي اچي ٿو]

 

 

 

 

 

گهوٽ جي ڪنواريتن ڏي روانگي ۽ پهچ

[14][14]

لاڏيلو گُلان وارو

 

وراڻي:  لاڏيلي رِي جانَ ۾ گُلاليڙو گهڻيرو،
        گهوٽ جي ڄڃ ۾ گُلان گهڻو آهي]
        گُلالِيڙو لاڏيلو، آپَ جِي هِي چڙهيو ري لال.
        [ڳاڙهو گهوٽ پاڻيهي چڙهيو]

 

لاڏيلي رِي جانَ ۾ ڪيسَرڙو گهڻيرو،
        [گهوٽ جي ڄڃ ۾ ڪيسر گهڻي آهي]
        ڪيسرڙي لاڏيلي رو بِيروجِي لِي چڙهيو ري لال-
        [گهوٽ جو ڀاءُ به چڙهيو آهي-]
        لايلي رِي جان ۾ گُلاليڙو گهڻيرو...

 

لاڏيلي رِي جانَ ۾ ڦٽاڪو گهڻيرو،
        [گهوٽ جي ڄڃ ۾ ڦٽاڪا گهڻا آهن]
        ڦٽاڪا لاڏيلي رو ٻيهنوئِي جِي لِي چڙهيو ري لال-
        [ڦٽاڪا وٺي گهوٽ جو ڀيڻويو به چڙهيو آهي، واهه واهه]
        لايلي رِي جان ۾ گُلاليڙو گهڻيرو...

 

لاڏيلي رِي جانَ ۾ کارڪڙو گهڻيرو،
        [گهوٽ جي ڄڃ ۾ کارڪون گهڻيون آهن]
        کارڪڙو لاڏيلي رو ماسو لِي چڙهيو ري لال-
        [کارڪون وٺي گهوٽ جو ماسڙ به چڙهيو آهي، واهه واهه-]
        لايلي رِي جان ۾ گُلاليڙو گهڻيرو...

 

لاڏيلي رِي جانَ ۾ سوپارِڙو گهڻيرو،
        [گهوٽ جي ڄڃ ۾ سوپاريون گهڻيون آهن]
        سوپارِڙو لاڏيلي رو ساٿِيڙو لِي چڙهيو ري لال-
        [سوپارون وٺي گهوٽ جو سنگتي به چڙهيو آهي، واهه واهه-]
        لايلي رِي جان ۾ گُلاليڙو گهڻيرو...

 

[15][15]

وراڻي:  لاڏيلو ڏَران ڦَران جوويَ، پَاڇلڙي تو ڦوريَ،
        [گهوٽ هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿو ۽ پوئتي به نهاري ٿو]
        هالِي رِي مورِ يڙا! تانهجي جانَ سَنڀُوڙِي، رِي لال!
        [اچ مور جهڙا گهوٽ! تنهنجي ڄڃ تيار ٿي آهي]

 

لاڏيلي رِيَ جانَ ۾ ڪاڪو جِي تَا مالهِين-
        [گهوٽ جي ڄڃ ۾ چاچو پاڻ ملهائي ٿو]
        هالِي رِي سورٺيا! تانهجي جانَ سَنڀُوڙِي...

 

لاڏيلي رِيَ جانَ ۾ بِيرو جِي تَا مالهِين-
        [گهوٽ جي ڄڃ ۾ ڀاءُ پاڻ ملهائي ٿو]
        هالِي رِي سورٺيا! تانهجي جانَ سَنڀُوڙِي...

        لاڏيلي رِيَ جانَ ۾ مامو جِي تَا مالهِين-
        [گهوٽ جي ڄڃ ۾ مامو پاڻ ملهائي ٿو]
        هالِي رِي سورٺيا! تانهجي جانَ سَنڀُوڙِي...

 

لاڏيلي رِيَ جانَ ۾ ڏاڏو جِي تَا مالهِين-
        [گهوٽ جي ڄڃ ۾ ڏاڏو پاڻ ملهائي ٿو]
        هالِي رِي سورٺيا! تانهجي جانَ سَنڀُوڙِي...

 

لاڏيلي رِيَ جانَ ۾ نانو جِي تَا مالهِين-
        [گهوٽ جي ڄڃ ۾ نانو پاڻ ملهائي ٿو]
        هالِي رِي سورٺيا! تانهجي جانَ سَنڀُوڙِي...


 

[16][16]

 

وراڻي:  ڪاهي رِي سورٺيئا لاڏا! تَمي اَمَڻ ڏومَڻا.
        [اي سهڻا گهوٽ! ڇاجي لاءِ تون غمگين آهين؟]

        تانهجِي جانَ ۾ بيرو جي تان سَنڀُوڙين،
        [تنهنجي ڄڃ ۾ ته تنهنجو ڀاءُ به سنڀريو آهي]
        بيروجي دارونڙو گهڻيرو، ڇا ڪي گهَرِي آويسي،
        [تنهنجو ڀاءُ ماڻهن کي گهڻوئي شراب پياري پوءِ گهر ايندو]
        ڪاهي رِي سورٺيئا لاڏا! تَمي آمَڻ ڏومڻا.

 

تانهجِي جانَ ۾ ڪاڪو جي تان سَنڀُوڙين،
        [تنهنجي ڄڃ ۾ ته تنهنجو ڪاڪو به هلي ٿو]
        ڪاڪوجي روپئيا گهڻيرا، ريلي گهَرِي آويسي،
        [ڪاڪي وٽ گهڻئي آهن، اُڏائي پوءِ گهر ايندو]
        ڪاهي رِي سورٺيئا لاڏا! تَمي آمَڻ ڏومڻا.

 

تانهجِي جانَ ۾ مامو جي تان سَنڀُوڙين،
        [تنهنجي ڄڃ ۾ ته تنهنجو مامو به هلي ٿو]
        ماموجي ڪيسَرڙي گهڻيري، ڇاڪي گهَرِي آويسي،
        [تنهنجو مامو ڪيسر گهڻي ڪم آڻي گهر ايندو]
        ڪاهي رِي جواهر لاڏا! تَمي آمَڻ ڏومڻا.

 

تانهجِي جانَ ۾ ڦُوئو جي تان سَنڀُوڙين،
        [تنهنجي ڄڃ ۾ ته تنهنجو پڦڙ به سنڀري ٿو]
        ڦوئوجي کارڪڻين گهڻيري، ڦينڪي گهَرِي آويسي،
        [پڦڙ کارڪون گهڻيون ورهائي گهر ايندو]
        ڪاهي رِي جواهر سورٺيئا! تَمي آمَڻ ڏومڻا.

 

تانهجِي جانَ ۾ ٻيهنوئي جي تان سَنڀُوڙين،
        [تنهنجي ڄڃ ۾ ته تنهنجو ڀيڻيويو به سنڀري ٿو]
        ٻيهنوئي جي عنطرڙو گهڻيري، ڇنٽي گهَرِي آويسي،
        [ڀيڻويو عطر گهڻوئي ڇٽڪاري پوءِ گهر ايندو]
        ڪاهي رِي سورٺيئا لاڏا! تَمي آمَڻ ڏومڻا.

 

تانهجِي جانَ ۾ ڀاتريجا تان سَنڀُوڙين،
        [تنهنجي ڄڃ ۾ ته تنهنجو ڀائٽيا به سنڀرن ٿو]
        ڀاتريجا ڪوپرڙا گهڻيرا، ڦينڪي گهَرِي آويسي،
        [ڀائٽيا ڏونگهيون گهڻيون ورهائيِ گهر ايندو]
        ڪاهي رِي سورٺيئا لاڏا! تَمي آمَڻ ڏومڻا.

 

[17][17]

ڪوئل

 

وراڻي:  لاڏيلي رِي جانَ ۾ ڪوئِلڙي ٿِي ٻولي،
        [گهوٽ جي ڄَڃ ۾ ڪويَل ٿي ٻولي]
        سارسِڙِي تِي ٻوليَ، هالي رِي موريڙا!
        [سارس پکي ٿو ٻولي، هَل ڙي مور جهڙا گهوٽ]
        تانهجي جان سَنڀُوڙي رِي لال!
        [تنهنجي ڄڃ سنڀري اهي، اي گهوٽ]

 

چَڙهتو لاڏو ڏوران ڦران جوئي، پاڇلڙي تو ڦوري-
        [گهوٽ چڙهندي هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿو، پٺيان ڳولي ٿو]
        هالي ري ساجن لاڏا! تانهجي جان سنڀوڙي، ري لال!
        [هل ڙي گهوٽ! تنهنجي ڄڃ سنڀري آهي]

 

لاڏيلي رِي جانَ ۾ ٻاپُوجي تا مالهين-
        [گهوٽ جي ڄڃ ۾ سندس پيءُ پاڻ ملهائي ٿو]
                        هالي ري پَچِيئا...

لاڏيلي رِي جانَ ۾ ڪاڪو جِي تا مالهين-
        گهوٽ جي ڄڃ ۾ ڪاڪو پاڻ ملهائي ٿو]
                        هلي ري ٻَچيئا...

 

لاڏيلي رِي جانَ ۾ مامو جِي تا مالهين-
        گهوٽ جي ڄڃ ۾ مامو پاڻ ملهائي ٿو]
                        هلي ري ٻَچيئا...

 

لاڏيلي رِي جانَ ۾ بيرو جِي تا مالهين-
        گهوٽ جي ڄڃ ۾ ڀاءُ پاڻ ملهائي ٿو]
                        هلي ري ٻَچيئا...

 

لاڏيلي رِي جانَ ۾ ڦُوئو جِي تا مالهين-
        گهوٽ جي ڄڃ ۾ پُڦڙ پاڻ ملهائي ٿو]
                        هلي ري ٻَچيئا...

 

[18][18]

لاڏيلو دودل

 

وراڻي:  دودل جي دل لونگن تي، دودل جي دل ڦوٽن تي،
                        هلو هاڻ دودل!

لاڏي ڪارڻ هنسيون گهڙايان، دودل جي دل دهرين تي-
                        هلو هاڻ دودل...

لاڏي ڪارڻ ڪڙيون گهڙايان، دودل جي دل جهانجهر تي-
                        هلو هاڻ دودل...

لاڏي ڪارڻ وينڊو گهڙايان، دودل جي دل بُولي تي-
                        هلو هاڻ دودل...

لاڏي ڪارڻ مُنگليون گهڙايان، دودل جي دل منڊين تي-
                        هلو هاڻ دودل...

لاڏي ڪارڻ جهالر گهڙايان، دودل جي دل جهمٽين تي-
                        هلو هاڻ دودل...

لاڏي ڪارڻ ٻانهيون گهڙايان، دودل جي دل جهاٻين تي-
                        هلو هاڻ دودل...

لاڏي ڪارڻ وڳو ٿي سبايان، دودل جي دل لُونگي تي-
                        هلو هاڻ دودل...

لاڏي ڪارڻ ساڙُون ٿي گهرايان، دودل جي دل چنين تي-
                        هلو هاڻ دودل...

لاڏي ڪارڻ هنڌ ٿي وڇايان، دودل جي دل لاڏيءَ تي-
                        هلو هاڻ دودل...

 

[19][19]

5- ڏانوڻ ڏانئڻ يا پُر کڻ جا ڳيچ

 

پرکڻ

 

وراڻي:  لاڏو ماءُ جو پيارو، لاڏو ڀيڻ جو پيارو.
        تورڻ چڙهيو لاڏو، هري هري پُرکج او-
                        لاڏو ماءُ جو پيارو...

وڏو وينڊو واري او! هرِي پُرکج او-
                        لاڏو ماءُ جو پيارو...

وڏي بولي واري او! هرِي پُرکج او-
                        لاڏو ماءُ جو پيارو...

وڏي دوهري واري او! هرِي پُرکج او-
                        لاڏو ماءُ جو پيارو...

 

 

[20][20]

تورڻ

 

وراڻي:  آڻي تورڻ اُوڀا، جاڻي سوڙهي سُورج اُوگا،
        [لاڏو تورڻ هيٺان بيٺو، ڄڻ سورهن ڪلائن سان سج اُڀريو]
        اَجَ ري گهَڙيِ، ڌيئا ٻائِي رِي جوڙِي رو،
        [هن گهڙي، اسان جي ڌيءَ جي جوڙي آهي]
        يِهِي ڏِنِ رُوڙهو، ماٿِي رودُنڀالَو اڇي ڦُلي ڇايو،
        [پٽڪي جي مٿان اَڇن گلن مثل ٽونئر رکيل آهي]
                        هو ڪيسريا لاڏا!

(اوپيلي پٽڪي ٻڌل گهوٽ]

 

اَکُڙلان رو پاڻِي، جاڻي جهِيڻِي ڪَيسر ڇاڻِي،
        [گهوٽ جي اکين جو پاڻي، ڪيسر جي مثل آهي]
                        هو ڪيسريا لاڏا...

ناڪَڙلِي ري ڏانڊي، ٿانرِي نِڪَمي پيسي مانڏي-
        [سندس نڪ ڄڻ ته مالڪ واندو ٿي ويهي ٺاهيو آهي]
                        هو ڪيسريا لاڏا...

 

گَڙِي رِي گَرنِاري، سونِي ڪانٺِي سُونهي-
        [سندس سهڻيءَ ڳچي ۾ سون جي ڪَنٺِي پيئي سونهي]
                        هو ڪيسريا لاڏا...

 

هاٿان ڪِيرِي آنگڙي، مُونگان ڪِي رِيَ ڦَڙيَ-
        [سندس هٿن جون آڱرين مڱن جي ڦرين جهڙيون آهن]
                        هو ڪيسريا لاڏا...

 

هاٿان ڪِيرِي آنگڙي، مُونگان ڪِي رِيَ ڦَڙيَ-
        [سندس هٿن جون آڱرين مڱن جي ڦرين جهڙيون آهن]
                        هو ڪيسريا لاڏا...

 

ڪانان راگج موتي، سوڙهي گهُونگهٽ جوتي-
        [سندس ڪنن ۾ پيل سونا ڪُنڍل زالون گهونگهٽ مان پيون نهارين]
                        هو ڪيسريا لاڏا...

 

پتليان پانچا ۾، ٿانري سونو ڪَڙو سُونهي-
        [تنهنجن سنهن هٿن ۾، سونا ڪنگڻ سونهن]
                        هو ڪيسريا لاڏا...

 

پتليان پاسان ۾، ٿانري پيلو واڳو سُونهي-
        [تنهنجن سنهن پاسن ۾، سَنهو پهراڻ ڏاڍو سونهي]
                        هو ڪيسريا لاڏا...

پاتُرڙِي پِينڏي ۾ ٿانري سونو ڪڙو سُونهي-
        [تنهنجي سنهي پير جي مُرئي ۾، سونو ڪڙو سُونهي]
                        هو ڪيسريا لاڏا...

 

پاتليان پَڳان ۾، ٿانري مَخمَل جُوتِي سونهي-
        [تنهنجي سنهن پيرن ۾، مَخمل جي جُتي سُونهي]
                        هو ڪيسريا لاڏا...

 

ڀَنوَرَ گهوڙَلَي، ڪيسريو لاڏو سُونهي-
        [ڀنئور جهڙي ڪاري گهوڙي تي، پيلا ڪپڙا پاتل گهوٽ سُونهي]
                        هو ڪيسريا لاڏا...

 

[21][21]

پٽي ڀڻڻ

 

وراڻي:  هَر آيو، هَر آيو ڪاسِي رو واسِي آيو،
[مهاديو آيو، مهاديو آيو، ڪاشيءَ جو رهاڪو آيو]
مَٿرا رو موهَن آيو، لاڏلڙا! تون ڀَلان آيو،
[مٿرا جو ڪرشن آيو، اي گهوٽ! تون ڀَلِي آئين]
        ٿانري ماتا نان ڪيائين نه لايو؟

[پنهنجي ماءُ کي ڇو نه وٺي آئن؟]

 

آوي ڇي جِي، آوي ڇي، ڪاچا لوئيئا کاوي ڇِي،
[اچي پيئي، اچي پيئي، ڪچا پاپڙ کائيندي اچي پيئي]

لاڏلڙا! تون ڀَلان آيو...

لاڏلڙا! مانرو ڪهيو ڪيجي، ٿانري ڀاڀي ڀاڳتان نان ڏيجي-
[اي گهوٽ! منهنجو چيو مڃ، پنهنجي ڀاڀي ڀڳتن کي ڏيئي ڇڏ]

لاڏلڙا! تون ڀَلان آيو...

 

لاڏلڙا! مانرو ڪهيو ڪيجي، ٿانري مامي مولهان نان ڏيجي-
[اي گهوٽ! منهنجو چيو مڃ، پنهنجي مامي فقيرن کي ڏيئي ڇڏ]          لاڏلڙا! تون ڀَلان آيو...

 

پياريبو سُونهي پَني، لاڏلڙو سونهي ڪَني-
[ڪبوتر وڻ جي پنن ۾ سونهي ۽ گهوٽ ڪنن ۾ پاتل لونگن ڪري سونهي]              لاڏلڙا! تون ڀَلان آيو...

 

پياريبو سُونهي پَنکيئي، لاڏلڙو سونهي انکيئي-
[ڪبوتر پنهنجي کنڀن ڪري سونهي ۽ گهوٽ وڏين ڪاري اکين ڪري سونهي]
                لاڏلڙا! تون ڀَلان آيو...

 

پياريبو سُونهي پَنکيئي، لاڏلڙو سونهي انکيئي-
[ڪبوتر پنهنجي راند ۾ مست آهي ۽ گهوٽ پنهنجي ڇاتيءَ تي موهت آهي ڪري سونهي]
                لاڏلڙا! تون ڀَلان آيو...

 

نگر ٺَٽي وچ هيڪ ٿَڙي، لاڏلڙو اُڀو پَڳ ٿَڙي-
[ننگر ٺٽي وچ ۾ هڪ ڀِٽ آهي، گهوٽ پيرين اگهاڙو ان تي بيٺو آهي]
                لاڏلڙا! تون ڀَلان آيو...

6- ڄڃ کي سوکڙيون ڏيڻ:

 

[22][22]

 

وراڻي:  هالو سهيليئا! جو وڻيئي نان هالان،
        [هلو سهيليون! ڏسڻ، لاءِ هلو]
        مانهنجو لاڏلو آيو سيڻجي ڏيس ۾، هو راڄا!
        [منهنجو گهوٽ هن ديس ۾ آيو آهي، اي راڄ وارا!]
        هان جوڌيئا ٻائي ري جوڙي رو جلال،
        [اهو ڇوڪريءَ جي جوڙيءَ جو جلال آهي]
        هيرونِي ڇي رتنارو، گاڍو مارُو پارکُو، هو راڄا!
        [اهو هيرن ۽ جواهرن جي پرک لهڻ وارو آهي]
        جاني ڙان نان ڏيرو هل ڏي،
        [ڄاڃين کي ڀلي ٽِڪڻ لاءِ جاءِ هلي ڏي]
        ڏيرئيئو ڏيرا ڙا، هريئي باگَ ۾ هو راڄا!
        [ٽڪڻ لاءِ جاءِ سائي باغ ۾ ڏي]
        هان جوڌيئا ٻائي ري جوڙي رو جلال...

 

جاني ڙان نان ڏانتڻيئو هل ڏي،
        [ڄاڃين کي ڏندڻ هلي ڏي]
        مانهنجي لاڏلي را دانتڻيئو ڏيراڙا ڪاچي ڪير رو-
        [منهنجي گهوٽ کي سُٺو ۽ ڪچي وڻ جو ڏندڻ ڏي]
        هان جوڌيئا ٻائي ري جوڙي رو جلال...

 

جاني ڙان نان جهِيلڻِيئو هل ڏي،
        [ڄاڃين کي سنان هلي ڪراءِ]
        مانهنجي لاڏلي نان جهِيلڻِيئو ڏيراڙا، ٺاڍي جمنا جل ري نير ور-
        [منهنجي گهوٽ کي جمنا جو ٿڌو پاڻي وهنجڻ لاءِ ڏي]
        هان جوڌيئا ٻائي ري جوڙو رو جلال...

 

جاني ڙان نان جِيمڻِيئو هل ڏي،
        [ڄاڃين کي ماني کائڻ لاءِ هلي ڏي]
        مانهنجي لاڏلي نان جِيمڻِيئو ڏيراڙا، گهيور ڇانٽوئا-
        [منهنجي گهوٽ کي به ماني ڏي جو ساڻس گڏ آهي]
        هان جوڌيئا ٻائي ري جوڙي رو جلال...

 

[23][23]

 

وراڻي:  گهِي پِي لاڏلڙا! گهِي پِي لاڏا،
        [گيهه پِي اي گهوٽ، گهِيه پيءُ]

 

ٿانرِي ٻانهنڙيئي ٻَر ٿاسِي ري،
        [تنهنجي ٻانهن ۾ ٻَل ٿيندو]
        ٿانرا گال گُليلا ٿاسي ري-
        [تنهنجا ڳِل پڻ ڳاڙها ٿيندا]
                        گهِي پِي لاڏلڙا...

 

تمهاري مِٺَي گام ۾، گهِي ڇي مونهگو ري-
        [تنهنجي مِٺي ڳوٺ ۾ گيهه مهانگو آهي]
                        گهِي پِي لاڏلڙا...

 

اَماري پارڪر ۾ گهِي ڇي سونهگو ري-
        [اسان جي پارڪر ديس ۾ گيهه سستو آهي]
                        گهِي پِي لاڏلڙا...

 

7- شاديءَ جي رات

 

[24][24]

وراڻي:  ڪوري موري ڪُلهڙي ني جهَٻَلُڪ جُهوڙا،
[نئين سٺو ڪپڙو گهوٽ جي ڪُلهن تي، ان ۾ موتين ۽ پَٽ جا ٽئونر ۽ جهُوڙا]
هُونيئِي پَرهِي مَران، مانهنِجا ساجن بيرا!
[آءٌ قربان ٿيان، منهنجا ساجن ڀاءُ]

 

ساجن ري بَهُوئل ري، ست ماڏڙيا سونهين،
[ساجن جي ڪنوار کي ست مادريا سونهن]
روئيدار بُولي مانهنجي ٻيهينل ٻائي ري سونهي-
[رائيدار بُولي منهنجي، ڀيڻ جي نڪ ۾ سونهي]
            ڪوري موري ڪلهوڙي...

 

ساجن ري بَهُوئل ري، سونِي دهري سونهي،
[ساجن جي ڪنوار کي، سونِي دهري سونهي]
سٺو چندن هار، مانهنجي ٻيهينل ٻائِي ري سونهي-
            ڪوري موري ڪلهڙي...

 

ساجن ري بَهُوئل ري، سونيون ڪُڙڪُون سونهن،
        [ساجن جي ڪنوار کي، سونا والا سونهن]
        سونو ٻورلو مانهنجي، ٻيهينل ٻائِي ري سونهي-
                    ڪوري موري ڪلهڙي...

 

ساجن ري بَهُوئل ري چندن چُوڙلو سونهي،
        [ساجن جي ڪنوار کي چندن چُوڙا سونهن]
        سونو ٻورلو مانهنجي، ٻيهينل ٻائِي ري سونهي-
                    ڪوري موري ڪلهڙي...

 

ساجن ري نهوئل ري، سٺا پازيب سُونهن،
        [ساجن جي ڪنوار کي سٺا پازيب سُونهن]
        سونو ڪَنڍلو مانهنجي ٻيهينل ٻائي ري سُونهي-
                    ڪوري موري ڪُلهڙي...

 

ساجن رِي بَهُوئَل رِي سائو ساڙُون سُونهي،
        [ساجن جي ڪنوار کي، سائي ريشمي اوڍڻي سونهي]
        ڳاڙهي چُنڙي مانهنجي ٻيهينل ٻائي ري سونهي-
        [ڳاڙهي چني منهنجي ڀيڻ کي سونهي]
                    ڪوري موري ڪلهڙي...

 

[25][25]

پولِرِي

 

وراڻي:  ماءُ! مانهنجي پڳ تي جهٻڪي پولِرِي،
        [اي امڙ! منهنجي پير تي پولري چمڪي ٿي]
        هينئڙي هرڪي هار، ٻيهينل! پولڙي،
        [هيانءُ تي هار چلڪي، ڀيڻ! پولري چمڪي]
                ڏاوَئِي پڳ ري پولِري چمڪي...

[ڏائِــــي پــيـــر جـــــــي پــــولِـــري]

 

ماءُ! مانهنجي جمڻي پڳ ڏسو جوئي ري-
        [امڙ! منهنجي ساڄي پير ڏي نهارج]
                ٻِيهِينَـــل! پــــولِـــڙِي چمــڪي...

[منهنجي ڀيڻ! پولري چمڪي]

 

ماءُ رِي گهَري بِيَرئِيا، مِنان رَماتا سارو ڏينهن-
        [ماءُ جي گهر ڀائر، مون کي سارو ڏينهن راند ڪرائيندا هئا]
                   ٻِيهِينَـــل! پــــولِـــڙِي چمــڪي...

[منهنجي ڀيڻ! پولري چمڪي]

 

ساسُو ري گهَري ڏيوريا، مِنان پلپل مهڻا ڏين-
        [سس جي گهر منهنجا ڏير، مون کي ذري ذري طعنا ڏين]
                   ٻِيهِينَـــل! پــــولِـــڙِي چمــڪي...

[منهنجي ڀيڻ! پولري چمڪي]

 

ماءُ ري گهري مِنان ٻيهينلڙين تيڙتين سارو ڏينهن-
        [ماءُ جي گهر مونکي ڀيڻيون سڄو ڏينهن هنج کڻنديون هيون]
                   ٻِيهِينَـــل! پــــولِـــڙِي چمــڪي...

[منهنجي ڀيڻ! پولري چمڪي]

 

مگري ري ڍري آئين سينسڙلين، جي رونڊو مِٺو ڏُوڌري-
        [ڀِٽُن تان ڍڳيون لهي آيون، جن جو ٿڌو مٺو ڌونرو]
                ٻِيهِينَـــل! پــــولِـــڙِي چمــڪي...

[منهنجي ڀيڻ! پولري چمڪي]

 

مگري ري ڍري آئين گاوڙلين، جي روٺڍو مِٺو ڏهِي ري-
        [ڀِٽُن تان ڍڳيون لهي آيون، جن جو ٿڌو مٺو ڌونرو]
                ٻِيهِينَـــل! پــــولِـــڙِي چمــڪي...

[منهنجي ڀيڻ! پولري چمڪي]

 

[26][26]

 

وراڻي:  جيئو مان رِي ريل! ڏِگڻ مت ڏِئِيجو.
        [اي منهنجي ريل! سدائين قائم هجين، ان کي تڪليف نه ڏجئين]
        حيدراڻي ٿين بَنا جائِي جو،
        [اي گهوٽ! توهين حيدرآباد وڃجو]
        ٿانري هَرڻاڪي رو نَٿڙي مُولائجو-
        [توهان جي هرڻ جهڙي ڪنوار لاءِ نَٿ آڻجو]
        جِيئو مان ري ريل! ڏگڻ مت ڏئيجو...

 

سڙڪ سڙڪ بنا! آئيجو، انجڻ سين آر گا رهيجو-
        [اي گهوٽ! رستو ڏيئي اچجو ۽ انجڻ کان پري بيهجو]
        جيئو مان ري ريل! ڏگڻ مت ڏئيجو...

 

ٽيشن سين آرگا رهيجو، نَٿَڙي مولائيجو-
        [اسٽيشن کان پري بيهجو، نٿ ضرور آڻجو]
        جيئو مان ري ريل! ڏگڻ مت ڏئيجو...

 

[27][27]

لاڏيلو رومال وارو

 

وراڻي:  سائي تسر رو رومال، ڌوٻڻ! ڏوئي ڏي رومال،
        پِيلي ريشم رو رومال، ڌوٻڻ! ڌوئي ڏي رومال،
        ڀوريئي ڀائي رو رومال، ڌوٻڻ! ڌوئي ڏي رومال.

        وينڊو گهڙائي لاڏو سون جو- سون سان سٺڙو رومال،
                        ڌوٻڻ! ڌوئي ڏي رومال...

بُولي گهڙائي لاڏو سون جي- سون سان سٺڙو رومال،
                        ڌوٻڻ! ڌوئي ڏي رومال...

ڪُڙڪُون گهڙائي لاڏو سون جون- سون سان سٺڙو رومال،
                        ڌوٻڻ! ڌوئي ڏي رومال...

دهري گهڙائي لاڏو سون جي- سون سان سٺڙو رومال،
                        ڌوٻڻ! ڌوئي ڏي رومال...

ڪڙيون گهڙائي لاڏو سون جون- سون سان سٺڙو رومال،
                        ڌوٻڻ! ڌوئي ڏي رومال...

منگليون گهڙائي لاڏو چانديءَ جون- سون سان سٺڙو رومال،
                        ڌوٻڻ! ڌوئي ڏي رومال...

 

[28][28]

ڪويل

 

وراڻي:  ڪويلِ ٻِيٺِي آنٻلي رِي ڏاڙ،
        [ڪويل انب جي ٽاري تي ويٺل آهي]
        موريو ٻيٺو گڍري ڪُونگري، او راجا!
        [مور ڪوٽ جي ڪنگري تي ويٺو آهي]

 

ڪويل منگي لڳنان ري جوڙ،
        [ڪويل گهري ٿي ته لڳن سٺا هجن]
        موريو منگي لاکيڻي لاڏي، او راجا!
        [مورچاهي ٿو ته سٺي ڪنوار ملي، اي گهوٽ]
        ڪويل ٻيٺي آنٻلي ري ڏاڙ...

 

ڪويل منگي چوڙلان ري جوڙ،
        [ڪويل گهري ٿي ته سٺي چوڙ هجي]
        ڪيسريو منگي سيڻانري ڌيئڙي-
        [گهوٽ کي سيڻن جي ڌيءَ کپي]
        ڪويل ٻيٺي آنٻلي ري ڌاڙا...

 

ڪويل منگي گڙڻان ري جوڙ،
        [ڪويل هارن جي جوڙي ٿي گهري]
        موريو منگي لاکيڻي لاڏي، او راجا!
        [مور چاهي ٿو ته سٺي ڪنوار ملي، اي گهوٽ!]
        ڪويل ٻيٺي آنٻلي ري ڏاڙ...

 

ڪويل منگي ساڙُ ونڙا ري جوڙ،
        [ڪويل ريشمي چنيون گهري ٿي]
        موريو منگي ڪنواري لاڏي، او راجا!
        مور ڪنواري زال گهري ٿو، اي گهوٽ!]
        ڪويل ٻيٺي آنٻلي ري ڏاڙ...

 

8- گهوٽ جي مرحبا جا ڳيچ:

 

[29][29]

ڍولو

 

وراڻي:  آننگَڻيئيَ اُوڀو ڍولو،
        [اڱڻ تي اچي گهوٽ بيٺو]
        سوڙهي سُورج اُگيا، هو راجا!
        [ڄڻ سورهان سج اُڀريا آهن، اي گوٽ!]

 

بادليئيَ رِي ڇانوَ ڍولا ڇانئينَئي،
        [اي گهوٽ ڪڪر ڇانو ڪيو بيٺا آهن]
        ڇانئينئي هال، هو راجا!
        [تون ڇانو مان هل، اي گهوٽ!]
                    آنگيڻئي اُوڀو ڍولو...

ميڙي چڙهتو هِيلا ليتو،
        [ماڙيءَ تي چڙهندي لوڏ سان هلي ٿو]
        لاڏو، لاڏي نان پيارو لاگي، هو راجا!
        [گهوٽ ڪنوار کي پيارو لڳي ٿو، اي گهوٽ]
                    آنگڻيئي اُوڀو ڍولو...

 

سوني هٽِي جائيجو ڍولا! نٿڙلي گهڙ لائجو ڍولا!
        [سوناري جي دڪان تان نٿ ٺهرائي اچ گهوٽ]
        نٿ سوني هاٽ ري، هو راجا!
        [نٿ سوناري جي دڪان تي آهي، اي گهوٽ]
                    آنگڻيئي اُوڀو ڍولو...

 

نَٿڙلي ري ڪوڏي ڍولا
        [نٿ جي شوق مان، اي گهوٽ]
        لاڏي آئي لوڏي ڍولا!
        [ڪنوار جهومندي آئي اي گهوٽ]
                    آنگڻيئي اُوڀو ڍولو...

 

شاهي بازار جائو ڍولا! نَو سَروهار مولائو ڍولا!
        [شاهي بازار ڏانهن وڃ ۽ ڪنوار لاءِ چندن هار وٺي اچ]
        هار ري اوبي ڍولا! گورل آئي ڪوڏي ڍولا!
        [هار جي ڪري ڪنوار تو وٽ جهومندي ايندي]
                    آنگڻيئي اُوڀو ڍولو...

 

 

[30][30]

وراڻي

 

وراڻي:  ٻيهينوئي ساڙُو چڙهيا شينهان ري شڪار،
        [ڀيڻيويو ۽ سالو شينهن جي شڪار ٿي چڙهيا]
        ٻارهِي ٻار هِي گهوڙلِي آن، سوڙهِي سوڙهِي ساٿِيري.
        [ساڻن گڏ ٻارهن ٻارهن گهوڙا ۽ سورهن سورهن دوست هئا]

 

مارين مارين اُونڏي جَررين مَڇلڙين،
        [اونهي پاڻيءَ مان مڇيون ماري آندائون]
        ماريا مِرگهِلا چار ري، چڙهيا شينهان ري شڪار...
        [چار هرڻ به ماريائون، چڙهيا شينهن جي شڪار]

 

وڙتي ڪريو شڪار ديڳڙي ڇمڪايو،
        [واپس ايندي شڪار ڪيائون ۽ ديڳڙي ۾ وڌائون]
        مِرگهلي رو ساگ- چڙهيا شينهان ري شڪار...
        [هرڻ جو ٻوڙ رڌائون- چڙهيا شينهن جي شڪار]

 

ماڙيڙي را ٻيٽا! ٿانري واڙي ۾،
        [اي مالهي جا پُٽ! تنهنجي واڙيءَ ۾]
        ڪيائين ڪيائين چيجان نپجين؟ چڙهيا شينهان ري شڪار...
        [ڪهڙيون ڪهڙيون شيون ٿين ٿيون- چڙهيا شينهن جي شڪار]

 

مانري واڙي ۾ نپجي ڏاڙم، ڊاک،
        [منهنجي واڙي ۾ پيد اٿئي، ڏاڙهون ۽ ڊاک]
        چانپو، مَروئو، ڪيوڙو- چڙهيا شينهان ري شڪار...
        [چانپو، مروئو ڪيوڙو- چڙهيا شينهن جي شڪار]

 

ڏاڙم، ڊاک، ميلهان، ساڙيان نان ڀيٽ،
        [ڏاڙهون ۽ ڊاک سالين کي سوکڙي ڪري موڪلينداسون]
        چانپو، مروئو، ميلهان، ساڙاتيان نان سوکڙي-
        [چانپو ۽ مروئو سالن جي زالن کي سوکڙي ڪري موڪلينداسون]

 

چڙهيا شينهان ري شڪار....

 

[31][31]

ساڙهي

 

وراڻي:  لِيلِي پِيلي ساڙهي، ٽِٻڪي واڙي،
        [پِيلي ۽ ريشمي چِٽن سان ساڙهِي]
        وچ ۾ سوني ري اوجهاري، وچ ۾ ڀَمَرَ ري اوجهاري.
        [جنهن جي وچ ۾ سوني ۽ زريءَ جي ڪنار لڳل آهي]

 

لاڏِي وَهُو پڇي، هان ري ڪَلَنگِي واڙا!
        [ڪنوار پُڇي ٿي ته اي ڪلنگيءَ وارا گهوٽ]
        آنگڻيئي ۾ آنتريو ڍوڙاڙان، ساڙُ ونڙي ۾ ٻالُوڙو لڳاڙان-
        [اڱڻ ۾ عطر ڇٽڪاريان، ساڙهيءَ تي سرهاڻ لڳايان] لِيلِي پيلِي ساڙهِي، ٽِٻڪي واڙي...


 


[1]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[2]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[3]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[4]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[5]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[6]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[7]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[8]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[9]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[10]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[11]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[12]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو

[13]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[14]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان ميلو.

[15]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[16]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[17]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[18]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو

[19]  ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان مليو.

[20]  ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان مليو.

[21]  ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان مليو.

[22]  ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان مليو.

[23]  ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان مليو.

[24]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[25]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[26]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[27]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري9 مان مليو.

[28]  ٿرپارڪر (تعلقي ننگر پارڪر) مان مليو.

[29]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[30]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[31]  ٿرپارڪر (تعلقي ننگرپارڪر مان مليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org