سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳيچ

باب: -

صفحو :17

[42]

وراڻي: اڄ ڏينهن سدورو ٿيندو، سهڻل گهوٽ گهر ايندو.
        بينسر بار ڀريو، جوڙيل ونِي چاڙهي وريو-

اڄ ڏينهن سدورو ٿيندو، سهڻل گهوٽ گهر ايندو.

 

مُرڪين بار ڀريو، لاڏل وني وٺي وريو-

اڄ ڏينهن سدورو ٿيندو، سهڻل گهوٽ گهر ايندو.

 

بُندڙن بار ڀريو، سُهڻل ڪنوار وٺي وريو-

اڄ ڏينهن سدورو ٿيندو، سهڻل گهوٽ گهر ايندو.

 

[43]

وراڻي: پنهنجي شان مان سان، گهر آءُ ڙي ادل!
تون ته جوڙين ماڻين، هڪ جيڏي ڙي پڙهيل!

 

خاصي بينسر گهڙائي، گهر آءُ ڙي پڙهيل!
ٻانهن ٺاهي ته ورائي، ڙي تون حاڪم پڙهيل!
پنهنجي شان مان سان، گهر آءُ ڙي پڙهيل!

 

چڱي دهري گهڙائي، گهر آءُ ڙي پڙهيل!
ٻانهن ٺاهي ته ورائي، ڙي تون حاڪم پڙهيل!
پنهنجي شان مان سان، گهر آءُ ڙي پڙهيل!

 

چڱو وينڊو گهڙائي، گهر آءُ ڙي پڙهيل!
ٻانهن ٺاهي ته ورائي، ڙي تون حاڪم پڙهيل!
پنهنجي شان مان سان، گهر آءُ ڙي پڙهيل!

 

[44] [1]

وراڻي: ڏاڍي دير وڃي، لاٿئي، پار لاڏا!
              پار لاڏا، سردار لاڏا!

 

سوني ٻانهين ته گهڙائي گهر آءُ لاڏا!
تنهنجي ٻانهين ته مٿئون جنسار لاڏا!
ڏاڍي دير وڃي لاٿئي، پار لاڏا!

 

تنهنجي اکين ۾ ڪجل واري ڌار لاڏا!
تنهنجي ٻانهين ته مٿئون جنسار لاڏا!
ڏاڍي دير وڃي لاٿئي، پار لاڏا!

 

تنهنجو نڪ ته ڪنڍو تلوار لاڏا!
تنهنجي ٻانهين ته مٿئون جنسار لاڏا!
ڏاڍي دير وڃي لاٿئي، پار لاڏا!

 

[45]

وراڻي: الله آڻي توکي، مرشد ميلي توکي،
شهزادا ڀائڙا! ڏيان نه مياران مارن کي.

 

بينسر گهڙايم ويهي، تون ته آءُ پکي ۾ پيهي-
         شهزادا ڀائڙا! ڏيان ته مياران مارن کي.

 

دهري ته گهڙايم ويهي، تون ته آءُ پکي ۾ پيهي-
         شهزادا ڀائڙا! ڏيان ته مياران مارن کي.

ٻانهين ته گهڙايم ويهي، تون ته آءُ پکي ۾ پيهي-
         شهزادا ڀائڙا! ڏيان ته مياران مارن کي.

 

[46] [2]

وراڻي: سون ڪنمديس قربان، پنهنجي ڀائن تان،
      سؤ سؤ ڀيرا، آءُ منهنجي اڱڻ تي.

سوڍل وينڊو گهڙائيندو، منهنجي اڱڻ تي-
سون ڪنديس قربان، پنهنجي ڀائن تان.

 

لاڏل دهري گهڙائيندو، پنهنجي اڱڻ تي-
سون ڪنديس قربان، پنهنجي ڀائن تان.

 

4. گهوٽ جي گهر اچڻ جا ڳيچ

[47]

وراڻي: منهنجو رانجهن ڀلي آيو، ڍولڻ ڀلي ڀلي آيو،
رانجهن جو بخت سوايو، پنهنجي گهر رانجهن ڀلي آيو.

 

سر لاڏل جي سونا سهرا، موتين جوڙ بنايو-
               منهنجو رانجهن ڀلي آيو.

 

اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
               منهنجو رانجهن ڀلي آيو.

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
               منهنجو رانجهن ڀلي آيو.

 

هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو-
               منهنجو رانجهن ڀلي آيو.

 

[48] [3]

وراڻي: آءُ ڙي بنا، مور بنا! بنا! تنهنجو وارو الله ورايو،
                 بنا! تنهنجو لايو ٿيم سجايو.

 

بينسر جوڙائج نهري – آءُ ڙي بنا، مور بنا!
دهري جوڙائج نهري – آءُ ڙي بنا، مور بنا!
ٻانهين جوڙائج سهڻي – آءُ ڙي بنا، مور بنا!
جهالر جوڙائج سهڻي – آءُ ڙي بنا، مور بنا!

 

[49]

وراڻي: پير محي الدين! اڱڻ اسان جي آيو،
ناز وارو نينگر اسان جو آيو.

 

چمڪدار وينڊو جو جوڙايم-

پير محي الدين! اڱڻ اسان جو آيو.

 

چمڪدار دهري جا جوڙايم-

پير محي الدين! اڱڻ اسان جو آيو.

 

چمڪدار ڪٺمال جا جوڙايم-

پير محي الدين! اڱڻ اسان جو آيو.

 

[50]

وراڻي: تارن جي چانڊاڻ، ڇٽڙو جُهلايو،
ڙي ابل وڏڙي ويلي آيو، ڙي ٺريس ٿڌڙي ويلي آيو.

 

وڏڙي ويلي آيو، ماءُ سهاڳڻ ڄائو،
وڏڙي ويلي آيو، پيءُ لَکِي پرڻايو،
          تارن جي چانڊاڻ ڇٽڙو جهلايو.

 

جنهن جو لايو ٿيو سجايو،
جنهن تي نبيءَ ڇٽ جهلايو-
تارن جي چانڊاڻ، ڇٽڙو جهلايو.

 

بنرو سنبهي سيج تي آيو،
جنهن جي شاديءَ جو سعيو-
تارن جي چانڊاڻ ڇٽڙو جهلايو.

 

 

 

 

[51] [4]

وراڻي: راڻل ڙي، سوڍل ڙي، راڻو رات چوڙيلن رانيو،
ويهي ڀائرن سان، گهمي يارن سان، ادل جهڙ ڪري آيو.

 

شادي ادل جي آهي، ٿيو ڏينهڙو سدورو،
ونڙي ونهيل جي، اٿس پَٽَ جوئي جورو-
راڻل ڙي، سوڍل ڙي، راڻو رات چوڙيلن رانيو.

 

ڄاڃي لاڏل جا آهن سدا ٿيا سوڀارا،
هر ڪنهن کي هيٺان آهن ڀلڙا گهوڙا-
راڻل ڙي، سوڍل ڙي، راڻو رات چوڙيلن رانيو.

 

مائٽ لاڏل جا آهن سڀ سکر ماڻهو،
شادي بنل جي تي خرچيائون ناڻو-
راڻل ڙي، سوڍل ڙي، راڻو رات چوڙيلن رانيو.

 

[52]

وراڻي: اڄ مان وٽ آيو، جِند جان ڪيان قربان،
اڄ مان وٽ آيو، پُنم روح جو رايو.

 

ڏاڙهن لام لڙي، اڄ مان وٽ آيو، اڄ مان وٽ آيو-
               پُنم روح جو رايو..

ليمن لام لڙي، اڄ مان وٽ آيو، اڄ مان وٽ آيو-
            پُنم روح جو رايو..

ڦوٽَن لام لڙي، اڄ مان وٽ آيو، اڄ مان وٽ آيو-
            پُنم روح جو رايو..

لونگن لام لڙي، اڄ مان وٽ آيو، اڄ مان وٽ آيو-
            پُنم روح جو رايو..

 

[53] [5]

وراڻي: ادي! منهنجا رُٺل بيراڳي، الله کڻي آندا،
جوڳيئڙي لئون لائِي، منهنجا الله کڻي آندا.

 

 

الله! ٻيڙا آڻيين ولائتون واري،
سدا ساهه سرتين کي منهنجو ٿو ساري،
مارو مئيءَ کي شال ملندا!

 

ادي! منهنجا رٺل بيراڳي، الله کڻي آندا.

 

لاڏل جي اڱڻ تي ڳاڙها دهل وڄن،
سرتيون! سنگهاريون شل خوش ٿي کلن!
مون سان خوش ٿي کينءَ کلندا-

 

ادي! منهنجا رٺل بيراڳي، الله کڻي آندا.

 

الله مارن کي آڻ ولائتون واري،
مارن کي منهنجي دل ٿي سنڀاري،
مارو مون سان کلي کير پيئندا-

 

ادي! منهنجا رٺل بيراڳي، الله کڻي آندا.

 

[54]

وراڻي: لاڏڪ هيڏو بنو! ساري سنڌ ماڻي آيو،
               ڏِس ماڻي آيو، لاڏو جيئي!

 

لاڏو هليم ساهرين، شال جيئي!
پيارل، هيڏي ڏِس ماڻي آيو، لاڏو جيئي!

 

لاڏو آيم اٺ تي، شال جيئي!
سوڍل، ڄاڃي ميڙي آيو، لاڏو جيئي!

 

ڀاڳن ڀلو ڀائڙو، شال جيئي!
راڻل، مومل ماڻي آيو، لاڏو جيئي!

 

[55] [6]

وراڻي: رتڙي راڄ مان ماڻي آيو مومل.
لاڏي کي جا لِکڙي، سنهيءَ سينڌ ڪنوار-
     رتــــڙي راڄ مــــان مـــاڻي آيـــو مومل.

 

جهڙوئي تون لاڏلو، تهڙو ئي ساج سندياءِ-
       رتــــڙي راڄ مــــان مـــاڻي آيـــو مومل.

 

جهڙوئي تون لاڏلو، سنهڙي ڪنوار سندياءِ-
     رتــــڙي راڄ مــــان مـــاڻي آيـــو مومل.

 

گهمندي ڪوٺي ڌاري، لڏم موتين هار-
     رتــــڙي راڄ مــــان مـــاڻي آيـــو مومل.

 

مڱيو ڪنهن نه ڏيان جيڏل جو جنسار-
     رتــــڙي راڄ مــــان مـــاڻي آيـــو مومل.

 

[56] [7]

وراڻي: سُک سان آيو، ونهيل جو ساٿ ڀري آيو،
ٻيلي ڄام آيو، ونهيل جو ساٿ ڀري آيو.

 

واهر ٿيندس واٽ تي اتر وارو پير،

اسان اسون پُنيون، ماڻس پُنڙا ڪاڄ – سک سان آيو.

 

واهر ٿيندس واٽ تي پير مرشد سائين،

ساڻي ٿيندس سيج تي، غوث قطب گهوٽ – سک سان آيو.

 

واهر ٿيندس واٽ تي علي ولي سائين،

پاکر ٿيندس پنجتن، ٻيو مير محمّد ڄام – سک سان آيو.

 

[57] [8]

وراڻي: ادل جو شوق شاديءَ تي، راڻل جو شوق شاديءَ تي،
مرادون مور ماڻي آيو، سڪاج بنرو ڪري آيو،
سيڻ سهڻا سالا تنهنجا، ڪاڄ بنرو ڪري آيو.

 

بينسر منهنجي گهڙي آهي، هيري جواهر سان جڙي آهي-
      ادل کي شوق مينديءَ جو، راڻل کي شوق مينديءَ جو.

 

دهري منهنجي گهڙي آهي، هيري جواهر سان جڙي آهي-
      ادل کي شوق مينديءَ جو، راڻل کي شوق مينديءَ جو.

 

ٻانهين منهنجي گهڙي آهي، هيري جواهر سان جڙي آهي-
      ادل کي شوق مينديءَ جو، راڻل کي شوق مينديءَ جو.

 

[58]

وراڻي: منهنجو سنڌ جو نواب، سوڀ کٽي گهر آيو،
ربّ جو مٿس راض، نهرو هڻي گهر آيو.

 

پڙهيل دادلو، ڄڃ وٺي گهر ايو-
ابل دادلو، سوڀ کٽي گهر آيو…

 

سورهيه دادلو، ڪنوار وٺي گهر آيو-
ابل دادلو، سوڀ کٽي گهر آيو…

 

ونهيل مور، مومل ماڻي گهر آيو-
ابل دادلو، سوڀ کٽي گهر آيو…

 

[59] [9]

وراڻي: لاڏل جو مهري مون ڪالهه گهرايو، ڪالهه گهرايو،
پنهنجي مومل ماڻي آيو، پنهنجي سورٺ ماڻي آيو.

 

لال سونارا! ڪر بينسر جو سعيو-
لاڏل جو مهري، مون ڪالهه گهرايو.

 

لاڏل سونارا! ڪر دهريءَ جو سعيو-
لاڏل جو مهري، مون ڪالهه گهرايو.

 

لاڏل سونارا! ڪر جهالر جو سعيو-
لاڏل جو مهري، مون ڪالهه گهرايو.

 

[60]

وراڻي: خوشي ملهائي، بينسر جوڙائي، لاڏو ڪنوار کٽي گهر آيو،
لاڏي جي وڏڙي ڄمار، بنڙو ڪنوار کٽي گهر آيو.

 

بينسر گهڙايم نهري، لاڏي کي الله وڌايو-
           لاڏو ڪنوار کٽي گهر آيو.

دهري گهڙايم نهري، بنري جا ڳيچ اچي ڳايو-
           لاڏو ڪنوار کٽي گهر آيو.

 

ٻانهين چيرايم عاج جي، لاڏي جي سيج وڇايو-
           لاڏو ڪنوار کٽي گهر آيو.

 

[61]

وراڻي: ڳايان ويٺي شان شاديءَ جو، مومل ماڻي لاڏل گهر آيو،
                         سورٺ ماڻي سوڍل گهر آيو.

 

نٿ لاڏل جي لاڙئون آڻايان ٿي، سوناري کان ٺهرايان ٿي-
ڳايان ويٺي شان سيّد جو، مومل ماڻي لاڏل گهر آيو.

 

دهري لاڏل جي لاڙئون آڻايان ٿي، سوناري کان ٺهرايان ٿي-
ڳايان ويٺي شان سيّد جو، مومل ماڻي لاڏل گهر آيو.

 

جهالر لاڏل جي لاڙئون آڻايان ٿي، سوناري کان ٺهرايان ٿي-
ڳايان ويٺي شان سيّد جو، مومل ماڻي لاڏل گهر آيو.

 

[62][10]

وراڻي: اديون! منهنجو راڻل ريل تي آيو،
ڀينر! منهنجو سوڍل ميل ۾ آيو.

 

ڀينر! پڙهيل گهر موٽي آيو، الله سمجهايو، ابي گهر آيو-
                 اديون! منهنجو سوڍل ميل ۾ آيو.

 

بينسر گهڙائي، بولو گهڙائي، جوڙي دٻلي ۾ پايو، هي رنگ لايو-
                 اديون! منهنجو سوڍل ميل ۾ آيو.

 

ٻانهين گهڙائي، ڪنگڻ گهڙائي، جوڙي دٻلي ۾ پايو، هي رنگ لايو-
                 اديون! منهنجو سوڍل ميل ۾ آيو.

 

ڪٺمال گهڙائي، چندن هار گهرائي، جوڙي دٻلي ۾ پايو، هي رنگ لايو-
                 اديون! منهنجو سوڍل ميل ۾ آيو.

 

[63]

وراڻي: لاڏي جو لايم ٿيم سجايو، ڪيسري جو لايم ٿيو سجايو،
                          البيلو لاڏو آيو.

 

اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
ڪيسري جو لايو ٿيم سجايو، البيلو لاڏو آيو.

 

هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو-
ڪيسري جو لايو ٿيم سجايو، البيلو لاڏو آيو.

 

هيٺ لاڏل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو-
ڪيسري جو لايو ٿيم سجايو، البيلو لاڏو آيو.

 

[64] [11]

وراڻي: بابي پيارو لاڏو، سوٽن پيارو لاڏلو،
لاڏو وني وٺي آيو، انبن جي ڇانو ۾،
خوبرو وني وٺي، منهنجي خاطر هت آيو.

 

بنرا! ڪنگڻن تنهنجن جهڳمڳ لايو-
بابي پيارو لاڏلو، سوٽن پيارو لاڏلو.
سهڻا! نُورن تنهنجن جهڳمڳ لايو-

 

بابي پيارو لاڏلو، سوٽن پيارو لاڏلو.
ادل! جهالر تنهنجيءَ جهڳمڳ لايو-
بابي پيارو لاڏلو، سوٽن پيارو لاڏلو.

 

[65]

وراڻي: پيران پير! پياريندين کير، سهڻل منهنجو لانئون لهي گهر آيو،
                     پڙهيل منهنجو کلندو گهر آيو.

 

مان تنهنجي ٻانهين، سونهندي آهيان گولي-

من جا محرم! رک لڄ شرم، پيران پير! پياريندين کير.

 

سهڻل جو ٿيندو هادي، واهر وسيلو-

واهر وسيلو موليٰ ڪندو ميلو، پيران پير! پياريندين کير.

 

آسري وندي آهيان، اميدان نه لاهيان

ويٺي واٽڙيون واجهايم، پيران پير، پياريندين کير.

 

[66]

وراڻي: پنجتن جي ڇانو ادل تي،
ربّ جو آهيس راض، آيو کٽي اڄ خان ته آهي.

 

نُور وسي ٿو جام جنهن تي،
تنهن تي وڏو آهي راض-
پنجتن جي ڇانو ادل تي.

 

لاڏل سر تي آهن سهرا،
تنهن تي موتين جا جهاڙ-
پنجتن جي ڇانو ادل تي.

 

ويس لاڏل جو گل گلابي،
مٿانئس سهڻي تاج-
پنجتن جي ڇانو ادل تي.

 

[67] [12]

وراڻي: مان گهوري وڃان، لک بسم الاهيون! اڱڻ آيم اڄ،
اکيون لاڏل جون ٻرن مشعلا، ڪجل لاتس ڌڄ،
مان گهوري وڃان، لک بسم الاهيون! چڻ آيم اڄ.

 

ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ لاتس ڌڄ،
مان گهوري وڃان، لک بسم الاهيون! اڱڻ آيم اڄ.

 

هٿ بنري جي سونا ڳانا، مينديءَ لاتس ڌڄ،
مان گهوري وڃان، لک بسم الاهيون! اڱڻ آيم اڄ.

 

[68] [13]

وراڻي: نُور ڀلي آيو، محمّد موڙ ٻڌان، ڙي شاهه ڀلي آيو،
الا، پُنيم هيءَ مراد، ڙي گهوٽ ڀلي آيو.

 

لاڏل گهوڙي گهنگهريا، نُور ڀلي آيو،
لاڏل گهوڙي ڇير، ڙي گهوٽ ڀلي آيو.

 

لاڏل کي جا لکڙي، نُور ڀلي آيو،
سنهيءَ سينڌ ڪنوار، ڙي گهوٽ ڀلي آيو.

 

اسان آسون پُنيون، نُور ڀلي آيو،
ماڻس پُنڙا ڪاڄ، ڙي گهوٽ ڀلي آيو.

[69]

وراڻي: ڏاڍو ميندي موڙن رنگ لايو، منهنجو لايو ٿيو ته سجايو،
منهنجو هاديءَ هٿ نه منجهايو، منهنجو واليءَ ورقي ورايو.

 

اکيون سُهڻل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
              ڏاڍو ميندي موڙن رنگ لايو.

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخي هي رنگ لايو-
              ڏاڍو ميندي موڙن رنگ لايو.

 

هٿ سُهڻل جي سونا ڳانا، ڇلڙن هي رنگ لايو-
              ڏاڍو ميندي موڙن رنگ لايو.

 

5. ڪنوار تي ساراهه جا ڳيچ

[70]  [1]

وراڻي: صدقي سرور! تو اسان ۾ شادي ڪرائي،
منهنجي لاڏل کي تو ڪونج پرڻائي.

 

بينسر ادل جي مان، لاڙئون آڻايان،
منهنجي آ پيرن فقيرن پڄائي-
صدقي سرور! تو اسان ۾ شادي ڪرائي.

 

ٻانهين جيڏل کي سهڻي سونهندي،
سا آهي ڪنوار کي قادر ڏياري-
صدقي سرور! تو اسان ۾ شادي ڪرائي.

 

پازيب وَني جا ولائتون آڻايان،
الله آهي منهنجي اميد پڄائي-
صدقي سرور! تو اسان ۾ شادي ڪرائي.

 

[72] [2]

وراڻي: ربّ جو مٿس راض، ڀلي ٻانهن لوڏي،
ليليٰ مليس ڪنوار، ڀلي ٻانهن لوڏي،
منگتا مڱن لاڳ، مُر ٻانهن لوڏي.

 

چڱي بينسر جوڙائي ادل ٻانهن لوڏي-
            ربّ جو مٿس راض.

 

سوني دهري گهڙائي لاڏل ٻانهن لوڏي-
            ربّ جو مٿس راض.

 

چڱي ٻانهين گهڙائي لاڏل ٻانهن لوڏي-
            ربّ جو مٿس راض.

 

سوني هسي جوڙائي لاڏل ٻانهن لوڏي-
            ربّ جو مٿس راض.

 

[73]

وراڻي: تنهنجي بنگلي ۾ لعل ڪنوار، تنهنجي ماڙيءَ ۾ لعل ڪنوار،
سڀ رنگ سهڻا دادلا! اها تنهنجي ڇنڙي لعل ڪنوار.
      ڇنڙي لال! لاهيان، تنهنجي بينسر واري لعل ڪنوار-

تنهنجي بنگلي ۾ لعل ڪنوار.

 

بنگلي لال! لاهيان، اها تنهنجي دهري واري لعل ڪنوار-
                     تنهنجي بنگلي ۾ لعل ڪنوار.

 

ماڙي لال! لاهيان، اها تنهنجي ٻانهينءَ واري لعل ڪنوار-
                     تنهنجي بنگلي ۾ لعل ڪنوار.

 

[74]

وراڻي: لاڙئون آندئي لعل، منهنجو صاحبزادو ٻانهن ٿو لوڏي،
سهجؤن مليس ڪنوار، منهنجو حاڪمزادو ٻانهن ٿو لوڏي.

 

دهري گهڙايئي، چٽڙا چڙهايئي-
منهنجو حاڪمزادو بانهن ٿو لوڏي…

 

ٻانهين گهڙايئي، چٽڙا چڙهايئي-
منهنجو صاحبزادو ٻانهن ٿو لوڏي…

 

پازيب گهڙايئي، چٽڙا چڙهايئي-
منهنجو شهزادو ٻانهن ٿو لوڏي…

 

[75][3]

وراڻي: ڪاٿئون آندءِ، ڙي ادل! ڪونج ولر واري،
ڪونج ولر واري، ماءُ پيءُ جي پياري.
         بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان-

ڪاٿئون آندءِ، ڙي ادل! ڪونج ولر واري.
            ٻانهين ادل جي مان لاڙئون-

ڪاٿئون آندءِ، ڙي ادل! ڪونج ولر واري.

 

[76]

وراڻي: هيءَ ويل راڻا! تو باغن ۾ آندي،
باغن ۾ آندي، محلي مومل ماندي.

 

دهري گهڙائي، نياڻيون گُهرايئي،
هيءَ ويل راڻا! تو باغن ۾ آندي.

 

ٻانهين گهرائي، نياڻيون سڏايئي،
هيءَ ويل راڻا! تو باغن ۾ آندي.

 

ڇلڙا گهڙايئي، نياڻيون ڪوٺايئي،
هيءَ ويل راڻا! تو باغن ۾ آندي.

 

[77]

وراڻي: سيڻن منهنجي دل موهي ڙي الا،
سيڻن منهنجو تن موهيو ڙي الا.

 

سيڻن مون ڏي ڇا مڪو؟ کنهبي ۾ ٻانهين،
ٻانهين ته پاتم ٻانهن ۾ کهنبي نشاني – سيڻن منهنجي دل.

 

سيڻن مون ڏي ڇا مڪو؟ ٿالهيءَ ۾ چانور،

چانور ته کاڌم پيٽ ۾، ٿالهي نشاني – سيڻن منهنجي دل.

 

سيڻن مون ڏي ڇا مڪو؟ پنڊيءَ ۾ ماني،

ماني ته کاڌم پيٽ ۾، پنڊي نشاني – سيڻن منهنجي دل.

 

سيڻن مون ڏي ڇا مڪو؟ مڇيءَ جو ٻيرو-

مڇي ته کاڌم پيٽ ۾، منهنجو ٺريو جيرو – سيڻن منهنجي دل.

 

[78] [4]

وراڻي: سنهڙي لعل ڪنوار! تون اوري ته نهار،
  تنهنجو راڻل آيو اٿئي راڄ ۾،
 راڄ ۾ سو تنبو ٿو کوڙي باغ ۾.

 

سونو ڏانوڻ گهڙائيندو هي لاڏلو-
سنهڙي لعل ڪنوار! تون اوري نه نهار.

 

سونو وينڊو جوڙائيندو هي لاڏلو-
سنهڙي لعل ڪنوار! تون اوري ته نهار.

 

سوني دهري ته گهرائيندو هي لاڏلو-
سنهڙي لعل ڪنوار! تون اوري ته نهار.

 

[79]

وراڻي: ادل نينهن ونل سان لايو آءُ،
لک لڳئي ته به لايو آءُ،

 

پڙهيل هلندم ساهرين، سمنڊ سينگاري،
عطر شيشيون هٿن ۾، سالين تي هاري-
         ادل! نينهن ونل سان لايو آءُ.

 

سهڻل هلندم ساهرين، موٽر سيگاري،
گلاب دانيون هٿن ۾، سالين تي هاري-
         ادل! نينهن ونل سان لايو آءُ.

 

مٺل هلندم ساهرين، مهري سينگاري،
مشڪ ٻِيڙا هٿن ۾، سالين تي ڇٽڪاري-
         ادل! نينهن ونل سان لايو آءُ.

 

[80][5]

وراڻي: تنهنجي سولي ڪئي ستّار، منهنجا مور لاڏا!

 

چپ چور، مڇ موڙ، شهزور لاڏا!

 

خاصي بينسر گهڙائي ڏي، مور لاڏا!
چپ چور، مڇ موڙ، شهزور لاڏا!

 

تنهنجي سولي ڪئي ستّار، منهنجا مور لاڏا!

 

خاصي دهري ته جوڙائي ڏي، مور لاڏا!
چپ چور، مڇ موڙ، شهزور لاڏا!

 

تنهنجي سولي ڪئي ستّار، منهنجا مور لاڏا!

 

خاصي جهالر ته گهڙائي ڏي، مور لاڏا!
چپ چور، مڇ موڙ، شهزور لاڏا!

 

تنهنجي سولي ڪئي ستّار، منهنجا مور لاڏا!

 

[81][6]

وراڻي: شمع شهزادا ميڏا بڻياوي، بڻياوي، سائين! بڻياوي،
تيڏا الله چا ڪيتا چڱا وي، چڱا وي سائين! چڱا وي.

 

اکيان ادل ديان ٻرن مشعالي، ڪجل لاتس شمعان-
                    شمع شهزادا ميڏا بڻياوي.

 

هٿ ادل جي ميندي رتڙي، ڳاني لاتس شمعان-
                    شمع شهزادا ميڏا بڻياوي.

 

 

[82]

وراڻي:  راءِ رتو راڻل رات، توکي الله ڏني ڏات،
                توکي پيرن ڏني ڏات.

بينسر گهڙائيم سهڻي – راءِ رتو راڻل رات.
وينڊو گهرايم سهڻو – راءِ رتو راڻل رات.
دهري گهرايم سهڻو – راءِ رتو راڻل رات.

 

[83]

وراڻي: هن اڱڻ تي مور! لاتي تو بهاري،
لاتي تو بهاري، الله جا پيارا.

 

اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
             هن اڱڻ تي مور! لاتي تو بهاري.

 

هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳانن جوڙ بنايو-
             هن اڱڻ تي مور! لاتي تو بهاري.

 

[84]

وراڻي: ڀينر! هن رنگ محل ۾، شاديءَ وارو جيئي.
اکيون ادل جون ٻرن مشعلا، ڪجل جوڙ بنايو-
ڀينر! هن رنگ محل ۾، شاديءَ وارو جيئي.

 

ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو-
       ڀينر! هن رنگ محل ۾، شاديءَ وارو جيئي.

 

هٿ ادل جي سونا ڳانا، مينديءَ جوڙ بنايو-
      ڀينر هن رنگ محل ۾، شاديءَ وارو جيئي.

 

[85] [7]

وراڻي: ڀيڄ ڀنيءَ رات، ڏاڍو رنگ لايو،
مهل مٺي رات، ڏاڍ رنگ لايو،
منهنجي لاڏل جو ٿيو لايو سجايو.

 

چڱو وينڊو جوڙائي، آءُ، ڏاڍو رنگ لايو-
ڀيڄ ڀنيءَ رات، ڏاڍو رنگ لايو.

 

چڱو بولو جوڙائي، آءُ، ڏاڍو رنگ لايو-
مهل مٺيءَ رات، ڏاڍو رنگ لايو.

 

چڱي دهري جوڙائي، آءُ، ڏاڍو رنگ لايو-
ڀيڄ ڀنيءَ رات، ڏاڍو رنگ لايو.

 

[86]

وراڻي: چوڏهينءَ رات لاڏل! توکي رسول رنگ لايو،
    رسول رنگ لايو، توکي پنجن تنن پهرايو.

 

الله ٻيڙا آڻئين، ولائتون واري-

چوڏهينءَ رات لاڏل! توکي رسول رنگ لايو،
رسول رنگ لايو، توکي پنجن تنن پهرايو.

 

هلڻ هار سپرين، وڃڻ وايون ڪن-

چوڏهينءَ رات لاڏل! توکي رسول رنگ لايو،
رسول رنگ لايو، توکي پنجن تنن پهريو.

 

بيٺڙي آهيان واٽ تي، سنها ڪيڙم سڏ-

چوڏهينءَ رات لاڏل! توکي رسول رنگ لايو،
رسول رنگ لايو، توکي پنجن تنن پهرايو.

 

تتر ٻولي مٺڙي، مونکي ٿي ماري-

چوڏهينءَ رات لاڏل! توکي رسول رنگ لايو،
رسول رنگ لايو، توکي پنجن تنن پهرايو.

 

[87] [8]

وراڻي: گهوٽ ڀيڻ! موليٰ لاتو، تو ڀائن ڀاڳ،
تنهنجي مينديءَ موڙن جو سهاڳ.

 

مونکي بينسر ته گهرائي ڏي، سون جي بنا-
گهوٽ ماءُ! موليٰ لاتو، تو پٽن ڀاڳ.

 

مونکي دهري ته گهڙائي ڏي، سون جي بنا-
گهوٽ ماسي! موليٰ لاتو، تو ڀاڻيجن ڀاڳ.

 

مونکي ٻانهين ته گهڙائي ڏي، سون جي بنا-
گهوٽ پڦي! موليٰ لاتو، تو ڀائٽن ڀاڳ.


[44] اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان مليو. [45] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[46] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو. [47] وڇولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

[48] اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان مليو. [49] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو. [50] وچولي (تعلقي هالا) مان مليو. ۽ ”شاعر جي رفيق حيات نمبر“ 1957ع حيدرآباد تان ورتل.

[51] ”شاعر – رفيق حيات نمبر“ 1957ع حيدرآباد تان ورتل.

[52] اتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[53] وچولي (تعلقي شهدادپور) مان مليو. [54] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو.

[55] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

[56] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو.

[57] اُتر (وارهه، روهڙي ۽ ميرپور ماٿيلي تعلقن) مان مليو. [58] وچولي (تعلقي سانگهڙ) ۽ اتر (تعلقي روهڙي) مان مليو.

[59] وچولي (تعلقي حيدراباد) مان مليو. [60] وچولي  حيدراباد ۽ شهدادپور تعلقن) ۽ اُتر (تعلقي شهدادڪوٽ) مان مليو. [61] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

[62] اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان مليو. [63] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو.

[64] اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان مليو. [65] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو. [6] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

[67] اتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[68] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو.

[69[ اُتر (تعلقي روهڙي) مان مليو. [70] وچولي (تعلقي شهدادپور) مان مليو.

[72] وچولي (حيدرآباد ۽ ٽنڊي الهيار تعلقن) ۽ اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو. [73] وچولي (تعلقي شهدادپور) مان مليو. [74] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

[75] اُتر (وارهه ۽ ڪڪڙ تعلقن) مان مليو. [76] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليو.

[77] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو [78] ۽ [79] وچولي (تعلقي ڪنڊياري) مان مليا.

[80] اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان مليو. [81] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[82] وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو. [83] اُتر (تعلقي خيرپور) مان مليو. [84] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو.

[85] وچوي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان مليو. [86] وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان مليو.

[87] اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان مليو. [88] وچولي (تعلقي ڪندياري) مان مليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org