سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳيچ

باب: -

صفحو :25

جاوان ڇان گهري- کارڪون ليجو، ڪوپرا ليجو...
جوشِي هَٽِي جائيجو، لڳنيئا لِک لائيجو،
[اڱڻ ۾ عطر ڇٽڪاريان، ساڙهيءَ تي سرهاڻ لڳايان]
ايئا لڳانياهه رو جوش ڀليرو-
[اُهو لکن سٺو ٿئي ٿو]
لِيلِي پيلِي ساڙهِي، ٽِٻڪي واڙي...

 

مڻهار هَٽ جائيجو چُوڙلا مولائيجو،
[مڃارڪي دڪان تي وڃجو ۽ چُوڙَ وٺي اچجو]
ايئان ري چُوڙلان رو ڏنت چوکيرو-
[اهڙي چُوڙَ جا سُٺي عاج جي ٺهيل هجي]
لِيلِي پيلِي ساڙهِي، ٽِٻڪي واڙي...

 

گانڌِي هَٽ جائيجو، ساڙونڙا لي آئيجو،
[واڻئي جي دڪان تي وڃجو ۽ ريشمي چُني وٺي اچجو]
ايئان رِي ساڙونڙا رِي ڪور سونِي رِي-
[جنهن ريشمي چُني جي ڪنار سونِي هُجي]
لِيلِي پيلِي ساڙهِي، ٽِٻڪي واڙي...

 

سونِي هَٽي جائيجو، گڙڻا مولائيجو،
[سوناري جي دڪان تي وڃجو، هار وٺي اچجو]
اُوئيَ ري گڙڻيءَ رو گهاٽ ڀليرو-
[جنهن هار جي گهڙت سُٺي هجي]
لِيلِي پيلِي ساڙهِي، ٽِٻڪي واڙي...

 

 

9- لانئن جا ڳيچ:

[32][32]

مَرُوَل

 

وراڻي:  مَروَلَ ڪيئن اچي، مَروَلَ جون واٽون ڀُڻِي نهاريان،
                    جيڏڙي! ماهيڙي جو ٻهڪو.

 

ٻيا ته ساوَن اُٺن تي، سڄڻ ڪاڇيءَ ڪنواٽ-
                    جيڏڙي! ماهيڙي جو ٻهڪو.

 

ڪاڇيءَ هَڻ مَ ڪامَ، ڪاڇي آهي ڪاهِلو-
                    جيڏڙي! ماهيڙي جو ٻهڪو.

 

سونيءَ ڇڪ ڇَلو، سُونهي سڄڻ جي هٿ ۾-
                    جيڏڙي! ماهيڙي جو ٻهڪو.

 

 

تسبيح جهاپَٽ جا، سُنهي سڄڻ جي هٿ ڙي-
                    جيڏڙي! ماهيڙي جو ٻهڪو.

 

لُونگي عُمدِي پَٽ جي، سُونهي سڄڻ جي سر ڙي-
                    جيڏڙي! ماهيڙي جو ٻهڪو.

 

10- سيج جا ڳيچ:

[33][33]

اوجاڳو

 

وراڻي:  سَکِي مورِي جِي رِي! آنکَلڙي ڪِيئن راتِي؟
        [اي منهنجي سکي! تنهنجي اک ڇو لعل آهي]
        اوجاڳو اَنت گهڻو، سکِي مورِي جِي ري!
        [تمام گهڻو اوجاڳو آهي، اي منهنجي سکي!]

 

سَيان موڙي جِي ري! اي وَر سانهليو،
        اي منهنجي سَکي! هي گوٽ تننو وڙ آهي]
        هِينئڙي ۾ هام گهڻي- سَکِي مورِي جِي ري...
        [هنيئين ۾ گهڻي اُڪنڊ آهي- اي منهنجي سکي!]

 

سَيان مورِي جِي ري! اوتارا مَنگاڙان،
        [اي منهنجي سکي! مون گهوٽ کي گهرايو آهي]
        اوتارا گورل واڙيئي- سکي مورِي جِي ري...
        [گهوٽ گهوريءَ جو، اي منهنجي سکي!]

 

سَيان موري جي رِي! ڏانتڻيان منگاڙان،
        [اي منهنجي سَکِي! مون ڏندڻ گهرايا  آهن]
        سڏانتڻيان گورل گڏ ڏور سان- سَکِي موري جي ري...
        [ڏندڻ گوريءَ سان گڏ ڏينداسون- اي منهنجي سَکِي]

 

سَکِي موري جي رِي! جِميڻيا مَنگاڙان،
        [اي منهنجي سَکِي! طعام گهرايا آهن]
        جِيمِڻيا گورل گڏ جِيمسان- سکي موري جي ري...
        [طعام گوري سان گڏ کائينداسون- اي منهنجي سَکي]

 

سَکِي موري جِي رِي! پوڍڻيا پوڍاڙ سان،
        [اي منهنجي سَکِي! پٿراڻيون گهرايون آهن]
        پوڍڻيا گورل گڏ پوڍسان- سکر موري جي ري...
        [پٿراڻيون گوريءَ سان گڏ وڇائينداسون- اي منهنجي سکي]

 

11- موڪلاڻيءَ جا ڳيچ:

[34][34]

ڪامڻ

 

وراڻي:  ڪامَڻِيئا را رَسيِئا گسِيئا،
        [جادو گرياڻين سان وهيو واپريو آهي]
        انگَ لاڏلڙي ڙا لَسِيئا.
        [ته گهوٽ جو بدن ئي لسو ٿي ويو آهي]

 

ساسُو سهِي ڪامڻ جاڻي،
        [تنهنجي سَسَ سڀ جادو ڄاڻي]
        ساسُو هي ٿانري ڪامڻ جاڻي-
        [تنهنجي سس جادو مان چڱيءَ طرح واقف آهي]
                    ڪامڻيئا را رَسيئا گسِيئا...

 

هيڪيَ چوڪيَ جانَ جِيماڙي،
        [هوَ هڪڙي ديڳ مان سڄي ڄڃ کارائي]
        پانتا ڪرِي اُٺِياڙي-
        [ڍؤ ڪرايو اُٿاريو ڇڏي]
                    ڪامڻيئا را رَسيئا گسِيئا...

 

ساڙاتَ هَي ٿانري ڪامڻ جاڻي،
        [تنهنجي سالي جي زال به جادو ڄاڻي]
        هٿاڙي ۾ سَرسَ رُوپاڙي، ڀاجي ڪري ڇمڪاڙي-
        [تريءَ تي سرنهن پوکي، ۽ بروقت ان جي ڀاڄي رڌي]
                    ڪامڻيئا را رَسيئا گسِيئا...

 

ساڙِي هَي ٿانري سَهِي ڪامڻ جاڻي،
        [تنهنجي سالي به سڀ جادو ڄاڻي]
        هٿاڙي ۾ ناگ نچاڙي، ڪوتَڪ ڪرِي ڏيکاري-
        [هٿ جي تريءَ تي نانگ نچائي تماشو ڪري ڏيکاري]
                    ڪامڻيئا را رَسيئا گسِيئا...

 

[35][35]

بِيڀان

 

وراڻي:  چُونري تو ماٿيَ سائِي نِيل، او بِيڀان!
        [اي چَونري! تو مٿان سائي نيل، او بِيڀان]
        اَجِيمَتِ بِيڀان مانَ ڏيراڙان،
        [اي بيڀاڻ ذات جي عظمت! توکي عزت ڏياريان]
        سَچي سڳوريءَ نان ڏانَ ڏيراڙان.
        [توکي بيبي فاطمہ سڳوريءَ کان انعام ڏياريان]

 

واڙي تو گهُرجِين گائين- او بيڀان!
        [واڙ ۾ ڍڳيون گهرجن- او بيڀان]
                     اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...

 

کائيئين تو گُرجين وڇڙا- او بيڀان!
        [ڍڳين لاءِ گابا به گهرجن- او بيڀان]
                     اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...

 

ماٽيئان گهرجي کير- او بيڀان!
        [ماٽين ۾ کير گهرجي- او بيڀان]
                     اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...

 

ڌَونري تو گهُرجَي مکڱڻ- او بيڀان!
        [ڌونري ۾ مکڻ گهرجي- او بيڀان]
                     اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...

 

مانِي تو گهُرجي کير- او بيڀان!
        [مانيءَ سان کير کپي- او بيڀان]
                     اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...

 

مَٿي تو سُونهي سچو ساڙُون- او بيڀان!
        [مٿي تي سائي ريشمي چُني کپي- او بيڀان]
                     اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...

 

ڪنڌ تو سونهي دُوهرِي- او بيڀان!
        ڳچيءَ ۾ دُهري ٿي سُونهي- او بيڀان]
                     اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...

 

نَڪ تو سُونهي نَٿ- او بيڀان!
        [نڪ ۾ نٿ ٿي سونهي- او بيڀان]
                     اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...

 

ڪَن تو سُونهن پَنڙيون- او بيڀان!
        [ڪنن ۾ پَنڙا ٿا سونهن- او بيڀان]
                     اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...

 

پَگيَ تو سُونهي ساٽِين- او بيڀان!
        [پيرن ۾ ساٽيون ٿيون سونهن- او بيڀان]
                     اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...

 

ٻانهن تو سُونهي چندن چُوڙلو- او بيڀان!
        [ٻانهن ۾ چندن چُوڙ ٿي سونهي- او بيڀان]
                     اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...

 

ڀڳ تو سُونهي پولڙي- او بيڀان!
        [پيرن ۾ پولريون ٿيون سونهن- او بيڀان]
                     اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...

 

هنج تو سُونهي جهُنڊلو- او بيڀان!
        [هنج ۾ ٻار ٿو سُونهي- او بيڀان]
                     اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...

 

لوڏِي تو اُتاران سڪ- او بيڀان]
        [پٽ کي لوڏي سڪ لاهيان- او بيڀان]
                     اَجيمت بيڀان مان ڏيراڙان...

 

[36][36]

ڏورو

 

وراڻي:                  ڏورو ساچي هيم رو!

[ڌاڳو سچي سون جو]

پڳ تان ڄَهَٻڪي پولڙي، گوري! هينئڙي جهٻڪي هار-
        [پيرن ۾ ته ڇلو چمڪي ٿو، سهڻِي! سيني تي هار چمڪي ٿو]

 

ڏورو ساچي هيم رو...

[ڌاڳو سچي سون جو]

ماءُ ڀورايو اکڻيون، گورِي! ٻاٻَل ڀورائي ريل-
        [ماءُ اُماڻيو اڱَڻ، سُهڻي! بابي اُماڻيو ڏَهر]

 

ڏورو ساچي هيم رو...

[ڌاڳو سچي سون جو]

ساهڙئين ڀورائي سِمڙي، گوري! ويريو ٺيٽا ٺيٽ-
        [ساهڙين اُماڻي سِيم، ۽ سُهڻي! ڀاءُ توڙ تائين هليو]

 

ڏورو ساچي هيم رو...

[ڌاڳو سچي سون جو]

ڏونگر چڙهي ڌيءَ جويوڙو، گوري! رهه گيو آباڻو ڏور-
        [جبل يا ڀٽ تي چڙهي ڌيءَ ڏٺو ته اباڻو ديس پري رهجي ويو]

 

ڏورو ساچي هيم رو...

[ڌاڳو سچي سون جو]

اونچي کنوڻ کنوڙي، گوري! جهڙ ڦڙ وسن مينهن-
        [مٿان کنوڻ مڪي، سهڻي! جهڙ ڦڙ مينهن وسن ٿا]

 

ڏورو ساچي هيم رو...

[ڌاڳو سچي سون جو]

ڀريا رڻ جا ٽوڀيا، گوري! ڀريو اَباڻي رو ڏيس-
        [رڻ جا ننڍڙا تلاءُ ڀريا، ۽ اباڻن جو ڏيهه به ڀرجي ويو]

 

ڏورو ساچي هيم رو...

[ڌاڳو سچي سون جو]

چوڏس پونم چانڊڻي، گوري! رمڻ جهڙي رات-
        [چوڏهين تاريخ جي چانڊوڪي، سهڻي! کيڏڻ جهڙي رات]

 

ڏورو ساچي هيم رو...

[ڌاڳو سچي سون جو]

پيون ڪُليئي آهين اوڏڙيون، گوري! هڪڙي جيڏي ڏور-
        [ٻيون سڀيئي ويجهيون آهن، پر هڪڙي ساهيڙي پري آهي]

 

ڏورو ساچي هيم رو...

[ڌاڳو سچي سون جو]

 

12- سَتاواڙي جا ڳيچ:

[37][37]

ماکي

 

وراڻي:               اُڏ ڙي ٻائِـــي رِي ماکِـــسي.

[اُڏام، اي ٻائي جي مَک]

ماکي مانهنجي ٻائي ري، چوڙ لئي جائِي ٻيٺي-
        [ماکي منهنجي ٻائيءَ جي چوڙن تي وڃي ويٺي]
        چوڙليو مانهنجي ٻائي رو ڏهياڻوئي لاگي-
        [چوڙو منهنجي ٻائي جو وڻندڙ ۽ پيارو لڳي]
                      اُڏي ڙي ٻائي ري ماکي...

 

ماکي مانهنجي ٻيهينوئي ري مورهِيڙي جائِي ٻيٺي،
        [ماکي منهنجي ڀيڻوئي جي پٽڪي تي وڃي ويٺي]
        مورهِيڙو مانهنجي ٻيهينوئي رو ڏهياڻوئي لاگي-
        [پٽڪو منهنجي ڀيڻوئي جو وڻندڙ ۽ پيارو لڳي]
                      اُڏي ڙي ٻائي ري ماکي...

 

ماکي مانهنجي ڏيئا ٻائي ري گهُونگهٽيئي جائي ٻيٺي،
        [ماکي منهنجي ڌيءَ جي گهونگهٽ تي وڃي ويٺي]
        گهونگهٽيو مانهنجي ٻائي رو ڏهياڻوئي لاگي-
        [گهونگهٽ منهنجي ڌيءَ جو وڻندڙ ۽ پيارو لڳي]
                      اُڏي ڙي ٻائي ري ماکي...

 

ماکي مانهنجي ٻيهينوئي جي ري گاسِيڙي جائي ٻيٺي،
        [ماکي منهنجي ڀيڻوئي جي گاسئي تي وڃي ويٺي]
        گاسيڙو مانهنجي ٻيهينوئي جي روڏهياڻوئي لاگي-
        [گاشيو منهنجي ڀيڻوئي جو وڻندڙ ۽ پيارو لڳي]
                      اُڏي ڙي ٻائي ري ماکي...

ماکي مانهنجي ٻيهينوئي جي ري چوٽليئي جائي ٻيٺي،
        [ماکي منهنجي ڀيڻوئي جي چوٽيءَ تي وڃي ويٺي]
        چوٽليئو مانهنجي ٻيهينوئي جي روڏهياڻوئي لاگي-
        [چوٽو منهنجي ڀيڻوئي جو وڻندڙ ۽ پيارو لڳي]
                      اُڏي ڙي ٻائي ري ماکي...

 

ماکي مانهنجي ٻيهينوئي جي ري رهاڻ ۾ جائي ٻيٺي،
        [ماکي منهنجي ڀيڻوئي جي مجلس ۾ وڃي ويٺي]
        رهاڻ مانهنجي ٻيهينوئي جي روڏهياڻي ئي لاگي-
        [مجلس منهنجي ڀيڻوئي جو وڻندڙ ۽ پيارو لڳي]
                      اُڏي ڙي ٻائي ري ماکي...

 

ماکي مانهنجي ٻيهينوئي جي ري چُنڙڪي جائي ٻيٺي،
        [ماکي منهنجي ڀيڻوئي جي چُنيءَ تي وڃي ويٺي]
        چُنڙڪي مانهنجي ٻيهينوئي جي روڏهياڻوئي لاگي-
        [چُني منهنجي ڀيڻوئي جو وڻندڙ ۽ پيارو لڳي]
                      اُڏي ڙي ٻائي ري ماکي...

 

ماکي مانهنجي ٻيهينوئي جي ري رومالڙي جائي ٻيٺي،
        [ماکي منهنجي ڀيڻوئي جي رومال تي وڃي ويٺي]
        رومالڙو مانهنجي ٻيهينوئي جي روڏهياڻوئي لاگي-
        [رومال منهنجي ڀيڻوئي جو وڻندڙ ۽ پيارو لڳي]
                      اُڏي ڙي ٻائي ري ماکي...

 

ماکي مانهنجي ٻيهينوئي جي ري وِينٽيڙي جائي ٻيٺي،
        [ماکي منهنجي ڀيڻوئي جي منڊيءَ تي وڃي ويٺي]
        وينٽي مانهنجي ٻيهينوئي جي روڏهياڻوئي لاگي-
        [منڊي منهنجي ڀيڻوئي جي وڻندڙ ۽ پيارو لڳي]
                      اُڏي ڙي ٻائي ري ماکي...

 

ماکي مانهنجي ٻيهينوئي جي ري ڇُگيئي جائي ٻيٺي،
        [ماکي منهنجي ڀيڻوئي جي ڇڳي تي وڃي ويٺي]
        ڇُڳيئو مانهنجي ٻيهينوئي جي روڏهياڻوئي لاگي-
        [ڇُڳو منهنجي ڀيڻوئي جو وڻندڙ ۽ پيارو لڳي]
                      اُڏي ڙي ٻائي ري ماکي...

 

[38][38]

مَنڌُورو

 

وراڻي:  سالڪ ڀيڻيويا! کارڪان جي کائُون،
        [اي سمجهو ڀيڻيويا! کارڪون جي کائون]
        تو مانري منڌورو تو جاگي.
        [ته منهنجي وات ۾ ڌپ ٿي ٿئي]

 

او مانهنجا ولائتي ناٺي! ڪوپَرا مَ لائيجو،
        [او منهنجا پرديسي ناٺي! ڏونگهيون نه آڻج]
        ڪوپرا جي کائون تو مانرو سڏڙلو تو رهي-
        [ڇو ته ڏونگهين کائڻ سان آواز خراب ٿو ٿئي]
                        سالڪ ڀيڻيويا...

 

او منهنجا ڪوڏيلا ناٺي! کجور مَ لائيجو،
        [او منهنجا ڪوڏيلا ناٺي، کجور نه آڻج]
        کجور کائون تو مانري گرمي تي جاگي]
        [کجور کائڻ سان گرمي ٿي ٿئي]
                        سالڪ ڀيڻيويا...

 

او مانهنجا ڪوڏيلا ناٺي! اُتر را مِيهُولا وُٺا،
        [او منهنجا ناٺي! اُتر جي برسات پيئي آهي]
        پاڻي ڀران تو مانرا پڳڙلا تا ڏکين اڱڻيئي کو کڻائيجو-
        [آءٌ پاڻي ڀريان ته پير ٿا ڏکن، اڱڻ ۾ کوهه کڻائج]
                        سالڪ ڀيڻيويا...

 

لووڙلي جي اوڍان تو مانرا پاسا تا گهَڙجِين،
        [جي اوني لوئي اوڍيان ته پاسن تي کهري لڳي ٿي]
        مانري ڌيئل ٻائي را ساڄا! مانري ڀومِچو مُلائيجو-
        [منهنجي ڌڏيءَ جا ڀتار! منهنجي لاءِ نرم ڪپڙي جي چُني آڻج]
                        سالڪ ڀيڻيويا...

 

هيرڻِيو جي کائون تو مانري مَلو تو جاگي،
        [هرڻ جو گوشت کان ته مون کي ملي جي بيماري ٿي ٿئي]
        مانرا سالڪ ناٺِيڙا! ٻاڪَريو مُلائيجو-
        [منهنجا سمجهُو ناٺي! تنهنڪري ڇيلو وٺي اچج]
                        سالڪ ڀيڻيويا...

 

پَلئيِيو جي کائون تو مانري گُڙدو ٿو جاڳِي،
        [جي آءٌ پَلو کان ته مونکي گُڙدي جو سور ٿو ٿئي]
        اومانري سُکِيائي را صاحِبا! مانري حلوو مُلائيجو-
        [او منهنجي ڌيءَ جا ڀتار! منهنجي لاءِ حلوو آڻج]
                        سالڪ ڀيڻيويا...

 

هِيٺي تي سُوئان، تو مانرا پاسا تا سُجِين-
        [هيٺ ٿي سُمهان ته منهنجا پاسا ٿا سُڄن]
        او مانهنجا ڪوڏيلا ناٺيڙا! مانري کَٽڙلِي مُلائيجو،
        [اي منهنجا وڻندڙ ناٺي! منهنجي لاءِ کٽ وٺي اچج]
                        سالڪ ڀيڻيويا...

 

[39][39]

تِرڇَل

 

وراڻي:  اڌ مڻ سونو، اڌ مڻ رُوپو، جنهن ري ٽِيلڙي گهَڙائي.
        [اڌ مڻ سون، اڌ مڻ چاندي، جنهن مان ٽِيلڙي گهڙايم]
        ٽيلڙي چهُوڙِي آتن ٻيٺي، تو نِڻندل مُنهن مروڙيو-
        [ٽيلڙي نراڙ تي لڳائي آتڻ ۾ ويٺيس ته نڻاڻ منهن کي موڙو ڏنو]
                      اڌ مڻ سونو، اڌ مڻ روپو...

 

ڪانهين نڻندل مُنهن مروڙين! ٽيلڙي مانهنجي ٻاٻِي جي گهڙائي-
        [ڇو نڻانَ منهن کي مواڏين! ٽيلڙي پيءُ ٺهرائي ڏني]
                      اڌ مڻ سونو، اڌ مڻ روپو...

 

ٽيلڙي چُهوڙي جَرنان پَڌرائي، اُٿڪي مانري ٽِيلڙي گَم گئي-
        [ٽيلڙي لڳائي تلاءُ تي ويس، اُتي منهجي ٽيلڙي گم ٿي ويئي]
                      اڌ مڻ سونو، اڌ مڻ روپو...

 

ساري سنڌ را اوڏ تيڙاڙان، مانري ٽيلڙي سرور ۾ جُوئاڙان-
        [سڄي سنڌ جا اوڏ گهرائي تلاءُ ۾ ٽيلڙي جي ڳولا ڪرايم]
                      اڌ مڻ سونو، اڌ مڻ روپو...

 

جانهين ڳايا، جانهين سنڀڙيا، اُونئان نان گنگا روسنان-
        [جنهن ڳايو جنهن ٻڌو، انهن کي گنگا جي سنان جو لاڀ مليو]
                      اڌ مڻ سونو، اڌ مڻ روپو...

 

 

[40][40]

 

وراڻي:  کارڪان ليجو، ڪوپرا ليجو، ڏميندو ڏولهاب،
        [کارڪون ۽ ڏونگهيون وٺي رکجو ته اسين رهاڻ تي اچون]

 

آيوڙا اوهان جي رهاڻين ري ڪوڏي، مانهنجا پرديسي ڀيڻيويا!
        [اسين اوهان جي رهاڻ جون ڪوڏيون آهيون، اوپرديسي ڀيڻويا]
        جاوان ڇان گهَرِي کارڪان ليجو، ڪوپرا ليجو...
        [نه ته موٽي ٿيون وڃون- کارڪون ۽ ڏونگهيون وٺي رکجو]

 

آيوڙا اوهان جي کارڪان ري ڪوڏي، مانهنجا هيتارو ڀيڻيويا!
        [اوهان جي کارڪن جي شوق تي آيون آهيون، اسان جي عزت رکندڙ ڀيڻويا]
        جاوان ڇان گهري- کارڪان ليجو، ڪوپرا ليجو...

 

آيوڙا اوهان جي سوپاريان ري ڪوڏي، وَنڪڙيان مڇان وارا ڀيڻيويا!
        [اوهان جي سوپارين جي شوق ڪري آيون آهيون، وٽيل مڇن وارا ڀڻويا]
        جاوان ڇان گهري- کارڪون ليجو، ڪوپرا ليجو...

 

آيوڙا اوهان جي واتان ري ڪوڏي، مانهنجا ننڍيا ڀيڻيويا!
        [اوهان جي ڳالهين جي شوق تي آيون آهيون، اسان جا ننڍڙا ڀيڻويا]
        جاوان ڇان گهري- کارڪون ليجو، ڪوپرا ليجو...

 

آيوڙا اوهان جي وَچنان ري ڪوڏي، وچنا وارا ڀيڻيويا!
        [اوهان جي قولن جي شوق سان آيون آهيون، قولن وارا ڀيڻويا]
        جاوان ڇان گهري- کارڪون ليجو، ڪوپرا ليجو...

 

آيوڙا اوهان جي رهاڻيان ري ڪوڏي، مانهنجا سگهڙ ڀيڻيويا!
        [اوهان جي رهاڻ جي شوق تي آيون آهيون، اسان جا سگهڙ ڀيڻويا]
      


[32]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[33]  ٿرپارڪر (تعلقي ننگرپارڪر) مان مليو.

[34]  ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان مليو.

[35]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[36]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[37]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[38]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[39]  ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان مليو.

[40]  ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان مليو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org