سيڪشن؛لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات

باب: --

صفحو :9

 

امر جليل (ولادت 1936)

امر جليل سنڌي ادب جي افسانه نگاريءَ جو اهم ٿنڀو آهي. سندس افسانه پنهنجي وقت ۽ ماحول جي مڪمل عڪاسي ڪن ٿا. کيس جيل پڻ اماڻيو ويو ۽ ڪتاب پڻ ضبط ٿيا. سندس لکڻين ۾ (Sense of humour and irony) مزاح ۽ چٿر جي خاصيت اهم آهي. امر جا هلال پاڪستان اخبار ۾ ۽ پوءِ هينئر ڪاوش ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپيل ڪالم پڻ انهيءَ جي نشاندهي ڪن ٿا ته سندس لکڻيون ڇرڪائيندڙ، جذباتي ۽ مزاحيه هوندي به سنجيده ۽ پراثر آهن. جليل صاحب سنڌي افسانه نويسيءَ ۾ ڊائيلاگ ڪهاڻي متعارف ڪرائي سندس انوکا ۽ ڇرڪائيندڙ ڊائيلاگ جن سان ڪهاڻيءَ ۾ واڌ ويجهه ٿيندي آهي منفرد آهن. جليل جو سنڌي ادب ۾ افسانه نويسيءَ ۾ هڪ الڳ، اعليٰ ۽ اهم مقام آهي، امر جليل ٽي وي ۽ ريڊيو لاءِ بهترين ناٽڪ لکيا آهن، جيڪي عوام ۾ گهڻا مقبول آهن. اردوءَ ۾ پڻ ڊراما لکيا اٿن. پاڻ ڪافي عرصي کان اسلام آباد ۾ رهائش پذير آهن. سنڌي ادب لاءِ اڃان به لکن پيا، جنهن ۾ اخبارن لاءِ ڪالم ۽ نشرياتي ادارن لاءِ ناٽڪ خاص طور مشهور آهن. امر جليل ڪئين افسانا لکيا آهن جن جو ڪاٿو نٿو لڳائي سگهجي. سندس مشهور افسانن ۾ سياڻن ۾ هڪ ڀوڪ، جڏهن مان نه هوندس، زندگي هڪ ڪن، هڪ دل جي اڪيلائي، دل جي دنيا ۽ ڪئين افسانا آهن. مجموعن ۾ مشهور مجموعا ”جڏهن مان نه هوندس“، ”ٽيون وجود“، ”سنڌو منهنجي ساهه ۾“، ”دل جي دنيا“ وغيره آهن.

نسيم کرل جي ڪهاڻي دار الفلاح طوائف جي موضوع تي آهي ۽ ٻين به ڪيترن ڪهاڻيڪارن افسانه نويسيءَ ۾ هن موضوع تي لکيو آهي، پر امر جليل جي ذهني Approch جي بلندي سڀني کان مٿانهين آهي. ”زندگي هڪ ڪُن“ ۾ ليليٰ هڪ طوائف آهي جنهن کي ناجائز ٻار ٿيندو آهي ۽ مري ويندو آهي. ان نوزائيده ٻار جي لاش کي دفنائڻ لاءِ ليليٰ جي پريشاني، ڏک ۽ پيڙاءُ اثر انگيز آهي، جنهن ٻار جي قبر تي هوءَ تاج محل اڏائڻ ٿي چاهي، پر ناجائز ٻار لاءِ کيس قبر جو ٽڪر ملڻ به مشڪل ٿي وڃي ٿو. هن حساس ڪهاڻيءَ ۾ طوائف هوندي به ليليٰ مظلوم هوندي آهي ۽ سندس لاءِ احساس ۽ رحم ٿيندو آهي. امر جليل هڪ باشعور افسانه نگار آهي، کيس سماج جي براين جو چڱيءَ طرح احساس آهي. پر کيس انسانيت جي ناتي سان انسان جي پيڙاءُ جو ڀرپور احساس آهي.

سندس ڪهاڻيون حقيقت پسندي ۽ مختلف موضوعن جي ڪري مقبول آهن، جليل جا ڪردار عوامي آهن. سندن ٻولي به عوامي آهي. هو پنهنجي ڪردارن سان جيئي ۽ مري ٿو. سنڌ جي ڪنڊ ڪنڊ لاءِ محبت جو جذبو ۽ سنڌي عوام سان سندس سچي محبت کي ظاهر ڪري ٿو. پاڻ پنهنجي ڪردارن جي ذريعي سجاڳيءَ جو پيغام سنڌي عوام کي ڏنو اٿن. سادن ۽ بيوقوف ڪردارن کان عقل وارا نڪتا ۽ گفتا سمجهايا اٿن. ”پل صراط“ سندس عوامي ڪردار نگاريءَ جي بهترين ڪهاڻي آهي.

”ڪجهه پوڙها، ٺوڙها ۽ سياڻا ماڻهو بيروزگار ۽ بيوقوف نوجوانن کي نوڪريءَ تي رکڻ کان اڳ کانئن حساب ڪتاب وٺندا آهن، ان سموريءَ جٺ کي انگريزيءَ ۾ انٽرويو چئبو آهي“. عشق ۽ انٽرويو جو بهترين مڪالمو آهي.

امر جليل هڪ مختلف گهڻو لکندڙ ۽ سٺو لکندڙ اديب آهي، جنهن جي پڙهڻ وارن جو دائرو وسيع آهي. سندس ڪئين افسانا ۽ انهن جا مجموعا ڇپجي چڪا آهن، پاڻ بهترين موضوعن تي حقيقت پسنديءَ سان مثالي ڪردارن جي واتان ڪئين پراثر جملا چوائين ٿا. سندس افسانن جي ٻولي عام ۽ مقامي آهي. طنز و مزاح سان ڀرپور آهي. منجهس مصنوعيت نه آهي.

امر جليل جي چوڻ مطابق دنيا ۾ صرف ڪهاڻين جا 36 موضوع آهن، جن تي ڇٽيهه لک ڪهاڻيون لکجي چڪيون آهن،دنيا ۾ ڪو به موضوع نه بچيو آهي جنهن تي نه لکيو ويو هجي ڳالهه آهي Presentation جي. هر ليکڪ جو پنهنجو Presentation جو انداز آهي. سندن چوڻ مطابق ٻوليءَ جي وسعت جو استعمال ليکڪ لاءِ ضروري آهي، ان ڪري مان جمال ابڙي،محمد ابراهيم جويي ۽ شيخ اياز کي بار بار پڙهندو آهيان ته جيئن لفظ، جملا ۽ ٻولي تازه رهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ بي حساب وسعت آهي ۽ لکڻ لاءِ ٻوليءَ ۾ مطالعو تمام ضروري آهي.

امر جليل سنڌي ادب جو سدا حيات ليکڪ ۽ مهان افسانه نويس آهي. گهڻي عرصي کان لکندو اچي ۽ انشاءَ الله اڃا به لکي سنڌي ادب کي وسعت ڏيندو.

سنڌي ادب ۾ ڊرامي جي صنف

تعارف

ڊرامه لفظ يوناني ٻوليءَ جو آهي ۽ ”ڊراءِ“ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي عمل يا ايڪشن. سنڌيءَ ۾ اسين کيس ناٽڪ نويسي چوندا آهيون ۽ لفظ ”ڊرامه نگاري“ به هاڻي مڪمل طور رائج ٿي چڪو آهي. ناٽڪ يا ڊرامو انساني چرپر جي فطري عمل جو نقل آهي.

هڪ انگريزي ليکڪ جي چواڻيءَ مطابق؛

Man is free to act and must reap the crop of hos own deeds.

انسان زندگيءَ ۾ جيڪو ڪجهه ڪري ٿو اهو ئي لڻي ٿو ۽ سندس لاءِ هيءَ زندگي امتحان آهي. هيءَ دنيا هڪ اسٽيج آهي، جتي هر انسان پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. ڊرامي جي ابتدا نقاليءَ سان ٿيئي ٿي. ٻار پيدا ٿيڻ سان ئي نقالي شروع ڪري ٿو. تان جو آخري دم تائين اسان جو هر فعل ۽ ان جي هر حرڪت نقاليءَ جو هڪ بهترين مثال آهي. زندگيءَ جي نقالي ڊرامي جي هڪ ادنيٰ مثال آهي ۽ ايئن ڊرامو انساني زندگيءَ جي اولين صنف شمار ٿئي ٿو.

سماجي زندگيءَ ۽ ڊرامي جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. نقالي ڪرڻ انساني جبلت آهي ۽ ڊرامو زندگيءَ جي نقالي آهي.

Drama is the imitation of life (W. Worth)

مغرب ۾ ايلزبيٿ جو دؤر ڊراما جو دؤر سڏيو وڃي ٿو، جنهن ۾ خاص طور شيڪسپيئر جا ڊراما اچي وڃن ٿا.

جيئن ته ڊرامو ٻن قسمن جو هوندو آهي، ڪاميڊي ۽ ٽرئجدي پر عام طور ٽرئجدي ڊرامو وڌيڪ عوام ۾ مقبول ٿيندو آهي، جو سندس اثر  دل ۽ دماغ تي وڌيڪ ٿيندو آهي، ڇو جو سندس تعلق انساني زندگيءَ جي گهراين سان آهي ۽ ٽرئجدي تخيل جي بلند پروازيءَ جو سڀ کان بهتر نمونو آهي ۽ ڊرامي جو سڀ کان اعليٰ ترين قسم آهي. ڪاميڊي به پنهنجي جڳهه تي بي انتها اهم آهي. ناٽڪ نويس ڪاميڊيءَ جي اوٽ ۾ به معاشري جي اوڻاين کي کولي وائکو ڪندو آهي.

Comedy is by nature critical and seeks to expose the follies of the time.

سنڌي ڊرامي جو پهريون دؤر (1880ع– 1900ع)

سنڌي ڊرامي جو پهريون دؤر 1880ع کان شروع ٿئي ٿو. مرزا قليچ بيگ جن پهريون سنڌي ڊرامو ”ليليٰ مجنون“ لکيو پر اهو ڊرامو منظوم ڊرامو آهي. جيڪو اسٽيج ڪرڻ ڏکيو هو، هن دؤر ۾ هڪ سؤ سال گذرڻ کان پوءِ ”سنڌي ڊراما جي سؤ سالا جشن جي سلسلي ۾ هن ڊرامي کي اڌ ڪلاڪ جو تسلسل سان پيش ڪيو ويو. ٻيو ڊرامو 1885ع ۾ ”خورشيد“ لکيو ويو جيڪو مرزا صاحب گجراتي ناٽڪ تان ترجمو ڪيو. هن دؤر ۾ تاريخي ۽ نيم تاريخي ڊراما اچي وڃن ٿا جن ۾ مرزا صاحب جا گل بڪاولي، لوڀي ۽ ٺوڳي، نور جهان ۽ جهانگير، نادر شاهه، نيم حڪيم خطره جان، شيخ چلي وغيره مشهور ٿيا.

ان کان سواءِ انڪوائري آفيسر، شڪنتلا، حسنا دلدار، شاه ايليا وغيره ترجمو ٿيا. مرزا صاحب سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جي شروعات به ڪئي ۽ کيس اوچو مقام عطا ڪيو. ڪوڙي مل ”رتناولي“ ترجمو ڪيو. ليليٰ رام سنگ ”سورجن راڌا“ لکيو. 1900ع تائين جو دؤر سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جو شروع جو دؤر هو، جنهن ۾ ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي 1894ع ۾ قائم ٿي، جنهن 20 سال ڊراما اسٽيج ڪيا پوءِ شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾ به ڊراماٽڪ سوسائٽيون قائم ٿيون.

ڊراما نويسيءَ جو ٻيو دؤر (1900ع – 1947ع)

 1900ع- 1947ع تائين سنڌي ناٽڪ نويسيءَ گهڻي ترقي ڪئي، جنهن ۾ مرزا صاحب Romeo Juliet ۽ As you like it کي گلزار ۽ گلنار ۽ جمشيد ۽ حميده جي نالي سان ترجمو ڪيو. ان کان پوءِ طبعزاد ڊراما به لکيا ويا، جنهن ۾ شيرين فرهاد، حرڪت مان برڪت، شهريار شهربانو، لال چند امرڏني مل پڻ مشهور ڊراما لکيا، جنهن ۾ عمر مارئي، سسئي پنهون، ڪشنيءَ جو ڪشٽ، ڀيرو مل جو ”حرص جو شڪار“ عثمان انصاريءَ جو ”گمراه دوست“ مشهور آهن. محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جن جو نالو سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جي اوائلي دؤر ۾ اهم ليکيو وڃي ٿو. نور جهان جو پٽ، ڪانگريسي ڄار، شادي، نجومي سندس مشهور ڊراما آهن. محمد اسماعيل عرساڻي جو لکيل ”بدنصيب ٿري“ ڪافي مشهور ناٽڪ هو. شروع دؤر جي ڊرامن جي ٻولي شاعراڻي نثر هئي ۽ منجهن مرڪزي خيال تقدير پرستي هو.

 

1947ع کان پوءِ جو ڊرامي جو دؤر

پراڻن ڊرامن ۾ ٻولي جو نقص آهي، سندن شاعراڻي نثر آهي، ان ڪري ڪجهه حد تائين جازبيت گهٽ آهي. آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ناٽڪ نويسي: جو نئون دؤر شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جن کان سواءِ منگهارام ملڪاڻي، اسماعيل عرساڻي، منظور نقوي ۽ پوءِ اڳيان هلي آغا سليم، ممتاز مرزا، مراد علي مرزا، سراج ميمڻ، شبير چنا، قاضي خادم ۽ علي بابا جن جا ڊراما گهڻا مشهور ٿيا.

جيئن ته پهرين دؤر ۾ ڊرامو اسٽيج تي پيش ڪيو ويندو هو ۽ پوءِ ان لاءِ وڏا وڏا آڊيٽوريم وجود ۾ آيا. ڪجهه ڪاليجن ۽ ادبي ادارن ۽ ڊراميٽڪ سوسائٽين جي طرفان ڊراما پيش ڪيا ويندا هئا ۽ اڃان به پنجاب لاهور ۾ ”الحمرا آرٽس ڪائونسل“ ۽ جناح باغ جي اوپن ايئر ٿيٽر ۾ اردو، پنجابي ۽ گجراتي ڊراما پيش ڪيا وڃن ٿا. ڪراچيءَ ۾ عثمان ميمڻ جا مشهور ڪاميڊي ڊراما اسٽيج تي پيش ٿيندا آهن، جنهن ۾ سنڌي، اردو ۽ ميمڻڪي ٻوليءَ جو مڪسچر هوندو آهي. ملتان، ساهيوال، بهاولپور، پنڊي وغير ۾ به اسٽيج ڊراما پيش ڪيا وڃن ٿا. سنڌ ۾ ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ سنڌي ڊراما ڪڏهن ڪڏهن پيش ڪيا ويندا آهن. اردو اسٽيج ڊرامن ۾ ادبي اسٽينڊرڊ هاڻي پنجاب ۽ ڪراچيءَ ۾ گهٽ ٿيندو وڃي ۽ سندن معيار ۾ گهٽتائي جو احساس ٿئي ٿو. بهرحال ان جي بجاءِ ريڊيائي ۽ پاڪستان ٽيليويزن جا ڊراما وڌيڪ معياري آهن، ڇو جو انهن کي حڪومتي ادارن جي سرپرستي آهي، انهن جو معيار پئسو ڪمائڻ نه آهي، بلڪه عوام کي هڪ سٺي تفريح ۽ ڄاڻ ڏيڻ آهي.

ريڊيائي ڊراما سنڌ جي ٻن وڏين ريڊيو اسٽيشنن ڪراچي ۽ حيدرآباد تان نشر ٿيندا آهن. ”موسم ۽ مجبوري“ پهريون سنڌي ريڊيائي ناٽڪ هو. ممتاز مرزا جو ”سورج مُکي“ مشهور ريڊيائي ناٽڪ آهي. ريڊيو پاڪستان جي پروڊيوسر آغا سليم جو ناٽڪ ”روپ ٻهروپ“ بهترين ناٽڪ آهي. اهڙيءَ طرح مراد علي مرزا، شبير چنا، منظور نقوي، سراج ميمڻ ۽ علي بابا، قاضي خادم سٺا ناٽڪ ريڊيو لاءِ لکيا ۽ ريڊيو پاڪستان تان انهن نشر ٿي داد وصول ڪيو.

ريڊيو جي مشهور فنڪارن ۾ اداڪار مصطفيٰ قريشي، روبينه قريشي، نگهت سلطانه، غزالا قريشي، ساقي، زرينه بلوچ ۽ ٻين ڪيترن اهم فنڪارن پاڻ کي مڃايو.

ٽيليويزن ۽ فلم جو دؤر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي سان اڳيان آيو، جنهن ۾ پهرين سنڌي فلم ”ايڪتا“ ماتليءَ جي رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پيش ڪئي. ٻي فلم ”عمر مارئي“ هئي ۽ ان کان پوءِ ڪئين سنڌي فلمون ٺهيون، جنهن ۾ جيجل ماءُ، ممتا، ڦل ماڇي، گونگهٽ لاهه ڪنوار وغيره ۽ ڌاڙيل فيڪٽر تي هن دؤر ۾ ڪئين فلمون ٺهيون پر سنڌي فلمن کي ڪاميابي نه ملي سگهي ڇو جو سندن معيار گهٽ هو.

سنڌي ڊرامي جو هاڻوڪو دؤر

ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي ڪري ڊرامو تمام گهڻي اوج تي آيو، ڪيترن فنڪارن کي پنهنجي فن جا جوهر ڏيکارڻ جا موقعا مليا. ڪئين نوان ليکڪ سامهون آيا ۽ سنڌي ثقافت جي نمائندگي ٿي. سنڌ جا مسئلا کڻي نئين موڙ سان سنڌي ناٽڪ نويس ٽيليويزن تي سنڌي ناٽڪ کڻي آيا، جيڪو سنڌ ته ڇا پر هندستان ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ بي حساب پسند ڪيو ويو. علي بابا جو ”دنگي منجهه دريا“ اهو بهترين ڊرامو هو، جنهن کي بين الاقوامي طور پاڪستان جي سڀني ڊرامن مان پهريون انعام مليو هو. زرينه بلوچ جي اداڪاري تمام دل کي وڻندڙ ۽ متاثر ڪندڙ هئي.

نورالهديٰ شاهه جو ”جهنگل“ ۽ ”ديوارين“ قومي نشرياتي رابطي تان اردوءَ ۾ پيش ڪيا ويا. عبدالقادر جوڻيجو ”ڪاروان“ جيڪو ٿري زندگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو اهو پڻ اردو ۾ قسط وار ڏيکاريو ويو. سنڌيءَ جي مشهور ليکڪن اردوءَ ۾ ڊراما لکڻ شروع ڪيا پر سندن ماحول ۽ انداز سنڌي هو. سنڌي ناٽڪ نويسيءَ ۾ شام جي وقت تي سنڌ ۾ پاڪستان ٽيليويزن تان ناٽڪ نالي سان روز هڪ ڊرامو ۽ ڪڏهن ڪڏهن قسط وار ڊراما پيش ڪيا ويندا آهن، جيڪي سنڌيءَ ۾ هوندا آهن. مشهور سنڌي ڊرامن ۾ راڻيءَ جي ڪهاڻي، ناڪيلي، زينت، وڏيري. سوال، آئينو ۽ ڪئين ناٽڪ اچي وڃن ٿا. آغا رفيق، شوڪت شورو، نور الهديٰ شاهه، آغا سليم، ممتاز مرزا، امر جليل، علي بابا ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي ليکڪ آهن، جيڪي سنڌي ڊرامي کي ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ لکي رهيا آهن. ان کان سواءِ حيدرآباد، هالا، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ به اسٽيج ڊراميٽڪ سوسائٽيون ڪم ڪري رهيون آهن. حاصل مطلب ته هيءُ دؤر ڊرامي جو دؤر آهي. هن ڏس ۾ ٽيليويزن جي ڊرامن گهڻي ترقي ڪئي آهي. هاڻي خاص طور ڪي ٽي اين جيڪو ڪاوش اخبار جي طرفان نئون سنڌي چئنل اچڻ شروع ٿيو آهي، ڪئبل نشريات جي ڪري هاڻي سنڌي ڊرامي جو مقابلو بين الاقوامي نشريات سان ٿي ويو آهي. اسان جا سمجهدار ۽ برک ليکڪ، پاڪستان ٽيليويزن ۽ ڪي ٽي اين لاءِ بهترين سنڌي ڊراما لکي رهيا آهن. سنڌي ڊرامن ۾ جديد لاڙا جيئن ته حقيقت پسندي، قوميت، سماجي انقلاب، جمهوريت، معاشري جون ريتون رسمون اوڻايون، چڱايون، ظالم جي مخالفت، مظلوم جي مدد واضح نظر اچي رهيا آهن. ڪي ٽي اين ۽ پاڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو سنڌي ڊرامي کي مزيد ترقي ڏانهن گامزن ڪري رهيا آهن ۽ تازو ڪيترائي نوان ۽ مقبول ڊراما پيش ٿيا آهن، جن سان سنڌي معاشري جي عڪاسي ٿئي ٿي.

سنڌي مضمون جي اوسر

مضمون نويسيءَ جو تعارف

 مضمون عربي لفظ ”ضمن“ مان نڪتل آهي، سنڌي ۽ اردو ۾ هن صنف کي ڪافي ڪاميابي ملي آهي. جان فائولر مطابق فرانسي لفظ "Essia" جي معنيٰ ڪوشش ڪرڻ. انگريزيءَ ۾ مضمون کي "Essay” چوندا آهن.

The word "Essay" means an effort. It is an effort to “exepress the essayists intellectual and emotional reaction to an idea.

مضمون جي صنف فرانس مان شروع ٿي ۽ پهريون مضمون 1571ع ۾ فرانسيسي ۾ لکيو ويو. فرانسس بيڪن 58 فسلفيانه مضمون "Dispersed meditation" جي عنوان سان 1652ع تائين 28 سالن ۾ لکيا، جيڪي مضمون نويسيءَ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿا.مضمون نگار جي ڪنهن به خارجي پهلوءَ تي نثر ۾ ذاتي احساسات جي اظهار کي مضمون چئبو آهي. سنڌي ادب ۾ مضمون نگاري تڏهن کان شروع ٿي، جڏهن کان اخبارون وجود ۾ آيون. پهرين سنڌي اخبار ”معين الاسلام“ 1861ع ۾ ۽ ٻي تعليم کاتي طرفان اخبار ”سنڌ سڌار“ 1882ع ۾ جاري ٿيون. سنڌي بنيادي مضمون نگاريءَ کان جيڪي اخبارون ۽ رسالا مشهور ٿيا انهن ۾ (1) سرسوتي، (2) پرڀات ۽ جوت آهن. جوت اخبار جي ايڊيٽر پرمانند ميوارام جن 50 سال لاڳيتو هن اخبار جي ذريعي سنڌي صحافت جي خدمت ڪئي ۽ پاڻ بهترين مضمون لکيائون، جن جا موضوع سماجي، اخلاقي، تعليمي ۽ سير و سياحت تي مشتمل آهن.

مضمون نويسيءَ جو پهريون دؤر (1861ع– 1947ع)

مرزا قليچ بيگ اهو مايه ناز اديب هو، جنهن سنڌي ادب ۾ مختلف صنفن کي عروج تي پهچايو. فرانسس بيڪن جي مضمونن کي 1899ع ۾ پاڻ مشهور اخبارن ۽ رسالن تحفه احباب ۾ ترجمو ڪري ”مقالات الحڪمت“ جوعنوان ڏنائون. تحفه احباب، بهار اخلاق، سرسوتي، الامين، الوحيد ۽ الڪاشف وغيره ۾ ڪيترن ئي اديبن تمام سٺو لکيو جيئن شمس الدين بلبل، ڄيٺمل پرسرام، مولانا دين محمد وفائي، محمد هاشم مخلص، محمد عثمان ڏيپلائي جن مضمون جي صنف کي اڳيان ترقي ڏياري.

مضمون نگاريءَ جي ڪري سنڌي لغت جي ترقي ٿي. نوان نوان علمي اصطلاح نيون نيون ترڪيبون ۽ تشبيهون جوڙيون ويون. زبان ۾ وسعت آئي. ”هيري جون ڪڻيون“ مضمونن جو پهريون مجموعو هو. ڪئين مضمونن جا مجموعا وجود ۾ آيا. ”ادبي غنچو“ رام پنجواڻي ”چڻگون“ تيرت بسنت، ”ادبي آئينو“ ليکراج عزيز، ”درس عمل“ ڇپيو ٻين ڪيترن سنڌي صحافين، اديبن جيئن ڊاڪٽر دائود پوٽو، ڪاڪو ڀيرو مل، پرمانند، ميوارام، علي محمد راشدي، ميران محمد شاهه، جهامنداس ڀاٽيه، نارائڻ داس ملڪاڻي، نارائڻ داس ڀمڀاڻي، علي خان ابڙو، غلام محمد شاهواڻي، مولانا غلام محمد گرامي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن سنڌي مضمون نويسيءَ کي عروج تي پهچايو.

مضمون نويسيءَ جو 1947ع کان پوءِ جو دؤر

مضمون نويسيءَ کي ورهاڱي کان پوءِ گهڻي ترقي ملي. ورهاڱي کان پوءِ وارو دؤر ڪامياب دؤر شمار ٿئي ٿو، جنهن ۾ موضوع کي وسعت ملي. سنڌي اخبارن ۽ رسالن جهڙوڪ هلال پاڪستان ڪراچي، روزانه عبرت حيدرآباد، مهراڻ ٽه ماهي ۽ آفتاب، سهڻي مئگزين، اڳتي قدم، نئين زندگي، ڪاوش اخبار مضمونن کي مقبول ڪيو. عورتن ۽ ٻارن جي رسالن ۾ به سنڌي مضمون نويسيءَ جڳهه والاري. ڪجهه مجموعا پڻ شايع ٿيا. جيئن عطا حسين شاهه موسويءَ جو ”ڪچ ڪوڏيون“ ڪراچي يونيورسٽي جي استاد ڊاڪٽر نواز علي”شوق“ جن جو ”هٻڪار“ ۽ ”ڪچ ڪوڏيون“ آهن. لاجواب ڪتاب آهن، جيڪو M.A سنڌيءَ جي نصاب ۾ پڻ شامل آهي. اسماعيل عرساڻيءَ جو ”خاطر خيال“ ميران محمد شاهه جو ”گنجي ٽڪر جو سير“ ۽ ”دل“ بهترين مضمون آهن.

محمد بخش مجنون پڻ سنڌي مضمون کي نئون موڙ عطا ڪيو. سماجي ۽ ادبي مضمون لکيا. مجنون صاحب جن ”مسڪين جهان خان کوسي“ جي ٿري زندگيءَ تي هڪ ڊگهو مضمون لکيو. جنهن ۾ ٿر جي سماجي ڪارڪنن جي عملي زندگي پيش ڪئي وئي آهي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي تاريخي،سياسي ۽ مذهبي مضمون لکيا آهن. علامه آءِ آءِ قاضي فلاسفر هوندي به تمام صاف سلجهيل سنڌيءَ ۾ مضمون لکيا آهن، جيڪي عام فهم آهن. ”مضامين خليل“ ابراهيم خليل جي مضمونن جو مجموعو آهي. ”چونڊ مضمون ۽ مقالا“ جيڪو ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ جي طرفان ڇپيو آهي، تمام سٺو مضمونن جو ڪتاب آهي. (بي، اي، جي نصاب ۾ شامل آهي). ”ڪچ ڪوڏيون“ جا سڀ مضمون دلچسپ آهن. مزاحيه مضمون، جي نوٽن جو مينهن وسي پڙهي احساس ٿيندو ته ڪيئن نه مصنف مزاحيه طرز بيان سان سماج جي برائين کي چٽو ڪيو آهي ۽ پنهنجو اندر اوتيو آهي.

انگريزي ڪتاب (Great essay of all motions) جو مرتب ايف ايڇ پريچرڊ پنهنجي ڪتاب جي ديباچي ۾ لکي ٿو ته ”مضمون مفڪرانا هوندي به سنجيده نه هوندو آهي، فلسفو هوندي به فلسفيانه نه هوندو آهي، اسان مصنف سان اتفاق رکندي به اتفاق رکڻ لاءِ مجبور نه آهيون.“

مقصد ته مضمون واقعي مضمون نگار جي ذاتي راءِ تي منحصر هوندو آهي. مضمون کي مقالي وانگر حوالن سان پر تڪلف ۽ مستند نه بنايو ويندو آهي. ان ڪري سنڌي مضمون به سنڌي اديبن جي ذاتي خيالن، سوچ، فڪر ۽ سنڌي سماج ۽ معاشري کي بيان ٿا ڪن.سهڻي رسالي،روح رهاڻ نئين زندگيءَ بهترين مضمون ۽ مضمون نگار سنڌي ادب کي ڏنا ۽ جيئن شيخ اياز، طارق اشرف، حميد سنڌي، جمال ابڙو، سراج ميمڻ، ڊاڪٽر تنوير عباسي، نياز همايوني، علي احمد بروهي، مضمون جي صنف ادب ۾ پنهنجي الڳ حيثيت رکي ٿي، جنهن جي پڙهڻ لکڻ ۽ ڇپجڻ سان لغت ۾ بهترين اضافو ٿئي ٿو ۽ پوريءَ دنيا ۾ رائج آهي. صحافت ۽ مضمون نويسيءَ جو مڪمل ساٿ آهي. مضمون نويسيءَ جي اوسر ۾ سنڌي اخبارن ۽ رسالن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هن صنف کي عروج تي پهچايو آهي. مضمون هينئر نثر ۾ سڀني کان اهم صنفن ۾ شمار ٿئي ٿو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com