سيڪشن؛لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات

باب: --

صفحو :1

سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات

پروين موسيٰ ميمڻ

 

 

اکر منجهه الف

 

منهنجي ننڍڙي پياري ڀيڻ پروين پنهنجي اڻٿڪ ڪوشش جو ثمر ادبي جائزو جي مسودي جي صورت ۾ موڪلي فرمائش ڪئي. ٻه اکر به لکان پروين جي لفظن ۾ ته ادب جي تاريخ تي لکڻ هڪ وسيع موضوع آهي، جيڪو هڪ مختصر ڪتاب ۾ سموئي نٿو سگهجي. جتي سنڌي ٻولي جي معنوي وسعت هڪ اٿاهه سمونڊ ۽ اڻ کُٽ خزانو آهي اُتي سنڌي ادب جو جائزو هڪ ڪتاب ۾ سهيڙڻ واقعي ڏاڍو مشڪل ڪم آهي ۽ خاص طور  جيڪڏهن ترتيب ۽ ترڪيب اهڙي هجي جنهنن ۾ ادب جي هر صنف کي پيرائتي طور پيش ڪرڻ جي سعي ڪئي وڃي ۽ ارتقا کان حال جي سفر تائين جي ڪٿا به هجي. پر ليکاريءَ جي مقصد ڏي نهارجي ٿو ته سندس ڪاوش کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. اهو ڏسي وڌيڪ خوشي ٿي ته منهنجي ڀيڻ جي هڪ محنت ۽ سعي جو مقصد چٽاڀيٽيءَ واري امتحان ۾ سنڌي بطور مضمون کڻڻ وارن توڙي ايم اي سنڌي جو امتحان ڏيڻ وارن لاءِ هڪ نسبتاً جامع ڪتاب مهيا ڪرڻ آهي. مسودو پڙهندي قريب پنجويهه ورهيه پراڻيون ساروڻيون ذهن جي پردي تي ترندي اچڻ لڳيون. سي. ايس. ايس جي 1979ع جي چٽاڀيٽيءَ واري امتحان ۾ مون ٻين مضمونن سان گڏ سنڌي به optionals ۾ کنئي هئي. ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ خبر پئي ته اڌ کان مٿي سنڌي نوجوان مرزا قيلچ بيگ جي ٽن ڪتابن جا نالا ڳولڻ ۾ ناڪام رهيا. کين شڪ هيو ته ڪشنچند بيوس شاعر هيو يا ڊراما نگار؟ سندن خيال ۾ الوحيد اخبار نه پر ڪتاب جو نالو هيو. کين اچرج لڳو ته محمد عثمان ڏيپلائي جو عبرت اخبار سان ڪهڙو واسطو هيو؟ پڙاڏو  سوئي سڏ ڪنهن جو لکيل ناول هيو سا ته ورلي ڪنهن کي خبر هئي. هڪ دوست پڇيو ته علي بابا ڪير آهي؟ دل ۾ آيو ته چوانس باهه جو اصل چور ته علي بابا آهي. پروموٿيوس [1] Prometheus تي الزام اجايو آهي. پر وري خيال آيم ته جڳ مشهور ننڍي آکاڻي امان مان اسڪول ڪو نه ويندس جي ليکڪ حفيظ شيخ کي حيدرآباد واري حفيظ قريشي سان منجهائيندڙ يا Mixxup ڪندڙن مان ٻي ڪهڙي اميد رکجي ۽ هي ڳالهه ته کيس اصل سمجهه ۾ ڪو نه ايندي سو خار ۾ چيم، علي بابا ايڪيتاليهون ۽ اصل چور آهي آهي به ايئن، هر تخليق ڪار باهه جو چور آهي ۽ ديوتائن سندس ماس ڳجهن کي کارائڻ جو اذن ڪيو آهي.

هن ذڪر جو مطلب اهو به آهي ته جيئن ٻين مضمونن لاءِ (جي چٽا ڀيٽيءَ واري امتحان لاءِ اختياري توڙي لازمي مضمون آهن) ڪافي ڪتاب آهن جي ڪنهن حد تائين نه بلڪ گهڻي حد تائين مضمون جي گهڻ رخيءَ زاوين تي روشني وجهن ٿا پوءِ اُهي ڪي علي جي نالي سان يا ڊوگر جي نالي سا يا ڪنهن به نالي سان هجن. ويندي اردو جي بطور مضمون مقابلي جي امتحان لاءِ به گائيڊون ۽ ڪتاب آهن. اهڙي طرح سنڌي کي جي ڪي اميدوار بطور اختياري مضمون کڻن ٿا ۽ سندن مطالعو به وسيع نه آهي ته سندن لاءِ هي ڪتاب بهترين رهنمائي ڪري ٿو ۽ اها کوٽ ادي پروين پوري ڪئي. هي ڪتاب سنڌي ادب جو جائزو جي جائزي لاءِ نه صرف هڪ چڱي جاکوڙ آهي پر چٽاڀيٽي جي امتحان يا ايم اي سنڌي جي شاگرد لاءِ هڪ بهترين، جامع ۽ ضرورت جو پورائو ڪندڙ ڪتاب آهي. مضمونن جي ترتيب، ترڪيب ۽ اُپٽار جي لحاظ کان جتي سي. ايس. ايس ، پي. سي. ايس جي مقابلي لاءِ تياري ڪندڙ ڊوگر، ڪي علي ۽ مهاجن کي پڙهڻ ضروري سمجهندا آهن اُتي سنڌي کي اختياري مضمون کڻڻ وارو پروين موسيٰ جي ادبي جائزو پڙهڻ کان سواءِ پنهنجي تياري کي نامڪمل سمجهندو سچ ته ايئن آهي ته هن ڪتاب ۾ Treatment جي لحاظ کان يعنيٰ گهڻ پهلو هجڻ ڪري پنهنجي قبيلائي هم جنسن يعنيٰ ڊوگر وغيره کان بهتر Treatment ڏنل آهي توڙي جو سبجيڪٽ بلڪل مختلف ۽ ڏکيو آهي. مون کي يقين آهي ته هن ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ چٽاڀيٽي جي امتحان ڏيڻ وارو نوجوان 1979ع جي ساٿين جيان بنيادي سوال پڇڻ کان مٿڀرو ٿي ويندو.

آفتاب ميمڻ

ڪراچي

سيڪريٽري ايگريڪلچر

گورنمينٽ آف سنڌ

9 سيپٽمبر 2003ع


 

 

 

 

 

پيش لفظ

 

سنڌي ادب جي تاريخ تي لکڻ هڪ وسيع موضوع آهي، جيڪو هڪ مختصر ڪتاب ۾ سمائي نٿو سگهجي، پر مقابلي جي امتحانن جي ضرورت کي مد نظر رکندي هيءُ ادبي جائزو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. اميد آهي ته پي. سي. ايس، سي. ايس. ايس ۽ ايم. اي سنڌيءَ جي شاگردن کان سواءِ ادب جي قارئين لاءِ پڻ هيءُ ڪتاب ڪارائتو ثابت ٿيندو.

هن ڪتاب ۾ پي.سي. ايس جي سنڌيءَ جي پيپرز History of Sindhi literature & general paper in Sindhi کي مڪمل ڪور ڪيو ويو آهي ۽ گرامر جو ڀاڱو پڻ رکيو ويو آهي. ان کان سواءِ مضمون جي پيپر جي مناسبت سان شاهه جي شعرن جي سٽن تي مشتمل مضمون پڻ ڏنا ويا آهن.

ڪتاب ڪُل ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پهرين حصي ۾ ادبي دؤرن جي ارتقائي جائزي سان گڏ مشهور شاعرن جيئن قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي شاعريءَ تي روشني وڌي وئي آهي ته ٻئي حصي ۾ سنڌي ٻولي، سنڌي علم و ادب ۽ سماج کان سواءِ نثر ۽ نظم جي مشهور صنفن تي روشني وڌل آهي. مشهور نثر نويسن جي احوال سان گڏ سنڌي مضمون نويسيءَ ۽ صحافتي ترقيءَ کي بيان ڪيو ويو آهي. ٽيون حصو لطيفي مضامين ۽ گرامر تي مشتمل آهي. هونئن ته مضمون جي صنف هڪ جدا موضوع آهي، پر هن جائزي ۾ نصابي ۽ درسي سهوليت جي پيش نظر ڪجهه مضمونن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي. هيءُ مضمون پيپر جي ڪجهه سوالن جي جوابن جو احاطو پڻ ڪن ٿا. هن کان اڳ به ڪجهه مختصر ادبي جائزا موجود آهن، پر هيءُ پهريون ادبي جائزو آهي، جنهن ۾ موجوده ادبي دؤر جا ڪجهه اهم موضوع پڻ شامل ڪيا ويا آهن، جيئن سنڌي ادبي بين الاقوامي ڪانفرنس 1988ع سنڌ جي قومي شاعري، سفر ناما ۽ آتم ڪهاڻيون ۽ تحقيقي ڪم وغيره، اڃا به شاهه سائينءَ جي شاعريءَ جي باري ۾ جديد تحقيق ۽ سنڌي عورت ليکڪائن جو ادبي ڪم ۽ ٻيا ڪيترا عنوان آهن، جن جو ذڪر اختصار سان ملحوظ رکندي ڪري نه سگهي آهيان، ڪافي لکيل مضمون ۽ ٻيو مواد ضخامت کان بچڻ لاءِ هن ڪتاب ۾ شامل ڪري نه سگهي آهيان، اميد آهي ته ايندڙ ڪتاب ۾ وڌيڪ تفصيلي احوال ۽ ڪجهه نوان موضوع پيش ڪنديس پر هن وقت شاگردن جي امتحاني ضرورت تحت ۽ سوالي پيپرن سان ٺهڪي ايندڙ مواد کي اهميت ڏني وئي آهي.

آئون پنهنجي وڏي ڀاءُ ادا آفتاب جي ٿورائتي آهيان، جن هميشه منهنجي لکڻ پڙهڻ جي حوصله افزائي ڪئي، پاڻ سي. ايس. پي آفيسر آهن ۽ سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي فائز آهن، ادا گهر ۾ هڪ لائبريري قائم ڪئي ۽ اسان ننڍن ڀائرن ڀينرن کي ادبي شوق ڏنو. پنهنجي شاگرديءَ جي زماني کان هميشه گهر ۾ سنڌي رسالا ۽ ڪتاب وٺي ايندا هئا ۽ اسان کي پڙهڻ لاءِ اتساهيندا هئا. اها ادا جي همت افزائي ئي آهي ، جو اڄ آئون ڪجهه لکڻ جي قابل ٿي آهيان ۽ هن ڪتاب جي تياريءَ ۾ منهنجي ور انور خان منهنجي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي، منهنجي ڪتاب لکڻ جي ڪم کي عبادت جيتري اهميت ڏيئي مون کي وقت مهيا ڪيائون. سندن تعاون ۽ هر ممڪن مدد سان ئي منهنجي بي انتها حوصله افزائي ٿي آهي.

سائين ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جن جا وڏا وڙ آهن، جن هن ڪتاب جو جائزو ورتو ۽ پنهنجي قيمتي راءِ سان نوازيو، انهيءَ سهڪار تي آئون سندن مشڪور آهيان.

آخر ۾ آئون نسيم بڪ ڊپو جي مالڪ نسيم صاحب ۽ ڪمپوزر ربنواز لاشاري جي تعاون کي مڃينديس، جن وقت جي ڪميءَ جي باوجود ڪتاب جي تياريءَ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي ۽ وقتائتو ڇپائي پڌرو ڪيو.

هن ادبي جائزي ۾ ڪجهه اوڻايون ٿي سگهن ٿيون، استاد هئڻ جي حيثيت سان شاگردن ۽ قارئين کي گذارش ڪنديس ته غلطين کان آگاهه ڪندا ته مهرباني ٿيندي.

پروين موسيٰ ميمڻ

ايم. اي. سنڌي (گولڊ ميڊلسٽ)

نذرٿ ڪاليج حيدرآباد


 


[1] پروموٿيس يوناني ڏند ڪٿائن جو ديو مالائي ڪردار هو جنهن جسارت ڪري مائونٽ آف اولمپيا تي وڃي يا آسمانن تي وڃي باهه جو راز چورايو هو، جنهن جي پاداش ۾ زيورس ديوتا هن جي سزا اها تجويز ڪئي ته تاقيامت هن جي جسم جو ماس ڳجهون کائينديون رهنديون.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com