سيڪشن؛لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات

باب: --

صفحو :7

 

سيد ثابت علي شاهه؛

سنڌي زبان جو پهريون مرثيه گو شاعر آهي. 1153هه ۾ پيدا ٿيو، اصل ملتان جو رهاڪو هو. قلندر شهباز جي حاضري ڀرڻ ايندو هو، پوءِ سيوهڻ ۾ ئي سڪونت اختيار ڪيائين ۽ شروعاتي تعليم سنڌ ۾ حاصل ڪيائين. کيس سنڌيءَ ۾ مرثيه لکڻ جو خيال ٿيو ۽ ان وقت ۾ ڪو به علم عروض جي شاعريءَ مطابق مرثيه گو شاعر سنڌيءَ ۾ نه هو، پاڻ شيعه فرقي سان تعلق رکندڙ هو، ميرن جي درٻار ۾ شاعر هو. مرثيي کان سواءِ قصيدا مسدس، غزل ۽ مداح عروضيء شاعريءَ ۾ چيا اٿن. سيد ثابت علي شاهه سنڌي مرثيي جو ”مير انيس“ آهي. سندس امامن لاءِ چيل مرثين ۾ غضب جي ڪردار نگاري، حقيقت نگاري ۽ واقع نگاري آهي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ بي اختيار ٿيو وڃي ۽ ڳوڙها ڳڙي وڃن ٿا سندس پهريون مرثيو هيءُ آهي،

اي خدا جا لاڏلا،سردار سرور يا حسين،

ڪربلا ۾ قتل ٿيو، تنهنجو حسين ڪاروان،

خاڪ سر وسندا پٽيندا، شام ڪوفي ٿيا روان.

جذبات غم جي شاعري مرثيي ۾ اول کان آخر تائين ملي ٿي.

ٿيو ڪربلا ۾ قيد، مديني جو قافلو.

ڪيائون شام ڏي روانو، سوز زندان ڏي هليو.

علامه شبلي لکي ٿو ته ”ڪربلا جو واقعو اهڙو آهي جو جيڪڏهن عرب جا اصلي جذبا موجود هجن ها ته اهڙا زوردار مرثيا لکن جو سڄي دنيا ۾ باهه لڳي وڃي ها.“

ٻين ادبي صنفن وانگر مرثيه نگاريءَ پڻ سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجو سٺو مقام پيدا ڪيو آهي.

جديد شاعريءَ جو تعارف

شعر جو لفظ عربي لفظ ”شعور“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”دانائي پروڙ يا دريافت ڪرڻ.“ اصطلاح ۾ شعر انهيءَ کي چئبو آهي جيڪو علم عروض جي وزن ۽ بحر تي موزون ڪيل هجي.

نظم ۽ آزاد نظم

شعر هڪ قدرتي ڏات آهي، جيڪا قدرت ڪجهه ماڻهن جي دلين ۾ امانت طور رکي آهي. نظم جي لغوي معنيٰ آهي ”پرکڻ“ اسان کي جيڪڏهن ڪو جملو چوڻو هجي پر اهو سهڻن لفظن ۾ ذڪر ڪنداسين ته ٻڌندڙ کي متاثر ڪندو. پر جيڪڏهن اُن جملي کي هڪ مقرر ڪيل بحر ۽ وزن جي ڌاڳي ۾ پوئي بيهاربو ته ”نظم“ چئبو، سنڌي شاعريءَ ۾ نظم پراڻي صنف آهي، پر جديد نظم ان کان پوءِ جي ٻي ڊول جي شاعري آهي. سنڌي جديد شاعري بين الاقوامي طور ادبي اٿل جي نتيجي ۾ اُسري سامهون آئي. سڄي دنيا ۾ ڪلاسيڪل ادب کان پوءِ هڪ جديد نئين ادب جو لاڙو سامهون آيو، جنهن ڪري نثر توڙي نظم ۾ ڪافي تبديليون آيون.

سنڌي شاعريءَ ۾ جديد شاعريءَ کان اڳ ڪافيون، وايون، گيت. بيت ۽ لوڪ شاعريءَ جون مشهور صنفون رائج هيون، پر جديد شاعريءَ نظم، آزاد نظم، هائيڪو، ترائيل ۽ سانيٽ وغيره کي متعارف ڪرايو. سنڌي نظم ۽ آزاد نظم جي شاعريءَ ۾ ڪيترن سنڌي شاعرن پاڻ ملهايو آهي. نظم ۽ جديد نظم جو موضوع معاشي ۽ طبقاتي ڪشمڪش کي جنم ڏيندڙ ڪئين قومي ۽ بين الاقوامي حالات آهن. ڏاڍ ڏهڪاءُ ۽ ظلم خلاف آواز آهي ۽ ٻيا ڪئين انساني زندگيءَ جا مسئلا آهن. تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانون به ڪڏهن ڪڏهن موضوع بڻيون آهن. جيئن شيخ اياز جو ”دودي سومري جو موت“ منظوم ڊرامو، نظم ۾ شاندار لکيل آهي. نارائڻ شيام، هري دلگير، شيخ اياز، شيخ راز، عبدالڪريم گدائي، حيدر بخش جتوئي، نياز همايوني هن تحريڪ کي جلا بخشي. ٻئي دؤر ۾ امداد حسيني، تاج بلوچ، فتاح ملڪ، زيب ڀٽي، تاج جويو، نصير مرزا، ادل سومرو، شمشير الحيدري، تنوير عباسي ۽ ڪئين ٻيا جن نظم ۽ جديد آزاد نظم کي همٿايو ۽ ترقي ڏياري، ڪئين مجموعا سامهون آيا، جيئن ”اصناف خيالي“  بشير مورياڻي، ”لاٽ“، ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“، ”رڳون ٿيون رباب“، شيخ اياز جا مشهور نظم جا مجموعا آهن. عورتن ۾ شبنم موتي، سحر امداد، مريم مجيدي، نور الهديٰ شاهه، سلطانه وقاصي ۽ ٻيون ڪئين جديد شاعري لکي رهيون آهن.

هندستان ۾ پروفيسر رام پنجواڻي، هري ڪانت،ريٽا شهاڻي، روپڪمار، پريم پرڪاش ۽ ڪيترائي ٻيا بهترين شاعر نظم ۽ آزاد نظم لکي رهيا آهن، جنهن کي ڊاڪٽر ”ديال آشا“ جن ”سنڌي شعر جي تاريخ“ ۾ ذڪر ڪيو آهي، جيڪا 1984ع ۾ لکي ويئي آهي. ان ۾ سنڌ ۽ هند جي شاعرن ۽ انهن جي شعرن جي نمون جو احوال ڏنل آهي.

آزاد نظم؛

جديد شاعريءَ جي شروعات ڪشنچند بيوس ڪئي. علم عروض تي شاعري ڪندڙن سندس مخالفت ڪئي. ايتريقدر جو سندس مجموعي ”شيرين شعر“ کي شاعري مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائون. بيوس سنڌي شاعريءَ کي ايراني اثر کان آجو ڪيو. کيس عروضي شاعريءَ جي قيد مان آزاد ڪيو.

گل اندر سرهاڻ ڀرين ٿو،

موتين سان مهراڻ ڀرين ٿو،

هيرا لعل هزار، قدرت وارا.

سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئون موڙ آيو، شيخ راز، نارائڻ شيام، شيخ اياز آزاد نظم ۽ سانيٽ لکڻ شروع ڪيا. شمشير الحيدري ۽ تنوير عباسيءَ به بهترين ڪم ڪيو ۽ انهن آزاد نظم جي طرفداري ۾ ٻه مقالا لکيا ۽ حقيقي حيثيت ۾ آزاد نظم کي مڃايو. جنهن تي ڪجهه پراڻن شاعرن جي رويي ۾ نرمي آئي، اڳ ۾ آزاد شاعريءَ کي ڇڙواڳ شاعري سڏيو ويندوهو.

4 مارچ جي واقعي تي 1984ع ۾ انقلابي شاعريءَ جي حيثيت سان غلام حسين رنگريز جي آزاد نظم گهڻي مشهور ٿي جيڪا عبرت اخبار ۾ ڇپي هئي.

وهيو رت جيڪو جوانو اوهان جو،

اهو رت آهي امر،

اهو رت سنڌڙيءَ جو آهي. ۽ جيجل جندڙيءَ جو آهه.

جديد شاعريءَ کي ويهين صديءَ جي انقلابي شاعريءَ جو درجو حاصل آهي، جيڪا ڪيترن روزانه جي اخبارن، هفت روزه ۽ ماهوار رسالن جي سونهن آهي. مولانا غلام محمد گرامي ”مشرق جي جديد شاعري“ جي عنوان سان مقالو لکيو، جنهن تي روزانو مهراڻ ۾ ڪافي بحث مباحثو هلندو هو. آخر ڪار اهو تسليم ڪيو ويو ته جديد سنڌي شاعري به ٻاهرين ملڪن جي جديد شاعريءَ وانگر هڪ مڃيل صنف آهي.

ازراپائونڊ، والٽ وٽمئن، ٽي ايس ايلٽ به انگريزيءَ ۾ جديد شاعريءَ کي اهميت وٺرائي، جديد شاعري فرانسيسي ادب جي علامت نگاريءَ واري دور جي پيدائش آهي ۽ سندس باني گرئفن آهي.

شمشير الحيدري ”آزاد نظم جو پس منظر“ جي نالي سان هڪ بهترين مقالو لکيو. ذوالفقار راشدي، اياز گل، ادل سومرو، تاج جويو، ذوالفقار سيال، نصير مرزا، قاضي خادم، مقصود گل، امداد حسيني ۽ ڪيترن آزاد نظم کي مڃرايو. عورتن ۾ نور الهديٰ شاهه، شمشاد مرزا، منور سلطانه، شبنم گل، نذير ناز ۽ نسرين جوڻيجو، ارم محبوب، شگفته شاهه، عطيه دائود ۽ ٻين ڪيترين ئي نون اُسرندڙ شاعرائن به هن ڏس ۾ قدم کنيو آهي. مطلب ته آزاد نظم پنهنجي حيثيت تسلم ڪرائي نت نَون تجربن مان لنگهي، ۽ نوان مڙي هڪ انقلابي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي. سندس خوبي تسلسل ڍار آهي.

هائيڪو Haiko

هائيڪو جپاني شاعريءَ جي صنف آهي، ٻين جديد شاعريءَ جي صنفن وانگر سنڌي شاعريءَ جو هيءَ صنف حصو ٿي ويئي آهي. هن کي ٽه سٽو ۽ ٽيڙو به چوندا آهن. هائيڪو ۾ ٽي سٽون ٿينديون آهن. جيڪي ڪنهن خيال تاثر کي واضح ڪن. پر منجهس خيالات ۽ معنوي وسعت جي بلنديءَ کي اهميت آهي.

ڏاڍ ۽ ڏنڀ جي ڏين، سنڌڙي تنهنجي ساهه کي،

شل سي ناس ٿين، لڳا آهن تير،

پنهنجن جي ڪمان مان، ڇو نه وهايان نير.

هائيڪو ۾ انقلابي شاعريءَ سان گڏ جمالياتي احساس پڻ اُتم آهي.

 ڳالهيون مصري کنڊ،

چهرو ائين پرينءَ جو،

ڄڻ چوڏهين جو چنڊ.

           ”اياز گل“

سنڌي جديد شاعريءَ ۾ شيخ اياز کان اياز گل تائين ڪيترن ئي شاعرن ٽيڙو لکيا آهن ۽ چڱي تعداد ۾ لکيا آهن، الطاف عباسي، تنوير عباسي، نعيم دريشاڻي، هري ڪانت، موتي پرڪاش، شمشير الحيدري، طارق عالم ابڙو، ذوالفقار سيال، استاد بخاري، تاجل بيوس، امداد حسيني، ذوالفقار راشدي ۽ زيب سنڌي ڪافي هن فن کي ترقيءَ وٺائي زيب ڀٽيءَ ۽ اياز گل نت نوان تجربا ڪيا، عورتن شاعرائن ۾ شبنم گل، سلميٰ پنهور، ثريا منير ۽ ٻين هائيڪو لکيو آهي.

پن ڇڻ پڄاڻان، تون موٽي ويندينءَ،

           نيڻ وڇائي ويهندس،

لهرن وانگر تون ور ور ڏيئي ايندينءَ.

                        (زيب ڀٽي)

هائيڪو مختصر هوندي به زندگيءَ جي امنگن جذبن ۽ خيالن جي سٺي ترجماني ڪري ٿو.

هائيڪي جي صنف سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي اندر جمالياتي احساس جي خوبيءَ سان گڏ انقلابي شاعريءَ کي به سموهي ڇڏيو آهي.

ماءُ ڏني لولي، هڻندا جي گولي،

حق ۽ سچ چوڻ لاءِ، پوءِ چوندس زور سان،

هڻ ۽ کاءُ گولي، سنڌڙي منهنجي ٻولي.

4 مارچ 1974ع ۾ سهڻي مئگزين ۾ سلطان لغاري جو هيءُ بهترين ٽيڙو شايع ٿيو.

هائيڪو جي اهم خوبي آهي نازڪ و نفيس ۽ دل کي وڻندڙ جذبا واضح ڪرڻ جيڪو شاعريءَ جو اهم اصول آهي. مختصر لفظن ۾ مڪمل ۽ بهترين تاثر هائيڪي جي ٻي خوبي آهي. پُر اثر خيال خوبصورتيءَ سان پيش ڪرڻ قدرتي ماحول ۽ محبت توڙي موسم جو ذڪر هائيڪو جي اصولن مطابق آهي. شيخ اياز ۽ ٻين شاعرن ٽيڙو کي نج سنڌي صنف پڻ قرار ڏنو آهي.

سادا ماڻهو سون،

سنڌ جي ماڻهوءَ مثل،

آهي ڪٿ به ڪونه.

ڪنهن جو چوريو چنگ،

۽ ڇرڪي آواز کان،

اڏري ويو هو ڪنگ.

                (تنوير عباسي)

شيخ اياز جا هائيڪا سنڌي روايتن جا مظهر آهن.

وٽيءَ وهه پيان،

ڏسي ڪنهن ڏي ڏک سان،

ڏوراپو نه ڏيان.

                (شيخ اياز)

پن ڇڻ پڄاڻان 1984ع اياز جو ڪتاب سنڌي ٽيڙو تي مشمل آهي ۽ ”رڻ تي رم جهم“ هائيڪا بهترين آهن ۽ ”واٽون ڦلن ڇانيئون“ شيخ اياز جو هائيڪو تي مڪمل ڪتاب آهي.

چڙن پڙاڏا،

اوٺيئڙا ڳتي ويا.

لڪ لنگهي آڏا،

ٿريليون ٿوهن،

لهرين مٿان هنج ٿا،

جيئن سواري ڪن،

ناهي رات اماس،

پرڀاتي تاري ڏٺو،

وشو مٿان وشواس.

(شيخ اياز ”رڻ تي رم جهم“)

 

سانيٽ

سانيٽ جديد سنڌي جي اوسر ورهاڱي کان پوءِ ٿي. جيئن ته پهرين جديد سنڌي شاعريءَ کي ڇڙواڳ شاعري چئي ننديو ويو، پر پوءِ غير ملڪي شاعريءَ جي رجحان کي ڏسندي آهستي آهستي تسليم ڪيو ويو. سنڌي شاعري مغربي فڪر ۽ طرز بيان جي تقليد نه آهي، پر جديد سنڌي شاعريءَ سنڌي لب و لهجي ۽ ڪلاسيڪل روايتن کي وڌيڪ اُجاگر ڪيو آهي. هاڻي ٽيون صنفون هائيڪو، ترائيل، سانيٽ ۽ آزاد نظم عام صنفون آهن ۽ ڪافي وقت کان سنڌي سهڻي انداز سان مروج آهن.

سانيٽ (Sonnet) جي صنف انگريزي شاعريءَ مان سنڌيءَ ۾ آئي، شيڪسپيئر جا سانيٽ ڪاليجن ۾ انگريزيءَ ۾ پڙهايا ويندا هئا. انگريزي شاعريءَ جو مطالعو ڪري سنڌي شاعرن نج سنڌيءَ ۾ سانيٽ لکڻ شروع ڪيا. سانيٽ هيئت جي لحاظ کان ٽن قسمن جا ٿيندا آهن ۽ منجهس ڪل چوڏهن سٽون هونديون آهن ۽ آخر ۾ هڪ مقفيٰ شعر هوندو آهي. سنڌيءَ ۾ ڪيترن شاعرن سانيٽ چيا آهن، سانيٽ جي صنف 16 صديءَ ۾ انگريزي شاعريءَ ۾ شروع ٿي. سانيٽ ۾ ”اٽالين سانيٽ“، ”شيڪسپيئرن سانيٽ“ ۽ اسپينسرين سانيٽ مشهور آهن، پر سنڌيءَ ۾ شيڪسپيئري سانيٽ جي طريقي سان لکيا ويا آهن. سنڌيءَ ۾ سانيٽ کي ”چوڏس“ جو نالو ڏنو ويو آهي. ڪيترن ئي سنڌي شاعرن سانيٽ لکيا آهن، شيام، شيخ اياز، تنوير عباسي،نعيم دريشاڻي، انور پيرزادو ۽ اياز گل کان سواءِ ڪئين نوان اُسرندڙ شاعر پڻ جديد شاعريءَ ۾ لکي رهيا آهن.

 

ترائيل

هي فرينچ ٻوليءَ جي صنف آهي. اصل نالو (Trojelt) اٿس، ترائيل ۾ ڪل اٺ مصراعون هونديون آهن. تن مان هڪ ئي ساڳي مصرع ڪل ٽي ڀيرا ورجائبي آهي. سنڌي سانيٽ ۽ ترائيل کي هائيڪو جهڙي ۽ آزاد نظم جهڙي مقبوليت حاصل نه ٿي آهي، تمام ٿورن شاعرن سنڌي ترائيل لکيو آهي. نارائڻ شيام جي مجموعي ”روشن ڇانورو“ ۾ ترائيل ملن ٿا. ”دک ڀريل گيت ۾ پڻ آهي ڀريل ڪوئي ميٺاس“ ، نارائڻ شيام ترائيل جي صنف جو باني سڏيو ويندو آهي. هري دلگير جا ترائيل سنڌي جديد شاعريءَ ۾ تمام اهميت جا حامل آهن، پاڻ ترائيل جي صنف جي بانين مان آهي، هري ڪانت ”پره کان پهرين“ ترائيل جو مجموعو ڇپيو. استاد بخاريءَ سٺا ترائيل لکيا آهن.

اياز گل جي ترائيل ۾ خيال ٽٽندڙ ۽ ڇڄندڙ محسوس نه ٿيندو آهي. ترائيل جي اهم ضرورت آهي، هڪ سٽ جو ٻي سٽ سان ڳانڍاپو ۽ اياز گل انهيءَ ڳالهه جوخاص خيال رکيو آهي. اياز گل ترائيل جي صنف جو اهم شاعر آهي.

وساريو، نه ساريو اسان کي،

جيئڻ جا ٻيا به گهڻا ڍنگ آهن،

ڀلا ڪير ٿو چئي، پڪاريو اسان کي،

وساريو وساريو، نه ساريو اسان کي،

ڀلي جي دلين مان ڌڪاريو اسان کي،

اميدن جا چهرا، نه بي رنگ آهن،

وساريو وساريو، نه ساريو اسان کي،

جيئڻ جا ٻيا ڀي گهڻا ڍنگ آهن.

                        (اياز گل)

ترائيل کي ترقي وٺائڻ ۾ ٻين به ڪيترن شاعرن سهڻو لکيو آهي، جن ۾ امداد حسيني، هري ڪانت، هري دلگير، نارائڻ شيام، انور پيرزادو، تنوير عباسي، ۽ شيخ اياز شامل آهن.

سنڌيءَ ۾ آزاد نظم ۽ ٽيڙو لاتعداد  لکيا ويا آهن، اڃا سانيٽ ۽ ترائيل تي ڪجهه گهٽ ڪم ٿيو آهي، ان جي باوجود به سنڌي جديد شاعري ترقيءَ جي راهه ڏانهن گامزن آهي.

سنڌي نثر ۽ سندس ارتقا

نثر جو تعارف

الله تعاليٰ انسان کي خلقي کيس ڳالهائڻ سيکاريو ۽ سندس اُمنگن جي اظهار لاءِ کيس زبان جو سهارو ڏنو. زبان جي استعمال ۾ انسان پنهنجي خيالن ۽ ويچارن کي ونڊي ٻين سان پنهنجا ذاتي احساسات ونڊي ٿو، ۽ ايئن دنيا ۾ اڳتي هلي علم ۽ ادب جو وجود پيو ۽ ادبي علم ۾ نثر ۽ نظم ٻه شاخون ورهايون ويون، جن ۾ نثر انساني پاڪيزه خيالاتن روز مره جي زندگيءَ جي واقعن ۽ معاشري جي چڱاين ۽ اوڻاين جو لکت ۾ بيان آهي.

سٺي دلڪش ۽ روانيءَ واري نثر من کي موهيندڙ هوندي آهي. صاف سچي موضوع سان ٺهڪندڙ لکت ليکڪ جي دل ۽ ذهن جي آئينه دار هوندي آهي. هڪ انگريزي ليکڪ سٺي نثر جي باري ۾ چوي ٿو.

Good prose will reveal its quality both in style and its arrangment. The primary virtue of prose style is clearness. But  clearness is not every thing style must have distiction. It must be natural, rising and folowing with subject.

سنڌي نثر ۽ ان جي ارتقا

علم ادب ۾ نثر نگاريءَ ۾ ڪئين صنفون اچي وڃن ٿيون. جيئن قصو، ڪهاڻي، داستان،ناول، ناٽڪ، افسانو، مضمون و مقالا، صحافت وغيره. سنڌي نثر جي ابتدا ته سومرن جي دؤر کان به اڳ جي آهي، پر جيڪي تاريخي ثبوت ملن ٿا ان حساب سان سنڌي نثر جو اوائلي نمونو سومرن جي دؤر کان ملي ٿو. غلام علي الانا جي مطابق عراقي عالم 270هه يعني 883ع ۾ هندو راجا لاءِ اسلامي عقيدن جو ڪتاب سنڌي نظم ۾ تصنيف ڪيو،جنهن کي پڙهي راجا مسلمان ٿيو. اهو عراقي عالم سنڌي زبان جو شاعر ۽ نثر نويس هو. اسماعيلي داعين ۽ بزرگن جا گنان به نثري نظم جي طريقي جا آهن، جيڪي مقفيٰ ۽ آسان نثر ۾ آهن. نثر جي ابتدائي اهڃاڻن ۾ هڪ مسجع جملو ملي ٿو، جو سومرن جي دؤر جو شمار ٿئي ٿو.

ڀلا پير پٺا، هڪ مئا ٻيا ڏٽٺا.

سمن جي آخري زماني ۽ ارغونن جي ابتدائي دؤر ۾ شاهه ڪريم جي ملفوظات مان انهيءَ زماني جي نثر جا اهڃاڻ ملن ٿا. هن دؤر جو سڀ کان وڏو نثر نويس مخدوم جعفر بوبڪائي شمار ٿئي ٿو.

سراج الحق ميمڻ برٽش ميوزم ۾ جيڪي نثر جا نمونا ڏٺا تن جون مائيڪرو فلمون ٺهرايون ۽ اهي نئين زندگي  رسالي ۾ ڇپيون، جن ۾ هڪ ڪاٻاڙو آهي، جيڪو شاهه ڀٽائي صاحب جن کان 100 سال اڳ جو آهي. (ڪاٻاڙو وياج جي وهنوار جو حساب ڪتاب) جنهن مان اوائلي سنڌي نثر جي خبر پوي ٿي.

ارغونن کان پوءِ ڪلهوڙن جي دؤر  ۾ آخوند عزيز الله نثر ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو ڪيو. ٽالپرن جي دؤر ۾ ڪجهه نثر جا ڪتاب لکيا ويا، جيڪي برٽن صاحب ئي ذڪر ڪيا آهن. سيف الملوڪ، حڪايات الصالحين ۽ سئو مسئلا مشهور آهن. (سنڌي نثر جي تاريخ ڊاڪٽر غلام علي الانا)

انگريزن جو سنڌي ادب تي تمام گهڻو احسان آهي جو انهن سنڌي الف ب کي مڪمل طرح سهيڙي سنڌي ڪتابن کي ڇپائڻ جو سلسلو شروع ڪيو، سر پارٽل فريئر جي ڪوشش سان ”سرايلس“ جي هٿان ابو الحسن واري سنڌي صورتخطيءَ کي سنواريو ويو.

حڪومتي پٺڀرائيءَ جي ڪري ڪئين سنڌي به هن ميدان ۾ لهي آيا. اصل سنڌي ادب لکت ۾ هن دؤر کان آيو ۽ نثر ترقي ڪئي. شروعاتي دؤر ۾ ننڍيون سبق آموز آکاڻيون ۽ ڪجهه درسي ڪتاب ٺاهيا ويا ان کان پوءِ ڪئين تاريخي قصا ۽ ڪهاڻيون لکت ۾ وجود ۾ آيا.

1854ع ۾ پهرين آکاڻي ڀنڀي زميندار جي ڳالهه ۽ پهروين تاريخي قصو ”راءِ ڏياچ ۽ سورٺ” لکت ۾ آيو. سرڪاري طور سنڌي صورتخطي 1853ع ۾ منظور ٿي. هيءُ اهو دؤر هو جنهن ۾ 1864ع کان وٺي آزاديءَ جي تحريڪ جون ڪوششون شروع ٿي ويون هيون، جنهن جو اثر سنڌ تي پيو. سنڌي صورتخطي ٺهڻ کان پوءِ سنڌي اخبارن جي جاري ٿيڻ جو سلسلو زور شور سان شروع ٿي ويو. جنهن ۾ ”سنڌ سڌار“، ”جوت“ ۽ ”پرڀات“ مشهور آهن. هن دؤر ۾ مرزا قليچ بيگ جو ثاني ڪو نه هو. ماڻهن ۾ نثر پڙهڻ جو شوق وڌڻ لڳو، ٻاهرين ادب مان ڪيتريون صنفون ترجمو ٿيڻ لڳيون.

1920ع تائين علم ۽ ادب ۾ نثر جي شعبي بي حساب ترقي ڪئي، هڪ ئي وقت ۾ليکڪ ۽ شاعر مضمون، ڪالم، ناول ۽ ناٽڪ لکڻ لڳا. 1940ع کان پوءِ جي تحريڪ آزادي وڌي زور ۽ شور سان پنهنجو اثر اخبارن ۽ رسالن جي ذريعي عوام تي ڏيکاريو، جنهن جي ڪري ادب ۾ تبديلي آئي. قومي بيداري، سياسي، سماجي ۽ تاريخي موضوعن نئون موڙ ادب کي ڏنو. ڪيترا سنڌي اديب ۽ شاعر اُڀري سامهون آيا. سنڌيءَ ۾ ناول نويسيءَ جو فن به 1947ع تائين عروج تي هو ۽ ناٽڪ نويسيءَ جي شروعات به ٿي چڪي هئي ۽ جيڪا اڄ تائين عروج تي آهي. سنڌي نثر نثر جي سڀني خصوصيتن مثلاً خيالات جي بلندي، عبارت جي رنگيني، سليس لفظن، اصطلاحن،تشبيهن ۽ پهاڪن سان سينگاريل آهي ۽ منجهس انيڪ موضوعن تي ۽ سڀني صنفن ۾ لکجي چڪو آهي ۽ لکجي رهيو آهي. 1854ع کان پاڪستان آزاد ٿيڻ تائين ۽ ان کان پوءِ هيل تائين سنڌ جي سماج ۽ عوامي زندگيءَ جا عڪس سنڌي نثر ۾ چٽا نظر اچن ٿا. (وڌيڪ تفصيل لاءِ ”ناول، افسانو، ناٽڪ ۽ صحافت“ مان نثر جي سڄي ترقي واضح ٿئي ٿي.) نثر جي ترقي ۾ جن شارحن شاهه جي ڪلام کي سمجهي پروڙي تشريح ڪئي، اهي کيرون لهڻن سنڌي ادب تي اهو سندن وڏو احسان آهي. انهن مان هڪ مان وارو نانءُ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو آهي، جن شاهه جي رسالي کي پڙهڻ لاءِ تمام آسان ڪيو ۽ گڏ مفهوم لکي ڄڻ ته سنڌي شاعريءَ تي تمام وڏو وڙ ڪيائون، جيڪو پوءِ اهو مقدمو ٻين محققن لاءِ مشعل راهه بڻيو.

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي

ڊاڪٽر صاحب 1884ع ۾ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. 1905ع ۾ ڊي جي ڪاليج مان بي اي ۽ 1907ع ۾ ولسن ڪاليج بمبئي مان ايم اي پاس ڪيائون. 1928ع ۾ انگلينڊ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڊي جي ڪاليج جو پهرين پروفيسر پوءِ پرنسپال ٿي رهيو. 1947ع ۾ وفات ڪيائين.

ادبي خدمتون

لنڊن ۾ سندن مقالي جو موضوع تصوف هو جنهن تي کين ڊاڪٽريءَ جي سند ملي ۽ انهيءَ موضوع سبب سندن لاڙو شاهه جي شاعريءَ ڏانهن ٿيو جنهن تي سنڌي ادب ۾ هڪ اعليٰ فني پارو مرتب ٿيو. پاڻ هڪ اعليٰ عالم ۽ اديب هو سندس تصنيفون گهٽ آهن، پر موضوع ۽ تحقيقات جي لحاظ کان اهم ۽ اعليٰ آهن. سندن مشهور ڪتاب هيٺيان آهن. شاهه جو رسالو، مقدمئه لطيفي، روح رهاڻ، نور جهان، لنواريءَ جا لال، گربخشاڻيءَ صاحب کي انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ تي عبور حاصل هو، پرکين فارسي ۽ عربي جي ڄاڻ به سٺي هئي.

شاهه جو رسالو؛

ڊاڪٽر گربخشاڻي جو شاهه جو رسالو ٽن جلدن ۾ آهي. پاڻ شاهه سائين جا ڇپيل اڻ ڇپيل نسخا هٿ ڪري انهن ۾ جيڪي بيت کين شاهه لطيف جي شاعريءَ جي معيار مطابق پرکڻ ۾ آيا، انهن کي پنهنجي رسالي جي جلدن ۾ رکيائون، باقي اندازن هڪ هزار بيت ڪڍي ڇڏيائون، جنهن تي مٿن تنقيد به ٿي. ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي مطابق پروفيسر گربخشاڻيءَ جو رسالو ۽ شاعر سندس شاعريءَ کي نهايت عالمانه طريقي سان ظاهر ڪري ٿو. (ايڇ ٽي سورلي ”شاهه عبداللطيف آف ڀٽ“ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس)

تنقيد نگاري ادب جو مرڪ آهي، پر تنقيد براءِ تنقيد سان ادب ڪمزور ٿيندو آهي، جيڪا نٿي جڳائي. اصلاحي ۽ ادبي تنقيد ادب جو روح آهي، گربخشاڻيءَ جي رسالي تي قليچ بيگ، پرمانند، ڀيرو مل جي ساراهه سان گڏ ڄيٺمل پرسرام، ليلا رام ۽ ٻين جي تنقيد سنڌو رسالي ۾ 1938ع ۾ مهينن جا مهينا هلندي رهي. اسد الله ٽکڙائي ۽ واصف به تنقيد ڪئي.

جيڪڏهن خوبين کي ڏسنداسين ته رسالي ۾ بي حساب خوبيون آهن، جن ۾ خاص طور شاهه جي رسالي ۾ پهرين مفصل مقدمو جنهن ۾ سندن سوانح حيات،تصوف ۽ شاعراڻين خوبين جي اُپٽار آهي. ان کان علاوه سنڌي زبان جي بناوٽ تي به روشني وڌل آهي. ردي بيتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪيائين، سڀ پڙهڻيون حاشين ۾ ڏنل آهن. مشڪل لفظن جي معنيٰ ڏنل آهي ۽ سڀ ڇاپا بلڙي توڙي ڀٽ وارا جهونا نسخا ڀيٽي هڪ عاليشان ۽ صحيح نسخو تيار ڪيائين.

ٽي جلد 1923ع، 1924ع، 1931ع ۾ ڇپيا. گربخشاڻي صاحب اکرن تي اعراب ڏنا آهن، جنهن جي ڪري پڙهڻي ساڳئي لاڙي لهجي ۾ ٻڌجي ويئي آهي. (جيئن ته شاهه صاحب پاڻ لاڙ جو هو) شاهه جي ڪلام کي گربخشاڻي لاڙي لهجي ۾ صحيح صورتخطيءَ ۽ لفظن سان لکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جن جي ٽن جلدن ۾ سترنهن سُر اچي ٿا وڃن. گربخشاڻي صاحب جو مرتب ڪيل شاهه جو رسالو سنڌي ٻوليءَ ۾ اهم ليکيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ شاهواڻي جن به اهڙا شاهه سائينءَ جي ڪلام جا شارح آهن جن شاهه ۽ شاهه جي رسالي کي سنڌ ۾ ۽ پوريءَ دنيا ۾ مقبول ڪيو. سندن رسالا معتبر قرار ڏنا وڃن ٿا. ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو رسالو مشهور ۽ اهميت جو حامل آهي، جنهن ۾ شعر جي سامهون معنيٰ ڏنل آهي.

گربخشاڻي نيم تاريخي داستانن کي ”مقدمئه لطيفي“ ۽ ”روح رهاڻ“ جي نالي سان ڇپايو، پاڻ لنواري شريف جي چئن بزرگن جون سوانح عمريون لکيون اٿن جن ۾ خواجه زمان، خواجه گل محمد، خواجه محمد زمان ثاني ۽ خواجه محمد حسن شامل آهن. ”نورجهان“ تاريخي ناول 1915ع ۾ لکيائين، جڏهن سنڌي ادب ۾ ناول جي شروعات هئي. نثر ۾ ناول اڃان قصي ۽ ڪهاڻيءَ کان پوءِ تازو شروع ٿيو هو پر ڊاڪٽر صاحب سليس زبان ۽ عام فهم انداز سان ناول کي لکيو ۽ مهر النساءِ جي سونهن جي ذڪر ۾ ڪئين تشبيهون مثالي ڏنيون اٿن، جيئن سندس قد کي سروسان تشبيهه، ڳل ڳاڙها گلاب جا گل، نڪ کي آميءَ جي ڦار سان، ڏند اڇا موتيءَ داڻا، اهي سڀ تشبيهون اڄ به رائج آهن. سليم جو تخت نشين ٿيڻ جو ذڪر به دلپذير آهي، نور جهان ناول شروع دؤر ۾ طبعزاد ناولن ۾ ٻوليءَ ۽ منظر نگاريءَ کان سٺو تاريخي ناول آهي.

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي سنڌي علم ادب جو هڪ ناميارو ستارو هو، جنهن پنهنجي استاديءَ جي پيشي اختيار ڪرڻ سان ڪئين نامور شاگرد پڻ پيدا ڪيا. جن مان شمس العلما عمر بن محمد دائود پوٽو مشهور آهي.

 

 

 

غلام محمد شاهواڻي 1912ع 1950ع

تعارف

شاهواڻي صاحب سنڌي ادب ۾ ڪافي ڪتاب لکيا. شاهه جو رسالو، گلشن بهار (گلستان سعديءَ جو ترجمو)، فتح الغيب، حضرت غوث الاعظم جي ڪتاب جو درجو، ادبي اصول ٻه ڀاڱا ، علمي خزانو (مثنوي  مولانا روم جو ترجمو) چونڊ نظم  ۽ نثر، راز ۽ رمزون رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم، خلفاءِ راشدين، ترڪن جي بهادري،اسلامي افسانا، سر سسئي آبري،انتخاب نثر، گلدستئه اقوال، نظري ۽ علمي تعليم، ادبي خزانو، تنقيد نگاريءَ تي لکيل شاهواڻي صاحب جو ڪتاب ”ادبي اصول“ ان وقت ۾ لکيو ويو جڏهن ادب ۾ تنقيد نگاريءَ جي کوٽ هئي. هن موضوع تي لکڻ به هڪ فن آهي، جنهن کي شاهواڻي صاحب ادا ڪيو آهي. ادبي اصول جي پهرين ڀاڱي ۾ تنقيد جا اصول،نثر ۽ نظم جون خوبيون ادب جي وصف ،اديب جون لياقتون ۽ تنقيد نگاريءَ جا فائدا ۽ نقاد جون خوبيون بيان ڪيل آهن. شاهواڻي صاحب جي مطابق ادبي تنقيد ادب جو روح آهي ۽ تنقيد نگاريءَ سان ئي سهڻو ادب تخليق ٿي سگهي ٿو. 1962ع ۾ هيءُ ڪتاب ڇپيو آهي، ان کان پوءِ ڪئين تنقيد نگاريءَ تي ڪتاب اچي ويا آهن.

شاهواڻي صاحب جون ادبي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، پاڻ ٿوري وقت ۾ نهايت عمدا ڪتاب لکيائون، نثر جي هر حصي ۾ لکيائون ۽ سٺا ترجما ڪيائون. شاهواڻي صاحب جن جو اهم ڪم ”شاهه جو رسالو“ کي ترتيب ڏيڻ هو. پاڻ لطيف جو شيدائي هو، رسالي جي تاليف سندن صحت خراب ڪري ڇڏي ۽ کين اها تمنا هئي ته ”مرڻ کان اڳ هڪ جلد مون کي ڇپي ڏيکاريو وڃي“ سندس اها آرزو پوري ٿي ۽ رسالو پنهنجي اکين سان ڏٺائون پر جلد ئي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيائون. ”پاڻ کي شاهه جي رسالي جو شهيد“ چوندا هئا. شاهواڻي صاحب شاهه جي رسالي کي جامع مڪمل ۽ سهڻو ترتيب ڏنو آهي. مرزا قليچ بيگ، محمد عثمان ڏيپلائي، ڪلياڻ آڏواڻي، شيخ اياز ۽ ڪيترن ئي شاهه جي رسالي تي ڪم ڪيو آهي ۽ ڪيترائي رسالا ڇپجي منظر عام تي آيا پر گربخشاڻي ۽ شاهواڻيءَ جي رسالي جو مقابلو ڪري نه سگهيا آهن.

غلام محمد شاهواڻي جو شاهه جو رسالو سنڌي علم و ادب جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي اهميت جو حامل آهي، جيڪو پاڻ 1950ع ۾ ڇپايائون، جنهن ۾ شاهه سائين جا 31 سُر آهن. يعني مڪمل رسالو آهي. سندس جوڙيل رسالي ۾ هيٺيون خوبيون آهن، سڀني سرن ۾ تلفظ لاڙي آهي، هيءُ مڪمل رسالو آهي، اکرن جي هجي هاڻوڪي سنڌي آهي، ڌارين ڪلام جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري لکيو ويو آهي، هر هڪ صفحي جي هيٺان مشڪل لفظن جي معنيٰ لکي ويئي آهي، هر هڪ سر جي اڳيان ان سر جي حقيقت، مضمون، آکاڻي، روحاني راز نثر ۾ بيان ڪيا ويا آهن. ڇپائي سٺي آهي، هن نسخي ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ وارن ڏنل ستن سرن جو نمبر ساڳيو بيهاريو ويو آهي، باقي سر نمبر وار اهميت آهر ڏنا ويا آهن.

شاهواڻي صاحب جن رسالي جي شروع ۾ ڪجهه رسالي جي باري ۾ ۽ شاهه جي شاعريءَ جي باري ۾ تفصيل ڏني آهي. شاهه جي شاعريءَ ۾ جهڙا خيال عميق ۽ مائيدار آهن، تهڙا لفظ عمدا ۽ معنيٰ دار آهن. شاهه صاحب محاڪات جو ماهر هو. مصوري ۽ نقش نگاري سندس شاعريءَ جو روح آهي. تخيل جي پرواز سندس شاعريءَ ۾ بلنديءَ تي آهي، مختلف ماحولن جون وزنائتيون ڪيفيتون بيان ڪيون اٿن. سندس ڪلام جدت، سلاست، بلاغت ۽ فصاحت جو سرچشمو آهي.

شاهه جي ڪلام کي ستن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، صوفياڻو، ناصحانو، عاشقاڻو، طبيعي، رزمي، مديحي ۽ ظريفاڻو. گرامر جي لحاظ کان تضاد، ابهام، لف و نشر، مراعات نظير، تجنيس خطي مجاز مرسل جي صنعتن سان مالامال آهي.

شاهواڻي صاحب جن سنڌي ادب ۾ شاهه جو رسالو مرتب ڪري سنڌي ادب جو ڳاٽ هميشه لاءِ اوچو ڪري ڇڏيو. سندن مقام نثر نويسن ۽ شاهه جي شارحن ۾ اعليٰ درجي جو آهي.

 

سنڌي ادب ۾ ناول نويسيءَ جي اوسر

تعارف

ناول انگريزي زبان جو لفظ اهي، سنڌيءَ ۾ هيءُ لفظ انگريزي زبان مان داخل ٿيو، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”عجيب شيءِ“ يا نئين شيءِ.

A prose narration or a Tale of fictional character of greater length than the short story.

ناول جي ادبي اصطلاحي معنيٰ وڃي اها بيهندي ته ”انساني ڪردارن جو نثر ۾ بيان، يا ڪهاڻي جيڪا مختصر ڪهاڻين کان تمام وڏي هجي.“

ناول کان اڳ ادب Supernatural ڪهاڻين تي مشتمل هو، جنهن ۾ جنن، ڀوتن وغيره جا قصا اچي وڃن ٿا، پر ناول ۾ ان جڳهه تي جيئرن جاڳندن انسانن کي موضوع بنايو ويو،ان ڪري نئين شيءِ محسوس ٿي، ان ڪري شروع جي ناول ۾ قصي ۽ ڪهاڻيءَ جا اهڃاڻ ملن ٿا.

ناول ۾ ڪهاڻي، ڪردار نگاري، گفتگو، پلاٽ، مڪان ۽ زمان هيئت، موضوع، منظر نگاري تمام اهم حصا آهن. ناول موضوع جي لحاظ کان اصلاحي تاريخي، جاسوسي، جنگي، سائنسي، اخلاقي ۽ سماجي هوندا آهن.

 

 

 

 

سنڌي ناول نويسيءَ جو پهريون دؤر (1883ع – 1930ع)

سنڌي ادب ۾ ناول نويسيءَ جي شروعات 1883ع کان ٿي، انگريز سرڪار جي سنڌي الف ب ٺهرائڻ کان پوءِ سنڌي ادب لکت ۾ وجود ۾ آيو. پهرين سنڌي ناول ساڌو نولراءِ ۽ ديوان اڌيرام ”راسيلاس“ انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو، پهريون طبعزاد ناول مرزا قليچ بيگ جو ”دلارام“ هو جيڪو 1887 ۾ ڇپيو  ۽ سنڌي ناول نويسيءَ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو ۽ ٻيو سندس اعليٰ پايي جو ناول ”زينت“ هو جيڪو به ”انساني معاشري جي سچي ڪهاڻي“ تي ٻڌل آهي. 1895ع ۾ ڇپيو، ان وقت ڪئين طبعزاد ۽ ترجمو ناول لکيا ويا. جيئن زينت کان پوءِ نورجهان، سون ورنيون دليون، دلير نينگر، عجيب ڀيٽ، چوڏهينءَ جو چند، تي گهر، گلن جي ٽوڪري، ، ٻه ڀائر 1918 ۾ مرزا صاحب Up from the slavery ”غلاميءَ کان مٿي چاڙهو“ جي نالي سان ترجمو ڪيو. جيئن انگريزي ادب ۾ راڻي ايلزبيٿ جو دؤر ڊرامي جو دؤر سڏجي ٿو، ائين سنڌي ادب ۾ ويهين صديءَ جو پهريون اڌ سنڌي ناول جو دؤر آهي. پهريون دور 1887ع کان 1930ع جو هو ۽ ٻيو دؤر 1930ع کان 1947ع تائين پوءِ 1947ع کان پوءِ گهٽ ناول لکيا ويا، اڃان تائين به لکيا وڃن ٿا پر هاڻي سندن تعداد گهٽ آهي. 20 صديءَ جو ناول Social Realism تي مشتمل هو.

پهرين دؤر ۾ ”راسيلاس“ جي ترجمي کان وٺي 1930ع تائين گهڻا ترجمو ٿيل ۽ طبعزاد ناول ميدان ۾ آيا ۽ ٻئي دؤر ۾ ناول جي صنف تمام گهڻي ترقي ڪئي، جنهن ۾ شاهاڻيءَ جو ”بلو کوکر“ ڪوڙو مل جو رام پياري“ پرمانند ايسرداس جو ”رتنا“ ۽ ”سنجوٿي“ ميلارام وسواڻيءَ جو گهريلو ناول ميدان ۾ آيا. لال چند امر ڏني مل ”سون ورنيون دليون“ نالي سان ڪامياب سنڌي ترجمو ڪيو، جنهن ۾ اصطلاح ۽ پهاڪا سنڌي ماحول پيش ڪن ٿا. 1905ع ۾ چوٿ جو چنڊ سنڌ جي حيدرآباد شهر جي پس منظر ۾ لکيل امر ڏني صاحب جو طبعزاد ناول آهي، جنهن جي منظر نگاريءَ ۽ واقع نگاري اعليٰ آهي، جيڪو سنڌيءَ جي اوائلي ناولن ۾ اهم آهي. نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي هڪ مشهور پروفيسر ۽ ناول نگار هو. سندس ناولن ۾ ”مالهڻ“، ”وڌوا“، ”پاپ ۽ پاڪيزگي“. (پاڪ ۽ پاڪيزگي جيڪو Thames Hardey جي ناول Tess of Durbervilles جو ترجمو آهي) مشهور آهي ۽ ڀمڀاڻي جو بي اي جي نصاب ۾ شامل ناول ”غريبن جو ورثو“ تمام وڏي اهميت جو حامل ناول آهي.

 

 

ٻيو دؤر (1930ع– 1947ع)

جيئن ته ورهاڱي جي ڇڪتاڻ هن وقت زورن تي هئي انهيءَ سبب جي ڪري ادب ۾ اهم اٿل آئي. ليکڪن جي لکڻ ۾ نوان موضوع آيا. هن دؤر ۾ سنڌي ناول ادبي لحاظ کان اعليٰ منزلون طئي ڪيون ناول ۾ فلسفيانه خيالن ۽ شاعراڻه تخيل سان گڏ سياست، اخلاقيات، مذهب سڀ موضوع، آزادي جي تحريڪ جي اوٽ ۾ پيش ٿيڻ لڳا. هندو مسلمان جي اختلافن جي ڪري تاريخي ناول نروار ٿيا جنهن ۾ ٻنهي ڌرين پنهنجي پنهنجي مذهب جي واکاڻ بهادريءَ ۽ شان و شوڪت تي زور ڏنو پر انهيءَ ڪري جيڪو ”نفاق“ پيدا ٿيو ان کي اهل علم سمجهي ويا ۽ نفاق کي ختم ڪرڻ لاءِ ”اتحاد“ جي موضوع جڳهه حاصل ڪئي. ورهاڱي تائين سنڌي ناول عروج تي پهچي ويو، جنهن ۾ تاريخ سياست ۽ اخلاقيات اهم موضوع هئا. محمد عثمان ڏيپلائي، مرزا قليچ بيگ، ڀمڀاڻي، لال چند امر ڏنو مل، گوبند مالهي، ڪاڪو ڀيرو مل ۽ ڪيترن لکيڪن شاهڪار ناول سنڌي ادب کي ڏنا.

ڀمڀاڻي صاحب جو ”غريبن جو ورثو“ هڪ بهترين ناول شمار ٿئي ٿو، جنهن جي ٻولي ۽ موضوع تمام اهم آهي، پاڻ لکن ٿا”قدرت انسان کي پنج حواس ڏنا آهن، غربت ڇهون حواس آهي، ٻين حواسن جو تعلق جسم سان آهي، پر هن حواس جو جسم ۽ دل ٻنهي سان آهي. غريبيءَ ۾ جسم سهي ٿو ۽ دل محسوس ڪري ٿي، غريب وڏي دل وارا ٿين ٿا، سوڙهين جاين ۾ رهي ڪشاديون دليون ڌارين ٿا.“ ڀمڀاڻي جا ڪردار محنت ڪش، همدرد، رحم دل ۽ محنتي آهن.

پروفيسر رام پنجواڻي جو قيدي 1943ع ۾ عبدالرزاق ميمڻ جو ”جهان آرا“ 1931ع ۾ (جيڪو اڄ به انٽر ميڊئيٽ حيدرآباد سنڌ جي نصاب ۾ شامل آهي) شاهاڻيءَ جو ”بلو کوکر“ 1930ع ۾ مشهور ناول لکيا ويا آهن. محمد عثمان ڏيپلائي، مرزا قليچ بيگ ناول نگارن جي بانين ۾ شمار ٿئي ٿو، سندس لڳ ڀڳ 100 ناول آهن، جن مان ڪجهه ضبط ڪيا ويا ۽ ڪافي ڇپيل حالت ۾ موجود آهن.

ورهاڱي کان پوءِ جو دؤر؛

ورهاڱي کان پوءِ ناول نگاريءَ جي صنف ڪجهه حد تائين گهٽ لکجڻ لڳي، جنهنجا ڪئين سبب هئا، جنهن ۾ خاص هندو سنڌي اديبن جو هندستان لڏي وڃڻ، جيڪي هتي ڪجهه اشاعتي ادارن جا به مالڪ هئا، لڏپلاڻ جي ڪري ملڪ جون معاشي حالتون به متاثر ٿيون. ناول جي ڇپائيءَ جو خرچ به وڌيڪ هو ۽ عام ماڻهو ناول خريد ڪرڻ جي سگهه به ساري نٿي سگهيو (ڇو جو ڇپائي جي وڌيڪ خرچ جي ڪري سندس قيمت وڌيڪ هئي) سڄي دنيا جي ادب ۾ ناول جي جڳهه تي افسانو وڌيڪ ڪامياب ٿيڻ لڳو، جنهن ۾ وقت ۽ پئسي جي بچت هئي. (جيڪو پرتاثر ۽ ٿوري وقت ۾ لکجي ۽ پڙهجي سگهجيو ٿي) بين الاقوامي طور به افسانو يعني Short Story ڪامياب ٿيڻ لڳو. ته به سنڌي ناول لکيا ويا ۽ ڪامياب ناول لکيا ويا. هندوستان ۾ سندري اتم چنداڻي، رام پنجواڻي، موهن ڪلپنا، گوبند مالهي، موتي پرڪاش ڪيترائي ناول لکيا، جيئن شرم ٻوٽي، لوڪ آهي ٻوڪ، پدما، پريت پراڻي ريت نرالي، رڃ ۽ پاڇا ۽ زندگي مشهور آهن. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ سٺي معيار جا گهٽ تعداد ۾ ناول لکيا ويا. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو انعام يافته ”سانگهڙ“ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جو ”بلنديون“، ”تلاش“ ۽ ”پيار جي ڪهاڻي“ ، آغا سليم جو ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“، ”اڻپورو انسان“، ”روشني جي تلاش“، ”همه اوست“ ۽ ڊاڪٽر الانا جو ”لاش“ ناول مشهور آهن. نجم عباسيءَ جا ڪردار عام ماڻهو آهن، جيڪي ڌرتيءَ تي بقا جي جنگ وڙهي رهيا اهن. سندس سوچ طبقاتي نظام خلاف جدوجهد جي سوچ آهي، آغا سليم هڪ آدرشي ناول نگار آهي، وٽس اعليٰ ۽ ادبي لفظن جي سونهن آهي.

سراج الحق ميمڻ ادبي دنيا ۾ هڪ مڃيل ليکڪ، دانشور ۽ محقق آهي، سندس ناول نگاري پڻ عروج تي آهي. سندس شاهڪار ناولن ۾ ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”مرڻ مون سين آ“، ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل، تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ ۽ ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“ مشهور آهن.

سندس پهريان ٻئي ناول ترخانن ۽ مغلن جي ظالمانه دؤر جي پس منظر تي لکيل آهن. هنن ناولن جو موضوع ”سنڌ جي سرزمين جي سڪ ۽ ظلم و ڏاڍ جي خلاف جدوجهد آهي، تاريخي ناول لکڻ هڪ مشڪل مرحلو آهي. مصنف کي ان دؤر جي ترجماني ڪرڻي پوندي آهي، جنهن جو هن کي تجزيو نه هوندو آهي ۽ نه ئي مشاهدو هوندو اٿس، پر تاريخ تي ٻڌل ۽ پڙهيل واقعن ۽ پنهنجي تخيل جي آڌار تي هو اها تخليقي ڪاوش عمل ۾ آڻيندو آهي. سراج ميمڻ هڪ تاريخي ناول لکڻ جو پورو پورو حق ادا ڪيو آهي. هن ناول تي اها تنقيد آهي ته ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ۾ ڪردار پنهنجي پوريءَ شدت سان اُڀري ڪلائمڪس تي پهچوڃن ٿا يا ناول ۾ پلاٽ ڪجهه غير فطري ۽ ڪردار نگاريءَ ۾ مصنوعيت آهي. پر ناول جو تاثر ۽ سندس پيغام اهم آهي. سندس مقصد سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن کي وائکو ڪرڻ آهي. ترخانن جو دؤر سنڌي عوام لاءِ مظلوميت جو دؤر هو.

ورهاڱي کان پوءِ ڪيترن ئي ادبي ادارن سنڌي ناول نويسيءَ کي هٿي ڏني آهي، جنهن ۾ اداره ادب نو، پرهه ڦٽي، سهڻي پبليڪيشن ۽ نيو فيلڊس پبليڪيشن اچي وڃن ٿا. عبدالجبار جوڻيجي جو ”سوري آ سينگار“ قاضي خادم جو ”درد جي خوشبو“ طارق اشرف جو ”ميرو ڌاڙيل“ انجم هالائيءَ جو ”ڪاروان“ عبدالرزاق مرحوم جو ”نئون آدمي“ بيدل مسرور جو راڻي، وشنو ڀاٽيا جو دردن ماري دل ۽ زندگيءَ جا ڪنارا اچي وڃن ٿا. ترجمو ٿيل ناولن ۾ فضل احمد بچاڻيءَ جا عاشي ۽ روح جي ڳولا مشهور آهن. محمد بخش جوهر جا جاسوسي ناول به سنڌي ادب ۾ سٺو اضافو آهن. ٻيا به ڪئين ناول لکيا ويا. آغا سليم سنڌيءَ جي مشهور ناول نگارن مان آهي. سندس ٻولي خالص ادبي ڪردار نگاري جاندار ۽ پلاٽ ۾ تهذيب جا اعليٰ قدر واضح آهن. رومانويت سندس لاءِ آفاقي آدرش آهي، سندس ناول اونداهيءَ ڌرتيءَ روشن هٿ“ تاريخي ناول آهي، جنهن جو پهريون حصو، موئن جي دڙي واري پس منظر تي ۽ ٻيو حصو سومرن جي دؤر جي پس منظر تي لکيل آهي. پهرين حصي ۾ سارنگ بت تراش مها پوڄارڻ سنڌوءَ سان محبت ڪري ٿو، سنڌوءَ جي محبت کيس هڪ اعليٰ بت تراش بنائي ٿي. مهاپوڄاري سنڌوءَ کي سزا ڏيڻ لاءِ سارنگ جا هٿ ڪپائي ٿو. ڪتاب ڏاڍو جذباتي ۽ ڇرڪائيندڙ لکيل آهي. ”سنڌيا ديوي مون کي پڪ هئي ته مون وٽ ايندينءَ، مان سنگتراش آهيان! تون منهنجي ڏات آهين، اسان جي ميلاپ سان ئي دنيا ۾ سونهن ۽ ڪلا قائم آهي.“

جڏهن سارنگ ڌرتيءَ ماتا جي حسين مورتي سنڌيا مهاپوڄارڻ جي روپ ۾ ٺاهي ٿو. (ڇو جو سندس اندر ۾ ته سنڌيا جي سونهن جي سهائي هئي، کيس ڌرتي ماتا جي سونهن سنڌيا جي روپ ۾ ڏسڻ ۾ ٿي اچي.) اها مورتي ڏسي مهاپوڄاريءَ جو به ڪنڌ جهڪي ٿو وڃي پر هو ڪنڌ مٿي کڻي ماڻهن ڏانهن منهن ڪري چوي ٿو ”مُهن شهر جا رهواسيو ڌرتي ماءُ پنهنجي سهڻي مورتي ڏسي ڏاڍي سرهي ٿي آهي. توهان کان اهي هٿ ٿي گهري جن اهڙي سهڻي مورتي ٺاهي آهي.“

سارنگ کي مورتيءَ اڳيان آندو وڃي ٿو،هن جا ٻيئي هٿ مورتيءَ جي اڳيان رکيل اڏيءَ تي رکيا ويا، ڪهاڙو چمڪيو اڏيءَ تان رت اُڏامي مورتيءَ جي منهن تي پيو، سارنگ دانهن ڪئي، وٽ کاڌا، لڇيو ڦٿڪيو ۽ پوءِ بيهوش ٿي ويو. اوچتو گهوڙن جي هڻڪار ٿي،رڻ گجيو، راڙو ٿيو، ڪان ڪڙ ڪڙڪندا ڪکن ۾ لڳا. هر طرف دانهون، رڙيون، موت ئي موت هو. سايون ٻنيون سڙڻ لڳيون، رت ريلا ڪري وهي ڇڙيو، مُهن شهر تي ڌارين حملو ڪيو.

مٿئين ناول جي تحرير مان اندازو ٿئي ٿو ته سچ، پيار ۽ فن ڪڏهن به شڪست نه کائيندا آهن. اهي اعليٰ آدرش آهن جيڪي تاريخ جي هر دؤر ۾ زنده رهن ٿا.

تاريخ جي اوٽ ۾ هيءَ سچيءَ محبت جي مهذب ٻولي ۽ سهڻي اسلوب سان فنڪارانه ڪوشش آهي. آغا سليم سنڌي ناول نگاريءَ ۾ هڪ اعليٰ پايي جو ناول نگار آهي، سندس ٻيا ناول به ٻوليءَ، فن ۽ فڪر جي لحاظ کان بهترين آهن.

سنڌي ناول نويسيءَ ۾ علي بابا جوموهن جو دڙو، ڊاڪٽر منظور جو ڪلب ۽ گهر، راز ٻلڙائيءَ جو ”گلبدن“ ۽ ڪئين ٻيا ناول لکيا ويا آهن، پر جيئن ته افسانه نويسيءَ جي وڌيڪ ضرورت ڪري ناول نگارن به افسانه لکڻ شروع ڪيا، انهيءَ سبب ڪري سنڌي ادب ۾ ورهاڱي کان پوءِ ڪجهه وقت اندر افسانه نويسيءَ ۽ ناٽڪ نويسيءَ وڌيڪ لکجڻ واريون صنفون رهيون آهن.

ٻن مشهور ناول نگارن جي ناول نگاريءَ جو جائزو هيٺ ڏجي ٿو.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com