سيڪشن؛لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات

باب: --

صفحو :15

 

گرامر

پهاڪا ۽ اصطلاح

ٻوليءَ ۾ پهاڪن ۽ اصطلاحن جي استعمال سان ٻوليءَ جي وسعت ۽ هڪ مڪمل ادبي زبان هئڻ جي خبر پوي ٿي. جڏهن به ڪنهن قوم يا ملڪ جي ماڻهن ۾ ڪي تاريخي واقعا ۽ ڳالهيون عام خاص جي زبان تي اچي وڃن ٿيون ته ان ۾ موقعي مطابق چيل گفتا ۽ جملا مشهور ٿي ٿا وڃن ۽ انهن چوڻين کي پهاڪا چئبو آهي.

پهاڪو معنى عقل ۽ ڏاهپ جو اهو نڪتو جنهن مان ڪا حقيقت ٿورن پر وڻندڙ لفظن ۾ ڄاڻايل هجي جيئن ”بک لڇڻ وڃائي، ڏمر عقل وڃائي“ يا نياڻيءَ کي مائٽ لاڳ ڏيندا ڀاڳ نه ڏيندا. وغيره پهاڪو سماج جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو. سنڌي پهاڪو سنڌي عوامي زندگيءَ جو آئينو آهي، سنڌ جي تهذيب و تمدن، ريتن ۽ رسمن، مذهبي خيالاتن، معاشري جي طور طريقن ۽ قديم تاريخي اهڃاڻن جي ڄاڻ ڏئي ٿو. سياڻن، سگهڙن ۽ عاقلن جا مختصر پر جامع قول معنى خيز ۽ پر مقصد آهن، جيڪي سماجي حقيقتن تان نقاب لاهي وائکو ڪن ٿا.

پهاڪي ۾ وڏو سچ لڪيل هوندو آهي، جيڪو سماجي اعتقاد کي ظاهر ڪري ٿو. سنڌي پهاڪا سنڌ جي سچار ۽ صداقت واري زندگيءَ جي ترجماني ڪن ٿا.

پهاڪا ۽ اصطلاح سڌريل ٻولي ۽ ادبي ٻوليءَ جو مرڪ آهن.

آهه غريبان، قهر خدائي:  غريب کي هروڀرو تنگ ڪبو ته ان جي آهه، عرش عظيم تائين ويندي ۽ خدائي ڏمر نازل ٿيندو.

اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏي:  سستي نه ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به ڪم کي آئنده لاءِ ڇڏبو ته اهو ڪونه ٿيندو.

سنگُ تاري ڪُسنگ ٻوڙي: چڱيءَ صحبت مان فائدو آهي، ۽ بريءَ صحبت مان نقصان حاصل ٿيندو.

سکڻي ڪني گهڻو اُڀامي: نيچ يا ڪمينو ماڻهو، ڊاڙون گهڻيون هڻندو آهي.

سر ڏجي پر سُر نه ڏجي: سسي وڍائجي پر راز اصل نه ڏجي.

سوڙ آهر پير ڊگهيڙجي: حيثيت مطابق هلڻ گهرجي.

ٻه ڀائر ٽيون ليکو: وهنوار چاهي سڳي ڀاءُ سان هجي وهنوار آهي.

پرائين دهلين احمق نچي: ٻين جي ڪمن ۾ خوامخواه ٽپي پوڻ.

جنهن اڀرندي نه تاءُ ڪيو سو لهندي ڪهڙو ڪندو: جيڪو جوانيءَ ۾ ڪو ٻوٽو نه ٻاري، اهو ڪراڙپ ۾ ڇا ڪندو.

ڪانوَ کي لڙ ۾ مزو: فتنه انگيز ماڻهو، جهيڙي مان فائدو حاصل ڪندو آهي.

بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري: بک ماڻهوءَ کي ڇتو ۽ چريو ڪندي آهي.

اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني: اهڙو ڪم نه ڪجي جنهن سان فائدي بجاءِ نقصان ٿئي.

اهو ڪي ڪجي جو مينهن وسندي ڪم اچي: صرفو ڪري ڪجهه بچائجي جيڪو ضرورت جي وقت ڪم اچي.

ترجي گٿي سؤ چوٽون کائي: ٿوريءَ غفلت ۽ سستيءَ سبب گهڻو نقصان سهڻو پوندو آهي.

ٿورئي کٽي گهڻي برڪت: حق حلال جي ٿوريءَ ڪمائيءَ ۾ برڪت آهي.

ٻه ته ٻارنهن: ٻڌيءَ ۽ ايڪي ۾ طاقت آهي.

اڳيان باھ ته پٺيان پاڻي: هر طرف خطرو هئڻ، ڪو به حل نه ملڻ.

جل جي مڇي جل پلي: ضرورت آهر ماحول هئڻ، مڇيءَ کي پاڻي ئي زنده رکي سگهندو.

گهر جو پير چلهه جو مارنگ: پنهنجي گهر ۾ هر ڪو شير آهي.

مور کان وياج ڀلو: اولاد جو اولاد پيارو هئڻ.

ننهن کان ماس جدا ٿيڻ: رت جا رشتا ختم ٿيڻ.

سينڍ ۾ مارئي ڳائڻ: ٿورن لفظن ۾ گهڻي ڳالهه ڪرڻ.

ڪوٽ جي مٽي ڪوٽ تائين پوري: پنهنجي مان پنهنجي ضرورت پوري ڪرڻ.

ڪاڻيءَ جي ڪاڄ ۾ ڇيڇڪ گهڻا: ڪو ماڻهو ڊڄي ڪو ڪم ڪري ته سندس ڪم ۾ رڪاوٽون پون.

ڀرئي اُٺ تان وڃڻي لاهڻ: ڪنهن تان ذميواري ۽ فرض گهٽ ڪرڻ (جنهن سان ڪو خاص فرق نه پوي) (اٺ جي وزن تان جيڪڏهن وڃڻي لاهجي ته ڪو فرق نه پوندو.)

اکيون اکين جهڙيون ديد لڀ نه جڙي: وڏن ننڍن جو حيا نه هئڻ.

انڌا رکن روزا ته ڏينهن ٿين وڏا: سست ماڻهو ڊڄي ڊڄي ڪو ڪم ڪندوآهي سو به کيس ڏکيو پوندو آهي.

هڪ مڻ علم کي ڏهه مڻ عقل کپي: ڄاڻ کي سمجهڻ لاءِ ذهن ۽ ڏاهپ جي ضرورت آهي.

ڪيتم سڀ ڄمار پر پاندي پوري نه پئي: مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي ڄمار پوري نه پوڻ.

پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي توڙي لک لٽائي: تازي شاهوڪار کان ڪڏهن به نه وٺجي.

استاد جي مار ٻار جي سنوار: استاد جي سيکارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ مار پيءَ جي مهربانيءَ کان وڌيڪ چئبي آهي.

اٺ ٻڍو ته به ٻه ڪنواٽ لهي: پراڻو ۽ تجربيڪار شخص نئين سيکڙاٽ کان هوشيار ٿئي ٿو.

ٿورو ڏسي ارهو نه ٿي جهجهو ڏسي سرهو نه ٿيءُ: هر ڳالهه ۾ رب جا شڪرانا ادا ڪرڻ گهرجن.

ڦڙي ڦڙيءَ تلاءُ: ٿورو ٿورو گڏ ڪبو ته جهجهو ٿي پوندو.

 جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي، جهڙي نيت تهڙي مراد: جهڙو ٻئي لاءِ سوچيندو سو پاڻ لوڙيندو.

جيئرو ته لک جو مئو ته ڪک جو: انسان جيئري لک ڪمائي ٿو پر مئي کان پوءِ ڪک برابر آهي.

سڪن گڏ آلا ٻرن: خراب صحبت  مان اشراف کي جوکو.

ڏٻري ڍور تي مڇر به گهڻا: ڪمزور ۽ نبل ماڻهوءَ کي سور به گهڻا. هيڻي کي هر ڪو دٻائيندو آهي.

ڀلو ڪر ڀلو ٿئي: چڱائيءَ  جو نتيجو نيٺ چڱو آهي.

ڏيئي کي پٺ ۾ اوندهه: ماڻهو پنهنجا عيب لڪائي صرف ساراھ ڪندا  آهن.

هيريءَ سندي هير ٽنگ ڀڄڻ سان به نه وڃي: عاديءَ جي عادت ٽنگ ڀڄڻ سان به نه ويندي.

اٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو: اٺ هميشه جنگلي گاھ، لاڻو ڳوليندو، گهوڙي کي داڻو، گهرجي، مرد کي ڌن دولت ۽ محبوب جو ناز و انداز ئي سهڻو لڳندو آهي.

چرين ڪهڙا چت، مئلن ڪهڙا معاملا: مئل ماڻهو دنيا جي مسئلن کان آزاد آهي. ائين ئي چريو پڻ دنيا جي چڪرن کان ڇٽل آهي.

جتي لوڀي هجن اُٿي ٺوڳي بک نه مرن: لالچي ماڻهو سولائيءَ سان ٺڳجي سگهجي ٿو.

اها زبان اُس ۾ ويهاري اها زبان ڇانوَ ۾ ويهاري: بي ادب ۽ زبان دراز کي ڪڏهن به عزت نه ملندي.

ٽٽون کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو: نادان ماڻهوءَ کان سختيءَ کان ڪم وٺبو عقلمند صرف اشاري سان ڪم ڪندو.

پنهنجي گهر ۾ ٻلي به شينهن: پنهنجي گهر ۾ امير توڙي غريب هر ڪو همٿ وارو آهي.

جهڙا ڪانوَ تهڙا ٻچا: نيڪن جو اولاد به نيڪ ۽ سياڻن جو اولاد به سياڻو ٿيندو آهي. ( معنيٰ ته اولاد مائٽ تي ويندو آهي)

دل کوٽي عذر گهڻا: دل ۾ دغا هوندي ته بهانا به گهڻا ڏنا ويندا.

ڏنو ٻنو آهي: خيرات ڏيڻ سان مصيبتون ٽري وڃن ٿيون.

رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا: نادان ماڻهوءَ سان گهڻو مٿو هڻڻو ٿو پوي.

هڪ سج ٻه پاڇا: دنيا جي بي ثباتي جي ڪري ڪڏهن شاهوڪاري آهي، ڪڏهن غريبي.

سچ ته بيٺو نچ: سچي ماڻهوءَ کي ڪو به خطرو ڪونهي.

سچ جي ٻيڙي لڏي پر ڪونه ٻڏي: سچار کي تڪليفون اچن ٿيون پر آخرڪار سندس فتح آهي.

سڪن گڏ آلا ٻرن: بدنامن سان گڏ شريف به نقصان هيٺ اچيو وڃن.

عيسى نه موسى وڏا پير پئسا: دنيا ۾ دولت وڏي شيءِ آهي.

ضامن گيري تاون گيري: ضمانت ڏيڻ جو مطلب آهي چٽي ڀرڻ.

عشق نه ڄاڻي ذات نه ڪذات: عشق انڌو آهي، ان ۾ ذات ۽ نسب جي ڳڻ نٿي رهي.

ڪم پوي ته ڪل پوي: دوستيءَ جي خبر ڏکئي وقت ۾ پوندي آهي.

ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي ماني مان: ڪمينو ماڻهو عزت ۽ مان مان سمجهي نه سگهندو.

هڙ سکڻي لوڏ گهڻي: کيسو خالي هجي پر ٻٽاڪ تي زور.

هنر واري جو هنر بي هنر جي جان: باصلاحيت ماڻهو جلدي ڪم ڪري ويندو. پر اڻ ڄاڻ جي سڄي زندگي معمولي ڪم ۾ برباد ٿي ويندي.

همت مردان مدد خدا: جيڪو همت ڪندو خدا تعاليٰ به ان جي مدد ڪندو.

نه ڏي نه ڏکوءِ: ڪنهن کي به تڪليف نه ڏجي.

ان پلي ذات ڀلي: جنهن وٽ ان جي ڀريل گندي آهي، اهو شاهوڪار آهي

بندي جي من ۾ هڪڙي صاحب جي من ۾ ٻي: رب جي مرضيءَ کان سواءِ ڪو ڪم نٿو ٿئي.

ٻه گدرا هڪ مٺ ۾ نه ماپن: هڪئي وقت ۾ ٻه ڪم نٿا ٿي سگهن.

ڀڳو گهڙو ڊون ڊون ڪري: بيوقوف ماڻهو اجايو ڳالهائيندو آهي.

پنهنجي وڍي جو نڪو ويڄ نه طبيب: جيڪو پنهنجو نقصان ڪندو تنهن جو ڪهڙو علاج آهي.

پاڻيءَ کان اڳ ڪپڙا لاهڻ: اڳ ڪٿيءَ ڳالهه لاءِ انتظار ڪرڻ عقل وٽان نه آهي.

پاڻ نه پالي ڪتا ڌاري: جيڪو پاڻ نه پيٽ ڀري سگهي، اهو غير ضروري ڪمن جي ڳڻتي نه ڪري.

جهڙا عاشق عيد ۾ تهڙا منجهه مقام: خدا جي سچن عاشقن لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ يعني ڏک ۽ سک ٻئي هڪ آهي.

نير جو ٽڪو لهي، پر گلا جو ٽڪو نه لهي: نير  جو ٽڪو ڪڏهن نه ڪڏهن لهي ويندو آهي. پر گلا جو ٽڪو پوين کي به بدنام ڪري ٿو.

آئي ٽانڊي ڪاڻ ٿي بورچياڻي ويٺي: ٿوري ڪم جي بهاني سان اچي پاڻ کي گهر جو مالڪ سڏائڻ غلط آهي.

اڌ کي ڇڏي جيڪو سڄي لاءِ وڃي تنهن جو اڌ به وڃي: لالچي جيڪڏهن ٿورو حصو ڇڏي گهڻي لاءِ وڃي ٿو ته کانئس ٻيئي حصا وڃن ٿا.

 زبان آهي ننڍڙي پر وھ جي ڳنڍڙي: ڪوڙو ۽ زبان دراز ماڻهو ڪٿي به عزت حاصل ڪونه ڪندو. ڇو جو ان جي زبان جو زهر سندس عزت وڃائيندو.

انڌو هاٿي لشڪر جو زيان: بيوقوف ماڻهوءَ کان هميشه نقصان پهچندو آهي.

تاڙي هڪڙي هٿ سان نٿي وڄي: ڪم ٻن ڌرين جي رضامنديءَ سان ٿئي ٿو.

ٿڌو گهڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکائيندو آهي: وفادار ۽ ايماندار شخص جتي ڪٿي عزت ۽ مان حاصل ڪري ٿو.

پرائي ماڙي ڏسي پنهنجو ڀونگو نه ڊاهجي: پرايا محل ڏسي ريسون نه ڪجن.

تيليءَ مان ٿنڀ: ٿوريءَ ڳالهه کي وڏو ڪري ٻڌائڻ.

پڙهي پاڻ نه ڄاڻي ماري ختابي: جيڪو پاڻ پڙهي نه ڄاڻندو اهو ٻئي کي ڇا سيکاريندو؟

اڻندو اها جيڪا ڪوريءَ من:  رب سائينءَ کي جيڪي وڻي سو ڪري ٿو.

جيءَ خوش ته جهان خوش: ماڻهو پاڻ صحيح صحت ۽ حيثيت ۾ آهي ته سندس ليکي سڀ آباد آهي.

چڱو ڪر چڱو ٿئي:  چڱائيءَ جو نتيجو چڱو آهي.

جيڪو ڏاڍو سو گابو: جيڪو پاڻ ڏاڍو آهي، اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.

ڏڌل کير ٿڻن ۾ نه پوي: وات مان غلط گفتو يا ويل وقت واپس نٿو اچي.

ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا: ڏاڍو ماڻهو جيڪي ڪرڻ چاهي سو ڪري سگهي ٿو.

سوٽي هجي ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري: لوفر ماڻهو لتر کان سواءِ سڌو نٿو ٿئي.

سڀ ڪا ٻڪري پنهنجي پائي ٽنگجي: جيڪو ڪندو سو لوڙيندو.

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي: سردي هجي يا گرمي ويهڻ جو وقت نه آهي، انسان کي ڪوشش ۽ جدوجهد ڪرڻي آهي.

بي عقل دوست کان داناءُ دشمن ڀلو: بيوقوف جي سنگت مان سر وڃڻ جو خطرو آهي ۽ هميشه نقصان رهندو آهي.

اڄاڻ کي جهڙي مصري تهڙي ڦٽڪي: بيوقوف کي ڪوبه ڪم سمجهه ۾ نه ايندو آهي.

ڀتين کي به ڪن آهن: راز  واريون ڳالهيون ڏاڍيان نه ڪجن متان ڪو ٻڌي وٺي.

تڪڙي ڪتي انڌا گلر ڄڻي: جلديءَ ۽ تڪڙ سان ڪم خراب ٿيندو آهي.

تڪڙ ڪم شيطان جو: اٻهرائيءَ واري ڪم ۾ رولڙو پوندو آهي.

سياري جي سوڙ سڀڪو پاڻ ڏي سيري: هرڪو ماڻهو پنهنجو سک ڳولهي ٿو.

اگهه کٽيو کائجي وٽ کٽيو نه کائجي: وڏو اگهه وٺجي پر ٺڳي نه ڪجي.

سخيءَ کان شوم ڀلو ترت ڏي جواب: ڪوڙن دلاسن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڪو ڪم ڪجي ته هام ڀرجي نه ته جواب ڏجي.

 

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com