سيڪشن؛لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات

باب: --

صفحو :6

 

ڀاڱو ٻيو؛

سنڌي ٻولي مٺڙي ۽ قديم ٻولي

1. ٻولي ڇا آهي؟

ٻوليءَ جو لفظ ”ٻول“ يعني ڳالهائڻ مان نڪتو آهي. جڏهن ڪو ماڻهو زبان سان ڪجهه ڳالهائي ٿو يا ٻولي ٿو ته معنيٰ ٻولِي ٻولَي ٿو. اُهي ٻول با معنيٰ ۽ پر مقصد هجڻ کپن. ائين ئي دنيا ۾ ٻوليون وجود ۾ آيون. حڪم خداوندي آهي ته ”خلق الانسان علمه بيان“ معنيٰ ته الله تعاليٰ انسان کي پيدا ڪيو ۽ کيس ڳالهائڻ سيکاريائين.

ڳالهائڻ لاءِ انسان پنهنجي ضرورتن مطابق ڪجهه لفظ ۽ جملا ٺاهيا ۽ ائين مهذب دنيا ترقي ڪندي ڪئين منزلون طئي ڪندي مختلف قبيلن ملڪن ۽ ٻولين ۾ ورهائجي وئي.

سنڌي ٻولي قديم ٻولي؛

سراج ميمڻ جي تحقيق مطابق سنڌ هزارين سال هڪ پراڻيءَ زمين جو جديد نمونو آهي. بلڪه سنڌ جا ڪيترائي حصا لکين سال پراڻا آهن ۽ سنڌي ان قديم دؤر جي زبان آهي. نئين تحقيق مطابق هيءَ ٻولي ڪنهن به پراڪرت، سنسڪرت ۽ اُپيرنش جي نسل مان نه آهي پر خود سنڌ جي علائقي جي پنهنجي سنڌي زبان آهي. ٻولي سماج جي پيداوار آهي. جيئن سماج ۽ سندس گروھ وڌي ٿو ته ٻوليءَ جي شڪل ۽ جاگرافي به انهيءَ حساب سان وڌي ٿي ۽ ائين ٻولي جي اوسر ٿئي ٿي.

ٻوليءَ تائين پهچڻ ۾ انسان کي هزارين سال لڳي ويا ۽ ڪافي صرفي نحوي شهادتون واضح ٿيون ڪن ته سنڌي آريائي دؤر کان ۽ ويدن کان به اڳ جي زبان آهي.

سنڌي هڪ مٺي ۽ ادبي ٻولي آهي؛

سنڌي هڪ قديم ٻولي، مٺڙي ٻولي ۽ ادبي ٻولي آهي، هر ٻولي ادبي نه هوندي آهي،ادبي ٻوليءَ ۾ ڪي خاص خوبيون هونديون آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ اُتم آهن. سهڻا اصطلاح، پهاڪا، جذبن جو پر اثر بيان، ادبي ٻوليءَ جي ضرورت آهن. عام فهم سريلي ۽ سوادي پنهنجي ساهت کي وڌائڻ ۽ سينگارڻ واري ٻولي ئي ادبي هوندي آهي. ادبي زبان کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ مڪمل گرامر جو خزانو هوندو آهي. انهن سڀني معيارن تي سنڌي ٻولي پوريءَ طرح سان ٺهڪي اچي ٿي. ان ڪري سنڌي ٻولي ادبي، مٺڙي ۽ قديم ٻولي آهي جيڪا صدين کان مختلف ٻولين جي  لفظن جي خزانن مان سهڻن لفظن کي پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏيندي اچي ۽ پنهنجي ٻوليءَ کي وسعت ۽ ڪشادگي بخشيندي اچي.

مٺي ٻولي هميشه اها ٻولي هوندي آهي، جنهن ۾ رس ۽ چاشني هوندي آهي، جيڪا عاميانه ٻوليءَ کان مٿي هجي سنڌي ٻوليءَ ۾ مٺاس جو رس آهي، سنڌي ٻوليءَ جي شاعري ۽ ادب ان حقيقت جا مظهر آهن، سندس سهرا، ڳيچ، مداحون ۽ مرثيا ان ڳالهه جا امين آهن ته سنڌي مٺي پرتاثر ۽ رس ڀري ٻولي آهي، سنڌي نثر ۾ ناول، ناٽڪ، مضمون، مقالا، صحافت، افسانه نويسي ۽ سنڌي لوڪ ادب لوڪ شاعري، جديد شاعري، سنڌي ٻوليءَ جي ميٺاس ۽ وسعت کي واضح ڪن ٿا.

سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا ۽ بڻ بنياد

ٻوليءَ جي تحقيق ٻوليءَ جي بڻ ۽ بنياد جي سڄي لساني ۽ تحريري رڪارڊ جي پرک آهي، جنهن ٻوليءَ جا لساني لاڙا يعني Tendencies جون تبديليون وڏي اهميت رکن ٿيون، سنڌي زبان ۾ جيڪي به لکتون مليون آهن، سي سڀ سومرن جي دور يا ان کان پوءِ جون آهن، ، انهن ۾ جيڪي اوائلي آهن انهن ۾ خوجگي صورتخطي ملي ٿي، ته به سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪرڻ وارا محقق جيئن سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، سراج الحق ميمڻ صاحب جن سڀني هن ڳالهه کي چڱي طرح واضح ڪيو آهي ته ”سنڌي ٻولي بي انتها قديم ٻولي آهي“ سنڌي ٻولي پوريءَ دنيا ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، پاڪستان ۾ سنڌ کان سواءِ بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي. هندستان، راجستان، هانگ ڪانگ، انڊونيشيا، سريلنڪا، يورپ ۽ آمريڪا ۽ ڪيترن ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، موئن جي دڙي جي تهذيب کان به پراڻي ۽ قديم ٻولي آهي، ويدن جي وقت کان هيءَ عزت واري ٻولي شمار ٿئي ٿي.

(سنڌي ٻوليءَ جا ڪئين لهجا ۽ لپيون موجود آهن، مثال طور ملواڙي لپي، لاڙي لپي، ارڌناگري لپي عام هيون) البيريون

عربن جي اچڻ سان711ع کان پوءِ سنڌي زبان کي اهو اعزاز مليو جو پهريون قرآن پاڪ جو ترجمو سنڌي زبان ۾ ٿيو، عربن سنڌي ٻوليءَ جي وسعت کي تسليم ڪيو، اهي تاريخدان چون ٿا ته جڏهن سنڌ تي عربن قبضو ڪيو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ علم جو بي بها خزانو هو.

پاڪستان جي علائقائي ٻولين ۾ سنڌي ٻولي علم ۽ ادب جي خزاني سان سينگاريل هڪ قديم ٻولي آهي، جنهن جي بنياد  موئن جي دڙي ۽ ڀنڀور کي کوٽائي سان واضح ٿي آهي، سنڌي ٻوليءَ تي نه صرف سنڌ ۾ سنڌي محقق پنهنجون ڪاوشون ۽ جدوجهدون جاري رکيو اچن پر هن مانائتيءَ ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي تحقيق هندوستان توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ به زور ۽ شور سان جاري آهي.

جنهن به ٻوليءَ ۾ لفظ وڌندڙ آهن، سا زندهه ٻولي شمار ٿيندي آهي، ڪجهه لفظ صحيح ۽ سليس نه هئڻ جي صورت ۾ خودبخود ختم ٿي وڃن ٿا ۽ انهن متروڪ ٿيل لفظن جي جڳهه تي نوان لفظ پنهنجي جڳهه ولاريندا آهن، جيئن مڇڻ ۽ ٽنگ جي جڳهه تي متان ۽ سوراخ وڌيڪ سڌريل لفظ آهن، سڌريل لفظن جو اضافو ٻوليءَ جو شان آهي.

هر ٻوليءَ کي دنگئي ٻولي هوندي آهي. جنهن کي سرحدي ٻولي (Dialect area) چئبو آهي، جيئن ٿر جي ٻوليءَ کي راجستاني ٻولي يا جيڪب آباد جي سنڌي کي بلوچستان جي بلوچي جنهن به ملڪ يا ڳوٺ يا شهر جون سرحدون جتي ختم ٿينديون آهن ۽ جتان ٻي سرحد شروع ٿيندي آهي، انهن ٻولين جو اثر اڳئين سرحد تي ضرور پوندو آهي، ملڪي انقلاب ۽ حالتون به ٻوليءَ کي بدلائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿيون.

سنڌي ٻوليءَ تي عربيءَ ۽ فارسيءَ جو اثر

سنڌيءَ ٻوليءَ تي عربيءَ ۽ فارسيءَ جو ڪافي اثر ٿيو آهي نه صرف سندن لفظ سنڌيءَ ۾ سمائجي ويا آهن، جن کي سنڌيءَ پنهنجي سٽا موجب ٺاهيو آهي، پر سندن گرامر به سنڌيءَ تي اثر ڪيو آهي، جيئن باعزت، علي الحساب، دراصل وغيره ۾ حرف جر کي اسم جي اڳيان آندو ويو آهي، اسين عربيءَ جا اسم ۽ انهن جا جمع به عربيءَ وارا ڪم ٿا آڻيون، جيئن حرمين، فريقين، تثيني طور ۽ جمع ۾ سوالات جوابات، افعال وغيره عربي انداز آهي.(لساني جاگرافي) ۽ (سنڌي نثر جي تاريخ غلام علي الانا) سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي لاءِ تحقيق جاري آهي، پر اڃان به ضرورت آهي ته وڌيڪ سائنسي طريقي سان تحقيق ٿئي، اديبن، صحافين، پبليڪيشن جي ادارن ۽ خاص طور ريڊيو ۽ T.V تي سنڌي ٻوليءَ کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ تحقيقي ڪم جي صحيح پٺڀرائي ڪئي وڃي ته هيءَ مٺڙي ٻولي جنهن ۾ جيجل ڏني اسان کي لولي سا هميشه لاءِ ڏينهن قيامت تائين قائم رهي.

سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت

سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تحقيق ۾ ڪيترن ئي سنڌي محققن جيئن ڊاڪٽر نبي بخش، غلام علي الانا، علي نواز جتوئي، سراج الحق ميمڻ ۽ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، محبوب علي چنا، حسام الدين شاهه راشدي، دين محمد وفائي، عثمان علي انصاري، ڪريم بخش خالد، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ديوان ڪوڙو مل، ننديرام، مخدوم امير احمد،  محمد ابراهيم خليل، قليچ بيگ، ميران محمد شاهه، علي خان ابڙو، دائودپوٽو صاحب، پرمانند ميوارام، ڀيرومل آڏواڻي، عثمان ڏيپلائي ۽ ڪيترن ئي سنڌي اديبن، ليکڪن، صحافين ۽ محققن سنڌي ٻولي، لغت ۽ ادب جي واڌاري ۾ ڪوششون ڪيون ۽ ڪئين پنهنجون بهترين عالمانه تصنيفات اڄ اسان جي رهنمائي لاءِ ڇڏي ويا آهن، جيڪي روشني جا ڏيئا آهن جي لاٽ هميشه سنڌي ٻولي ۽ ادب کي جرڪائينري رهنري هن وقت برڪئين محقق آهن.جيڪي سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد ۽ سندس قدامت تي سائنسي طريقي سان ڇنڊ ڇاڻ ڪري رهيا آهن.

زبان، تهذيب ۽ تمدن جي بنيادي پاڙ آهي، اڃا به جيڪڏهن سنڌ جي قديم آثارن جي وڌيڪ اونهي کوٽائي ڪئي وڃي ته سنڌي ٻوليءَ جي قدامت جي باري ۾ وڌيڪ خبر پوي ٿي.

سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمت اسان جا علمي ادارا ۽ جماعتون جيئن انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، شاهه لطيف ثقافتي مرڪز، سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ادبي بورڊ، جمعيت الشعراءَ سنڌ، زيب ادبي مرڪز ۽ ٻيا ڪئين ادارا ۽ پبليڪيشن سنڌي ٻولي ۽ ادب کي زندهه رکندا اچن، سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي ۽ خيرپور يونيورسٽيءَ جا سنڌي شعبا ۽ صحافت جا شعبا هن ڏس ۾ تمام گهڻيون ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ ڪئين محقق سنڌي زبان جي بڻ بنياد ۽ سنڌي ادب جي صنفن ۽ شاهه سائين جي شاعريءَ جي باري ۾ تحقيقاتي ڪم ۾ سرگرم عمل آهن. 300 کان به وڌيڪ تحقيقاتي مقالا لکجي ۽ ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪيتريون ئي P.H.D جون ٿيسز سنڌي ادب جو حصو بنيون آهن، جن مان سنڌي ٻوليءَ جي ترقي جي خبر پوي ٿي.

سنڌي ادب جي ترقي ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو کيرون لهڻي پاڻ سنڌي شعبي جي سربراهه جي حيثيت سان به سنڌي ادب جي گهڻي خدمت ڪيائون سندن. ”سنڌي ادب جي تاريخ“ هڪ مستند ادبي ڪتاب ۽ ادب جي شاگردن لاءِ هڪ روشن شمع آهي ۽ پاڻ شاعري به ڪئي اٿن. سندن ”لاڙ جي لغت“ لغت لاءِ هڪ شاندار اضافو آهي، ان کان سواءِ ”فارسيءَ شاعريءَ جو سنڌي شاعريءَ تي اثر“، ”سنڌيون“، ”ڪنزالالطيف“ مشهور آهن.

ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر قاضي خادم، ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، عبدالقيوم صائب، هدايت پريم ۽ عورتن ۾ نور افروز خواجه، قمر جهان مرزا، حسن بانو سومرو، فيروزه سمون، سحر امداد، ثريا سوز ڏيپلائي جن سنڌي علم ۽ ادب جي بي بها خدمت ڪئي آهي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ملڪ نديم، سيد ممتاز شاهه، مرزا حبيب الله، شمس الدين عرساڻي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جن جا نالا اهم آهن. ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن ڪافي ٿيسز جي رهنمائي ڪئي آهي، هنن اهل علم جا علم و ادب جا خزانا سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ آهن. کيس معياري ٻولي قائم رکڻ جون ڪوششون آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد ۽ تحقيق لاءِ جيڪڏهن اسين ڏسنداسين ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ غلام علي الانا جا نالا تحقيق ۾ مٿڀرا نظر ايندا، سندن تعاون ۽ ادبي خدمتن کي پيش ڪجي ٿو.

 

 

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

تعارف

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي علم ۽ ادب جو روشن چراغ ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو، مئٽرڪ نوشهري مدرسي مان پاس ڪيائون، بي اي جهونا ڳڙهه ۽ ايم اي، ايل ايل بي علي ڳڙهه مان پاس ڪيائون 1946ع ۾ آمريڪا مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائون.1952ع ۾ سنڌي شعبي جا صدر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مقرر ٿيا ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر پڻ رهيا آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي هن سڄاڻ ۽ سجاڳ عالم جي تحقيق جي ميدان جون خدمتون سنڌي ٻوليءَ تي ۽ سنڌواسين تي هڪ عظيم احسان آهي. پنهنجو وجود وساري سنڌ جي ڳوٺن ڪنڊن ڪڙڇن ۾ وڃي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ هڪ لفظ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي اٿن، سنڌي ادب، تاريخ، ثقافت ۽ لوڪ ادب تي سندن تحقيقي ڪم ناقابل فراموش آهي.

لوڪ ادب جي تحقيق

لوڪ ادب هر قوم ۽ ٻوليءَ جو سرمايو آهي، جيڪو ڳوٺاڻي عوام جي امانت آهي، ڊاڪٽر نبي بخش خان صاحب ئي سنڌي ٻولي جو اهو اهم محقق آهي، جنهن کي سنڌي عوام جي دلين ۾ سينگاريل انهن ماڻڪ موتين کي منظر عام تي آڻڻ جو خيال آيو، سندن چوڻ مطابق ”عوام جي زندگي به سادي سندن ٻول به سادا، اهي پٺيءَ اگهاڙا پيرين پيادا جڏهن صدري خزاني جا موتي هاريندا آهن تڏهن ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا آهن.

سنڌي ٻوليءَ ۾ لوڪ ادب جو لکت ۾ اچڻ هڪ تاريخ ساز ڪارنامو آهي.سندن اها عظيم جاکوڙ سنڌي ٻوليءَ جي  واڌاري لاءِ وڏو ڪارنامو آهي، پاڻ پنجاهه کان به وڌيڪ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ لوڪ ادب تي لکيا اٿن. هيستائين لکيل سندن (70) ستر کان به وڌيڪ ڪتابن ۾ لوڪ ادب جي ڪتابن جو تعداد وڌيڪ آهي، معنيٰ ته نبي بخش صاحب جن کي ڳوٺن جي نج سنڌي ادب ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سان پيار ۽ عقيدت آهي. سندن لوڪ ادب جي تحقيقي ڪتابن ۾ لوڪ ڪهاڻيون، تاريخي ۽ نيم تاريخي داستان ۽ لوڪ شاعريءَ جا تقريبن سڀ مضمون اچي وڃن ٿا. لوڪ ادب ۾ لوڪ ڪهاڻيون، سنڌي عام جيوت جي عڪاسي ڪن ٿيون، لوڪ ڪهاڻيون آڳاٽيون يادگيريون آهن جن مان سمجهه، ادب ۽ اخلاق جا نڪتا ته ملن ٿا. پر سماجي زندگيءَ جا عڪس به چٽا ڏسجن ٿا ۽ ٻوليءَ جي لغت ۾ ڪشادگي ٿئي ٿي، پاڻ تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانن کي ڇنڊ ڇاڻ ۽ تحقيق سان ادب جو حصو بنايائون.

لوڪ شاعريءَ جي هر صنف مثال طور؛ هنر، ڏور، ڏٺ، ڳجهارت، ڳيچ، ڳاهه، ڏهس، سينگار، مولود، مداح، مناجات، معجزا، لوڪ گيت، مورو، جمالو، لولي، سينگار، ڇلڙو وغيره کي لکت جي صورت ۾ ادب جي سونهن بنايائون. سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان لوڪ ادب جي سهيڙڻ جو ڪم ڊاڪٽر صاحب جي حوالي ڪيو ويو ۽ جنهن کي پاڻ اڻ ورچائي، ذوق ۽ شوق سان مڪمل ڪري رهيا آهن.

ڊاڪٽر صاحب هر علائقي ۾ وڃي اُتي جي رهڻي ڪهڻي جو مطالعو ڪيو ۽ لوڪ ادب کي جمع ڪري ادبي بورڊ جي طرفان ڇپايو، جيڪو هڪ اهم تحقيقي ڪم آهي.

ٻيلاين جا ٻول

”ٻيلاين جا ٻول“ ڊاڪٽر صاحب جو لس ٻيلي جي شاعريءَ تي هڪ قيمتي ڪتاب ۽ ٻوليءَ ۾ اضافو آهي، لس ٻيلي جي شاعري کي پاڻ عام سنڌي شاعري سڏيو اٿن. سندن چوڻ مطابق؛ ”عام سنڌي شاعري مان مراد اهو سنڌي شعر جيڪو عوام ۾ مقبول ۽ رائج هجي عام سنڌي شاعر جو خطاب عوام الناس آهي ۽ نه خاص پڙهيل، ان ڪري عام سنڌي شاعري علم عروض جي شاعريءَ کان مختلف آهي. عام شاعريءَ جي سٽاءَ سادي ۽ فطري آهي، عام شاعري لغت جي اڻ کٽ کاڻ آهي، عام شاعريءَ جا شاعر اصل نج سنڌي ٻولي جا ابا آهن، جيڪي ڳوٺ ۽ ٻهراڙي جا پليل ۽ جهنگ جهر جا نپايل آهن، ان ڪري عام شاعري اصل سنڌي جي حيات جو آئينو آهي. عام سنڌي شاعري اهل  سنڌ جو دفتر آهي، لس ٻيلي جي شاعريءَ کي سڄاڻ سگهڙن ۽ سمجهو سالڪن پنهنجي ذوق سبب اصلي صورت ۾ زندهه رکيو آهي.“

جامع سنڌي لغات

ڊاڪٽر صاحب جي سنڌي لغت هڪ جامع ڪتاب آهي ۽ پاڻ اردو سنڌي لغت ۽ سنڌي اردو لغت پڻ لکي اٿن، ان کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جي لغت پنجن جلدن ۾ تيار ڪري ڇپائي اٿن.

شاعريءَ جي خدمت

ڊاڪٽر صاحب جن سنڌي شاعريءَ ۾ لوڪ شاعريءَ کان سواءِ ڪيترن سنڌي شاعرن جو ڪلام جيئن؛ شاهه عنايت جو ڪلام، شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام، سنڌ سينگار شاعري، ڪليات حمل، ڪليات سانگي، مقدمن سميت لکيا اٿن. ويجهيءَ ۾ شاهه جو رسالو جديد تحقيق جي روشنيءَ ۾ ڏهن جلدن ۾ تيار ڪيو اٿن جيڪو اڄ تائين شاهه تي ٿيل تحقيق ۾ منفرد ۽ اهم آهي. پاڻ سنڌي ادب ۾ نثر توڙي شاعريءَ جي باري ۾ ڪئين تحقيقي ڪتاب لکيا اٿن.

ڊاڪٽر صاحب جن جا گهڻي کان گهڻا ڪتاب ريسرچ يعني تحقيق جي زمري ۾ اچن ٿا. تاريخي تحقيق هڪ ڏکيو ۽ مشڪل ڪم آهي، جنهن ۾ پاڻ جان کي جفا ڏيئي ڪئين ڪشالا ڪڍي ۽ ڪامياب ڪوششون ڪري سنڌي علم و ادب کي اونچو مقام عطا ڪيو اٿن. سندس تحقيقي ڪم ۾ اهم ڪارنامو”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ آهي. هيءَ ڪتاب 1962ع ۾ لکيائون هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد کان سواءِ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۽ ارتقا تي تحقيقي مواد پيش ڪيو اٿن.

ڊاڪٽر صاحب جي چوڻ مطابق سنڌي ٻولي بنيادي طور سڌوسنئون سنسڪرت مان نڪتل نه آهي، بلڪه سنسڪرت کان اڳ واري دور جي سنڌو ماٿر جي قديم ٻولي آهي. جڏهن کانئن اڳ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڪاڪو ديوان ڀيرو مل انگريزي ماهرن جي هن نظريي سان متفق هئا ته ”سنڌي سنسڪرت جي شاخ ۽ لائق ڌيءَ آهي.“ پر هاڻي ٻولي جي جديد تحقيق تي ماهرين متفق آهن ته سنڌي سنڌ جي قديم ترين ٻولي آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان صاحب جن سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، سندن نالو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ سجائڻ جي لائق آهي. ڊاڪٽر جبار جوڻيجي مطابق ”ڊاڪٽر صاحب مرزا قليچ بيگ کان پوءِ ادبي اٿل آهي“ پاڻ ڪئين تحقيقي مضمون مقالا ۽ ڪتاب لکي سنڌي ٻوليءَ جي تحقيق جو حق ادا ڪيو اٿن.“

 

 

 

 

ڊاڪٽر غلام علي الانا

تعارف

سنڌي ٻوليءَ جي محققن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو نالو ڪنهن تعارف جو محتاج ڪونهي. 1930ع ۾ ضلعي ٺٽي ۾ سندن پيدائش ٿي. ڪراچيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪري M.A سنڌي 1955ع ۾ ڪيائون ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيا، پاڻ سنڌ يونيورسٽي جا اڳيان هلي وائيس چانسلر به ٿيا. سندن ادبي خدمتون بي حساب آهن. لنڊن مان لسانيات ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪيائون، لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ سندن مقالي جو موضوع آهي، ان کان سواءِ سومرن جي دؤر جي سنڌي شاعري تي به مقالو لکيو اٿن.

ادبي خدمتون

الانا صاحب سنڌي علم ۽ ادب جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي، شروع ۾ ڪجهه افسانا ۽ ناول لکيائون، جيئن لاش، چور ۽ ان کان پوءِ پاڻ گهڻو تحقيقي ادب تي لکيائون جن ۾ سندن مشهور ڪتاب، سنڌي صورتخطي، سنڌي صوتيات، سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري، سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي ۽ انگريزيءَ ۾ The introductory of Sindhi literature لکيائون.

سنڌي نثر جي تاريخ

هيءَ ڪتاب غلام علي الانا صاحب جن جي سٺي قلمي ڪاوش آهي، هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1966ع ۾ ۽ ٻيون ايڊيشن نئين سر سڌاريل ۽ وڌايل 1977ع ۾ ڇپيو آهي، هن ڪتاب ۾ سنڌي نثر جي اوسر،ننديرام ۽ قليچ دور سنڌي نثر جون خصوصيتون ۽ نثر جا قسم، مسجع ۽ مقنيٰ نثر جي وصف جي ڇنڊ ڇاڻ شامل آهي. نثر جي ابتدا ۽ ارتقا تي روشني وڌي ويئي آهي.

ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ الانا صاحب جن پنهنجي پسند جي 28 نثر نويسن مثال طور؛ديوان ننديرام، ميران محمد شاهه، چاڳلا صاحب، گربخشاڻي، قليچ بيگ، اسحاق آخوند ۽ ٻين ڪيترن جي زندگيءَ جي احوال سان گڏ سندن علمي ۽ ادبي ڪاوشن جو ذڪر ڪيو آهي. خود الانا صاحب جن نثر لاءِ هيءُ قيمتي ڪتاب لکي سنڌي ادب جي استادن ۽ شاگردن لاءِ رهنمائي جو قدم کنيو آهي. هن ڪتاب ۾ نثري صنفن افساني ڊرامي ۽ مضمون جو ذڪر گهٽ آهي، پر انهيءَ لاءِ پاڻ الانا صاحب جن پيش لفظ ۾ ڄاڻايو آهي ته اهو هڪ وسيع موضوع آهي ۽ ان لاءِ هڪ الڳ ڪتاب جي ضرورت آهي، هيءُ ڪتاب زيب ادبي مرڪز جو ڇپايل آهي.

لساني جاگرافي

سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي 1979ع ۾ سنڌ گريجوئٽس ايوارڊ 1981ع ۾ پاڪستان رائيٽرس گلڊ جي طرفان ايوارڊ حاصل ڪيل ڪتاب آهي، جيڪو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي طرفان ڇپيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ڇهه باب آهن، جنهن ۾ پهرين سنڌي زبان ۽ ان جي لهجن جي ڄاڻ ڏني ويئي آهي، ٻئي باب ۾ ڪڇ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پهچ ۽ پکيڙ کي واضح ڪيو ويو آهي، ٽيون باب ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءَ متعلق آهي، چوٿون باب راجستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اثر کي ظاهر ڪري ٿو، پنجين ۽ ڇهين باب ۾ بلوچستان ۽ سرائيڪي ايراضي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءَ متعلق تفصيل ڏني ويئي آهي.

ٻوليون قومن جون ورثو هونديون آهن، انهن جي تحقيق قومن جا سڄاڻ محقق ڪندا آهن، ڊاڪٽر غلام علي الانا جن پنهنجو اهو حق پوريءَ ريت ادا ڪيو آهي. سندن ڪتاب ”صوتيات“ ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ ان ڏس ۾ اهم قدم شمار ٿين ٿا، پاڻ سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان تيار ڪئي اٿن، جنهن ۾ مشهور توڙي غير معروف شخصيتن جو احوال آهي. غلام علي الانا صاحب جن تحقيق جي ميدان ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو، سندن زير سرپرستيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي سنڌي شعبي مان ”ڪينجهر“ نالي تحقيقي جرنل به نڪرندو هو (اڃا به قائم آهي.) پاڻ سنڌيالاجي جا ڊائريڪٽر رهيا آهن، جتي به ڪافي ترقيءَ جا ڪم ڪيائون سنڌ يونيورسٽيءَ کان سواءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر پڻ رهيا آهن ۽ اڄ ڏينهن تائين سنڌ جو هي ڄاڻو پارکو شخص تحقيقي ڪم ۾ پاڻ پتوڙيندو اچي.

سنڌي علم ادب ۽ سماج

علم ادب جي وصف

ادب عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”مهمان نوازي“ ۽ اهو لفظ ”مادبته“مان نڪتل آهي، عرب مهمان نوازيءَ کي حسن اخلاق سمجهندا هئا ۽ ايئن اڳتي هلي ادب تهذيب ۽ حسن اخلاق جي معنيٰ ۾ اچڻ لڳو. زبان جي شائستگي، فضيلت، نفاست، سلاست ۽ بلاغت اڳيان هلي علم ۽ ادب جو شان بڻيا ۽ لفظ ادب واضح ٿيو.

ميٿيو آرنلڊ جي مطابق”ادب انساني زندگيءَ جي تفسير آهي.“

افلاطون مطابق”ادب اهو آهي جنهن مان اخلاق ۽ صداقت جي نش و نما ٿئي.“

دنيا جي ڪابه قوم اهڙي ڪونهي جنهن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪجهه نه ڪجهه علم ۽ ادب نه هجي. ادب جي اظهار ۾ ڪئين تجربا آيا آهن، انيڪ تبديلون آيون آهن، علمي طور وانجهيل قومن جو علم ڄاڻ جي لحاظ کان نت نون تجربن کان خالي هوندو آهي. ان جي برعڪس سڌريل قومن جو علم وري ترقي يافته ۽ هلندڙ حالتن پٽاندر هوندو آهي، حقيقت ۾ ادب انسان جي ذهني ۽ فڪري صلاحيتن ۽ سرگرمين جو نتيجو آهي، جنهن کي سنواري سڌاري ڪتابي صورت ۾ آڻي ٻين لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي.

انساني زندگيءَ جو هر عمل ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ادب جي دائري سان تعلق رکي ٿو”اهل يونان“ ۽ ” اهل روم“ جدا جدا علمن ۽ فنن جي شروعات ڪئي. افلاطون، ارسطو، سقراط ۽ ٻين ڪيترن جيڪي اصول مقرر ڪيا سي ئي يورپي ملڪن سينگاري زيبائتا ڪري پيش ڪيا، سنڌي علم ۽ ادب جو ذخيرو تمام قديم آهي.

سنڌي علم ۽ ادب ۾ سنڌ جي سماج جو عڪس

سنڌي علم و ادب

سنڌي علم و ادب سنڌي قوم جي احساسن ويچارن، سماجي رسمن و رواجن، شجاعت و بهادري، سمجهه و سياڻپ، علم و عقل ۽ ٻين انيڪ خوبين کي واضح ڪري ٿو.

جيئن ته اديب ۽ شاعر سماج کي پرکي ۽ پروڙي ٿو ۽ جيڪي آزموده حاصل ڪري ٿو، سي سندس سمجهدار ذهن ۽ اونهي مشاهدي جا نچوڙ هوندا آهن. اديب ۽ سماج گڏجي ادب کي تخليق ڪن ٿا، ڇو جو اديب عام ماڻهو کان وڌيڪ Sensitive هئڻ جي صورت ۾ جيڪي ماحول ۾ وهي واپري ٿو ان کي شدت سان محسوس ڪري ٿو، جيڪي ٻيا عام ماڻهو نٿا ڪري سگهن، ان ڪري هو پنهنجي دور جي ترجماني صحيح ۽ معياري ڪري ٿو. سنڌي ٻولي ادبي طور سينگاريل ٻولي آهي، جنهن ۾ تشبيهون، استعارا، چوڻيون، اصطلاح، پهاڪا ائين آهن، ڄڻ ”منڊيءَ تي ٽڪ“ اها هڪ ادبي ٻوليءَ جي خوبي آهي، ادبي ٻولي ڪنهن به ملڪ جي علمي ۽ ادبي لاڙن کي واضح ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

انساني زندگي ۾ جيڪي ڪجهه وهي واپري ٿو اهو سماج جو حصو آهي، معنيٰ ته ادب زندگيءَ جو عڪس آهي.

Literature is the reflection of life

سنڌي ادب سنڌي سماجي زندگيءَ جو عڪس آهي، جيڪو فصيح و بليغ، سليس ۽ سهڻي سنڌي سان سينگاريل آهي.

سنڌي علم ۽ ادب جون شاخون

سنڌي علم ادب جا دنيا جي ٻين ٻولين جي ادب وانگر ٻه حصا آهن، جنهن کي نثر ۽ نظم چيو وڃي ٿو. نثر ۾ ناول، ناٽڪ، افسانو، مضمون ۽ صحافت وغيره اچي وڃن ٿا ۽ شاعريءَ ۾ لوڪ شاعريءَ کان وٺي جديد شاعريءَ تائين ڪئين صنفون آهن، جيئن وائي، ڪافي، گيت، بيت، غزل، مدح، مناجات، قصيدو، رباعي، نين صنفن ۾ هائيڪو ترائيل،سانيٽ آزاد نظم وغيره شمار ٿين ٿا.

هر قوم جي تاريخي دؤر ۾ ڪي اهڙيون سماجي حالتون پيدا ٿينديون آهن جيڪي عام وقت کان مختلف هونديون آهن ۽ اديب ۽ شاعر انهن حالتن کي ادب جي ميدان ۾ آڻيندا آهن، جيڪو هميشه لاءِ قائم رهجي ويندو آهي. اثرانگيز شاعري ۽ نثر پنهنجي جڳهه پاڻ پيدا ڪندا آهن.

عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان وٺي ۽ ان کان اڳ به جيڪو سنڌ جو علم ۽ ادب ملي ٿو. سو پنهنجي ابتدائي دؤر جا ارتقائي مرحلا طئي ڪري هن پد تي پهتو آهي. سنڌي هڪ قديم ٻولي آهي، جنهن جو ”لوڪ ادب“ پلر جي صاف پاڻيءَ وانگر آهي ۽ لوڪ ادب جي صنفن ۾ لوڪ ڪهاڻي، قصا ۽ نيم تاريخي ۽ تاريخي داستان ۽ لوڪ شاعري وغيره شامل آهن. سنڌي ادب جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن ڪيترن ئي ڪتابي سلسلن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، انهن ۾ سنڌي سماج جي جيوت جي ڀليءَ ڀت خبر پوي ٿي. سندن رسمون رواج، سندن وهم ويچار ۽ سندن تمدن ۽ تاريخ جي صحيح خبر پوي ٿي. ان کان سواءِ تاريخي ۽ نيم تاريخي داستان به سنڌي ادب جو سرمايو آهي.

سنڌي علم و ادب جي تاريخي دؤرن تي غور ڪنداسين ته خبر پوندي ته جڏهن سنڌ سکي ۽ ستابي رهي آهي،ته منجهس ادبي ترقي به وڌيڪ ٿي آهي.

ارغونن ۽ ترخانن جو دؤر سنڌي ادبي تاريخ جو ڪسو دؤر چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ڪجهه مشهور شاعر اسان کي ملن ٿا، پر وڌيڪ ادبي خزانو اڳيان ٻين دؤرن ۾ ملي ٿو. شاهه لطف الله قادري، قاضي قادن، شاهه ڪريم اُن دؤر جا مشهور شاعر هئا. جن جي صوفيانه شاعري سنڌي ادب جي ڪلاسيڪل شاعري آهي.

تون چئو الله هڪڙو، وائي ٻي مَ سک،

سچو اکر من ۾، سو ئي لکيو لک.

شاهه ڪريم

سنڌي ادب ۾ ماموئي فقيرن جي بيتن کان شاهه سائين تائين ۽ شاهه سائين کان هيل تائين سنڌي سماج جي واقعن ۽ تاريخي حالتن جي خبر پوي ٿي.

سمن ۽ سومرن جي دؤر ۾ سنڌي لوڪ ادب جي سٺي ترقي ٿي آهي. تاريخي ۽ نيم تاريخي داستان به هن دؤر سان تعلق رکن ٿا. ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا سما حاڪم پنهنجيءَ سخاوت ۽ دريا دليءَ جي ڪري تمام گهڻا مشهور هئا. سمن جي ڏهن سخي ڏاتارن جا نالا اڄ ڏينهن تائين مشهور آهن.

ڄام لاکو، وڪيو ڏاتار، اوٺو جکراڻي، هڻند ٿڌياڻي، راءِ ڏياچ، وسو ڌن آگرو، ڄام وينجهو، جکرو اوڍاڻي، ڄام ڪرن، انهن مشهور سخين کي سمنگ چارڻ، ڀاڳو ڀان ۽ ٻين ڪيترن پنهنجي ڳاهن ۾ ڳاتو. گنان، بيت، ڳيچ ۽ ڳاهه سان ئي سنڌي لوڪ شاعريءَ جي شروعات ٿي. گنان اسماعيلين جي مذهبي شاعري آهي.

جيڪا اڄ به مقبول آهي ۽ سنڌي شاعريءَ جي شروعات آهي. پير صدر الدين پهريون گنان جو شاعر هو. سومرن جي جڏهن لاڙ ۾ حڪومت قائم ٿي تڏهن دلوراءِ اتر سنڌ واري علائقي تي حڪومت ڪندو هو، دلوراءِ ۽ سندس ڏمڻ سوناري وزير متعلق ڪئين ڳاهون ملن ٿيون ۽ هن دؤر ۾ عمر ۽ مارئي، ليلا چنيسر، مومل راڻو، سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال ۽ ڪيترائي قصا سنڌ ۾ مشهور ٿيا جيڪي نثر توڙي نظم جي ويس ۾ قائم ٿيا. سومرن جو دؤر سنڌي ادب جو ڪلاسيڪي دؤر آهي. پهريون جنگي داستان ”دودو چنيسر“ ۽ عشقيه قصو ”سسئي پنهون“ سان شاعريءَ جي شروعات ٿي. علاؤالدين خلجي جي سنڌ تي حملي ۾ ابڙو سردار ماريو ويندو آهي جيڪو سومرين عورتن جي حفاظت ڪندو آهي. هن رزميه داستان جي شاهه سائين به ذڪر ڪيو آهي.

علاؤالدين آيو، کڻي ڇَل ڇَڳيرُ،

ڪنهن ڪين همٿيو، ڪان جلهيندو ڪير؟

سومُرين سامَ کنئي،ابڙي ڪيو اُٺ پيرُ،

هو مهانئين ميرُ، پر مستوراتن مارايو.

(شاهه – سُر بلاول)

هن دؤر ۾ سخين جي ساراهه ۽ رزميه شاعري سماج جو حصو هئي جادم جکري کي پڻ شاهه سائين سر بلاول ۾ تمام گهڻو ساراهيو آهي.

ڏٺي جادم جکري، چت نه پيا چڙهن،

ته ڪي کوه کڄن، جن سر لڀي سڀرو؟

(شاهه)

سسئي پنهون جي داستان کي سنڌي شاعرن سٺو ڳاتو آهي، شاهه جي رسالي ۾ سسئي جا پنج سر آهن. سسئي پنهون جي تاريخي داستان لازوال آهي.

آئون نه گڏي پرينءَ کي، پويون ٿيو پساه،

سڪان ٿي سڪرات ۾، رويو پڇان راه،

شال مَ وڃي ساه، ڌاران پسڻ پرينءَ جي.

(شاهه)

 ڪلهوڙن جو دؤر سنڌي ادب جو سونهري دؤر سڏيو وڃي ٿو، ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌ جو سدا حيات شاعر شاهه ڀٽائي، شاهه عنايت رضوي، خواجه زمان، روحل فقير، مخدوم عبدالرحيم گروهڙيءَ وارو ۽ صاحبڏنو فاروقي پنهنجي صوفيانه شاعريءَ جي ڪري گهڻو مشهور ٿيا. صوفيانه شاعريءَ جي اوٽ ۾ به هنن سنڌي شاعرن سنڌي سماج جي مسئلن کي ۽ عوام جي عقيدن ۽ سوچن کي واضح ڪيو آهي.

1853ع ۾ منشي ننديرام جو ٻاراڻو درسي ڪتاب باب نامو ڇپيو. 1866ع ۾ ارنيسٽ ٽرمپ ”شاهه جو رسالو“ جرمنيءَ مان ڇپايو.

ٽالپرن جي دؤر حڪومت ۾ سچل سرمست، سامي، خليفو نبي بخش لغاري، صوفي دلپت ۽ حمل فقير جيڪو پنهنجي دؤر جي عڪاسي ڪري ٿو.

نثري ادب جي شروعات لکت ۾ الف ب ٺهڻ کان پوءِ انگريزن جي دؤر ۾ ٿي. 1854ع ۾ ”طوطي نامو“ سنڌي ڇپيو، جيڪو اردوءَ مان ترجمو هو. 1870ع ۾ گل بڪاولي فارسيءَ تان ترجمو ٿيو پوءِ چار درويش، حاتم طائي، الف ليليٰ 1899ع ۾ ڇپيا، جيڪي قصا ترجمو ٿيا انهن ۾ ممتاز دمساز، امير حمزو ۽ آخوند لطف الله جو ”گل خندان“ پڻ شامل آهن.

ترجمو ٿيل قصن کان سواءِ رومانوي ۽ تاريخي داستانن مومل راڻو، ليلان چنيسر، سهڻي ميهار، سورٺ راءِ ڏياچ وغيره کي ڇپايو ويو. جيئن ته قصن کي ڳائڻ جو رواج سومرن ۽ سمن جي دؤر کان هو پر لکت ۾ انگريزن جي دؤر ۾ اسريو. انگريزن جي دؤر ۾ ادب ۾ تبديلي آئي. ڪئين ٻيون صنفون بين الاقوامي اڀياس کان پوءِ وجود ۾ آيون جن ۾ ناول، ناٽڪ، افسانو ۽ مضمون نگاري وغيره. سنڌي صحافت ۾ شروعاتي دؤر جون اخبارون ”الوحيد“. ”سنڌ سڌار“، ”معين الاسلام“ ۽ پوءِ ”عبرت“، سنڌ نيوز، هلال پاڪستان ڪراچي ۽ ڪاوش تمام سٺو پاڻ ملهايو پهرين سنڌي اخبار 1861ع ۾ ”معين السلام“ هئي. سنڌي صحافت سنڌي ادب جي هر شعبي کي ترقي ڏني. ”الوحيد“ اخبار جا ايڊيٽوريل پنهنجي وقت جا بهترين ايڊيٽوريل هئا. ان کان پوءِ ون يونٽ، 4 مارچ جي تحريڪ، سنڌي ڪتابن ۽ پريس تي پيل پابندين جي خلاف ڪيترن ئي اخبارن لکيو. سنڌي اخبارن کان سواءِ ڪيترائي رسالا نڪتا، جن ۾ نئين زندگي، مهراڻ، روح رهاڻ، سهڻي وغيره مشهور آهن. ڪئين سنڌي اديب ۽ شاعر روشناس ٿيا جن ادب کي روشني بخشي، عورتن لاءِ سوجهرو، سگهڙين سٿ وغير هئا، جن عورتن جي مسئلن کي اُجاگر ڪيو ۽ ٻيا ڪيترائي رسالا ۽ مئگزين نڪرڻ شروع ٿيا.

سنڌي ناول نويسي ورهاڱي کان اڳ شروع ٿي. ناول قصي جي سڌريل صورت شمار ٿئي ٿو. دراصل سڄيءَ دنيا جي علم و ادب ۾ قصو پهرين رائج هو ۽ پوءِ ناول، افسانو ۽ ناٽڪ رائج ٿيا. ناٽڪ جي صنف اڄڪلهه وڌيڪ ڪامياب آهي، ڇو جو هيءُ ميڊيا جو اليڪٽرانڪ دؤر آهي. ناٽڪ جو Response ليکڪ کي جلدي ملي ٿو. ان ڪري سنڌي ناٽڪ کي تمام گهڻي ترقي ملي ۽ ڪئين مشهور ناٽڪ نويس مثال طور آغا رفيق، نورالهديٰ شاهه، علي بابا، عبدالقادر جوڻيجو جا ڊراما سنڌيءَ ۾ يا اردوءَ ۾ ترجمو ٿي سڄي دنيا ۾ ڏيکاريا وڃن ٿا ۽ جتي جتي سنڌي سمجهي وڃي ٿي اتي بي حد مقبول آهن. سنڌي ناٽڪ سنڌي سماج جي اقتصادي حالتن، جدوجهد ۽ حقيقت نگاريءَ جو ترجمان آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ شاهه ڀٽائيءَ کان شيخ اياز تائين، شيخ اياز کان وٺي هيل تائين تمام سٺي ترقي ٿي آهي پر شاهه ڀٽائي ۽ شيخ اياز سنڌي شاعريءَ جا اهي ٻه مشهور نالا آهن، جن سنڌي شاعريءَ جي پالوٽ ڪئي آهي ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي عوام جا ڏک ۽ سک سموئي ڇڏيا آهن.

شاهه سائين ان وقت جي سماجي اقتصادي ۽ سياسي ماحول کي چڱيءَ طرح واضح ڪري ٿو. بارشن جي اڻاٺ ۾ دولتمندن جي اناج لڪائڻ تي پنهنجي نفرت جو اظهار هن ريت ڪيو اٿن.

جن سنياسن سانڍيو گندي ۽ گراه،

انهن کان الله، اڃان آڳاهون ٿيو.

يا

جن مهانگي لاءِ ٿي ميڙيو سي ٿا هٿ هڻن،

پنجن مان پندرنهن ٿيا، ائين ٿا ورق ورن،

ڏڪاريا ڏيهه مان، شل موزي سڀ مرن.

معاشري جون غير برابري اقتصادي حالتون طبقاتي ڪشمڪش کي جنم ڏينديون آهن. ادب دل و دماغ عقل ۽ تخيل جي جذبي جي پرواز آهي، جنهن ۾ تاثر جي وڏي اهميت آهي، ظالمن جي مخالفت ۽ مظلومن جي مدد جديد علم ۽ ادب جو عام رجحان آهي. شيخ اياز صاحب جن ون يونٽ، 4 مارچ ۽ ٻين ڏکين وقتن کي سنڌ تي محسوس ڪيو ۽ سنڌين لاءِ ايئن پنهنجي دلي جذبن جو اظهار ڪيو جو سندن شعر هميشه لاءِ امر ٿي ويا ۽ هڪ وڏي سجاڳيءَ جي لهر آئي.

شيخ اياز سنڌ جي مسئلن کي سمجهيو ۽ سنڌين جو آواز ٿي بيٺو، اهو آواز پوءِ سنڌي قوم جو آواز ٿي ويو.

او ڌرتي ماءُ، تنهنجي کهه منهنجون اکيون.

 

ڳوڙها ڳاڙ نه سنڌڙي، وري ورندو واءُ.

 

سنڌڙي تنهنجو ساهه جرڪيو منهنجي جيءَ ۾.

 

ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ پوءِ به نعرا نينهن جا،

سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ مرنداسين پر مرڪندي.

مطلب ته سنڌي علم ۽ ادب هميشه سماجي حالتن کي واضح ڪيو آهي، ڪئين افسانا ۽ ناول سماجي حالتن جي بهترين عڪاسي ڪن ٿا ۽ هن دؤر ۾ سنڌي ناٽڪ نويسيءَ سان وڏيرا شاهي ۽ ڳوٺن ۾ ٿيل ”ڪاروڪاري“ جي ظلم جون داستانون منظر عام تي اچن پيون. صحافت جي ميدان ۾ ڪيترائي مضمون ۽ ڪالم لکيا وڃن ٿا جن سان سماج ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي بيان ڪيو وڃي ٿو.

لوڪ ادب سماج جي تاريخ ۽ تمدن جو عڪس آهي

سنڌي لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعري

سنڌي ادب جي شروعات تڏهن کان ٿي جڏهن کان سنڌي ٻوليءَ جنم ورتو، پر ادبي ذخيرو جيڪو باقاعده ملي ٿو، اهو سنڌي شعر جو اوائلي نمونو (1050-1350) سومرن جي دؤر کان ملي ٿو. ان کان پوءِ بتدريج هر دؤر جا لوڪ نثري منظوم قصا ۽ شاعري عوام جي دلين جي ترجماني ڪندي نظر اچي ٿي. لوڪ ادب نج ڳوٺاڻو ادب آهي، جيڪو عوام جي سينن ۾ اڻ لڀ خزاني جيان محفوظ هو، جنهن جو ڪجهه حصو اسان جي ڏاهن ۽ محققن جي محنت سان منظر عام تي آيو.

سنڌي لوڪ ادب نثري توڙي نظمي صورت ۾ شجاعت، همدردي ۽ همت جي سوين مثالن، ڏاهپ ۽ سمجهه جي انيڪ موتين جهڙن نڪتن سان پر آهي. لغت جي اڻ کٽ کاڻ آهي، پلر جي صاف پاڻيءَ وانگر آهي، جنهن جي ٿڌاڻ سان دل کي فرحت ۽ طبيعت کي راحت اچيو وڃي. نج ڳوٺاڻي ٻوليءَ جي عام سنڌي شاعري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور آهي. پهاڪو سنڌ جي سچار ۽ صداقت واريءَ زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿو. هڪ مڪمل ادبي ۽ آسودي زبان ۾ پهاڪا هئڻ لازمي آهن. جيئن ڏوهڙي ۾ هي پهاڪو سماجي حقيقتن تان نقاب لاهي ٿو ۽ سماج جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو.

ڏکڻ مينهن نه وسڻا، جي وسي ته ٻوڙي،

ڪانئر ڌڪ نه هڻڻا، جي هڻي ته جهوري.

تحقيق لوڪ ادب سماجي حقيقتن کي وائکو ڪري ٿو ۽ عوام جي جذبن، احساسن ۽ امنگن جي واضح تصوير آهي.

سنڌي لوڪ شاعريءَ جا عنوان ايترا ته وسيع آهن جن جو مثال دنيا جي علم ۽ ادب ۾ ملڻ مشڪل آهي.

ڏور ڏٺ ڳلڻ، آهن ڪم سپورن جا،

هنر ۾ حرفت گهڻي، تنهن وڌ دراها،

سينگار سياڻپ ٿو گهري، ڪي هجن ڳولاوا،

معجزا نبين جا ٿيا،ڪرامتون اولياءَ.

مطلب ته هر ملڪ جي ادب جو سينگار اهي ئي لوڪ ادب جا ماڻڪ موتي آهن. سنڌي لوڪ شاعريءَ ۾ عام سماج جون ريتون رسمون، عزت ۽ غيرت،سچ ۽ سونهن، حسن ۽ عشق، ڏک ۽ سک ۽ تمدني پهلو، حسب ۽ نسب، ذاتيون ۽ ريتون رسمون پوريءَ طرح سان محفوظ ڪيل آهن. منجهس سنڌ جي زمين ۽ آسمان جو قدرتي حسن چمڪي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش جن جي چواڻيءَ مطابق اهي پٺيءَ اگهاڙا، پيرن پيادا جڏهن سادن خيالن جي بلنديءَ ۾ صاف سينن مان املهه ماڻڪ هاريندا هئا،  تڏهن سڀ دنگ رهجي ويندا هئا.

اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،

جي جيءُ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

سنڌي لوڪ ادب ۾ نثر واري حصي ۾ لوڪ ڪهاڻيون تاريخي و نيم تاريخي داستان ۽ قصا اچي وڃن ٿا ۽ نظم واري حصي ۾ ڪئين صنفون آهن، جيڪي سنڌي سگهڙن ۽ ڏاهن جي دلين ۾ امانت طور سنڌي ادب جو خزانو آهن، جن مان ڪافي حصو تحقيق سان منظر عام تي آيو آهي. نظم جي حصي ۾ هنر، ڏور، ڏٺ، ڳجهارت، ڳيچ، لوڪ گيت، ڏهس، سينگار، مولود، مداحون، مناجات، مناقبا، معجزا ۽ پهاڪا اچي وڃن ٿا. سنڌي لوڪ ڪهاڻي قديم صداقتن ۽ ويچارن وهمن رسمن ۽ رواجن جو نچوڙ آهن. جيئن گامون سچار، شيخ چلي، وتايو فقير، انسانن کان سواءِ جانورن، پکين، ديون جنن وغيره جي باري ۾ انساني احساسات وهم ۽ ويچار لوڪ ڪهاڻين ۾ واضح ٿيل آهن. لوڪ داستان ۽ نيم تاريخي قصا سنڌي سماج جي محبت عشق ۽ حسب نسب ۽ تاريخ ۽ تمدن  کي چٽو ڪن ٿا. مارئيءَ جي وطن سان محبت، مومل جو ماندو ٿيڻ، نوريءَ جو نياز، راءِ ڏياچ جي سخاوت لازوال داستانون آهن. ان کانسواءِ ڄام لاکو ۽ مهراڻي، ڄام اوڍو ۽ اوڏڻ، ڄام اوڍو ۽ هوٿل پري، دولهه دريا خان جي بهادريءَ جا داستان مطلب ته ڪئين داستان آهن جن جو ذڪر هتي پورو نه ٿو ڪري سگهجي.

لوڪ شاعريءَ ۾ سنڌيءَ ۾ مدح به هڪ مقبول صنف آهي. مدح ۾ رسول اڪرم چار خليفن ۽ اوليائن جي تعريف ٿيل هوندي آهي. جيئن جمن چارڻ جي مدح

نام خدا يا مصطفيٰ يا پير پيران بادشاهه.

مولود خاص رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي تعريف ۾ چيل هوندا آهن. معجزو جنهن ۾ نبين ۽ ولين جون ڪرامتون بيان ڪيل هجن. ڳيچ سنڌ جي گهريلو سماجي زندگي، شادين ۽ آسين مرادين جا گيت آهن. لوڪ گيت، ڇلو، مورو، جمالو، سڪ جا عام مقبوليت جا گيت آهن. ڏهس سنڌي سگهڙپائيءَ جو آڳاٽو ۽ نج نمونو آهي، جنهن ۾ جلال کٽي تمام گهڻو مشهور نالو آهي. سينگار سياڻپ ۽ سمجهه جي صنف آهي، جيڪا باڪمال سگهڙن جي بلند خياليءَ ۽ ذهني ذوق جو پورو پورو پتو ڏئي ٿي، شاعر مختلف شين سان محبوب کي ڀيٽي کيس اعليٰ ۽ اتم ڪري پيش ڪندو آهي. مطلب ته لوڪ ادب نج عوامي ادب آهي جيڪو صديون پراڻو آهي. جنهن ۾ سماج جو عڪس چٽو نظر اچي ٿو. لوڪ ڪهاڻين جي عشق ۽ الفت جي داستانن جي شاعريءَ ۾ سنڌي لغت جي وسعت نظر اچي ٿي. منجهس صحتمند ادبي ۽ اخلاقي نڪتا سمايل آهن. جيڪي سنڌي علم ۽ ادب جو سرمايو آهن.

سنڌي شاعريءَ جون چند مشهور صنفون

سنڌي شاعريءَ جي شروعات

سنڌي شاعريءَ جي شروعات ته لوڪ شاعريءَ کان ٿي، جيئن ئي ادب جي اوسر ٿي شاعريءَ ۾ به نوان لاڙا آيا. سنڌي شاعريءَ ۾ وائي، ڪافي کان هائيڪو، ترائيل ۽ سانيٽ تائين تمام گهڻي ترقي ٿي آهي. شاهه ڪريم کان وٺي جديد شاعرن سنڌي شاعريءَ کي عروج تي پهچايو آهي.

شاعري هڪ سگهارو جذبو آهي ۽ پراثر شعر انسان جي روح ۽ دل کي سنئون سڌو متاثر ڪندا آهن.

Poetry is the spontaneous over flow of powerful emotions.

شاعري تخليقي عمل آهي هر ملڪ ۽ سماج جو ادب ان ملڪ جي عوام جي سمجهه، عقل، ڄاڻ ۽ شعور جي پيداوار ۽ اندر جو آواز آهي. ان ۾ خاص طور شاعري روح جو ريلو آهي، سنڌ ۾ شاعريءَ ۾ ڪافي صنفون مشهور آهن، جن ۾ خاص طور وائي، ڪافي، گيت، بيت، غزل، مدح، مناجات، لوڪ گيت، رباعي کان وٺي نين صنفن سانيٽ، ترائيل، هائيڪو، ٽه سٽو ۽ چوسٽو تائين سڀ رائج آهن.

وائي؛

سنڌي شاعريءَ جي پراڻي صنف آهي، جنهن جو موجد حضرت شاهه عبداللطي ڀٽائي رحه آهي، شاهه جي ڪلام ۾ بيتن جي آخر ۾ وايون آهن. ساخت جي لحاظ کان ئي هندي شاعريءَ جي زير اثر آهي، وائي ۽ ڪافي ۾ لفظ مضمون تصور ۽ تخيل ساڳيو هوندي به ٻيئي الڳ صنفون آهن. وائي ۾ ٿل ٻه اڌ ٿئي ٿو،پهريون اڌ قافيي وارو ۽ ٻيو اڌ بنا قافيي.. وائيءَ ۾ ٻن مصرن جي بجاءِ ٽي چار يا وڌيڪ مصرعون به هونديون آهن،. وائيءَ ۾ هڪ ڊگهو بيت آهي. هن جي هر مصرع کان پوءِ پهرين جي پوئين اڌ جو ورجاءُ ٿئي ٿو.

ٿل؛     هي نه ڄاتم ڄاڻ، مون سان لائي پاڻ

ويندو ٻاروچل نڪري.

 شاهه جا فقير ۽ مشهور فنڪار شاهه جون وايون يڪتاري تي آلاپيندا آهن. وائي ۾ فراق هجر ۽ غم جو بيان ٿئي ٿو، نئين دؤر جي ڪافي ۽ وائي جي ٽيڪنڪ ۾ تبديلي آئي آهي. ان ڏس ۾ شيخ اياز، بردي سنڌي، استاد بخاري جو ڪم قابل ذڪر آهئ

عشق اسان وٽ آرائينءَ، جيئن آيو جهول ڀري،

ڪوئي ڪئين ڪري.

(شيخ اياز)

ڪجهه نون شاعرن به وايون چيون آهن جنهن ۾ ڪجهه وزن ۽ زبان جي تبديلي پڻ ملي ٿي.

اياز جي وائي ”ڀونءِ نه آئي ڀانءِ“ زبان ۽ ترنم جو اعليٰ مثال آهي. سندس مڪمل واين تي مشتمل مجموعو آهي، ٻيا به ڪيترائي جديد شاعر سنڌيءَ ۾ وايون لکي رهيا آهن.

ڪافي

شاهه ڀٽائيءَ کان ڪافي گهڻو اڳ جي ايجاد آهي، مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي ڪتاب ”ڪافي“ ۾ ڄاڻايو آهي ته ارغون ۽ ترخانن جي قتل و غارت گيريءَ جي دؤر ۾ جيڪي پاٽ جا عالم ۽ صوفي بزرگ برهانپور لڏي ويا، انهن ۾ مشهور ڪافي گو شاعر حضرت قاسم بن شيخ لاڏجيو هئا. جن کي ڪافي تي مهارت حاصل هئي.

منظور نقوي ”نئين زندگيءَ“ ۾ لکي ٿو ته ڪافي موسيقي جي ٺاٺ مان نڪتل راڳ جو نالو آهي. جيڪو ست سئو سال اڳ ”هوپا ميل“ ۾ ڄاڻايو ويو آهي. هن صنف جو نالو ڪافي ان ڪري آهي جو منجهس سڀ سر سڌا سنوان ٿي ٿا لڳن. ”ڪافي معنيٰ مڪمل ۽ پوري“ سندس ڳائڻ جو وقت اڌ رات آهي.

سنڌي ڪافيءَ ۾ اڪثر گفتگو عورت جي زباني ڪئي ويندي آهي، ڪافيءَ جو مکيه موضوع مجازي عشق جو درد ۽ فراق آهي، ڪافي جو مضمون عشقيه هوندو آهي. اميد علي شاهه ڀرئي جي ڪافي جو ٿل؛

يار سڄڻ تنهنجي ماڻن ماري آهيان،

تنهنجي ڳالهين ڳاري آهيان.

ڪافي جي صنف ۾ عجيب اثر انگيزي آهي،ٻڌڻ سان ماٺ طاري ٿي ويندي آهي. شاهه سائينءَ جي ڪلام کان سواءِ سچل، بيدل، بيڪس،مصري، روحل فقير، حمل فقير وغيره ڪيترن ئي ڪافيون چيون آهن. سچل جون ڪافيون تمام اثر انگيز ۽ مشهور آهن. کيس سنڌي ڪافيءَ جي شاعريءَ ۾ گهڻي اهميت حاصل آهي ۽ ڳائڻن ۾ استاد منظور علي، سيد سليمان شاهه، علڻ فقير، حسين بخش، ڍول فقير، عابده پروين، زرينه بلوچ ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن هن عوامي صنف کي ڳايو آهي.

مون کي هوتن هاڻي ڪوٺي پنهنجو ڪيو،

جت گهڻا ٻيا جڳ ۾، منهنجو هوت آرياڻي ڪنديس ڪونه ٻيو.

(سچل)

مخدوم طالب الموليٰ جن ڪافيءَ جي موضوع تي بهترين ڪتاب لکيا آهن ۽ سندن چيل ڪافيون اڄ به مشهور آهن، ڪافي سنڌي شاعريءَ ۾ پراڻي ۽ آڳاٽي صنف هئڻ سان گڏ عوام ۾ محبت پيار ۽ امن جو پيغام آهي.

غزل

غزل فارسيءَ جي صنف آهي، جيڪا ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر کان پوءِ سنڌ ۾ آئي پر اصل سنڌيءَ ۾ غزل انگريزن جي دؤر ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي.

سنڌي غزل جو پورو پورو حق مير عبدالحسين خان سانگيءَ ادا ڪيو. غزل شعر جو هڪ زنده جاويد قسم آهي. غزل هڪ مشڪل صنف آهي. سانگيءَ جي غزل ۾ عشق جو عنصر گهڻو آهي. عروضي شاعريءَ ۾ غزل جي پورن قائدن کي نڀائي وڃڻ وڏي ڪماليت آهي، ڇو جو غزل جي جوڙجڪ ۽ بندشون محنت طلب آهن. غزل ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ۽ وڌ ۾ وڌ 17 شعر هئڻ گهرجن عام طور حسن ۽ عشق جا راز، هجر ۽ فراق دلڪش انداز ۾ بيان ڪيل هوندا آهن، پر سندن ميدان وسيع ۽ دلڪش آهي. ويهين صديءَ جي سنڌي غزل شروع ۾ ايراني اثر هيٺ هئي پوءِ مٿس اردوءَ جو اثر به ڏسجي ٿو. سانگيءَ غزل کي بلندي عطا ڪئي. قليچ جو انداز فلسفياڻو آهي، مرزا قليچ بيگ بهترين غزل سنڌي ادب کي عطا ڪيا، عشقيه مضمون سان گڏ اخلاقي مضمون پڻ سنڌي غزلن ۾ ڏسجي ٿو.

 غزل جي شاعر کي ”قادر الڪلام“ شاعر چئي سگهجي ٿو، جيئن خليفو گل محمد هالائيءَ جو هي شعر؛

”ويو سيارو، وري بهاري بوند، گل ٽڙيو ڦل ٽڙيو ٿيو برباغ“

هن بيت ۾ گل ٽڙيو ڦل ٽڙيو ٿيو برباغ سان سڄي بهاري ڪيفيت واضح ٿئي ٿي. جيڪا ”قادر الڪلامي“ آهي. ڪشنچند بيوس غزل کي ايرانيت کان آجو ڪيو. شيخ اياز جي دؤر ۾ غزل ۾ رومانويت جو عنصر پڻ شامل ٿيو.

رات آئي وئي، تون نه آئين ڪهي،

ماڪ ۾ مينڌرا، ڪاڪ روئندي رهي.

(شيخ اياز)

غزل کي ڪجهه شاعرن انقلابي موڙ پڻ ڏنو ۽ کيس آزاد خياليءَ جي سانچي ۾ موڙيو. شيخ اياز، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، منظور نقوي ۽ ٻين ڪيترن شاعرن غزل کي حسين ترين بنايو.

شعر؛

دل ڪنهن سان رکان هاءِ جو دلبر نه ملي ٿو.

ڇا ظلم سهان ڪوئي ستمگر نه ملي ٿو.

(محمد هاشم مخلص)

بيت

”بيت“ معنيٰ ”گهر“ جنهن مان سڪون ۽ اطمينان جو احساس ٿئي، سنڌي شاعريءَ واري ڀاڱي ۾ ”بيت“ کي وڏي اهميت حاصل آهي. ڳاهن جي ذريعي بيت گهڻي ترقي حاصل ڪئي. فقيرن جا بيت ابتدائي اهڃاڻ آهن، جنهن مان خبر پيئي ته بيت سنڌي شاعريءَ جي بنيادي صنف آهي. شروع دؤر ۾ سنڌي بيت کي عظمت ڏيڻ وارا شاعر شاهه ڪريم، شاهه ڀٽائي، شاهه قادري، سچل، سامي، بيڪس ۽ بيدل آهن. پوئين دؤر ۾ مخدوم طالب الموليٰ، شيخ اياز، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، امداد حسيني ۽ ڪئين شاعر آهن، جن بيت کي ترقي ڏيارائي.

بيت جي بناوت ٻن سٽن کان اٺن سٽن تائين هوندي آهي. شاهه ڪريم جا بيت سنڌي شاعريءَ ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا.

مورک مور نه ٻجهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن،

ڪٽر جن اکين ۾،سي ڪيئن پرين پسن.

شاهه ڪريم جو ڪلام وحدت الوجود جي فڪر جو آئينو آهي. سندس بيت فن ۽ فڪر جي لحاظ کان بلنديءَ تي آهي. شاهه ڀٽائيءَ بيت جي ميدان کي نئين سر سيراب ڪري بيت جي اوسر کي نئون موڙ ڏنو، جنهن جي ڪري بيت لازوال صنف بڻجي ويو. لوڪ ادب جي شاعري4 ۾ سنڌي سگهڙن ۽ سالڪن جا بيت سنڌي شاعريءَ جي شروعاتي دؤر جي وقت کي واضح ٿا ڪن. هيءَ سنڌي شاعريءَ جي اها صنف آهي جيڪا هر دؤر ۾ شاعرن وٽ رهي آهي. سنڌي جديد شاعريءَ جي اڳواڻ شيخ اياز منجهس ڪئين تجربا ڪيا.

سدا آهي ساهه کي، ڳڀي جي ڳولا،

ڍؤ بنا ڍوليا، ناهي ساڃهه سونهن جي.

اياز سنڌي بيت ۾ پنهنجي دؤر جا درد ڀري ڇڏيا، موسيقيت سان پر جمالياتي ۽ رومانوي شاعري ڪئي اٿن.

تون جي ايندين رات. الا! او رات،

ته منهنجي رات امر ٿي ويندي.

شاعريءَ جا مجموعا ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ مشهور آهن.

سنڌي گيت جي ارتقا

گيت لفظ جي لغوي معنيٰ ڳائڻ جي آهي. لوڪ گيت سنڌي سماج جو حصو رهيا آهن. پر ”جديد گيت“ پوءِ جي پيداوار آهن. جنهن ۾ شاعر حسن ۽ عشق جي جذبن سان گڏ سماج جي بي انت مسئلن وطن ۽ قوم جي محبت جي جذبن کي سمايوآهي. پر وزن جي رواني، گيت جي طرز، خيالن جي سادگي ساڳي ئي آهي. اصل ۾ گيت هندي شاعريءَ جي صنف آهي، سورنداس ۽ ميران ٻائيءَ جا گيت هندي مذهبي عبادتن ۾ شامل آهن، جنهن ۾ صوفيانه رنگ شامل آهي.

تمري ڪارڻ سڀ سک ڇوڙيا

اب موهي ڪيون ترساوو!

(ميران ٻائي)

هنديءَ مان گيت اردو شاعريءَ ۾ داخل ٿيو، جنهن کي بهزاد لکنوي ۽ حفيظ جالنڌري ۽ نظير اڪبر آبادي عروج تي پهچايو.

سنڌي جديد گيت ڪجهه حد تائين هندي ۽ اردو گيت جو اثر قبوليو آهي. سنڌي گيت جي ابتدا 1918ع کان ٿي، جنهن ۾ کيئلداس فاني، لطف الله جوڳي، هوندراج دکايل ۽ ٻيا جهونا شاعر قابل ذڪر آهن پر خاص جنهن شاعر جو گهڻو ڪلام ملي ٿو ۽ سنڌي ٻولي فارسي ۽ هنديءَ جي قيد مان آزاد نظر اچي ٿي اهو شاعر ڪشنچند بيوس آهي، شيخ اياز ڪشنچند بيوس کي هيئن تحسين ڏنو آهي.

”جي اسان جي ادبي ارتقا ۾ بيوس نه هجي ها ته شايد منهنجي شاعريءَ جو رنگ روپ ساڳيو نه هجي ها.“ هن انگريزي دؤر جي شاعر گيت جي صنف کي جديد موڙ ڏنو. سندس مجموعا ”شيرين شعر“ 1935ع ۽ پوءِ ”سامونڊي سپون“ مشهور آهن. ان کان سواءِ ”شيرين ڪلام“ رام پنجواڻي سان گڏ ۽ ”موجيءَ جا گيت“ هري دلگير سان گڏ ترتيب ڏنل آهن. هري دلگير جي ڪلام ۾ حسن فطرت يعني "Beuty of nature" جا جلوا نظر اچن ٿا.

سنڌي گيت 1947ع کان پوءِ ڪافي ترقي ڪئي آهي، لطف الله بدوي هندي لفظن جي جڙاءُ سان سنڌي گيت کي سجائيندڙ شاعر آهي. ليکمچند پريم سنگيت جي ترتيب ورتل مشهور شاعر آهي، جنهن جا گيت ٻوليءَ ۽ جذبي جي لحاظ کان پيارا آهن. سندس مجموعا ”اکڙين آلاڻ“ ۽ ”شمع ٻاريندي شب“ مشهور آهن. نارائڻ شيام جا مجموعا ”واري ڀريو پلاند“ ۽ ”روشن ڇانورو“ آهن. بردو سنڌي رسيلن گيتن جي جديد شاعريءَ جو بادشاهه آهي، سندس مجموعو ”اکڙيون ميگهه ملهار“ انعام يافته آهي. زبان سادي ۽ ڳوٺاڻي هر شعر جذباتي ۽ اثر انگيز آهي.

عارف الموليٰ، سليم ڳاڙهوي، بشير مورياڻي (شعرن جو مجموعو ”اصناف خيال“) بلاول پرديسي، فتاح ملڪ، قيوم طراز، استاد بخاري، ڪرشن راهي، قمر شهباز، الطاف عباسي، تاجل بيوس، مير محمد پيرزادو، انور پيرزادو، محسن ڪڪڙائي، احمد خان آصف، شمشير الحيدري ۽ ٻين ڪيترن تمام سهڻا سريلا گيت چيا آهن. بلاول پرديسي، منظور نقوي ۽ سليم ڳاڙهوي ريڊيائي گيت پڻ چيا آهن. عورتن ۾ روشن آرا مغل، منور سلطانه، شمشاد مرزا، سلطانه وقاصي، نذير ناز، نور الهديٰ شاهه، مريم مجيدي، شبنم موتي، شبنم گل ۽ ڪئين نالا آهن، جن هن ڏس ۾ قدم کنيو ۽ سٺا گيت لکيا آهن. امداد حسيني جو مجموعو ”امداد آه رول“ بهترين مجموعو آهي. سندن ريڊئي تي ڪافي گيت رڪارڊ ٿيل آهي. لوڪ گيت کي جديد گيت ۾ سمائي نوان تجربا ڪيا اٿن. نصير مرزا ۽ اياز گل، مختيار ملڪ، تاج جويو ۽ ماٺيڻو اوٺو، ٻوليءَ جي پختگي ۽ خيالن جي گهرائيءَ سان سنڌي گيت کي سجايو آهي. نياز همايوني جي قومي شاعري علم عروض تي مشتمل گيتن جي آهي. هن آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ ”ڌرتيءَ جا گيت“ سندس مشهور مجموعو آهي.

 

تنوير عباسي؛

سنڌي گيت جو هڪ سريلو ۽ مٺڙو شاعر آهي، جنهن جي شعر ۾ ميٺاج، رواني ۽ سادگي آهي. کيس شاعرن "Lyrical Poet" سڏيو آهي. کيس سنڌي شاعريءَ جو Words worth سڏيندا آهن، خود ورڊس ورٿ جو شمار انگريزي شاعريءَ ۾ Lyrical Poet جي حيثيت سان ٿئي ٿو. تنوير عباسي نه رڳو ڪلاسيڪل لوڪ گيتن کي نئين معنيٰ ڏني پر گيتن، بيتن ۽ وائين کي نئون موڙ ڏنو. سندس گيت ۾ هندي گيت واري مڌرتا ۽ رواني آهي. شاعريءَ کان سواءِ به گهڻو ڪجهه لکيو اٿن، پر سندس شاعري ۽ شاهه لطيف تي لکيل ڪتاب وڌيڪ مشهور آهن. ڊاڪٽر تنوير جي شاعري زندگيءَ جي ترجمان آهي. گيت جي صنف کي حسين کان حسين بنائڻ لاءِ ڪافي فني تجربا ڪيا اٿن.

هر ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،

هر ڪا دل هيرن جي کاڻ،

ڄاڻي ڏس ته سهي اڻ ڄاڻ.

ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌي گيت جي بهترين شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو.

 

 

 

شيخ اياز؛

شيخ اياز کي سنڌي شاعريءَ ۾ قومي شاعر جو درجو حاصل آهي. شيخ اياز بيوس کان پوءِ سنڌي گيت جو پورو حق ادا ڪيو. بلڪه صحيح معنيٰ ۾ سنڌيءَ ۾ گيت شيخ اياز ئي لکيا. اياز جديد سنڌي شاعريءَ جو باني آهي. اياز سنڌيءَ کي سوين مڌر ۽ سريلا گيت ڏنا، جن ۾ هيئت، اسلوب ۽ موضوع جا نوان نوان تجربا ڪيائين. سندس مشهور مجموعا ”ڀوئنر ڀري آڪاس“، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، ”ڪلهي پاتم ڪينرو“، ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ آهن. هن قابل شاعر جي گيتن ۾ سنڌي زبان جي سونهن، سنڌي رنگ ۽ ماحول جي هڪ عجيب رواني آهي. سندس موضوع پرين لاءِ پڪارون، وڇوڙي جا صدما ۽ تنهائي جا تير آهن، سونهن ۽ سڪ سان گڏ جمالياتي احساس پڻ اُتم آهي. لفظن ۾ موسيقي ۽ رڌم آهي. حسين چيز دائمي مسرت جو ذريعو آهي.

A thing of beauty is a joy for ever

فطرت کي بلڪل قدرتي انداز سان واضح ڪيو اٿس. سندس رومان جو ماحول پڻ مقامي ۽ عام آهي.

اڙي چنڊ، اڙي چنڊ، پرين تو ته ڏٺو ناهه،

سندس روپ، سندس رنگ، ائين آهه جيئن تون.

شيخ اياز جي شاعري ۾ قوميت جو احساس ۽ Powerful emotion سڄي شاعريءَ تي حاوي آهن؛

جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل! هي ڏينهن به گهاري وينداسين،

ڇو پير پساري ويٺو آن! اُٿ ڏونگر ڏاري وينداسين.

سنڌي مرثيو؛

سنڌي مرثيو ۽ مشهور مرثيه نگار سيد ثابت علي شاهه

مرثيو اصل ۾ عربي لفظ آهي جيڪو لفظ ”رثيٰ“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”روئي ڪنهن مري ويل جون نيڪيون بيان ڪرڻ“.

مرثيو اهو شعر آهي، جنهن ۾ ڪنهن ميت جون خوبيون بيان ڪيل هجن. عربي جا ست مرثيا ”المراثي السبع“ جي نالي سان تمام گهڻا مشهور آهن، انهن ۾ خنسا جو مرثيو خاص مشهور آهي. (جيڪو بي اي جي نصاب ۾ شامل آهي.) مرثين جا ٻه قسم آهن. ”عام مرثيو“ ۽ ”خاص مرثيو“. ”عام مرثيي“ ۾ ڪنهن به مري ويل جي خوبين کي بيان ڪري افسوس ڪيو ويندو آهي.

”خاص مرثيو“ امام حسين عليه السلام جن جي باري ۾ چيل اهو ڪلام جنهن ۾ ”ڪربلا“ جي ڏکن ۽ واقعن جو ذڪر هجي. مرثيو شاعريءَ جو اهو قسم آهي جنهن سان ڏک ۽ درد جي شدت جي ترجماني ٿئي ٿي. ڏک ۽ درد شاعريءَ جي روح آهن.

مرثيي ۾ اندر جواهو ڏک ۽ پيڙاءُ سمايل هوندو آهي، جيڪو سندس نقش ۽ تاثر اندر جو آواز ٿي ويندو آهي، دل تي نقش ٿي ويندو آهي.

”بحرالفصاحت“  ۾ آهي ته پهريون مرثيو آدم عليه السلام جن جو چيل آهي، جيڪو قابيل جو هابيل کي قتل ڪرڻ کان پوءِ ماتم جي سلسلي  جي پهرين ڪڙي آهي.

سنڌي ادب دنيا جي ٻين ادبن وانگر هر صنف ۾ اڳيان اڳيان آهي سنڌي مرثيي ۾ بهترين مرثيه نگارن طبع آزمائي ڪئي آهي.

 شاهه ڀٽائيءَ جن باقائده مرثيا نه لکيا آهن پر سندن ”سر ڪيڏارو“ جا ماتمي بيت بي انتها اثر انگيز آهن.

ڏاڙهي ته رت رتياس، ڏند ته ڏاڙهونءَ گل جيئن،

چوڏهينءَ ماه چنڊ جيئن، پڙ ۾ پاڳڙياس،

ميڙي ۾ محمد جي، مر مرڪي ماس،

تنهن سوره کي شاباس، جو مٿي پڙ پرزا ٿئي.

ڪيترو نه اثر انگيز نقشو چٽيل آهي امام حسين عليه السلام جن جي شهادت جو. امام حسين عليه السلام جن جي سونهاري مبارڪ ۽ ڏندن جو رت ۾ گل جيئن ڳاڙهو ٿي وڃڻ، دستار شريف جو چوڏهين چنڊ وانگر چمڪڻ، قيامت جي ڏينهن رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جن جي امت جي ميڙ ۾ سندس ماءُ بيبي فاطمه جو جنگ جي ميدان ۾ شهيد ٿيل پٽ تي فخر جو اُتم احساس آهي، جيڪو اسلام جو نالو بلند ٿو ڪري؛

ڪڪرا ڪربلا جا، مادر ٿي ميڙياس،

ڦٽن تان رت ڦڙا، عليءَ ٿي اگهياس،

مڙئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي.

سڄي اُمت محمدي امامن جي ناحق قتل جي ڪري بخشش جي ويئي، سڀني مؤمنن جا گناه معاف ٿي ويا، شاهه سائينءَ جا سر ڪيڏارو جا رزميه بيت رزميه شاعريءَ سان گڏ جذبات غم جي شدت جي ترجماني ڪن ٿا، جيڪي مرثيي ۾ شمار نٿا ٿين پر سندن سُر ڪيڏارو جي شاعري آل محمد سان عقيدت جو اظهار آهي.

جديد دؤر جو مرثيو علم عروض جي موزون شاعريءَ تي ٺهيل آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ ڪئين مرثيه نگار شاعر ٿي گذريا آهن. قادر بخش بيدل، شاهه نصير الدين، مير حسن علي خان ”حسن“، خواجه ناصر علي، مل محمود، مرزا قليچ بيگ، سرفراز ڪلهوڙو، مخدوم عبدالله، خير شاهه پرديسي پر سڀني کان وڌيڪ جنهن شاعر کي سنڌي مرثيي جو باني ۽ سنڌي مرثيي جو ”مير انيس“ سڏجي ٿو، اهو سيد ثابت علي شاهه آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com