سيڪشن؛لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات

باب: --

صفحو :13

 

سخاوت جي سچي جذبي جي ساراهه

الا! جُنگ جين، جنين اجهي گهاريان،

شال مَ سڪي ويئري، جئان پي پين،

مُرڪڻ! اکڙين، تو ڏٺي مون سک ٿئي.

(بلاول: 3-2)

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سنڌ جي سخي ڏاتارن کي ساراهيو آهي. سخاوت جو جذبو ايمان جي نشاني آهي. سخين کي الله پاڪ پسند ٿو ڪري،”ان الله جواد يحب الجواد“ بيشڪ خدا پاڪ سخي آهي ۽ سخين کي پسند ڪندڙ آهي.

 شاهه ڀٽائي فرمائي ٿو الله سائين ڪري شل سخي مرد حياتي هجن، جنهن جي آسري، جنين جي ڇانوَ ۾ آئون حياتي گذاريان شل اهي کوه به آباد هجن جن مان اوٽهڙو پاڻي پين، اي مرڪڻا مرد فخر لائق جوان! تنهنجي ڏٺي منهنجي اکڙين کي سڪون ملي ٿو. سخاوت هڪ اعليٰ ۽ اتم جذبو آهي، جيڪو پيغمبرن ۽ ولين کان سواءِ ڪجهه سچن مؤمنن جي ۽ نيڪ انسانن جي ميراث آهي ۽ صفت خداوندي آهي. ڏاتار به انهن مان خوش ٿو ٿئي، جيڪي کانئس گهرن ٿا. ڏاتار ۽ گهرندڙ جي وچ ۾ ”گهرج“ وسيلو آهي، دعا پنندڙ ۽ گهرندڙ مان ڌڻي پاڪ خوش آهي، اهو سندس شان ڪبريائي آهي.

ڏاتار ڏک ڪيا، پاڻا مٿي مکڻين،

مون در ڇڏيو مڱڻا، مڱين ڪوه ٻيا،

تڏهن تو پئا، وچان ولها ڏينهڙا.

(پارڀاتي: 1 -13)

خالي ڏينهن انهن کي ئي پوندا جيڪي سخي ڏاتار کي ڇڏي سکڻن جي درن تي رلندا. رب پاڪ انسان کي آسمان مان نٿو موڪلي پر هن دنيا ۾ انسانن جي معرفت کيس علم، دولت ۽ عزت عطا ٿو ڪري. نيڪ سخي مردن جي معرفت خلق خدا جا ڏک سور ٿا لهن. لس ٻيلي جي حاڪم سپڙ سخي کي شاھ سائين سر بلاول ۾ ڌڻيءَ سڳوري سان تمثيل ٿو ڏئي ته ڌڻي اهڙو سخي آهي، جو اٻوجهن کي ڍڪيو ٿو ڇڏي. سپڙ سخيءَ مڱڻهار کي سؤ گهوڙا انعام ۾ ڏيئي ڇڏيا ايترو ته سخي سردار هو جو سندس سخاوت جي هاڪ هنڌين ماڳين مشهور آهي.

جادم جکرو سخاوت جو صاحب هو. ڄڻ سنڌ جو حاتم هو سمن جو سرتاج هو.

سما تو سر ڇت، نات پاڳارا پرس ٻيا.

شاهه جي نظر ۾ سرداريءَ  جي قابل ۽ پڳ جي قابل صرف سمو سخي سردار آهي ۽ کيس ئي ٿي پڳ سونهي نه ته ٻيا به ڪئين پاڳارا مرد آهن، پر سمي جهڙو ڪو ٻيو ڪونهي.

جکرو جس کرو، ٻيا سڀ انيراءِ،

جيائين جڙيو جکرو، تيائين نه ٻيا،

مٽي تنهن ماڳا، اصل هئي ايتري.

(سر بلاول: 2-2)

اهڙن سخي ڏاتارن جي رب پاڪ مٽي ئي ايتري ٿوري ٺاهي ۽ انهن جهڙو ڪوبه ڪونهي.

الا جنگ جين، مان شاهه سائينءَ جي مراد تمام وڏي ڄمار آهي، ڪئين سال، يعني شل سندن ڄمار کٽي ئي نه، سندن نه کٽندڙ زندگي ئي خدا جي مخلوق جي لاءِ خوشي، سڪون ۽ تحفظ آهي، اهو ان کوهه وانگر آهي، جيڪو سخت گرميءَ ۾ اڃايلن جي اُڃ ٿڌي پاڻيءَ سان ٿو اُجهائي اهڙو کوهه جيڪو واٽهڙن لاءِ نعمت خداوندي آهي شل ڪڏهن به نه سڪي. سخي مرد صدقهءِ جاريه وانگر آهن، جن کي شل رب پاڪ قائم رکي ۽ انهن ۾ هر لحاظ کان برڪت وجهي ته اهي پنهنجي قوم قبيلي ۽ ڪٽنب لاءِ ڪارائتا هجن.

سخاوت جو درجو اتم آهي. ان جي برعڪس بخل انساني خرابين ۽ خامين ۾ شمار ٿئي ٿو سخاوت ۾ انساني اعليٰ قدرن جي سونهن سمايل آهي. جاني ۽ مالي طور ڪنهن به انسان جي لاءِ بغير غرض ۽ فائدي جي ڪم اچڻ ۽ انسانيت جي بي ريا خدمت ڪرڻ سخاوت آهي. بغير لالچ جي دل سان علم عطا ڪرڻ سخاوت آهي. جاني طور ڪنهن جي ڪم اچڻ سخاوت آهي. ڪو کوھ کوٽائڻ ڪي وڻ پوکائڻ جنين جي ڇانوَ ۾ پکي پکڻ، انسان حيوان ساهي پٽين ۽ سک حاصل ڪن اها سخاوت آهي. مطلب ته خدا جي خلق کي فائدو پهچائڻ ۽ سک عطا ڪرڻ سخاوت آهي پر ان ۾ اعليٰ درجو مالي ۽ جاني سخاوت جو آهي.

راءِ ڏياچ راجا ڪاٺياواڙ جي چوڙا سما خاندان جو ڇهون بادشاهه هو ۽ هن 1103ع کان پوءِ گرنار تي حڪومت ڪئي. راءِ ڏياچ ٻيجل جي سر جيءَ صدا تي ڪنڌ ڪرٽ ۾ هڻي هميشه لاءِ سخاوت جي جذبي کي امر ڪري ڇڏيو. سخاوت ۾ سر قربان ڪرڻ تمام وڏي ڳالهه آهي. ٻيجل جيڪا اسر مهل تند تپائي تنهن راءِ ڏياچ کي بي چين ڪري ڇڏيو.

ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ڀنيءَ ويهي ڀان،

راجا رتولن ۾، سيبائيو سلطان،

گهوريان لک لطيف چئي، تنهنجي قدمن تان قربان

مٿو هي مزمان، هلي آءُ ته هت ڏينئينءِ.

وڏي شوق ۽ اتساه سان سر ڪلهن تان ڪوري قربان ڪرڻ راءِ ڏياچ جو ئي شان هو ۽ سر ڏيندي به ڏک ڪيائين ته هڪ سر ته ڇا ڪروڙين سر به توتان قربان ڪريان. ڇو جو تون انيراءِ سان سر جو وچن ڪري آيو آهين، ۽ متان پنهنجي واعدي ۾ ڪوجهو نه ٿنئين.

مٿي اُتي منهنجي، جي ڪوڙين هن ڪپار،

ته واريو واريو وڍيان، سسيءَ کي سئو وار،

ته پڻ تند تنوار، موهان مٿائون گهڻو.

(سُر سورٺ)

 سخي مردن لاءِ سوال موٽائڻ ميهڻو آهي، راءِ ڏياچ هڪ هنڌ چوي ٿو ته جيڪڏهن تون مون کان سر کان به وڌيڪ ڪا اهڙي شيءِ گهرين ها جيڪا مون وٽ نه هجي ته جڳن جا جڳ سخين کي داغ ڏيئي ڇڏين ها.

وڪيئي ڏاتار جي ڳالهه ڪندا آهن ته ڪڏهن به ڪنهن سواليءَ کي خالي ڪونه موٽائيندو هو. کانئس سمنگ چارڻ آزمائڻ لاءِ پيرون گهريا ۽ هو شرمندگيءَ ۾ اچي ويو ڇو جو پيرون جي مند نه هئي. سندس مينهن ماڻڪي وڏيءَ جاکوڙ کان پوءِ پيرون جو ڇڳو سڱن ۾ کڻي آئي جيڪو وڪيي چارڻ کي ته ڏنو پر کيس ڏک ٿيو. ڏک ۾ چارڻ کي پاراتو ڏنائين.

ڪُمند ۾ گهرين تون، ڏاتارن کان ڏان،

وٺ چارڻ ڪوڙهيا، وڪيئي ڏنئي ڏان.

چون ٿا ته چارڻ کي ڪوڙهه ٿي پيئي ۽ پوءِ وڪيئي جي دعا سان ٺيڪ ٿيو، کيس ۽ سندس سڄيءَ نسل کي نرڙ تي ٽڪو آهي. ان ڪري سخين کي آزمائڻ نه کپي ڇو جو هو وڏيءَ دل وارا هوندا آهن. پاڻ کي تڪليف ڏيئي ٻين جي ڪم ايندا آهن، وعدو وفائي سندن خاص خوبي هوندي آهي. وعدو ۽ انجام پاڙڻ نيڪ اخلاقيءَ جي اعليٰ وصف آهي، اهي انسان سچار ۽ مؤمن هوندا آهن.

ابڙو سردار سخاوت جو سائين، دلير ۽ واعدي جو سچو هو، جنهن علاؤالدين جي موڪليل هندستاني لشڪر سان مقابلو ڪري سومرين جي حفاظت ۾ سر قربان ڪيو.

علاؤالدين آئيو، کڻي ڇل ڇڳير،

ڪنهن ڪين همٿيو، ڪان جهليندو ڪير،

 سومرين سام کنئي، ابڙي ڪيو اٺ پير،

هو مهانئين مير، پر مستوراتن مارايو.

(سر بلاول)

ابڙي سردار عزتن جي حفاظت، سنڌ جي حفاظت ۽ وعده وفائيءَ تي سر قربان ڪيو.

ڏيڻ وارو هٿ گهرڻ واري کان مٿي آهي. شرط صرف گهرڻ جي نه آهي، ڏيڻ واري جي ڏيڻ جي جذبي ۽ محبت جي اهميت ۽ سواليءَ جي سوال جي قبوليت جي آهي. رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جن سخاوت کي گهڻو پسند ڪندا هئا، پاڻ ڪڏهن ڪو سوالي خالي نه موٽايائون. هڪ دفعي جنگ ۾ وٽن بني طئي قبيلي جا ماڻهو جنگي قيدي ٿي آيا انهن ۾ حاتم طائيءَ جي ڌيءَ هئي. جڏهن اها سامهون پيش ٿي ته چيائين ”يا رسول الله منهنجو پيءُ غريبن ۽ مسڪينن جي پرگهور لهندو هو ۽ کين کاڌو کارائيندو هو.“ پاڻ فرمايائون بيشڪ اهي مؤمنن جون خوبيون آهن. ”تون سخيءَ جي ڌيءَ آهين ۽ هاڻي تون آزاد آهين.“ خدا جي رسول محمد صلي الله عليه و آله وسلم جن سندس ڀاءُ کي به آزاد ڪري ڇڏيو. جنهن تي بني طئي جو سڄو قبيلو مسلمان ٿي ويو.

رسول پاڪ صلي الله عليه و آله وسلم جن سخاوت جي جذبي کي مان ۽ شان ڏيئي قيامت تائين لاءِ سخين کي مانائتو ڪري ڇڏيو. چارئي خليفا قناعت پسند ۽ سخي هئا. حضرت ابوبڪر صديق جن گهر جو سڄو مال ۽ اسباب ميدان جنگ لاءِ قربان ڪيو ۽ صرف هڪ جملو چيائون ته ابوبڪر جي لاءِ خدا ۽ خدا جو رسول ڪافي آهن. حضرت عمر فاروق رضه جن تمام گهڻا امير هئا اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ گهڻي دولت اسلام جي راهه ۾ قربان ڪيائون. ۽ هر سواليءَ جي ڪم ايندا هئا، ڪڏهن کين خالي نه موٽايائون عثمان غني پنهنجي هڙان هميشه مالي قربانيون ڏنيون ۽ علي رضه جي قناعت جو اهو عالم هو جو سندن گهر وارا پاڻيءَ سان روزو کوليندا هئا پر جيڪي به گهر ۾ هوندو هو سو خرچ ڪندا هئا. مطلب ته خدا جا رسول پاڪ صلي الله عليه و آله وسلم جن ۽ سندن آل و عيال چارئي خليفا ۽ اصحابي دنيا جي حرص ۽ هٻڇ ۽ لالچ کي ننديندا هئا ۽ الله جي مخلوق کي وڌيڪ سک ۽ فائدو عطا ڪندا هئا. پنهنجي هڙان سندن مالي ۽ جاني مدد ڪندا هئا، حضرت شاهه ڀٽائي جن هڪ ڪامل بزرگ ۽ وليت جي خصوصيتن سان مالا مال هئا ۽ اهڙين نيڪ خصوصيتن جا تمنائي هئا. اها نيڪ سنگت جيڪا ماڻهوءَ کي سون ڪري ڇڏي.

تون سپڙ آئون سيڪڙو، تون ڏاتار آئون ڏوهه،

تون پارس آئون لوهه، جي سڃنئين ته سون ٿيان.

 

سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست! مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

(سارنگ)

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com