8
سنڌي ڊراما
سؤ ساله جشن
1880ع ۾ شمس
العلماء مرزا قليچ بيگ جو لکيل سنڌي زبان جو
پهريون ناٽڪ’ليليٰ مجنون ‘ پڌرو ٿي منظر عام تي
آيو هو، جنهن کي 1980ع ۾ هڪ سؤ سال پورا ٿيا.
انهي مناسبت سان سنڌي اديبن، عالمن ۽ دانشورن
1980ع کي ’سنڌي ناٽڪ صدي جو جشن سال‘ قرار ڏيڻ
واري اعلان کي عملي صورت بخشڻ لاءِ ’سنڌي ڊراما
جشن ڪائونسل‘ قائم ڪري پهرين جنوري 1880ع تي
سنڌي پهرين ناٽڪ جي ليکڪ شمس العلماءَ مرزا
قليچ بيگ جي مزار تي هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي
ويئي.
هن تاريخي
تقريب ۾ سنڌي اديبن جي جلوس جي اڳواڻي بزرگ ناٽڪ
نويس م.ع ڏيپلائي ڪئي هئي. هن ادبي ميڙ جي خاص
ڪاروائي اها هئي ته سنڌي زبان ۽ ادب جي مُربي ۽
محسن جي مرقد مٿان سنڌي اديبن، ادبي جماعتن ۽
اشاعتي ادارن طرفان گلن جون چادرون چاڙهي سئو ساله
جشن جو باقاعدگي سان آغاز ڪيو ويو.
انهي کان
پوءِ سنڌ توڙي هند جي وڏن وڏن شهرن ۾ ’سنڌي ناٽڪ
صدي جشن‘ ملهائڻ جي سلسلي ۾ سموري سال 1980ع دوران
مقبول ناٽڪ رچايا ويا ۽ ادبي جلسا ۽ سيمينار سڏايا
ويا جتي سنڌي ناٽڪ جي تاريخ ۽ فن تي تقريرون ۽
مقالا پيش ڪيا ويا.
ان سلسلي ۾
ڀارت جي راڄڌاني دهليءَ ۾ سنڌو ڪلاسنگم طرفان 23
کان 26 سيپٽمبر 1980ع تي نهايت شاندار نموني سان
سنڌي ناٽڪ صدي جشن ملهايو ويو. جتي ادبي جلسن ۾
پهرئين سنڌي ناٽڪ نويس شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
جي تصوير کي جهجهي عقيدت سان رکيو ويو هو. هن
تقريب ۾ بمبئي بڙودا، احمد آباد، جهونا ڳڙهه، ڄام
نگر، ڀوپال، گانڌيڌام، آگرو، انڊور، اجمير، ناگپور
۽ ڪلڪتي مان اديب ۽ عالم ڪهي اچي شريڪ ٿيا هئا.
هن يادگار
جشن ۾ منعقد ٿيل ’ڪل ڀارت سنڌي ناٽڪ سيمينار‘ سان
گڏو گڏ فائين آرٽس هال ۾ هر رات دهليءَ جي مڪاني
ناٽڪ منڊلين طرفان مقبول سنڌي ناٽڪ پڻ رچايا ويا،
جن ۾ سڀ کان اول هيمراج ناگواڻي جو لکيل ۽ پيش ڪيل
’سؤ سال مبارڪ‘ هو جنهن ۾ ڪامينٽري، سلائيڊن، گيتن
۽ ناٽڪن جي جهلڪين وسيلي سنڌي ناٽڪ جي سموري صديءَ
جو جائزو پيش ڪيو ويو هو.
ساڳيءَ
تقريب جي ٻي رات 24 سيپٽمبر تي پهريائين آغا سليم
جو ’دودو چنيسر‘ ناٽڪ پيش ڪيو ويو، جنهن جو
هدايتڪار جيون گرسهاڻي ۽ اداڪار هئا: موهني وجيه،
ڪويتا پنجواڻي، منجو باگرو، گهنشيام آسواڻي ۽ شنڪر
مولواڻي. ان بعد ٻيون ناٽڪ هريڪانت ڄيٺواڻي جو ’بس
اسٽاپ تي‘ رچايو ويو، جنهن جو هدايتڪار به جيون
گرسهاڻي هو ۽ ڪلاڪار هئا: ڀاونا لالواڻي، ماڌو
وجيه، موهن ٽهلياڻي، چندي ڪرناڻي، اشوڪ ڀاٽيا ۽
هري ميراڻي.
اهڙي ريت 25
سيپٽمبر تي رميش مهتا جو ’ڍونگ ئي ڍونگ‘ ناٽڪ
هدايتڪار رام رکياڻي نهايت خوبصورتي سان پيش ڪيو
ويو، جنهن جا مکيه ڪلاڪار هئا: انيتا، ڊالي
ناواڻي، ڪمليش، آتم هرپالاڻي، موهن ٽهلياڻي ۽ سريش
منشاراماڻي. هن سلسلي جي آخرين پيشڪش 26 سيپٽمبر
تي ’امي ۽ ممي‘ ناٽڪ هو، جنهن جو ليکڪ ۽ هدايتڪار
گوپال پنجواڻي هو ۽ مختلف پارٽ ادا ڪندڙ ڪلاڪار
هئا: گيتا موهني، شنڪر مولواڻي، هرڪشن پريمي،
چندرو جهانگياڻي، گوپال پنجواڻي ۽ ڪئلاش روچاڻي.
ڪلڪتي ۾ پڻ
2 ۽ 3 نومبر 1980ع تي وڏي اُتساهه سان ’سنڌي ڊراما
سؤ ساله جشن‘ ملهايو ويو هو، جتي ٽن مکيه جماعتن
جهڙوڪ سنڌي پئنچات، سنڌي مرچنٽس ائسوسيئيشن ۽ سنڌي
يوٿ ايسوسيئيشن جي سهڪار جي ٻن مکيه ٿيئٽرن
’ڪلامندر‘ ۽ ’سنڌو آرٽ ٿيئٽر‘ سنڌي ٻوليءَ جا ٻه
مقبول ناٽڪ ’جوت جلي‘ ۽ ’هئلو ڊارلنگ‘ رچايا. هن
موقعي تي هڪ سووينئر پڻ شايع ڪيو ويو هو.
سنڌي ناٽڪ
جي تاريخ جي حوالي سان حيدرآباد سنڌ شهر کي خاص
اهميت آهي ڇاڪاڻ ته هي نه رڳو پهرين سنڌي ناٽڪ جي
تخليق ڪار شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو اباڻو شهر
آهي پر گڏوگڏ سنڌي ناٽڪ جي ابتدائي وقت کان ئي
حيدرآباد ۾ ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ گهڻيون سنڌي ناٽڪ
منڊليون برپا ٿيون هيون يا ائين کڻي سمجهيو وڃي ته
ڪنهن دور ۾ سنڌي ناٽڪ جو حيدرآباد ۾ تمام گهڻو اوج
هو.
سنڌي ناٽڪ
صدي جشن جي سلسلي ۾ حيدرآباد سنڌ جي اديبن ۽
فنڪارن به ڊسمبر 1980ع جي آخري هفتي ۾ هي تاريخي
جشن منعقد ڪري پنهنجو پاڻ موکيو. هن ڏس ۾ عبدالله
ج. ميمڻ، ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن ۽ چيئرمين آرٽس
ڪائونسل حيدرآباد جي سرپرستي هيٺ مختلف ادبي،
ثقافتي ۽ تعليمي ادارن جي نمائندن ۽ ڪارڪنن تي
مشتمل ڪاميٽيون جوڙيون ويون ۽ خاص خاص ڪمن جي
ورهاست ڪري علي محمد چنا، حميد سنڌي، مير محمد
نظاماڻي، عبدالقادر جوڻيجو، ۽ عبدالرزاق چانڊيو کي
انتظامي ذميداريون سونپيون ويون؛ جڏهن ته مراد علي
مرزا ۽ محمد يوسف پنهور کي چيف ڊراما ڊائريڪٽرن
جون ذميواريون سونپي کين اسٽيج تي پيش ٿيندڙ ڊرامن
جي ترتيب ۽ اسڪرپٽ ايڊيٽنگ جو ڪم حوالي ٿيل هو.
هن ڏس ۾
پهرئين سنڌي ناٽڪ ’ليليٰ مجنون‘، ’انڪوائري آفيسر‘
۽ ’زمينداري ظلم‘ ناٽڪن جا اصلي اسڪرپٽ موجوده دور
جي رفتار
(Tempo)
کي نظر ۾ رکندي ايڊٽ ڪرڻ جي ذميداري راقم الحروف
جي حوالي ٿيل هئي، جيڪا رات ڏينهن مصروف رهي انجام
ڏنم. در حقيقت ’ليليٰ مجنون‘ ايتريقدر ته محنت طلب
هو جو هن کان اڳ ڪڏهن به اسٽيج تي پيش نه ٿيو هو ۽
هڪ سئو سالن بعد 1980ع ۾ مهراڻ آرٽس ڪائونسل
حيدرآباد طرفان منعقد ٿيل هن سئو ساله جشن ۾
پهريون دفعو پيش ٿي رهيو هو. هن راڳ - ناٽڪ
(Opera)
جي سموري صدابندي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي جناب
الياس عشقي ۽ جناب مراد علي مرزا جي نگراني هيٺ
ٿيل هئي. سنڌي ناٽڪ جي باني شمس العلماء مرزا قليچ
بيگ جي لکيل هن ناٽڪ جو هدايتڪار ابو بلاول ۽
اداڪار هئا: سيما، ياسمين، فرح ناز، ثاقب نظاماڻي،
اي. آر. بلوچ، يعقوب ذڪريا، حنيف زڪريا، شميم
ڪاظمي، انور شيخ، ڪامل عارضي، علي راجا، تسليم ملڪ
۽ عارف. هن راڳ ناٽڪ ’ليليٰ مجنون‘ ۾ مجنون جي بئڪ
گرائونڊ ۾ صداڪاري سيد صالح محمد شاهه جي آواز ۾
صدا بند ٿيل هئي ۽ اهڙي ريت راڳ عابده پروين ۽
سينگار علي سليم جي آوازن ۾ رڪارڊ ٿيل هئا. هي راڳ
ناٽڪ ايتري قدر ته ڪامياب ٿيو هو جو هن جشن جي
افتتاحي تقريب جو مهمان خصوصي مرزا اسد بيگ (شمس
العلماء مرزا قليچ بيگ جو فرزند) ناٽڪ ڏسي اهو
اظهار خيال ڪيو ته ’هي راڳ – ناٽڪ پنهنجين بي
انتها خوبين جي باوجود هڪ سئو سالن جي ماضي واري
طويل دور ۾ جڏهن اسٽيج ڊرامو حيدرآباد، ڪراچي،
شڪارپور، ۽ لاڙڪاڻي ۾ عروج تي هو ته به ڪڏهن اسٽيج
تي پيش نه ڪيو ويو، سو ساڳيو راڳ –ناٽڪ هڪ مڪمل
صدي گذرڻ بعد 30 ڊسمبر 1880ع تي گورنمينٽ
زبيده گرلس ڪاليج حيدرآباد جي ڊراما هال ۾
سنڌي ناٽڪ جي سؤ ساله جشن جي افتتحاحي تقريب ۾
پهرين رات پيش ڪيو ويو، تنهن جي ڪاميابيءَ تي
پيش ڪندڙن کي صد آفرين هجي.“
ساڳيءَ رات
(30 ڊسمبر 1880ع) واري ٻي پيڪش به مرزا قليچ بيگ
جو مشهور ناٽڪ ’انڪوائري آفيسر‘ هو جيڪو پڻ رقم
الحروف جو ايڊٽ ڪيل هو، تنهن ۾ پڻ فنڪارن
ڀرپور گرفت سان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.هن ناٽڪ
جو هدايتڪار عبدالحق ابڙو ۽ اداڪار هئا: منظور
مراد، انور بلوچ، سڪندر بلوچ، انور شيخ، دودو،
سيد مختار نقوي، نثار بلوچ، غلام نبي بروهي، شاهد
۽ عبدالحق ابڙو.
جنهن جي
ٻيءَ رات پهريائن م.ع ڏيپلائي جو ننڍو ناٽڪ
’شاهدي‘ پيس ڪيو ويو، جيڪو پڻ بيحد ڪامياب ٿيو. ان
رات تقريب جو مهمان خصوصي انهيءَ ناٽڪ جو مصنف
پاڻ هو. هن ’شاهدي‘ ناٽڪ جو هدايتڪار قاسم
فاني ۽ حصو وٺندڙ اداڪار هئا: فضل ٽالپر، رضوان
حسين، قاسم فاني ۽ محبوب عالم.
هن سؤ ساله
جشن جي ٻي رات (31 ڊسمبر 1880ع) تي ٻي پيشڪش
خانچند درياڻيءَ جو لکيل مشهو ر ناٽڪ ’زمينداري
ظلم‘ هو جنهن کي پڻ راقم الحروف موجودن دور جي
ناظرين جي تقاضا جو خيال رکي ايڊٽ ڪيو هو. هي
ناٽڪ ڏسندڙن کي تمام گھُڻو پسند آيو ۽ هن جي
شاندار ڪاميابي تي حيدرآباد توڙي ڪراچي جي
اخبارن تعريفي رپورٽون شايع ڪيون هيون. هن ناٽڪ
متعلق 13 جنوري 1981ع واري روزانه عبرت
حيدرآباد ۾ سنڌي جي هڪ وڏي اديب ۽ ڪالم نگار رشيد
ڀٽي ايتري تائين لکيو به هو ته ” ناٽڪ ايترو ته
جذب ڪندڙ ۽ نظارا ۽ مڪالما ايترو ته ترجماني
ڪندڙ هئا جو ناظرين ساڪت ٿي پئي ويا. سندن دلين
جون ڌڙڪنون ڪردارن جي ڌڙڪنن سان هلي رهيون هيون.
ڊرامي هلندي اونداهي ۾ عورتن واري پاسي کان روئڻ
جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا پئي. پر روشني ٿيڻ بعد ڏٺم ته
ڀر ۾ ويٺل جھوني جوڳي ع.ق شيخ جي اکين مان به
پاڻي وهي رهيو هو. اهو پڻ فني ڪاميابي جو اهڃاڻ
آهي.“ هن ناٽڪ جي هدايتڪار اشرف بلوچ ۽ اداڪار
هئا: شهناز سومرو، شاهين سومرو،سيما، الطاف سومرو،
انور سولنگي، عاصم، مقبول ميمڻ ، فضل ٽالپر، قاسم
فاني، ايم ملوڪ، انور رنگيلو ۽ اي آر بلوچ.آخرين
ٽين رات هي جشن جي پنجين پيشڪش پروفيسر منگهارام
ملڪاڻيءَ جو يادگار ناٽڪ ’ٽي پارٽِي ‘ هو جنهن ۾
ڪردار ادا ڪندڙ سڀئي ڇوڪريون هيون. هن ناٽڪ به
ناظرين کي بيحد گھڻو متاثر ڪيو هو. ’ٽي پارٽي‘ جو
هدايتڪار جڳديش ڪمار ۽ مختلف پارٽي ادا ڪندڙ
ڪلاڪار ڇوڪريون هيون: شاهين، شهناز سومرو، زينت
ممتاز ۽ سيما.
اهڙي ريت
جشن جي آخرين رات (پهرين جنوري 1981ع) جو آخرين
ناٽڪ آغا سليم جو لکيل’تماشو‘ پيش ٿيو، جنهن جي
ڪاميابيءَ نه صرف حال بلڪه سنڌي ناٽڪ جو روشن
مسقبل جا اهڃاڻ به پڌرا ڪري ڇڏيا. جشن جي هن
آخرين نشست جو مهمان خصوصي سنڌي فلمن جو
پهريون هيرو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي هو. هن ناٽڪ
جو هدايتڪار غلام حيدر صديقي ۽ اداڪار هئا:
ياسمين، شمامه، بينا، فريده، الطاف سومرو،
ضياءَ شيخ، اشرف فرح، جاويد بلوچ. ايم ايم بلوچ،
مقبول ميمڻ، ساقي ابڙو، جبران انجم، لياقت نديم،
طارق مصطفيٰ، علي رمضان، انور رنگيلو،ايم راجا ۽
محبوب عالم.
سنڌي ناٽڪ
جي هن تاريخي جشن جي موقعي تي مهراڻ آرٽس ڪائونسل
حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد پريس مان هڪ
عمدو ۽ يادگار سووينئر پڻ ڇپرايو، جيڪو هڪ طرح
سان سنڌي ڊرامي جي تاريخي ارتقا تي، ’معلوماتي
خزانو‘ مثل ليکيو وڃي ٿو. هن ڪتاب ۾ شايع ٿيل هڪ
خصوصي مقالي ۾ 1880ع کان سنڌي زبان ۾ جيڪي به
ناٽڪ ڇپيا يا رچايا ويا تن جي اشاعتي ادارن،
ناٽڪ منڊلين، انهن جي ڪاپردازن، فنڪارن وغيره
بابت ۽ ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور تاريخوار ترتيب سان
تحقيقي مواد سهيڙيو آهي.
هن يادگار
سنڌي ڊراما سؤ ساله جشن کي پريس رپورٽ ذريعي
پڻ سٺي طرح ساراهيو ويو هو. ايتريقدر
جو هڪ جھجھي سرڪيوليشن واري اخبار ’ڊان‘
ٽيئي ڏينهن لڳاتار هر رات جي پيش ٿيندڙ ٻنهي ناٽڪن
جي تفصيل سان رپورٽ شايع ڪندي رهي ۽ آخر ۾ 6
جنوري 1981ع تي پنهنجي خاص ايڊيٽوريل ۾ ايترو ته
شايع ڪيو هو ته، ”.........هي سؤ ساله جشن
هڪ تاريخي تقريب ملهائڻ کان گھڻو وڌيڪ
داد تحسين جوڳو آهي؛ ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي
ادبي توڙي ثقافتي روايت کي برقرار رکيو ويو.“ |