سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ

 

صفحو :4

5

سنڌي ناٽڪ جو پهريون  دور

 

پهرئين سنڌي ناٽڪ  واري سال (1880ع) کان پهرين  مهاڀاري لڙائي جي خاتمي (1920ع) تائين، سنڌي ناٽڪ  جو  پهريون  دور  ليکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ سڀ کان پهرين  سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جي علمبردار شمس العلماءَ مرزا قليچ 1880ع ۾ ’ليلا مجنون‘ نالي هڪ راڳ- ناٽڪ (Opera) لکيو ۽ تنهن کانپوءِ 1885ع ۾ ’خورشيد‘ ناٽڪ لکيائين، جيڪو گجراتي ناٽڪ، ’سونا نا مول ني خورشيد‘ جو ترجمو هو. ٽيون جھونو  سنڌي ناٽڪ ڪوڙومل چندن مل جو’ رتناولي‘ (1888ع) ليکجي ٿو، جيڪو اصل ۾  سنسڪرت  جي مشهور ناٽڪ نويس راجا هرش ديو جو لکيل هو.انهي کانپوءِ  1894ع ۾ مرزا قليچ بيگ جو ٽيون ناٽڪ ’بڪاولي‘ ڇپيو.

ان ريت 1894ع تائين سنڌي ناٽڪ رڳو ڇپيل صورت ۾ پڌرا ٿيا، پر پوءِ ترت ئي سنڌي ناٽڪ کي اسٽيج  جي زينت پڻ بنايو ويو ۽ اها ابتدا به  ناٽڪي پيشي وارن جي هٿان  نه . پر سنڌ جي  پڙهيل  طبقي ۽ سلجھيل ذهنن جي ڪوشش سان ٿي يا ٻين لفظن  ۾ ته سنڌي  ناٽڪن جي  هيستائين  جيڪا به اوسر ٿي آهي، سا شوقيه فنڪارن  (Amateurs)  جي ڪري ٿي آهي،  ۽ انهي ۾ حصو وٺندڙ به گھڻو ڪري استاد، شاگرد، پروفيسر  ۽ تعليمي  ماهر  هئا.  جن کي ڏسندي پوءِ وڪيل، ڊاڪٽر، روينيو، آفيسر  مطلب ته ٻيا پڙهيل افراد به ساڻن شامل ٿي ويا. انهي ڪري سنڌي ناٽڪ زيادهه  طور تعليمي ادارن جي احاطن ۾ يا وري پڙهيل طبقي  جي سماجي  تنظيمن  جي  پروگرامن تحت ٿيندا رهيا، جن جو اسٽيج  تي پيش  ٿيڻ جو  مقصد گھڻو ڪري  تعليمي مقصد جي ترقي خاطر رهيو آهي(1). هن مخصوص  جذبي جي  سر شاري  سان  پوءِ ڪيتريون ئي  سنڌي ناٽڪ  منڊليون برپا ٿيون، جن جو تاريخوار  ذڪر ڪجي ٿو.

 

ناٽڪ منڊليون

1- سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي:

1984ع ۾ سڀ کان پهرين جهوني سنڌي ناٽڪ منڊلي ’ڏيارام ڄيٺيمل سنڌ ڪاليج ايميچوئرس ڊراميٽڪ سوسائٽي، ڪراچي‘ ليکي وڃي ٿي. جيڪا پوءِ ’سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي جي نالي سان مشهور ٿي؛ سا لڳ ڀڳ پنجويهن سالن تائين ناٽڪ پيش ڪندي رهي. هيءَ منڊلي تنهن وقت جي پرنسپال ڊاڪٽر جئڪسن ۽ پارسي وائس پرنسپال بادشاهه جي اُدم ۽ جفاڪشي جو نتيجو هئي.

هي منڊلي ويهن سالن تائين حيدرآباد ۾ به هر سال ناتال جي موڪلن ۾ ٽي ناٽڪ رچائيندي هئي، جتي ٻن راتين ۽ نئون ناٽڪ ۽ وچين رات جو گذريل سال وارو ناٽڪ پيش ڪندي هئي.

هن منڊليءَ پهريون ناٽڪ ڄيٺانند کلڻداس ڀرياڻيءَ جو ’نل دمينتي‘ پيش ڪيو. پوءِ منڊليءَ جي مکيه ليکڪ ليلارام سنگ وطڻ مل جا مشهور ناٽڪ جهڙوڪ، هرشچندر موهن تارڪا، سورجن راڌا، رامائڻ- 2، دورپدي، شاهه عادل خان ۽ لوڀي لاکيڻا پيش ڪيا. اهڙي ريت هن منڊليءَ مرزا قليچ بيگ جا به ڪيترائي وڏا توڙي ننڍا ناٽڪ ڇپايا ۽ پيش ڪيا، جن ۾ مشهور ناٽڪ هئا: شڪنتلا، لوڀي ۽ ٺوڳي، انڪوائري آفيسر، حسنادلدار،، نيم طبيب خطره جان نيم ملا خطره ايمان، شاه ايليا، شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو، فيروز دل افروز، شمشاد مرجانه، گش ڪي ڪشٽ، پرهيز جي ٽولي، شهريار شهربانو، بدرمنير ۽ بي نظير، شيرين فرهاد ۽ شهزادو بهرام. ان کان سواءِ هن منڊلي ڏيئومل گاگنمل جو، رم بنواس،شيواسنگ اجواڻي جو ڪشٽ، ڀيرومل مهرچند جو حرص جو شڪار، ۽ بزازين جو ناٽڪ، لوڪسنگ وطن مل جو نشائن کي نصيحت، ۽ ڪوڙومل چندن مل جو سنگ جو پرسنگ ناٽڪ پڻ رچايا.

هن ناٽڪ منڊليءَ جا مشهور هدايتڪار ڪنول سنگ ملڪاڻي ۽ هيرانند ڀوڄراج آڏواڻي هئا، جڏهن ته معروف اداڪار هئا؛ درگداس آڏواڻي ، هيرانند سنتوڪرام (وڪيل) سجاننگه جڳتياڻي، ڪنول سنگهه ملڪاڻي، بجاسنگهه آڏواڻي، حشمتراءِ لوڪ سنگهه، ڄيٺمل موتيرام لعلواڻي، خوشيرام ساڌواڻي، ڊاڪٽر چوئٿرام، جوتسنگهه آڏواڻي، ٽيئومل (پرمانند ميوارام جو ننڍو ڀاءُ) موتيرام گدواڻي، موهن شهاڻي، وشنو هيراننداڻي، هيرانند ڀوڄراج آڏواڻي، ڏيئل مل لعلواڻي، تيجو مل شهاڻي (بعد ۾ پرنسپال ٿيو) لعلچند امرڏنو مل، پهلاجراءِ ڪرپالاڻي، جهمٽ مل ڀاوناڻي، موتي جهانگياڻي، گيانچند ٿڌاڻي، دريانومل سدارنگاڻي، ڌرمداس ڇٻلاڻي، ڀاڳسنگهه آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻي.

برپا ٿيڻ کان لڳاتار پنجويهه سالن تائين هن ناٽڪ منڊلي جو اوج رهيو، پر پوءِ ڏهه – ٻارهن سال ناٽڪ نه ڏيکاريائين. گهڻو پوءِ 1925ع ۾ ڪاليج جي سالياني جلسي ۾ خانچند درياڻيءَ جو ننڍو ناٽڪ ’سچي سڪ‘ پيش ڪيو ويو، جنهن جو هدايتڪار هو ڪاليج جو پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ۽ اداڪار ڪاليج جا شاگرد هئا. تنهن کان پوءِ ڪاليج جي پرنسپال تيجومل شهاڻيءَ جي اتساهه ڏيارڻ تي منگهارام ملڪاڻي 1928ع ۾ سنڌ ڪاليج جي نئين ناٽڪ منڊلي برپا ڪئي، جنهن ۾ خانچند درياڻيءَ جو لوڪ ڪهاڻيءَ تي ٻڌل مومل منڙو، ناٽڪ رچايو ويو. هن ناٽڪ جو هدايتڪار منگهارام ملڪاڻي هو ۽ مکيه اداڪار هئا: مُڪند لالا، موتي جڳتياڻي، چندن ميرچنداڻي ۽ ڪشنو جڳتياڻي. هن نئين ناٽڪ منڊليءَ جي برپا ٿيڻ کان ڏهه سال پوءِ 1939ع ۾ سنڌ ڪاليج ۾ پرنسپال شهاڻيءَ جي رٽائر ڪرڻ واري جلسي تي شيڪسپيئر جي مشهور ناٽڪ Midsummer Nights Dream تان ورتل دلسوز ’داستان‘ جي نالي سان پيش ڪيو ويو. هن ناٽڪ جي هدايتڪاري خود ليکڪ منگهارام ملڪاڻي ڪئي جڏهن ته اداڪار ڪاليج جا شاگرد هئا.

 

2. ڌرم اپڪار ڊرئيميٽڪ سوسائٽي، شڪارپور:

1897ع ۾ برپا ٿيل هن ناٽڪ منڊليءَ جو روح روان ديوان ٺاڪرداس هو. هن منڊليءَ جي ناٽڪن ۾ شڪارپور جا معزز شهري جهڙوڪ وڪيل، ڊاڪٽر، جج ۽ وڏا واپاري سڀئي پارٽ ڪندا هئا. هيءَ ڊرئيميٽڪ سوسائٽي پنهنجا ڪيترائي مشهور ڊراما شڪارپور اسٽيج تي پيش ڪرڻ کان پوءِ سکر، حيدرآباد، ڪراچي، چمن ۽ ڪوئيٽا ۾ پيش ڪندي هئي.

هن منڊلي پهرين سال گاگنسنگ آڏواڻيءَ جو ’شڪنتلا ۽ دشينت‘ ناٽڪ پيش ڪيو هو. ساڳئي ليکڪ جا ٻيا ٻه ناٽڪ ’مها انڌير‘ (جيڪو هندو ڌرمي تبيلغ سان ڀريل هو (1)) ۽ ’ڊاڪٽر شام نارائڻ‘ به هن سوسائٽي پيش ڪيا هئا. اهڙيءَ ريت ديوان ٺاڪرداس جا ’چندرا ولي‘، ’تريا چلتر‘ کان سواءِ چانڊومل کتريءَ جا مهجور ۽ ’چندر‘ ناٽڪ پيش ڪيا. هن منڊليءَ جو مکيه هدايتڪار مهراج تيجانداس هو ۽ مشهور اداڪار هئا: نچوسنگ، لالسنگ مهراج تيجبانساس، ڪيولرام جماڻي، خانوراءِ ڀٽ، مهراج پهلاجراءِ، تلسيداس مسند، ڄيٺانند ناگراڻي، پرسرام بولاخاناڻي ۽ هرومل مدناڻي.

 

3. بندي ماترم ناٽڪ منڊلي، حيدرآباد:

1905ع ڌاري لعلچند امرڏنو مل جي اڳواڻيءَ هيٺ هيءَ ناٽڪ منڊلي برپا ٿي. هي منڊلي قومي توڙي سماجي جاڳرتا تي ناٽڪ پيش ڪندي هئي. انهن ناٽڪن ۾ خود لعلچند امرڏنو مل جا لکيل ’ڀارت ڄاوا اُٿ اُٿي جاڳ‘ ۽ ’ عملدار ڪي رعيت آزار‘ مشهور ناٽڪ پيش ڪيل هئا.

 

4. پليڊرس ڪلب، حيدرآباد

1905ع ۾ حيدرآباد جي وڪيلن هي ڪلب قائم ڪئي، جنهن پنهنجي شروعاتي سال کان ڏيارام ڄيٺيمل سنڌ ڪاليج ايميچوئرس ڊرئيميٽڪ سوسائٽي جي معيار جيترو پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ خاطر انهي ڊرئيمٽڪ سوسائٽي جا گهڻا مشهور ناٽڪ حيدرآباد توڙي ڪراچي ۾ ڪري ڏيکاريا، جن ۾ مرزا قليچ بيگ جا ’خورشيد‘ ۽ ’عزيز ۽ شريف‘ ۽ ڄيٺانند کلڻداس ڀرياڻي جو ’نل دمنيتي‘ ناٽڪ بيحد ڪاميابيءَ سان پيش ٿيا هئا. ڪلب طرفان رچيل ناٽڪن جا هدايتڪار ۽ اداڪار حيدرآباد جا برک وڪيل هئا، جهڙوڪ هيرانند سنتوڪرام، ڄيٺسنگ نارائڻ سنگ، سنتداس منگهارام، پرسرام هرداسمل، لوڪومل گوبند بخش، حشمتراءِ پال، وليرام آئلمل، ڄيٺيمل ليلارامسنگ، فتحچند بجاسنگ، ڪڪو هيراننداڻي ۽ جهمٽ ڀاواناڻي.

 

5. ڏيتي ليتي ناٽڪ منڊلي، حيدرآباد

1906ع ڌاري جڏهن حيدرآباد ۾ اڃا تختن واري اسٽيج جو رواج ڪونه پيو هو، تڏهن هي ناٽڪ منڊلي شاهي بازار ۾ مشهور ’ڪڪڙ ڪمپني‘ جي دڪان جي کُڏ تي ڏيتي ليتي جي، روڳ خلاف وندرائيندڙ چهچٽا ڪري ڏيکاريندي هئي، جن کي بازار مان ويندڙ انبوهه ماڻهن جا پيا ڏسندا هئا. هن ناٽڪ منڊلي لاءِ موٽومل گدواڻي (حيدرآباد ڪاليج جو پرنسپال) ’ڪرشن جي گوپي‘؛ لعلچند امرڏنومل جا،’سيڻ ڪي ويڻ‘، ’لک ڏيڍ کي لت‘ ۽ نقد ڌرم، لکيا. نانڪرام ’پتي شيوا‘ ۽ خانچند درياڻيءَ هن ڏيتي ليتي جي سماجي روڳ جون پاڙون پٽڻ لاءِ خاص ڌيان ڏيئي ٻه ڊراما جهڙوڪ ’گلاب جو گل‘ ۽ ’موتئي جي مکڙي‘ لکيا. هنن ناٽڪن ۾ حصو وٺندڙ اداڪار هئا: ڊاڪٽر چوئٿرام، هيرو سپاهيملاڻي، جهمٽ ڀاوناڻي، چئن واڌواڻي، نيڻون ميرچنداڻي، خانچند درياڻي ۽ منگهارام ملڪاڻي.

 

6. چانڊڪا ايميچوئرس ڊرئيميٽڪ سوسائٽي، لاڙڪاڻو:

1907ع ۾ هيءَ ڊرئيميٽڪ سوسائٽي قائم ٿي جنهن جو روح روان ڪشنچند بيوس هو. پنهنجي دور ۾ هن منڊليءَ جي تمام گهڻي مشهوري انهي ڪري به هئي ته هيءَ پنهنجا لوڪ پسند ناٽڪ لاڙڪاڻي ۾ اسٽيج تي پيش ڪرڻ کان پوءِ جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ به وقت به وقت ڪري ڏيکاريندي هئي. هن منڊليءَ جو مکيه ناٽڪ نويس ۽ هدايتڪار خود ڪشنچند بيوس هو، جنهن جا مقبول ناٽڪ جهڙوڪ ’خوبصورت بلا‘ پهريون ناٽڪ، ’بلوا منگل، راجا هرشچندر، منوهر نانگڻ، دروپدي، ڀرت پوڄارڻ، ۽ هارجيت، تمام گهڻي ڪاميابيءَ سان پيش ٿيا هئا. آخر ۾ هن منڊلي ’شڪ جو شڪار‘ پيش ڪيو هو، جنهن ۾ ڪشنچند بيوس رامايڻ جي هڪ ڪهاڻيءَ کي ناٽڪي صورت ۾ آندو هو. هن ناٽڪ منڊليءَ جا مشهور اداڪار هئا؛ مولچند پنجواڻي، ٽهلرام ٽنور ملاڻي، لڇيرام لاهوري، مهاراج ڪُندن، گوبند ناٿاڻي، رام پنجواڻي، هرداس مل ايسراڻي ۽ گوبند رام سيوهاڻي.

 

7. عامل يونين ڊرئيميٽڪ انسٽيٽيوٽ، ڪراچي:

1912ع ڌاري ڪراچي جي سيوهاڻي عاملن پنهنجي ائسوسيئيشن قائم ڪري هيءَ ڊرئيميٽڪ سوسائٽي برپا ڪئي، جنهن طرفان هر سال پنهنجي جشن –سالگره ملهائڻ دوران ڊراما پيش ڪيا ويندا هئا. انهن ڊرامن مان ٿيندڙ آمدني کي عامل جاتي جي سماجي ۽ تعليمي ڪمن تي صرف ڪيو ويندو هو. هن سوسائٽي برپا  ٿيڻ واري پهرين سال ’ڪملا‘ ڊرامو پيش ڪيو جيڪو سوسائٽي لاءِ جهمٽ مل ٿڌاڻي لکيو هو. اڳتي هلي 1935ع ڌاري هن منڊلي سالياني جلسي ۾ منگهارام ملڪاڻي جو مشهور ناٽڪ ’ايڪتا جو آلاپ‘ پيش ڪيو هو، جنهن جي هدايتڪاري به منگهارام ملڪاڻي کي سونپيل هئي ۽ ناٽڪ ۾ اداڪاري به منگهارام ملڪاڻيءَ کي سونپيل هئي ۽ ناٽڪ ۾ اداڪاري سنڌي ڇوڪرين ڪئي هئي ۽ جن جا نالا هئا: موهني گل، ڪملا لعلواڻي ۽ ڪملا اُتم سنگ.

 

8. پريم ناٽڪ منڊلي، ڪراچي:

1912ع ۾ هيءَ ناٽڪ منڊلي برپا ٿي. هيءَ منڊلي گهڻو ڪري پنهنجن ساليانن جلسن تي ڌرمي رنگ وارا اڳ ٿيل ناٽڪ پيش ڪندي هئي.

 

9. ينگ سنڌيز ائسوسيئيشن ڊراما ڪلب، ڪراچي:

1912ع ۾ قائم ٿيل ڪراچي جي سنڌي نوجوانن جي علمي ۽ ادبي جماعت ’ينگ سنڌيز ائسوسيئيشن‘ پنهنجن ساليانن جلسن تي سماجي ۽ قومي جاڳرتا وارا ناٽڪ هن ڊراما ڪلب طرفان پيش ڪندي هئي.

 

10. ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد:

1912ع ۾ برپا ٿيندڙ هن ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ جو روح روان هيمنداس چنديرام هو. هيءَ منڊلي حيدرآباد توڙي ڪراچيءَ ۾ پنهنجا ڪامياب ناٽڪ پيش ڪندي هئي. هن جو مکيه ناٽڪ نويس نانڪ رام ڌرمداس هو، جنهن جا مشهور ناٽڪ هئا: ’فريبي فتنو‘، ’نيڪ انجام‘، ’پتي شيواز‘ ۽ ’پريم ڀڳتي.‘ پڇاڙيءَ جو هن منڊلي خانچند درياڻيءَ جا به لکيل ناٽڪ پيش ڪيا، جهڙوڪ، ’پريم پريڪشا، جيئري تي جيئري، زمينداري ظلم ۽ انسان ڪي شيطان. هن ناٽڪ منڊلي جا مکيه اداڪار هئا: هيمنداس چنديرام، ناٿي شرما، فتحچند بجاسنگ، گاگنداس مورجاڻي، لعلچند امرڏنو مل، ڀڏو آڏواڻي، هاسومل، پريتمداس هيراننداڻي، خانو منسکاڻي، نارائڻ ڏيئلداس، هيرو سپاهيملاڻي، ڀڳوان رامچنداڻي، خانچند درياڻي، آتو لعلواڻي، گوبند هيراننداڻي ۽ ولي رام آئمل.

 

11. پريتم ڌرم سڀا ناٽڪ منڊلي، ڪراچي:

1917ع ڌاري هندن جي ڌرمي جماعت ’پريتم ڌرم سڀا‘ طرفان هيءَ ناٽڪ منڊلي برپا ٿي، جيڪا مختلف وقتن تي ڊراما پيش ڪندي هئي. انهن ناٽڪن ۾ گهڻو ڪري ڌرمي رنگ ڀريل هوندو هو.

 

12. سارسوت براهمڻ ڊرئميٽڪ سوسائٽي، ڪراچي:

1917ع ڌاري ڪراچي جي نصرپوري هندن هي ناٽڪ منڊلي برپا ڪئي، جنهن جي هڪڙي شاخ پوءِ حيدرآباد ۾ به قائم ٿي. گمٽ مل پوهومل هن سوسائٽيءَ جو آنرري سيڪريٽري ۽ چانڊومل کتري ۽ هرومل پريمچند هن جا مکيه ناٽڪ نويس هئا. هي سڀئي ناٽڪ گهريلو زندگي تي رچيل هوندي به منجهن زندگي سڌارڻ جو چٽ خير ڪو چٽيل هوندو هو. باقي پستول بازي ۽ ٻيا هولناڪ حادثا منجهن جام هوندا هئا. هن منڊلي جا مشهور اداڪار هئا: هوتچند تيجورا، رام هيرا، ڌرمداس ماڻڪ ۽ ڌماڻ مهراج.

 

13. نئشنل ڪاليج ڊرئيميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد:

1918ع ۾ هي ناٽڪ منڊلي قائم ٿي، جنهن ۾ اڪثر طور ڪاليج جا شاگرد ڊرامن ۾ حصو وٺندا هئا. هن ڊرئيميٽڪ سوسائٽي مشهور ليکڪ مرزا قليچ بيگ جا ٻه ناٽڪ، ’جمشيد حميده‘ ۽ ’موهني‘ پيش ڪيا، جن ۾ حصو وٺندڙ اداڪار هئا: ليلارام هيراننداڻي، پريتمداس شوداساڻي، جڳو آڏواڻي، روپچند ڪرپالاڻي ۽ رامچند کلناڻي.

 

14. نيو هاءِ اسڪول ڊرئيميٽڪ سوسائٽي، ڪراچي:

1919ع ۾ هيءَ ڊرئيميٽڪ سوسائٽي سنڌ جي برک عالم ۽ اديب لعلچند امرڏنو مل جي ڪوششن سان قائم ٿي، جڏهن پاڻ نيو هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر هو. هن سوسائٽي ساڳئ سال قومي آزادي تي لعلچند جو لکيل ڊرامو ’ڀارت ڄاوا اُٿ اُٿي جاڳ‘ اسٽيج تي پيش ڪيو. هن ڊرامي مان حاصل ٿيل آمدني اسڪول جي غريب شاگردن جي ڀلائي لاءِ ڪتب آندو ويو.

 

 15. ساڌو هيرانند ائڪڊمي اسڪول آس جي ٽولي، حيدرآباد:

1920ع ڌاري ساڌو هيرانند ائڪيڊمي اسڪول (موجوده گورنمينٽ هاءِ اسڪول) حيدرآباد طرفان قائم ٿيل هئي، آس جي ٽولي پنهنجي سالياني جشن جي موقعي  تي راڻي باغ ۾ شراب خوري روڪڻ ۽ ٻين سماجي براين خلاف اصلاحي ننڍا ناٽڪ پيش ڪندي هئي.

 

16. نوودياله اسڪول آس جي ٽولي حيدرآباد:

1920ع ۾ ديوان پرڀداس شيوڪرام نوودياليه اسڪول (موجوده ماڊل اسڪول ايلسا قاضي اولڊ ڪئمپس سنڌ يونيورسٽي) حيدرآباد ۾ برپا ٿيل، هيءَ آس جي ٽولي، مختلف تقريبن خاص طور ساليانن جلسن تي راڻي باغ ۾ سماجي براين کي روڪڻ لاءِ اصلاحي چهچٽا پيش ڪندي هئي.


 

(1) ڊاڪٽر  محمد يوسف پنهور:  سنڌي ناٽڪ صدي 1880-1980)، مهراڻ آرٽس ڪائونسل،حيدرآباد سنڌ 1980ع، ص.15.

(1)  مير محمد نظاماڻي: ’سنڌي ڊراما‘ اسلاميه پرنٽنگ پريس، حيدرآباد، 1962ع، ص، 79.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com