سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ

ڊراپ ---

صفحو :1

سنڌي ناٽڪ جي تاريخ

تحقيق ۽ سهيڙ: ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور

 

پبلشر پاران

 

جديد سنڌي ناٽڪ جي تاريخ لڳ ڀڳ هڪ صديءَ جي عرصي تي ڦهليل آهي. انهي دوعران، اصلوڪن ناٽڪن سان گڏ ڪيترن ئي مختلف ٻولين ۽ ملڪن جي ناٽڪن کي سنڌي ويس ڍڪائي اسٽيج تي يا ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ناٽڪ جي موضوع سان دلچسپي رکندڙن ۽ انهيءَ تي تحقيق ڪندڙن جي سهوليت لاءِ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي طرفان، مرحوم ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور جي هيءَ پبليڪيشن يقيناً وڏي سهوليت جو سبب بڻبي.

مرحوم ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور هن ڪتاب جو مسودو اسان کي پنهنجي حياتي ۾ ڇپائيءَ لاءِ ڏنو هو، پر افسوس جو هو پنهنجي مسودي کي ڪتابي صورت ۾ ڏسي نه سگهيو. اسان کي انهيءَ جو بيحد افسوس آهي.

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران هن کان اڳ ۾ ٻه ناٽڪن جا مجموعا ۽ هڪ ڪتاب ناٽڪ جي فن ۽ تاريخ تي پيش ڪيا ويا آهن. هيءُ ڪتاب انهيءَ ڏس ۾ تاريخوار ناٽڪن جي ترتيب جي لحاظ کان معلومات ۾ يقيناً اضافو آڻيندو.

 

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي                        ڊائريڪٽر

4- جنوري 1992ع

 

 

مهاڳ

 

ڊرامو انسان جي خصلت ۽ فطرت جو گهڻي حد تائين ترجمان آهي. تڏهن ته هن جو اثر مڙئي ڏسندڙن، پوءِ انهن ۾ ٻُڍا هجن يا ٻار، پڙهيل هجن يا اڻ پڙهيل سڀني تي يڪسان ۽ ڳُوڙهو ٿئي ٿو. انهي تعريف ۽ تاثير سبب ماضيءَ ۾ تعليم پکيڙڻ لاءِ سنڌي ڊرامن کي خاص اهميت حاصل هئي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ناٽڪ جي اوسر واري تاريخ مان اهو معلوم ٿو ٿئي ته اُن دور ۾ سنڌي ڊرامن جو بنيادي ۽ وڏو مقصد تعليم ۽ تهذيب جو پرچار هوندو هو. ان ڪري هر سال تعليمي ادارن ۾ وڏن ڏهاڙن توڙي سالياني تقريبن ۾ باقاعدگي ۽ خاص تيارين سان ڊرامو اسٽيج ڪيو ويندو هو.

اهڙي ريت اختصار ۾ بيان ٿيل سنڌي ناٽڪ جي سِرجڻهاري دور کي تاريخ جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته سنڌي ناٽڪ جي شروعات تعليمي ادارن جي احاطي ۾ معلوم ٿئي ٿي. اهو ئي سبب هو تڏهن ته پهرين سنڌي ڊرئميٽڪ سوسائٽي به ماضيءَ جي هڪ مشهور تعليمي اداري سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ ”ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي“ جي نالي سان برپا ٿي هئي، جتي جيڪو پهريون سنڌي ناٽڪ (نل دمينتي) پيش ٿيو هو، تنهن ناٽڪ جو ليکڪ به هڪ اُستاد (ماستر ڄيٺانند کلڻداس ڀرياڻي) هو. اُن بعد جيڪي به سنڌي ڊراما لکيا ويا سي اُن وقت جي ڌنڌوڙي ناٽڪ منڊلين جي عام بازاري طرز تي نه پر اُهي ناٽڪ تعليمي ادارن جي احاطي ۾ استادن ۽ شاگردن پاڻ ۾ گڏجي خاص اهتمام سان اسٽيج ڪيا.

استادن ۽ شاگردن جو تن ڏينهن ۾ اسٽيج ڊرامي سان وابستگيءَ جو هڪ مکيه ڪارڻ اهو به هو ته تعليمي معيار وڌائڻ واسطي مطالعي سان گڏ مشاهدي کي فروغ ڏيڻ خاطر ڊرامي کي اُن دور ۾ تدريسي سهڪار طور (جيئن اڄ ڪلهه پراجيڪٽر يا وي سي آر ذريعي معلوماتي ۽ تدريسي فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون) تعليمي ادارن ۾ ڪيترائي سبق آموز ڊراما، مثال طور شيڪسپيئر يا ٻين اهڙن عالمگير ڊرامه نويسن جا مشهور ڊراما اسٽيج ڪيا ويندا هئا جن کي ڏسي ناظرين (شاگرد) اُن ڊرامي جي ڪهاڻي توڙي ڪردارن کي آسانيءَ سان ذهن نشين ڪري سگهندا هئا. اهڙيءَ طرح نصابي گُهرجون پوريون ڪرڻ سبب سنڌي ڊرامو پنهنجي پهرئين توڙي ٻئين، بلڪ ٽئين دور جي شروعات تائين به گهڻو ڪري تعليمدانن جي هٿ ونڊائڻ جي ڪري تعليم گاهن جي احاطي ۾ رهيو هو.

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد هتي سنڌي ناٽڪ جيئن ساڳيءَ ريت تعليمي ادارن ۾ موجود هو تيئن هوڏانهن هندستان ۾ به سنڌي ڊرامي جي شروعات وري به دهلي، بمبئي ۽ ٻين وڏن شهرن جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ٿي هئي ۽ اُن جا روح روان به گهڻو ڪري هتان کان لڏي ويل استاد ۽ تعليمي ماهر هئا. البت بعد ۾ جيئن جيئن اسٽيج ڊرامي جي فن ترقي ڪئي تيئن تيئن سنڌي ڊرامو تعليمي ادارن جي احاطي کان ٿورو ٻاهر نڪري عوام آڏو اُنهن جي پسند پٽاندر پيش ٿيڻ لڳو: پر پوءِ به تعليمدان تحرير توڙي پيشڪش ۾ ڪنهن نه ڪنهن ريت هن فن ۾ پنهنجو هٿ ونڊائيندا رهيا آهن.

سنڌي ناٽڪ جي انهي اوسر ۾ مزاج جي پس منظر ۾ تعليم حاصل ڪندي بحيثيت شاگرد ۽ بعد ۾ استاد، مون کي به هن ميدان ۾ ٻالجتيءَ کان هٿ ونڊڻو پيو آهي، تڏهن ته اسڪولي دور کان ڪاليج ۽ بعد ۾ يونيورسٽيءَ تائين سائنس جي سنسار ۾ رهندي به هن اسٽيج ڊرامي جي فن ۾ مون ڀرپور حصو ورتو آهي. ماضيءَ ۾ اسٽيج تي مون ساڻ گڏ جن به ساٿين بهرو ورتو يا جن به منهنجا لکيل يا پيش ڪيل اسٽيج ڊراما ڏٺا سي اڄ به مون کي اسٽيج جي حوالي سان ياد ڪندا رهن ٿا.

ان ڪري سال 1980ع ۾ جڏهن سنڌي ڊرامي جو سئو ساله جشن ملهايو پئي ويو ته ماضي جي ڪيترن ئي دوستن مون کي اُن ۾ بهرو وٺڻ لاءِ اُڀاريو، جنهن تي مون به ارادو ڪيو ته اسٽيج ڊرامي جو جيترو به تجربو حاصل آهي تنهن جو عملي مظاهرو ضرور ڪبو. ان لاءِ پوءِ سنڌي ناٽڪ صدي جشن ملهائڻ واري پروگرام جي تيارين ۾ مصروف ٿي ويس. حيدرآباد سنڌ ۾ انهي جشن ملهائڻ لاءِ جيڪا اعليٰ سطح تي ڪميٽي مقرر ڪئي وئي هئي تنهن جو ميمبر رهيس ۽ پوءِ عملي طور نه رڳو بحيثيت هڪ چيف ڊراما ڊائريڪٽر جي جشن ۾ پيش ٿيل ڊرامن جي اسڪرپٽ ايڊيٽنگ ۽ هدايتڪاري جا فرائض انجام ڏنا هُيم پر گڏو گڏ ڊرامن جي چونڊ ۽ ترتيب واسطي تعليمي ادارن ۽ خانگي لائبريرين مان اٺن ڏهن مهينن جي عرصي ۾ اسٽيج ڊرامن متعلق جيڪو به معلوماتي مواد مليو هو سو سهيڙي سنڌي ناٽڪ جي هڪ تاريخوار ترتيب (Chronology) تيار ڪري ورتي هُيم. انهي سهيڙپ لاءِ ناچيز جي پنهنجن سڄڻن مسٽر محمد عمر چنڊ، مسٽر مراد علي مرزا، مسٽر احمد شيخ، مسٽر عبدالقيوم صائب، مسٽر حمايت علي شاعر ۽ مسٽر وفا راشدي جهڙن علم – دوستن طرفان تمام گهڻي حوصله افزائي ٿي هئي.

سنڌي ناٽڪ جي اوسر تي منهنجي هيءَ نئين انداز سان ترتيب ڏنل تحقيق 1980ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ملهايل سنڌي ناٽڪ صدي جشن واري سووينيئر ۾ خاص مضمون طور شايع ڪئي ويئي جيڪا هتي سنڌ ۾ ته گهڻن کي پسند پيئي. هندستان ۾ به ان تي ڪجهه تنقيدي تبصرا ڇپيا ته، ”ورهاڱي بعد هندستان ۾ سنڌي اديبن توڙي فنڪارن جيڪو ڪجهه سنڌي ناٽڪ جي ترقيءَ ۾ حصو ورتو سو هن سهيڙپ ۾ ڄاڻايل ناهي.“

انهي ادبي تنقيد تي دلشڪست ٿيڻ بدران مون پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ محنت ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ۽ پوءِ سال 1982ع کان سنڌ ۽ هند ۾ سنڌي ناٽڪ جي اوسر تي مڪمل تاريخوار ترتيب سهيڙڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيم. ان لاءِ ورهاڱي بعد هندستان ۾ پيش ٿيل سنڌي ناٽڪ متعلق جيئن جيئن معلوماتي مواد ملندو رهيو تيئن تيئن ترتيب سان درج ڪندو رهيس.

ان ڏس ۾ نئين سرڪيل جاکوڙ ۾ جيڪڏهن مسٽر ولي رام ولڀ جهڙو سنڌي ادب جو هڏ ڏوکي ساٿ نه ڏئي ها ته هي ڪم وڌيڪ ڪٺن ۽ اڃا به گهڻو عرصو گهري ها. ان لاءِ سندس تهدل سان ٿورا مڃيا ٿو جو پاڻ وقت به وقت هندستان مان وٽس پهتل ڪتاب، مخزنون، رسالا ۽ چوپڙيون مون کي پڙهڻ لاءِ ڏيندو رهندو هو ۽ آئون انهن جو مطالعو ڪندو سنڌي ناٽڪ جو مواد ميڙيندو هن ترتيب کي تيار ڪندو رهندو هوس. تان جو نيٺ 1989ع جي شروعات ڌاري ستن سالن بعد ٻيهر سنواريل صورت ۾ هيءَ سنڌي ناٽڪ جي تاريخوار ترتيب مڪمل ٿي وئي. هن ڪتاب جي تڪميل لاءِ ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري، سابق وائس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۽ مسٽر عبدالقادر جوڻيجو، ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو جي همت افزائي ۽ مددي حوالن لاءِ ڪتابن ڏيڻ واري وڙ کي به هرگز نٿو وساري سگهان ۽ سندن بيحد مشڪور آهيان.

آخر ۾ آئون انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو ۽ اُن جي ڪتاب منظور ڪندڙ ڪميٽيءَ جي ميمبرن جو پڻ نهايت ٿورائتو آهيان جن صرافن ’محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن‘ جي مصداق تي عمل ڪندي منهنجيءَ هن محنت کي اشاعت لاءِ منظوري ڏني ۽ پوءِ اداري هي ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو. اميد ته پڙهندڙن وٽ منهنجو هي پيار جو پورهيو به صاب پوندو.

 

محمد يوسف پنهور 

 حيدرآباد سنڌ

5 جون 1989ع

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com