سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ

 

صفحو :6

61- سنڌو ڪلاڪيندر، ناگپور:

1977ع ڌاري هي ناٽڪ منڊل ڊي جي گوپالاڻي، روچيرام ٿانواڻي، پريم جوتواڻي، روچلداس ڪيولراماڻي، سندر بٽاڻي، گوپال کيماڻي، ۽ اشوڪ تلريجا برپا ڪيو جن سان بعد ۾ پرڀو بٽاڻي بحيثيت سيڪريٽري شامل رهيو. هن منڊل جو مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار سندر بٽاڻي هو. نئين هوا نيتي انيتي، سوريءَ سڏ ڪيو ۽ هجئي ناڻو ته ........... هن منڊل جا مقبول ناٽڪ هئا. جن ۾ ڪلا جو مظاهرو ڪندڙ ڪلاڪار هئا سنيتا ساولاڻي، گرمک موٽواڻي،اشوڪ ماکيجاڻي، انيل ٽهلياڻي، ڪشور لعلواڻي، هريش مائيداساڻي ۽ گورڌن  نئناڻي.

 62- جيوتي ڪلاسنسٿان، جئپور:

1978ع ۾ هي ڪلاسنسٿان سريش سنڌو جي سرپرستي  هيٺ  قائم ٿيو، جنهن سان  بعد ۾ رامچند رامناڻيءَ ساٿ ڏنو. هن ناٽڪ  منڊل  اڪثر طور ٽه  فصلا  ۽ اصلوڪا ناٽڪ پيش ڪيا.  هن جو مکيه ليکڪ  ۽ هدايتڪار  سريش سنڌو پاڻ هو.رچيل ناٽڪن ۾ دل ڏينداسين  دل وارن کي، منهنجي به ٻڌو، مان شادي  ڪنديس وغيره بيحد ڪامياب ناٽڪ ليکيا وڃن ٿا؛ جن ۾ پارٽ  ادا ڪندڙ ڪلاڪار هئا: ارميلا، چمپا،  ناري ڦلواڻي، راجيش خوشحالاڻي، روي، موهن لعل اداسي ۽ سريش سنڌو.

 63- مهراڻ آرٽ ڪلب، شهدادڪوٽ:

1978ع کان هن آرٽ  ڪلب  احمد علي چانڊيو ۽ مدد علي وفا جي ڪوششن سان  ڪيترائي ناٽڪ رچايا. هن جا مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار  به پاڻ  ٻئي هئا. هنن سان  نند لعل  سدائين  ساٿ ڏنو. هن ناٽڪ ڪلب طرفان  رچيل ناٽڪن ۾ فرض ۽ پيار،قربائتو قاتل. منهنجو مهمان،اٻاڻڪيون اکيون، ڪنول ۽ موت ڪامياب ناٽڪ  مڃيا ويا؛ جن ۾ مختلف  پارٽ ادا ڪندڙ ادڪار هئا: مهر علي چارلي، نياز حسين نياز، شفيع محمد مرڻنگ، گل منير گل، ايم يونس راهي، امتياز ميراڻي، محمد  صيفل، نظام الدين بيوس، عظيم انصار، منير شاهين اختر حسين، جاني بلوچ، اڪبر سومرو، اظهر علي ڀٽو، احمد علي چانڊيو ۽ مدد علي وفا.

 64- سنڌي ناٽڪ گهر، ڪلڪتو:

1978ع ۾ هن ناٽڪ گهر جو پايو سنڌي ادب جي مهان محقق، مشهور سنڌي ناٽڪ نويس ۽ پنهنجي دور جي ميل ڪلاڪار پروفيسر منگهارام اُڌارام ملڪاڻي سنڌي يوٿ ائسوسيئِشن، ڪلڪتو جي سرپرستي ڪندي رکيو، جنهن ساڻ شامل رهندي بعد ۾ لِکمي کلاڻي ڪنوينر مقرر ٿيو. هن ناٿ گهر جو مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار لکمي کلاڻي هو. جنهن جي فني ڪوششن سان ڀڄي ويئي ۽ سپني جي سيج جهڙا ٻه مشهور ايڪانڪي ناٽڪ رچايا ويا. هنن ناٽڪن ۾ مرڪزي ڪردار لکمي کلاڻي پاڻ ادا ڪيو.

 

65- ايشين آرٽس ائڪيڊمي، ڪراچي:

1979ع ۾ هي ائڪيڊمي قمر شهباز جي ڪوششن سان قائم ٿي. هن جو مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار قمر شهباز هو. هن ناٽڪ منڊلي طرفان پيش ڪيل مشهور ناٽڪ ’هل پنهل‘ ۾ جن اداڪارن حصو ورتو سي هئا: سڪينه سمون، يوسف علي، اي. آر بلوچ، لطيف منو، انور سولنگي ۽ نورمحمد لاشاري.

 66- ترمورتي ڪلامندر، نڙياد:

1979ع ڌاري هن ناٽڪ منڊل جا بانيڪار کيمچند لکياڻي ۽ جڳديش لکياڻي هئا جيڪي پاڻ خود هن منڊل جا ميکه ليکڪ هدايتڪار به هئا. هن منڊل گهمنڊ، قرباني، لاٽري ۽ هند جو سپتر جهڙا مشهور ناٽڪ اسٽيج تي پيش ڪيا. هنن ڊرامن ۾ حصو وٺندڙ ڪلاڪار هئا: ڪشور ڪمار، سچديو، لوڪچند واڌواڻي، کيمچند لکياڻي ۽ جڳديش لکياڻي.

 

67- سنڌي آرٽسٽ فورم، حيدرآباد:

1979ع ۾ هن ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ جو پايو اسرار شام وڌو. هن جو مکيه ليکڪ ۽هدايتڪار پاڻ اسرار شام هو. هن ناٽڪ منڊليءَ جو مشهور ناٽڪ ’عام اطلاع‘ هو جنهن ۾ پارٽ ادا ڪندڙ ڪلاڪار هئا: شهناز، لياقت شيخ، شهباز خان، زاهد مرزا، عاشق انصاري، مقبول ميمڻ، ۽ الطاف سومرو.

 

68- سنڌو ناٽيه ڪلاڪيندر، بڙودا:

1979ع ۾ آنند ٽهلراماڻي جي سرپرستي هيٺ هي ڪلاڪيندر قائم ٿيو، بعد ۾ مرلي ڀوڄواڻي ساڻس ساٿ ڏنو. هن ناٽڪ منڊل جو مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار آنند ٽهلراماڻي هو جنهن جي ڪوششن سان هن منڊل ڪيترائي ناٽڪ رچايا جن مان ’حڪيم اجلراءِ‘ ۽ ’مان تيار آهيان‘ ناٽڪ بيحد مقبول ٿيا. هنن ڊرامن ۾ مکيه ڪردار ادا ڪندڙ ڪلاڪار مڌو بخشاڻي ۽ گورڌن مورجاڻي هئا.

 

69- سنڌي آرٽسٽ ڪلب، حيدرآباد:

1979ع ڌاري هي ناٽڪ منڊلي برپا ٿي جنهن جو بانيڪار اشرف بلوچ هو. جيڪو پاڻ هن منڊلي جو ليکڪ ۽ هدايتڪار پڻ هو. هن آرٽسٽ ڪلب مشهور ناٽڪ ’ڀلي ڪري آيا‘ رچايو جنهن جا مکيه اداڪار هئا: روماناز، الطاف سومرو، نسيم ملڪ، مقبول ميمڻ، خالد سومرو، گل حسن گل، ايم اي عارف ۽ اشرف بلوچ.

 

70- سرسوتي آرٽ سرڪل، احمد آباد:

1979ع کان برپا ٿيندڙ هن آرٽ سرڪل جو روح روان ٻلديو گهنشاڻي هو، جيڪو پاڻ هن ناٽڪ منڊل جو مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار پڻ هو. ’پيغام‘ ڊرامو هن آرٽ سرڪل جي مقبول پيشڪش هئي جنهن ۾ حصو وٺندڙ ڪلاڪار هئا: هيملتا گهنشاڻي، اشوڪ چنچلاڻي ۽ ٻلديو گهنشاڻي.

 

71- ڀٽائي آرٽ سرڪل، خانپور:

1979ع ۾ قائم ٿيندڙ هن آرٽ سرڪل جو بانيڪار ذوالفقار هيسباڻي هو، جيڪو خود هن آرٽ سرڪل جو ليکڪ ۽ هدايتڪار پڻ هو. هن سرڪل اسٽيج تي امير ۽ غريب، انسان ۽ شيطان ۽ شريف گنهگار جهڙا مشهور ناٽڪ رچايا جن ۾ مختلف پارٽ ادا ڪندڙ ڪلاڪار هئا: رفيق دل، لطيف دل، ايوب ملاح، احسان ميمڻ، مراد سومرو ۽ ذوالفقار هيسباڻي.

 

72- ساگر آرٽ ٿيئٽر، احمد آباد:

1979ع ڌاري مانڌو نيڻواڻي ۽ ڪشن چاند جي گڏيل ڪوششن سان هي ٿيئٽر برپا ٿيو. هن ناٽڪ منڊل جا مکيه ۽ هدايتڪار به پاڻ ٻيئي هئا. هن ٿيئٽر جا مقبول ناٽڪ: رهجي وياسين، ڪنوار ۽ دل ۾ نه ڪجانءِ ليکيا وڃن ٿا. هن ٿيئٽر جا مشهور ڪلاڪار هئا: رجني تيجواڻي، نينا آسوداڻي، آسن وسياڻي، اُتم هڱوراڻي، ديال لعلواڻي، راجڪمار ڏاسواڻي، واسديو ماکيجا، ڄيٺو لالواڻي، منگهو ڌرمداساڻي، ڪشن چاند، ۽ مانڌو نينواڻي.

 

73- رزرو بئنڪ سنڌي سڀا، بمبئي:

1979ع ۾ هيءَ ڊرئميٽڪ ڪلب سنڌي اسٽيج ڊرامي سان دلي چاهه رکندڙن ٺاهي، جنهن جو مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار لعل نارنگ هو. هن ڊرئميٽڪ ڪلب جا رچايل مشهور ناٽڪ هئا: ستيه ميوجيه تي، انڌير نگري پوليس اسٽيشن، هيءُ ڇا ٿيو، يوريڪا ۽ ناتو. هنن ڊرامن ۾ مختلف پارٽ ادا ڪندڙ ڪلاڪار هئا: پشپا مالهي، پدن شرما، ٻلديو ڪالرو، رميش چوڌري، هريش ٺڪر ۽ لعل نارنگ.

 

74- جهولي لال ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد:

1980ع ۾ هيءَ ڊرئميٽڪ سوسائٽي ابو بلاول برپا ڪئي، جنهن جو مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار نادر بلوچ هو. هن ناٽڪ منڊليءَ جي پيش ڪيل ناٽڪن مان ’بايونڪ ڀنڀوري‘ گهڻو مقبول ٿيو هو. هن ڊرامي ۾ حصو وٺندڙ اداڪار هئا: روما ناز، ابو بلاول، منظور مراد ۽ ناصر بلوچ.

 

75- ڪائونسل آف آرٽس ائنڊ ڪلچر، حيدرآباد:

1980ع ڌاري قاسم فانيءَ جي ڪوششن سان هيءَ ڊرئميٽڪ ڪائونسل برپا ٿي، جنهن جو ليکڪ قاسم فاني ۽ هدايتڪار اشرف بلوچ هو. هن ناٽڪ منڊلي جو رچايل ناٽڪ ’مور ٿو ٽلي‘ هو جنهن ۾ مختلف پارٽ ادا ڪندڙ  هئا: سيما، فريده، فريد نواز بلوچ، قاسم فاني، اشرف بلوچ، الطاف سومرو، تسليم ملڪ، نثار بلوچ ۽ مشتاق چنگيزي.

 

76- ستيه ڪلامندر، احمد آباد:

1980ع ۾ لڇمڻ جسوجا جي سرپرستي هيٺ هي ناٽڪ منڊل قائم ٿيو، جنهن جو مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار به پاڻ ئي هو. هن منڊل جيڪي ناٽڪ پيش ڪيا تن مان ڪي مشهور ٽائيٽل هي هئا، جهڙوڪ مُکي ماڪوڙو مل، ويهين صدي جي ويڏي، چندو چوڪيدار، هل. هل. هل، ڪلوءَ ڪيو ڪمال، امير غريب، ڀڳت سورداس، پوڙهو پوهومل ۽ سلطاني ڏيوالو. هنن ناٽڪن جا مکيه ڪلاڪار هئا: آسن وسياڻي، اندر منگهر ملاڻي، راجڪمار جهامناڻي، شوڪمار شرما، ڪنعيا لعل پرسواڻي، منور منگهاڻي، رتن جهامناڻي ۽ چندر ٻالاڻي.

 

77- ڪونج يونيورسل، بمبئي:

1980ع ۾ هن ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ جو پايو هري موٽواڻي وڌو. هن جو مشهور ليکڪ وشنو ڀاٽيا ۽ هدايتڪار جسونت ڪمار هو. هن منڊلي جو پيش ڪيل مشهور ناٽڪ ’ننڊ نه ڪر نادان‘ هو جنهن ۾ پارٽ ادا ڪندڙ ڪلاڪار هئا: آسن وسياڻي، رتن جهامناڻي، چندر ٻالاڻي ۽ جسونت ڪمار.

 

78- ناٽيه ڪلاڪيندر، احمدآباد:

1980ع ڌاري منوهر نهالاڻي جي سرپرستيءَ هيٺ هي ڪلاڪيندر برپا ٿيو جنهن جو مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار به منوهر نهالاني پاڻ هو. هن منڊل جا رچايل مشهور ناٽڪ هئا: اشتهاري شادي، منهنجو به ڪجهه سوچيو ۽ اڙجي وياسين. هنن ناٽڪن ۾ مختلف پارٽ ادا ڪندڙ ڪلاڪار هئا: جئه ونتي لالواڻي، مينا لکواڻي، نند ڪڪناڻي ۽ چاند ڪشن.

 

79- ٿيئٽر والاناٽڪ منڊلي، بمبئي:

1980ع کان برپا ٿيندڙ هن ناٽڪ منڊلي جا روح روان هئا ڪيرت ٻاٻاڻي، لڇو، گيهي، وشنو ڀاٽيا، پي. بي چاند ۽ جسونت ڪمار. هن ناٽڪ منڊليءَ جا مکيه ليکڪ ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ وشنو ڀاٽيا ۽ هدايتڪار جسونت ڪمار هو. هن منڊلي جا رچايل ٻه ناٽڪ ’ننڊ نه ڪر نادان‘ ۽ ’جاڳو موهن پياري‘ بيحد مقبول ٿيا. هن منڊلي جا مکيه ڪلاڪار هئا: آسن وسياڻي، رتن جهامناڻي ۽ جسونت ڪمار.

 

80- سويٽي سنڌ ٿيئٽر، احمد آباد:

1980ع ۾ برجو چاولا ۽ هريش گناڻي جي گڏيل ڪوششن سان هي ٿيئٽر قائم ٿيو جنهن جو مکيه ليکڪ ۽ هدايتڪار برجو چاولا پاڻ هو. هن ٿيئٽر جا پيش ڪيل مشهور ناٽڪ ڊسڪو اسٽار ۽ گڊ نائيٽ هئا. هنن ڊرامن ۾ حصو وٺندڙ ڪلاڪار هئا: رتنا رامناڻي، انيتا پنجابي، مهيش پنجابي، ڌنراج امرناڻي، مرلي سچديو، هوندراج بلواڻي، اُتم هڱوراڻي ۽ برجو چاولا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com