سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ

 

صفحو :2

 

1

ڊرامو يا ناٽڪ

 

گهڻو آڳاٽو جڏهن انسان اڃا غارن جو رهواسي هو، پاڻ کي قبيلن ۾ ورهائي، انساني تهذيب ۽ تمدن جي شروعات ڪري رهيو هو؛ تڏهن کان ئي پنهنجن جذبن ۽ احساسن جي اظهار ڪرڻ لاءِ مخصوص رنگ ۽ ربط سان جشن ۽ تقريبون ملهائڻ لڳو هو. جنهن لاءِ ائين کڻي سمجهيو وڃي، ته انسان جي تمدني تواريخ کان گهڻو اڳ واري دور ۾ انسان پنهنجي ساٿين (ناظرين) سامهون، مخصوص اندازن سان بهادريءَ جي ڪارنامن يا شڪار جي مشاهدن کي بيان ڪري ڏيکاريندو هو.

انسان جي جذبن  ۽ احساسن واري  اهڙي اظهار جي ادائگي کي يوناني ٻوليءَ  ۾ ’ڊرومنن‘  ڪري ڪوٺيو ويندو هو، جنهن لفظ  جو پوءِ وارو گھاڙيٽو ’ ڊرومنن‘ مان ڦري ’ڊراؤ‘ ٿيو جنهن مان اڳتي هلي لفظ ڊرامو (Drama) ٺهيو آهي، ۽ ان جي معنيٰ آهي ’ڪرڻ‘ يا ’ڪري ڏيکارڻ‘(1). ساڳئيءَ ريت وضاحت سان بيان ڪندي يونان  جي عِظيم  فلاسافر  ارسطوءَ (385 ق .م)  ڊرامي کي’عمل  جي ‘ نقالي( imitation  Of action)   سڏيو آهي.(2)

ناٽڪ جي  فني حيثيت:

 قديم دور کان ئي ڊرامي بابت ماهر- ناٽڪ ڪار ’تحرير ‘ مٿان  ’عمل ‘  جي  فوقيت واري راءِ قائم رکيو اچن. ان لا ءِ ڊرامي بابت ارسطو  جو  نظريو ورجايو ٿو وڃي ته عمل جي نقالي جي بنياد تي ڪنهن به ڊرامي  جي ’تحرير‘ کان  وڌيڪ ’عمل‘ جي اهميت آهي. تنهنڪري ڪو  به اسٽيج  ڊرامو  لکت جي  لحاظ کان  ڀل  کڻي ويندڙ  بيحد وڻندڙ  لڳي پر انهي ڊرامي کي اسٽيج تي پيش ڪرڻ  کانسواءِ ايئن سمجھڻ گھرجي ته انهي جو ملهه  ڪاغذ جي صفحن  تي بي روح  ۽ خاموش تصوير کان  وڌيڪ ڪجھ به نه آهي(1). ان ڏس ۾ هڪ ماهر سنڌي ناٽڪ نويس به پنهنجي وسيع تجربي جي بنياد تي ساڳيو رايو پيش ڪندي لکي ٿو ته،  ’ڪو به اسٽيج  ڊرامو حقيقي معنيٰ ۾ تڏهن ئي ڊرامو لکيو ويندو آهي، جڏهن اهو  اسٽيج  تي پيش ڪيو ويندو آهي.‘ بلڪل اهڙي طرح  جيئن ڪو به لکيل نغمو صحيح معنيٰ ۾ تڏهن ئي نغمو ڪوٺبو آهي، جڏهن اهو ڳايو ويندو آهي. ناٽڪ بابت به ساڳيو ئي دليل ڏنو وڃي ٿو ته ناٽڪ جو آخرين مقصد تڏهن پورو سمجھبو آهي، جڏهن اهو ٿيئٽر ۾ اسٽيج تي پيش ڪيو ويندو آهي.(2)  


(1)sister, M.AgnesDavid : A book of  plays ,The Macmillan  Co. New York  1960, p.1

(2) Aristotle: The poetics (Translated by Ingram  Bywater )The Macmillan Co. New York,1930 p,15.

(1) Bander Mathews: A study  of drama, Houghton miffin  Co Boston,,1930p.4

(2) منگهارام ملڪاڻي: ’ سنڌي  نثر جي تاريخ ‘  زيب ادبي مرڪز ، حيدرآباد  سنڌ ، 1977ع،ص-119.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com