سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :5

 

اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو

آزاديءَ کان ٻه سال پوءِ، سنڌ جي ماڻهن جي مرضيءَ جي برخلاف، ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو. ان کان ٻه سال پوءِ، 1951ع ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ جي جاءِ تي ڪراچي يونيورسٽي قائم ڪئي وئي، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ کي حيدرآباد آندو ويو. ڪراچي يونيورسٽيءَ وجود ۾ اچڻ شرط اعلان ڪيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ، جيڪا سنڌي ٻوليءَ کي يونيورسٽي امتحانن ۾ جواب ڏيڻ جي تسليم ٿيل ذريعي جي حيثيت ڏني هئي، ان جي اُها حيثيت ختم ڪئي ويندي. نيٺ 1956ع ۾، سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن ۽ علائقي جي ماڻهن جي يڪراءِ مخالفت کي نظرانداز ڪري، ڪراچي يونيورسٽيءَ، پنهنجي سنڊيڪيٽ جي هڪ ٺهراءُ ذريعي، سواءِ ڪنهن سبب ڏيڻ جي، سنڌي ٻويءَ جو مٿي ذڪر ڪيل درجو آخري طرح ختم ڪري ڇڏيو. سنڌ جي ماڻهن جي ٻوليءَ هجڻ جي حيثيت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي جيڪو مانُ ۽ مرتبو پاڪستان کان اڳ حاصل هو، ان کان کيس محروم ڪرڻ لاءِ مٿس اهو پهريون وارُ هو.

ٽن سالن کان پوءِ، 1959ع ۾، قومي تعليمي ڪميشن پنهنجي ”مشهور معروف“ رپورٽ تيار ڪئي، جنهن ۾، سواءِ ڪنهن رک رکاءُ جي، بنهه کُليو کلايو، سفارش ڪئي وئي ته سنڌي ٻوليءَ کي آهستي آهستي اهڙيءَ طرح نِستَ ۽ ناڪام بڻايو وڃي، جو اُها ڍِرڪي ڍِرڪي، وڃي رڳو پنجين پرائمري ڪلاس تائين تعليمي ذريعو رهي، ۽ ٿيندي ٿيندي، نوبت ايستائين وڃي پهچي، جو ڳالهائڻ جي ٻولي سنڌيءَ جي بدران بدلجي اردو ٿي پوي، ۽ بقول ڪميشن رپورٽ جي، ”انهيءَ نموني، آخر (اردو) وڃي هن ايراضيءَ جي عام مقبول ٻولي ٿيندي.“ پاڪستان سرڪار انهيءَ رپورٽ کي جيئن جو تيئن منظور ڪيو، ۽ حڪم صادر ڪيو ته ان تي عمل ڪيو وڃي. سنڌ جي ماڻهن کي جڏهن خبر پيئي ته قومي تعليم جي ڪميشن سندن ٻوليءَ جي مستقبل تي ائين بنهه اونداهه جو ٺپو هڻي ڇڏيو آهي، تڏهن لاچار هو ان جي بچاءُ ۾ سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ لاءِ تيار ٿي اُٿيا. خوش قسمتيءَ سان پاڪستان سرڪار ترت ئي محسوس ڪري ورتو ته قومي تعليم جي ڪميشن کانئن اهو زبردست غلطيءَ جو ڪم ٿي ڪرايو، تنهن ڪري، هُنن، سنڌ جي ماڻهن جي جائز گهُر کي وزن ڏيئي، 1962ع ۾، فيصلو ڪيو ته سنڌي ٻولي، جيڪا هڪ سؤ کن سالن کان وٺي انٽرميڊيٽ ليول تائين تعليم جو ذريعو پئي رهي آهي، سا اڳتي به سنڌي ڳالهائيندڙ ٻارن لاءِ سنڌ ۽ ڪراچي علائقن ۾ انهيءَ ئي حيثيت سان قائم رهي. اهڙيءَ طرح، سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اُهو جيڪو موتمار ۽ ڪاپاري ڌڪ لڳڻ وارو هو، سو سنڌ جي ماڻهن جي گڏيل ڪوششن ۽ وقت سر بچاءُ جي تدبيرن ڪرڻ ڪري، گُسي ويو.

اُنهيءَ ڳالهه کي اڃا چار سال به ڪين ٿيا آهن، ته اولهه پاڪستان جي سرڪار وري سنڌيءَ جي پاڙن ڪٽڻ لاءِ اڳي کان وڌيڪ هوشياريءَ ۽ ڏاهپ سان قدم کنيو آهي. اردوءَ جي ساراهه ۽ پذيرائيءَ ۾ جيڪي ڏينهن رات قصيدا پيا پڙهجن ۽ ننڍي کان وٺي وڏي ۾ وڏا ڪامورا ۽ عملدار ان تي جيڪي طرحين طرحين جون نوازشون پيا ڪن ۽ ان کي جائز توڙي ناجائز نموني زور وٺائڻ لاءِ وڏي جوش خروش سان جيڪي سرڪاري ڪوششون پيون ٿين، تن اڳي ئي اردوءَ کي ايڏو اوچو رُتبو ڏيئي ڇڏيو آهي، جو اولهه پاڪستان جون ٻيون علائقائي ٻوليون ان جي ڀيٽ ۾ بي مانائتيون ٿي پيون آهن ۽ ڪنهن جي ليکي ۾ ئي ڪونه رهيون آهن. ملڪ جي عوامي ٻولين سان اڄ جيڪو پوري تعصب ۽ وير وارو سلوڪ عام آهي، تنهن جو هڪڙو مثال اولهه پاڪستان سرڪار جا اُهي تازا حڪم آهن،- جن سنڌي ٻوليءَ لاءِ اڃا به هڪڙو وڌيڪ مُهلڪ خطرو کڙو ڪيو آهي.

اولهه پاڪستان سرڪار تازو سنڌ علائقي ۾ ٻه جامع (Comprehensive) اسڪول کوليا آهن، هڪڙو ميرپورخاص ۾ ۽ ٻيو خيرپور ميرس ۾. اهي ٻيئي اسڪول آڪٽوبر 1966ع ۾ شروع ٿيا، ۽ انهن ۾ ڇهين، ستين ۽ نائين ڪلاس لاءِ داخلائون کوليون ويون. خيرپور ميرس واري اسڪول ۾، ذڪر ڪيل ٽن درجن ۾ ڪُل اٺ شاگرد داخل ٿيا، ۽ ميرپورخاص واري اسڪول ۾ 208 شاگرد داخل ٿيا، جن ۾ اهڙا شاگرد جن جي مادري ٻولي سنڌي آهي، سي فقط 35 آهن. هرهڪ اسڪول ۾ سڀني ڪلاسن ۾ شاگردن جو گڏيل تعداد پندرهن سئو تائين پهچڻو آهي. هاڻوڪيءَ پنج ساله ترقياتي رٿا واري عرصي ۾، اولهه پاڪستان جي ٻين علائقن وانگر، هِن علائقي ۾ به اهڙا ٻيا به اسڪول کلڻا آهن، جن مان ڪي خالص ڇوڪرين جا هوندا. آهي ته عجب جهڙي ڳالهه، پر اِها حقيقت آهي ته هن علائقي جي انهن سڀني اسڪولن ۾ تعليم جو ذريعو اردو هوندو ۽ نه سنڌي. اولهه پاڪستان سرڪار اهڙو فيصلو صادر ڪرڻ فرمايو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي جامع اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ شاگردن جو تعداد بنهه ايترو گهٽ ۽ مايوس ڪندڙ داخل ٿي سگهيو آهي.

اولهه پاڪستان سرڪار انهن اسڪولن لاءِ جيڪو تعليمي ذريعو مقرر ڪيو آهي، تنهن مان ته ائين سمجهبو ته ڄڻ اهي اسڪول هن علائقي جي فقط اردو ڳالهائيندڙ رهاڪن لاءِ ئي آهن، پر خوش قسمتيءَ سان ائين نه آهي. هنن اسڪولن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ سنڌي تعليمي ذريعي وارن شاگردن لاءِ به داخلائون کليل آهن، پر اِنهن سڀني اعليٰ، مخصوص، سرڪاري، جامع اسڪولن ۾، جن سنڌي شاگردن کي داخلا ملندي، تن کي پڙهائي اردوءَ ۾ ئي ڪرڻي پوندي.

سوال ٿو پيدا ٿئي ته اِنهن قيمتي ۽ شاندار اسڪولن جي حدن مان سنڌي تعليمي ذريعي کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو اولهه پاڪستان سرڪار ڪهڙي قانون هيٺ ۽ ڪهڙي تعليمي اُصول موجب ڪيو آهي؟ اهو فيصلو ڪهڙي ليکي مناسب يا انصاف ڀريو آهي ۽ ان ۾ ڪهڙي مصلحت آهي؟ جنهن صورت ۾ هن علائقي جي سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن جا ٻار گهڻي زماني کان وٺي سنڌيءَ ۾ تعليم وٺندا رهيا آهن، تڏهن اولهه پاڪستان سرڪار کي ڪهڙو حق آهي، جو رڳو هڪڙي عملداري حڪم سان ان تعليمي ذريعي کي ختم ڪري، ان جي جاءِ تي ٻيو تعليمي ذريعو مقرر ڪري- ۽ سو به پاڪستان سرڪار جي رڳو ٽي سال اڳ ڪيل پاليسيءَ جي فيصلي جي کُلي کُلائي ڀڃڪڙي ۽ خلاف ورزي ڪري؟ جن ڇوڪرن پنجين، ڇهين ۽ ستين درجي ۾ پنهنجي تعليم مادري ٻولي سنڌيءَ ۾ پرائي آهي، تن کي، تعليمي خيال کان، ڇهين، ستين ۽ نائين ڪلاسن ۾ اردو تعليم جو ذريعو ڪهڙو فائدو پهچائي سگهندو؟ ڇا، اردو تعليمي ذريعو سندن راهه ۾، اصل اردو تعليمي ذريعي وارن شاگردن جي مقابلي ۾، داخلا وٺڻ وقت توڙي دستوري پڙهائيءَ ۾، رڪاوٽ نه ثابت ٿيندو؟ يا ائين ته نه آهي ته مُرڳو انهيءَ حڪم جو مطلب ئي اهو آهي ته سنڌي تعليمي ذريعي وارا شاگرد انهن اعليٰ اسڪولن ۾ داخلائون ئي نه وٺن! ڇا، اها هن علائقي جي اردو ٻولي ڳالهائيندڙ اقليت سان پاسخاطري ۽ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ اڪثريت سان تعصب جي روش نه آهي؟ ڇا، انهيءَ جي مراد اها نه آهي ته ماڻهن کي اهو ڏيکارجي ته سرڪار جي نظر ۾ اردوءَ جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٻولي گهٽ آهي، ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجي مادري ٻوليءَ کي نيڪالي ڏيئي ٻي ٻولي اختيار ڪن؟ ڇا، عملي طرح، انهيءَ جو مطلب هڪڙي آزاد ملڪ جي ماڻهن جي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي ختم ڪرڻ جي برابر نه آهي؟ ڇا، اهڙيءَ ريت هڪ قوميت جي ٻوليءَ کي ختم ڪري، ان قوميت جي ماڻهن کي پنهنجي ئي وطن ۾ گهٽ درجي جو شهري نٿو بڻايو وڃي؟

سنڌ جي ماڻهن، پاڪستان جي نصب العين واسطي، جيڪي ڪجهه وٽن هو سو ڏنو آهي، ۽ کانئن سڀ ڪجهه ورتو ويو آهي. ٻوليءَ ۽ ثقافت جي حفاظت هڪ اهڙو بنيادي قومي حق آهي، جيڪو کين پاڪستان جي دستور مطابق مليل آهي. ساڳئي وقت اهو هڪ اهڙو بنيادي انساني حق آهي، جو ”متحد جمعيت اقوام“ جي حقن جي پڌرنامي موجب دنيا جي سڀني قوميتن کي مليل آهي. سنڌ جي ماڻهن جو اهو پختو فيصلو آهي ته کڻي ڇا به ٿي پوي ته به هو پنهنجي انهيءَ حق جي حفاظت ضرور ڪندا. پاڪستان جي سمورن محب وطن ماڻهن جو اهو فرض آهي ته هو اردوءَ تي هرو ڀرو بيواجبي زور نه ڏين، ڇو ته اها هلت پاڪستان جي ماڻهن کي هڪٻئي سان ملائڻ بدران منجهن شڪ ۽ بدگمانيءَ جا ٻج پوکي ٿي.

جڏهن به پاڪستان ۾ ٻولين جي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۽ حل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪجي، تڏهن ان جي آڏو سڀ کان خطرناڪ رڪاوٽ اها ٿي سامهون اچي، جو اردوءَ جا حامي عقلي دليلن کي ٿڏي، جذبات ۾ ڀرجي، اردوءَ کي اولهه پاڪستان جي واحد قومي زبان ثابت ڪرڻ تي کڻيو سَندرو ٻَڌن. سندن اها جذباتيت بدقسمتيءَ سان هڪ ٻٽي غلط استعمال تي ٻڌل آهي. يعني، پهريون هيءُ ته هو چون ٿا ته اردو پاڪستان جي نظريي جو هڪ لازمي جزو آهي، تنهن ڪري اردوءَ جي بالادستيءَ تي ايمان نه آڻڻ معنيٰ پاڪستان جي نظريي کان بغاوت ڪرڻ! ٻيو هيءُ ته هو چون ٿا ته هند ۽ پاڪستان جي ننڍي کنڊ جي ”مسلمان زبان“ اردو هئي ۽ آهي! جيڪڏهن پاڪستاني نظريو انهيءَ تصور تي ٻڌل آهي ته مسلمان، يا هند- پاڪ جا مسلمان، يا رڳو پاڪستاني مسلمان هڪ قوم آهن، ته پوءِ ان نظريي جي بنيادن ۾ ٻوليءَ جو هڪُ هجڻ به شامل هجي، سا ڳالهه ان تصور جي ظاهر ظهور خلاف آهي. تنهن کان سواءِ، جنهن صورت ۾ اردوءَ کان سواءِ بنگالي به اسان جي هڪڙي قومي زبان آهي، تنهن صورت ۾ اردوءَ کي پاڪستان جي نظريي جو لازمي جزو مڃڻ ۽ ان کي ئي اهو اعليٰ شان ڏيڻ بلڪل بي معنيٰ ٿيو پوي. ائين برابر آهي ته پاڪستان حاصل ڪرڻ جي جدوجهد هلندي، هند- پاڪ جي ننڍي کنڊ جي مسلمانن اردوءَ جو پاسو ورتو ۽ ان جي حمايت ڪئي. پر اهو انهيءَ ڪري ڪونه ڪيائون ته ڪو اردو پاڪستاني نظريي جو لازمي جزو هئي، يا ڪو ان کي گڏيل هندستان جي ڪنهن مسلم اڪثريت واري يا خود ڪنهن مسلم اقليت واري صوبي جي ٻوليءَ تي فوقيت ٿي ڏنائون. بهرصورت، سنڌ جي مسلمانن پنهنجي ٻوليءَ کي قربان ڪرڻ لاءِ اردوءَ جي حمايت هرگز نه ڪئي. اهو سوال ڪنهن به صورت ۾ نه اڳي ڪڏهن پيدا ٿيو ٿي نه هاڻي ئي ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن اردوءَ کي اهو حق آهي ته پاڻ کي واحد مسلمان زبان سڏائي، ته پوءِ فارسي، عربي وغيره زبانون، جي سندس انهيءَ دعويٰ کي چئلينج ڪن ٿيون، تن کي ڇڏي، خود سنڌي ٻولي به پاڻ کي مسلمان ٻولي سڏائڻ جو اردوءَ کان وڏو حق رکي ٿي، ڇو ته هڪڙو ته اردوءَ جي ڀيٽ ۾ سنڌيءَ ۾ اهڙو گهڻو ادب آهي، جنهن کي ”اسلامي“ چئي سگهجي ٿو، ۽ ٻيو ته سنڌي، تعداد ۾، اردوءَ کان وڌيڪ پاڪستاني مسلمانن جي مادري ٻولي آهي.

پاڪستان جهڙي گهڻين ٻولين واري ملڪ ۾ انهيءَ ڳالهه جي وڏي ضرورت آهي ته ڪا اهڙي ٻولي هجي، جا عام لهه وچڙ جو وسيلو ٿي سگهي. پاڪستان، جنهن جا ٻه ڀاڱا جاگرافيءَ جي خيال کان هڪٻئي کان ايترو پري آهن، تنهن ۾ سڄي ملڪ جي قوميتن جي لاڳاپي جي ٻوليءَ جو مسئلو اڃا حل نه ٿيو آهي. ڇو ته ظاهر آهي ته بنگالي ۽ اردو، جن کي سرڪاري طرح ”قومي ٻولي“ جي لقب سان نوازيو ويو آهي، تن مان ڪابه اهو ڪم ڏيڻ لاءِ اڃا تيار نظر نٿي اچي، اهوئي سبب آهي، جو وقت بوقت انگريزيءَ کي (جا هن وقت عملي طرح سڄي پاڪستان لاءِ لاڳاپي جي ٻوليءَ جو ڪم پيئي ڏئي) قائم رکڻ، يا عربي کي قومي ٻولي بنائڻ، يا پاڪستان جي ڪن ٻولين کي گڏي ڪا نئين ٻولي تيار ڪرڻ جهڙيون رٿون عام اڳيان پيش ڪيون پيون وڃن. سموري پاڪستان لاءِ خاص لاڳاپي واري ٻولي مقرر ڪرڻ جا اِهي اٺسٺا پيا ٿين، يا ان بابت جيڪي اهي رٿون پيون هلن، تن جو کڻي ڪهڙو به حشر ٿئي، پر جيتري قدر اولهه پاڪستان جي لاڳاپي جي ٻوليءَ جو سوال آهي، ته اِهو چئي سگهجي ٿو ته اهو معاملو ذري گهٽ طئي ٿيل آهي. جيڪڏهن اردوءَ کي عربيءَ ۽ فارسيءَ جي اجائي ۽ فضول اڊمبر کان ڇوٽڪارو ڏيارجي، ته اها اولهه پاڪستان جي لاءِ مختلف قوميتن جي وچ ۾ گهربل محدود ۽ خصوصي لاڳاپي جو ڪم ڏيئي سگهي ٿي- برشيطڪ اردوءَ جي حمايت ۾ اهڙي ٻي ڪابه انتها پسند ڳالهه نه ڪئي وڃي ۽ نه سوچي وڃي، جيڪا پاڪستان جي ٻين ٻولين (جن کي ڏاڍيءَ هلڪڙائيءَ ۽ لاپرواهيءَ سان ”علائقائي ٻوليون“ سڏيو ويندو آهي) جي نهايت قدرتي ۽ جائز حقن ۽ حيثيتن کي ڇيهو پهچائي.

پر وڏي بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي، جو انهيءَ باري ۾ نه رڳو انتهاپسند، پر بنهه جنوني ڳالهيون سوچيون، بلڪه ڪيون پيون وڃن. جامع اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ٻارن بابت تعليمي ذريعي مقرر ڪرڻ ۾ مغربي پاڪستان حڪومت جو رويو اهڙي قسم جو رويو آهي. اهڙي ئي قسم جو ٻيو انتها پسنديءَ جو رويو ڪي اهڙا حلقا اختيار ڪن ٿا، جن کي پنهنجيءَ طاقت ۽ هلنديءَ تي ناز آهي. هو چون ٿا ته اولهه پاڪستان ۾ فقط اردوءَ کي ئي سرڪاري ۽ عدالتي ٻولي مقرر ڪيو وڃي. خود مغربي پاڪستان هاءِ ڪورٽ جي جج، مسٽر جسٽس انوارالحق جهڙي روشن دماغ ۽ صاحب فهم هستيءَ به انهيءَ قسم جو بلڪه انهيءَ کان به وڌيڪ تشويشناڪ رويو اختيار ڪيو آهي. اي پي پي جو اطلاع آهي ته 15 مارچ 1967ع تي ”مجلس تعمير و ترقي“، لاهور، جي اردو شعبي جي زير سهاري ٿيل هڪ مجلس مذاڪري کي خطاب ڪندي هن صاحب چيو ته، ”هاڻ تعليمي ذريعي جي سوال تي بحث ڪرڻ جي ڪا گنجائش ئي ڪانهي. پرائمري، مڊل، سيڪنڊري ۽ گريجوئيٽ اسڪولن جو تعليمي ذريعو اولهه پاڪستان ۾ اردو ۽ اوڀر پاڪستان ۾ بنگله هئڻ گهرجي.“ جيڪي ماڻهو اولهه پاڪستان ۾ اردوءَ کي واحد سرڪاري زبان جي مرتبي ڏيڻ جي گهر ٿا ڪن، تن سان آواز ملائيندي، هن صاحب وڌيڪ ظاهر ڪيو آهي ته، ”ڪجهه وقت اڳي اولهه پاڪستان سرڪار اردوءَ کي سرڪاري زبان طور ڪتب آڻڻ جي موڪل ڏني هئي، پر اهو تجربو ڪامياب نه ٿيو ۽ بند ڪيو ويو. انهيءَ جو سبب اهو ڪونه هو ته اردو ڪافي ترقي يافته ڪانهي، پر سبب اِهو هو، جو آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن ۾ اردو ٻوليءَ کي استعمال ڪرڻ جي گهربل لياقت ڪانه هئي. هن ساڳئي وقت چيو، ”جيڪڏهن قومي اتحاد حاصل ڪرڻو آهي ته (ٻيئي) قومي زبانون (هڪ نه!) لازمي طرح نافذ ڪرڻ کپن.“

حقيقت ۾ مسٽر جسٽس انوارالحق کي وڏي ڳڻتي رڳي پنهنجيءَ دل گهريءَ ٻوليءَ اردوءَ جي آهي. ان کي اولهه پاڪستان ۾ مڪمل بالادستي ڏيارڻ جي پوري پوري وڪالت ڪرڻ کان پوءِ ئي هو لاچار علائقائي ٻولين جي وجود جو ذڪر ڪري ٿو، ۽ هڪڙي ئي جملي ۾ انهن جو سمورو بحث ختم ڪري ٿو ڇڏي. چي، ”قومي ٻولين سان گڏ علائقائي ٻوليون به عام جام وڌي ويجهي سگهن ٿيون.“

اردوءَ جي حمايت ۾ عام طرح جيڪو انتهاپسند رخ ورتو ويندو آهي، تنهن ۾ هڪڙي ڳالهه ڏاڍي غور ڪرڻ جهڙي آهي. اُها هيءَ آهي ته اردوءَ جا حامي بنگاليءَ کي هر ممڪن وڏي درجي ڏيڻ لاءِ هڪدم تيار ٿي وڃن ٿا؛ ايتري قدر جو بنگالين کي ريجهائڻ لاءِ بنگالي ٻوليءَ کي بنگالين جي دلپسند نالي ”بنگله“ سان سڏين ٿا. ڇو؟ اول اول ته هن ڪري، جو هو ائين ڪرڻ لاءِ مجبور آهن. ورنه ته، جيئن اڳي ”بنگله“ جي خلاف پُرزور دليل بازيون ڪيائون ٿي، سي ساڳيون هاڻي به ڪن ها، ۽ مٿس به اهي ساڳيون جُلهون ڪن ها جيڪي اولهه پاڪستان جي ”علائقائي“ ٻولين تي هينئر هو ايڏي زور شور سان ڪري رهيا آهن! ٻيو ته بنگاليءَ کي قومي ٻوليءَ جي درجي ڏيڻ کان پوءِ هو اردوءَ کي اولهه پاڪستان جي واحد قومي ٻوليءَ جي درجي ڏيارڻ ۾ سولائي محسوس ٿا ڪن. ٽيون ته بنگاليءَ کي اوڀر پاڪستان ۾ واحد قومي ٻولي تسليم ڪري ۽ ان جي سامهون اولهه پاڪستان ۾ اردوءَ کي واحد قومي ٻوليءَ طور کڙو ڪري، هو اهڙو ڏيکاءُ ڪرڻ چاهين ٿا، ڄڻ ته اردوءَ جي اولهه پاڪستان ۾ اها ئي حيثيت آهي، جيڪا بنگاليءَ جي اوڀر پاڪستان ۾ آهي! حقيقت ۾ اها ڳالهه سراسر بي بنياد ۽ غلط آهي. هوڏانهن، بنگالي اوڀر پاڪستان جي سمورن ماڻهن جي اڪيلي مادري زبان آهي، ته هيڏانهن اردو اولهه پاڪستان ۾ ڪُل ماڻهن مان 7 يا 8 سيڪڙو ماڻهن جي مادري ٻولي مس هوندي.

پوءِ، آخر، اها ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن جي جائز يا ناجائز آڌار تي اردو اولهه پاڪستان جي واحد قومي ٻولي ٿيڻ جي دعويٰ ڪري ٿي؟ اردوءَ کي اولهه پاڪستان جي واحد قومي ٻولي مڃرائڻ ۾ پهريون مفاد اولهه پاڪستان جي انهن 7 ۽ 8 سيڪڙو اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن جي اڳواڻ حلقي جو آهي، جي سمورا ورهاڱي کانپوءِ هندستان مان لڏي، اولهه پاڪستان ۾ آيا آهن، ۽ پنهنجي ٿورڙي تعداد جي نسبت کان تمام گهڻا سرڪاري عهدا ۽ واپاري ۽ صنعتي مفاد حاصل ڪري ويا آهن. انهيءَ ۾ ٻيو مفاد اولهه پاڪستان جي غالب اڪثريت واري پنجابي ڳالهائيندڙ ماڻهن جي حڪمران حلقي جو آهي، جنهن جو تعليمي ذريعو گذريل 100 سالن جي عرصي کان وٺي، اول کان آخر تائين اردو رهيو آهي، ۽ جن جو سول ۽ فوجي نوڪرين ۽ ملڪ جي تيزيءَ سان وڌندر صنعت ۽ واپار ۾ پنهنجي حصي کان وڌيڪ دخل، بلڪه هڪهَٽي، آهي. اهڙيءَ ريت، اولهه پاڪستان جي اردو ۽ پنجاب ڳالهائيندڙ ماڻهن جا حڪمران حلقا اردوءَ کي اولهه پاڪستان جي واحد سرڪاري، تعليمي ۽ قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ چاهين ٿا، ته جيئن اُها سندن حڪومت ۽ تسلط جو هٿيو بڻجي. انهن ٻن گروهن جا اڳواڻ حلقا هونئن کُليو کُلايو هڪٻئي لاءِ حسد ۽ رقابت جو اظهار ڪندا رهن ٿا. مثلاً، اردو ڳالهائيندڙ اڳواڻ حلقي جي ”اهل زبان“ هجڻ جي آڪڙ بازيءَ، سڀني کان وڌيڪ محب وطن هجڻ جي دعويٰ، ۽ ورهاڱي وقت کين نوڪرين ۾ جيڪي پنهنجي حصي کان وڌيڪ رعايتون ۽ حق ملي ويا هئا، تن کي بچائڻ لاءِ سندن قياس جوڳي مگر مڇڏو روش، ۽ ملڪ جي واپار ۽ صنعت ۾ خسيس قسم جي مگر ڪڪ ڪندڙ مقابلي بازيءَ وغيره سبب، پنجابي ڳالهائيندڙ غالب اڪثريت وارو اڳواڻ حلقو سندن خلاف هميشه پنهنجي حقارت ظاهر ڪندو رهندو آهي.

هڪڙي ڳالهه، جنهن اردوءَ کي وڏي اڊمبر سان اولهه پاڪستان تي نازل ٿيڻ ۾ وڏي هٿي ڏني آهي، سا اِها آهي ته هِتي علائقائي ٻوليون ترقيءَ جي اڳي ڏاڪي تي نه آهن. انهن منجهان اتفاق سان سنڌي سڀني کان اڳتي وڌيل آهي. ڪن ڳالهين ۾ اها ايترو اڳتي وڌيل آهي، جو جيڪڏهن اردوءَ کان اڳتي نه آهي، ته ان کان پوئتي به نه آهي. اٺين صديءَ عيسويءَ جي شروعات کان وٺي اُها لکبي آئي آهي. سندس هاڻوڪو 52 اکرن وارو عربي- سنڌي رسم الخط 1700ع ڌاري مڪمل ٿيو ۽ 1844ع کان وٺي اُها جديد ٽائيپ جي ڇاپي سان ڇپجي رهي آهي. آلجبرا، اقتصاديات، فلسفي وغيره جا اُن ۾ پهريان جديد ڪتاب 1856ع ۾ ڇپيا. جڏهن پاڪستان قائم ٿيو، تڏهن سنڌي ڪن مضمونن ۾ بي. اي تائين تعليمي ذريعو هئي ۽ ايم اي تائين پڙهائبي هئي. هن وقت اها انٽر ميڊئيٽ تائين تعليمي ذريعو آهي ۽ منجهس انٽرميڊيٽ تائين سمورا درسي ڪتاب موجود آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو باقاعده شعبو آهي، ۽ پي ايڇ ڊي تائين پڙهي سگهجي ٿي. سنڌيءَ جون ست روزانيون اخبارون ۽ ڪافي هفتيوار، ماهوار ۽ ٽه- ماهي رسالا آهن. سندس 100 کان مٿي ڇاپخانا آهن، جي روزانه تقريباً هزار کن صفحا ڇاپين ٿيون. ڏهه هزار سنڌي پرائمري اسڪول آهن، جن ۾ پنجن لکن کان گهڻا سنڌي  ٻولي ڳالهائيندڙ شاگرد تعليم وٺن ٿا. سنڌي گذريل 100 سالن کان، صوبائي حد اندر مختلف سطحن تائين، عدالتن، سرڪاري دفتر ۽ سرڪاري لکپڙهه جي ٻولي رهي آهي. ان جي اُبتڙ پنجابي ۽ بلوچي زبانون رڳو پرائمري تعليم جي ڏاڪي تي به نه ٿيون پڙهايون وڃن. پشتو، جا هونئن تمام ترقي يافته ادبي زبان آهي، پرائمري اسڪولن ۾ 1934ع کان مس ڪجهه قدر تعليمي ذريعو ٿي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org