سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :2

”سنڌ منهنجي خوابن جي“- شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي ڪراچي پاران ”سنڌي معاشرو ۽ سنڌ سڀاڻي“- سيمينار ۾ جويي صاحب جي صدارتي تقرير آهي، جنهن ۾ سنڌ سان هڪ سچي ۽ حلالي پُٽ (Son  of Soil) جي وابستگي قائم رکندي، سنڌ جو هيءُ دانشور، سنڌ جي تاريخ کي ٽن دؤرن ۾ ڏسي ٿو- (1) 1843ع تائين جو (قبل از تاريخ ۽ بعد از تاريخ) دؤر؛ (2) 1843ع کان 1947ع تائيءَ جي هڪ صديءَ جي غلاميءَ جو دؤر ۽ (3) اڄوڪو اڀاڳو دؤر- سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو ”ڪل- هند بيٺڪي نظام“ سان جهيڙيندي، 1947ع ۾، هڪ قسم جي ”راڄوڻي فيصلي“ موجب، جنهن سان ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ حڪومت برطانيه- ٽنهي ڌين جو اتفاق هو، پاڪستان ۾ ڪن ”متفقه شرطن“ (1940ع جي قرارداد) موجب ”خود اختيار ۽ خود ارادي“ حيثيت سان شامل ٿيا هئا، پر انهن شرطن جي پاڪستاني ”اقتدار ۽ اختيار“ جي ”نون نوابن ۽ صاحبلوڪن“ ڀڃڪڙي ڪئي، ۽ اڄ اسان سنڌي- ”ان امڪان جي خوف ۾ ورتل آهيون ته اسان جي وجود جو ڇا ٿيندو؟“- ان خوف مان نجات جو رستو، جويو صاحب، شاهه لطيف جي لفظن ۾:

”سڪين ڪہ سلام کي، ڪرين ڪُہ نه ڪلام،
ٻيا در تن حرام، ايءُ در جنين ديکيو.“

ڏسي ٿو ۽ ”ايءُ در“ انقلاب جو در، جدوجهد جو در آهي- ڇو ته جويي صاحب کي پڪ آهي ته ”سنڌي سماج، سڀاڻي جي سنڌ ۾ اُهو ئي هوندو، جيڪو اسين پنهنجي دل ۾ پاڻ رٿينداسون ۽ پنهنجن هٿن سان پاڻ اَڏينداسون.“

ڪتاب جي پهرئين حصي جو آخري اسم ”سنڌ، فساد جي زد ۾“، ڏنل انٽرويو آهي، جنهن ۾ هن سنڌ اندر ٿيل فسادن تي روشني وجهندي، انهن کي پاڪستان سرڪار جي ڪراچي- انتظاميه جي 1950ع ۾ کنيل غلط قدمن ۽ پاليسين جو نتيجو قرار ڏنو آهي- جن هيٺ ڪراچيءَ مان سنڌي اسڪول ختم ڪيا ويا، سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪراچيءَ مان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، ۽ سنڌي زبان ۽ ثقافت کي ختم ڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کان سواءِ هن اردو سياسي صحافت ۽ مذهبي سياسي جماعتن، خاص ڪري جماعت اسلاميءَ جي پاليسيءَ کي به ان جي بنيادي ڪارڻ ۾ شامل ڪيو آهي. هن انٽرويو ۾ ”سنڌي مهاجر مسئلي“ تي تفصيلي روشني وڌل آهي.

اهڙيءَ طرح ڪتاب جي پهرئين حصي جا سمورا طبعزاد (انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ بنيادي طرح لکيل/ چيل) مضمون، تقريرون ۽ انٽرويو، سنڌ جي قومي وجود جي بقا ۽ سلامتيءَ واري اُمنگ سان واڳيل آهن، جن ۾ سمجهايل آهي ته ”وطن دوستي ۽ قوم دوستي، اڄ جي جائز ۽ معروف سياست آهي ۽ اها انسان دوستيءَ جي آڏو رڪاوٽ نه آهي.“

ڪتاب جي ٻئي حصي ۾، 6 مضمون ڏنا ويا آهن، جن مان هڪ کان سواءِ ٻيا سمورا، دنيا جي ڏاهن ۽ فيلسوفن- جان وئن ڊُون سائوٿ ورٿ، جي جي روسو، پروفيسر سي اي ايم  جوڊ، اي فونيسڪا پامينٽل ۽ مارس ڪارن فرٿ جي فلسفيانه مضمونن جا ترجما آهن، اُنهن مان پهرئين مضمون- ”انسان ۽ سندس دنيا“ ۾ اوائلي انسان، اوائلي پٿر واري زماني، پراڻي پٿر واري زماني ۽ نئين پٿر واري زماني تي روشني وجهي، انسان ۽ سندس دنيا جي اوسر بيان ڪئي وئي آهي. ٻئي مضمون ”انساني غير برابريءَ جي ابتدا“- (جي جي روسو) ۾ انسانن جي وچ ۾ فطرتي يا طبعي ننڍ وڏاين ۽ سياسي يا سماجي غير برابرين تي تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي آهي، ۽ ٻڌايو ويو آهي ته تاريخ حيات جي ڪهڙيءَ منزل تي انسان فطرت (Nature) طرفان مليل خود مختياريءَ ۽ آزاديءَ کي ڇڏي، مصنوعي ۽ خود ساخته غلاميءَ جي زنجيرن (سياسي يا سماجي غير برابرين) ۾ گرفتار ٿيو آهي. آخر ۾ فرينچ فلاسافر ٻه نتيجا ڪڍي ٿو. (1) فطرت جي نظام ۾ ڪا خاص غير برابري موجود ڪانه آهي، پر انسانن ۾ موجود سموري غير برابري، خود انسان جي ذهن جي ارتقا ۽ ذهني قوتن جي اوسر مان پيدا ٿي، مستحڪم بڻجي، ذاتي ملڪيت جي سرشتي هيٺ ”حق بجانب“ بڻجي وئي آهي. (2) سماجي يا قانوني غير برابري- جڏهن به فطرت پاران عائد ٿيل جسماني غير برابريءَ جي مناسبت کان مٿي هوندي، تڏهن اها فطري حق ۽ فطري انصاف جي ورڌ سمجهي ويندي.

”ٻاهرينءَ دنيا بابت اسان کي ڪهڙي خبر آهي“- ڪتاب، ”گائيڊ ٽُ فلاسافيءَ“ جو پهريون باب آهي، جنهن ۾ ”ٻاهرينءَ دنيا“ بابت اسان جي حاصل ڪيل ڄاڻ تي روشني وجهندي فلسفيانه انداز ۾ نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته: ”ٻاهرينءَ دنيا متعلق اسان کي جنهن به سلسلي ماتحت خبر يا ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي، انهيءَ سلسلي ۾ اسان جي ذهن جو زياده دخل آهي يا اسان جي بدن ۽ حواسن جي عضون جو،- ٻنهي حالتن ۾ هن خيال کي اسين ڪنهن به طرح نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون ته دنيا جون جيڪي به خاصيتون اسين معلوم ڪريون ٿا، تقريباً انهن سمورين خاصيتن جو انحصار اسان تي آهي.

”جمهوريت، انسان ذات لاءِ“- برازيل جي مصنف ۽ بين الاقوامي انتظام ۽ اقتصاديات جي ماهر Fonesca Pimental جي مضمون جو ترجمو آهي، جنهن ۾ جمهوريت جي پهرئين جنم جي تاريخ بيان ڪندي (جنهن موجب اُن جو جنم يونان ۾ ٿيو، پر اُها محدود جمهوريت هئي، ۽ اُن اعليٰ جمهوريت جو بنياد غلامن جي پگهر ۽ رت تي رکيل هو)، اُن جي ٻئي جنم يعني نشاة ثانيه (18 صديءَ جي آخر ۾ آيل 1776ع جي آمريڪي انقلاب ۽ 1789ع جي فرينچ انقلاب، جن موجب ”حڪمرانيءَ جي سچي طاقت يا اختيار، ماڻهن وٽان، عوام وٽان، خلق وٽان ملي ٿو- ۽ هي حڪمران فقط ماڻهن جا، عوام جا، خلق جا عارضي نمائندا آهن) کان وٺي ”عوامي جمهوريت“ (1917ع جي روسي انقلاب) جو سفر بيان ڪري نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته هن وقت دنيا اندر جمهوريت جا ٻه بنيادي تصور آهن: ”هڪ ”مغربي تصور“، جيڪو يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا ۽ مغربي يورپ جي ملڪن وغيره ۾ رائج آهي: ۽ ٻيو ”مشرقي تصور“، جيڪو سوويت يونين ۽ چين جي رعيتي راڄ ۽ دنيا جي ٻين سوشلسٽ ملڪن ۾ رائج آهي، پر انهن ٻنهي تصورن جي سنگم يا امتزاج (Synthesis) وسيلي ”وچين راهه، سچي راهه“ (In Medio Virtus)   ڪڍي سگهجي ٿي، ”جنهن سان آزاديءَ ۽ مساوات ۾ همدمي ۽ مطابقت پيدا ٿي سگهي ٿي، ۽ اهو ئي واحد وسيلو آهي، جنهن ذريعي اڄ جي ”عالمي تناءَ“ جي هڪ مکيه جڙ کي اکوڙي ڪڍي سگهجي ٿو.

”امن جي جنگ، انسان جي بقا لاءِ“- مضمون، جويي صاحب جو طبعزاد مضمون آهي، جنهن ۾ دنيا جي انسان جي بقا لاءِ امن جي اهميت جو احساس ڏياريندي، ٻيءَ عالمي جنگ جي محاذ تي استعمال ٿيل بارود، هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ جي شهرن اندر لکين انسانن جي قتل، 1945ع کان 1982ع تائين دنيا اندر موجود ائٽمي بمن (جن جو تعداد 50 هزار آهي)، آمريڪي صدر رونالڊ ريگن جي ”خود فريب ديوانگي“، اعصابي گئس جي استعمال ۽ اُن مان رسيل نقصان، موتمار ميزائيلن جي موجودگيءَ ۾ امن لاءِ اُٿندڙ آوازن ۽ تحريڪن (جن ۾ مئي 1982ع ۾ روس اندر 110 ملڪن جي مذهبي ڪارڪنن جي ”هٿيارن کي روڪڻ ۽ ائٽمي هٿياربنديءَ جي خاتمي“ لاءِ سڏايل عالمي امن ڪانفرنس به شامل هئي) جي حمايت ڪئي آهي، ۽ امن جي حمايت ۾ جرمن شاعر جرڊئيشن ۽ ڊينمارڪ جي شاعر اِفي هارڊر جا ٻه نظم ترجمو ڪيا آهن.

ٻئي حصي جو آخري مضمون ”بامقصد فلسفو“، جڳ مشهور ليکڪ ”مارس ڪارن فرٿ“ جي ڪتاب ”جدلياتي ماديت“ جي جلد پهرئين ”ماديت ۽ جدلياتي طريقو“ جو ترجمو آهي، جنهن ۾ ”پارٽي فلسفي“ ۽ ”ماديت ۽ تصوريت“ تي تفصيلي روشني وڌل آهي- ۽ ائين اسان جي هن ڏاهي ڀاءُ، جويي صاحب، اسان کي ”علم جي اهميت، علم ذريعي عقل جي واڌ ۽ علم جي جائز فائدن جي ڄاڻ“ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ جويي صاحب جا ٻه انٽرويو، هڪ مضمون ۽ رسول بخش پليجي جي ڪتاب ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ ڀاڱي ٻئي بابت هڪ تاثر ڏنل آهي. پهرئين انٽرويوءَ ”ادب، سياست ۽ تعليم“ ۾ جويي صاحب، تفصيلي طور ادب جو سماجي ڪارج ڄاڻائيندي ٻڌايو آهي ته ”ادب، سماج کي ان جي هيڻائيءَ ۽ پائبنديءَ کان نجات جو رستو ڏيکاري ٿو.“ ان کان پوءِ سنڌي ادب تي اڄوڪي صورتحال (رسالن تي بندش ۽ سرڪاري ڏمر وغيره) جي اثرن، اُن صورتحال ۾ ادب جي ڪردار، ادب ۽ سياست جي لاڳاپي، سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت، سنڌي اديبن بابت سرڪاري الزامن، ادب ۾ کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي اصطلاحن، پاڪستان جي موجوده تعليمي معيار، نصاب ۾ وقت سر ايندڙ تبديلين وغيره تي جامع ۽ واضح لفظن ۾ روشني وڌي آهي.

”سنڌي ادب ۽ سنڌ جو انساني سماج“- عنوان واري انٽرويوءَ ۾ عالمي ادب جي نسبت ۾ سنڌي ادب جي صورتحال، سنڌي ليکڪن جي ذميوارين، سنڌ جي سماج جي سنڌي اديبن ڏانهن رويي، دنيا اندر آيل سماجي ۽ سياسي تبديلين بابت ويچار ونڊيل آهن ۽ هيءُ انٽرويو (انگريزيءَ مان) ترجمو ڪيو ويو آهي.

”سنڌي صحافت جو نئون دؤر“، هلال پاڪستان اخبار جي ڏهين سالگرهه جي موقعي تي جويي صاحب جو لکيل مضمون آهي، جنهن ۾ هن اخبار جي اجراءَ کي سنڌي صحافت جي دنيا ۾ هڪ انقلابي قدم سڏيندي، ڄاڻايو ويو آهي ته ”اخبار، ٻوليءَ ۽ ان جي وقتائتن سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ سڀيتائي ادبن جو هڪ دستاويز آهي، جيڪو هر روز هزارن ماڻهن جي هٿن ۾ پهچي ٿو- ان کانسواءِ، ”اخبار، ٻوليءَ جي اظهاري ممڪنات جي پرک جو ميدان آهي، هر قسم جي عملي ۽ فني دنيا جو حال احوال اخبار ۾ بيان ٿئي ٿو.“

ڪتاب ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ (ڀاڱي ٻئي) بابت تاثر جويي صاحب اياز جي هڪ مصرع سان شروع ڪيو آهي:

”زندگي تلخ آ، هجي ته هجي،
روح ۾ سَوَ ملامتون رهنديون.“

ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن ڪتاب ۾ ملاحتون رکندڙ هڪ ”سائي، ستابي ۽ سجاڳ روح“ جا حال احوال- ۽ ”سورن جون سربستيون ۽ اُميدن ڀريل ڳالهيون“ آهن. فاضل ليکڪ اسان کي پنهنجيءَ ”دل جا داستان“ ٻڌايا آهن، جيڪي هن ڪوٽ لکپت ۾ هڪ قيديءَ طور هڪ مثالي قيديءَ جي حيثيت ۾ ويهي قلمبند ڪيا هئا. اهڙيءَ ريت جويي صاحب، ڪتاب جي هن سيڪشن ۾ ”ادب لاءِ علم، عقل ۽ مقصد يا ڪارج جو هئڻ“ ضروري قرار ڏنو آهي، ڇو ته ان کانسواءِ ادب بي روح ۽ بي مقصد ٿي وڃي ٿو.

ڪتاب جي چوٿين حصي ۾ چار خوبصورت ترجما آهن.

”هڪڙو ڪو سهڻو ماڻهو“- ڪنهن گمنام سنڌي ماڻهوءَ/ ليکڪ جو پاٻوهه، پيارَ ۽ سنيهه سان، ڪنهن هڪڙي ”سهڻي ماڻهوءَ“، ”سونهري ديس“ جي هڪ بانڪي بهادر ۽ اتساهه جي پيڪر، غريبن جي هڏڏوکيءَ بابت لکيل خوبصورت ليک جو خوبصورت ۽ اُتساهيندڙ ترجمو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان ذهن ۾ ڪيئي روشن مشعلون ٻري پون ٿيون.

”باغي“- هڪ اهڙي آدرشي ”باغي“ انسانَ، غلام ماڻهوءَ، جي بغاوت جو فلسفو آهي، جنهن جي ”نَهڪر“ ۽ ”انڪارَ“ ۾ ”تياڳ يا تَرَڪُ“ شامل نه هوندو آهي؛ جنهن وٽ ”چُپ رهڻ“ جي معنيٰ اها آهي ته ”ماڻهو پاڻ اهو مڃڻ تي آماده ٿيو آهي ته هن جي ڪا راءِ نه آهي ۽ هُو سچ پچ به ڪو مفاد نه ٿو طلبي“- هن جي نظر ۾ ”هر پسند جي وٿُ، يا قدر لائق شيءِ، بغاوت لاءِ ڪانه هوندي آهي، پر هر بغاوت ڪنهن پسند جي وٿ يا قدر لائق شيءِ لاءِ ضروري هوندي آهي“، ”هو پڇاڙيءَ ۾، شڪست مڃڻ لاءِ تيار نه آهي- پر ٻيءَ هر قربانيءَ ڏيڻ يعني، پنهنجي موت لاءِ به تيار آهي- ”پر پنهنجي لاءِ هڪ آخري ”درُود“ يعني ”آزاديءَ جي گرمائيندڙ ساهه“ کان محروم ٿيڻ لاءِ تيار نه آهي. گوڏن ڀر جهُڪي جيئڻ کان پيرن تي بيهي مرڻ هو بهتر ٿو سمجهي.“ ”باغي ڪڏهن به ڪنهن جي ذليل ٿيڻ کي پسند نه ڪندو آهي، ۽ نه پاڻ ڪڏهن ذليل ٿيڻ برداشت ڪندو آهي- هو پنهنجي عزت نفس جي بچاءُ ۾ ۽ پنهنجي وجود جي احترام ڪارڻ ته هر قسم جي عذاب سهڻ لاءِ- پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي ساهه جي ٻليدان تائين به- هردم تيار هوندو آهي.“ اهڙيءَ طرح مئڪس شلر، نٽشي، ٽرٽيوليان، ايڪارٿ وغيره جي فڪري ڄاڻ ذريعي ”بغاوت جي روح جي اُڏام“ جو جائزو ورتو ويو آهي- ۽ سڄي بغاوت جي فلسفي جو تت هن هڪ جملي ۾ بيان ڪري ٿو، ”آءٌ بغاوت ڪريان ٿو، انهيءَ ڪري اسين زندهه آهيون.“

”غريبن جو ريڍار“- ۾ ليکڪ جيمس آر- براڪ مئن. ايس. جي، جو ايلسواڊور جي آرڪ ڀشپ (وڏي پادري) آسڪر روميرو جي قتل بابت لکيل مضمون، ترجمو ڪري ڏنو ويو آهي، جنهن کي راڄڌانيءَ جي هڪ ننڍيءَ ديول ۾ واعظ دوران، هڪ قاتل گوليءَ جو نشانو بنايو هو. هن نيڪ دل انسان، ”موت توڙي زندگيءَ ۾ ظلم کي محبت جي عيوض سان مُنهن ڏنو“، جنهن جي نيڪ دليءَ ۽ عوامي مقبوليت جو اهو حال آهي جو اڄ (1984ع ۾) به ايلسلواڊور جي ”هارين وٽ رڳو سندس تصوير جي موجودگي به خطرناڪ حرڪت تصور ڪئي وڃي ٿي“، ۽ جنهن جي ”خيالن جا انقلابي لاڙا“- انهن لاءِ سخت سزائن جو سبب بڻجن ٿا!

آسڪر روميرو مذهبي ماڻهو هوندي به مارٽن لوٿر ڪنگ ۽ گانڌيءَ وانگر سياسي طاقت رکندڙ اڳواڻ نه هو- پر صرف هڪ پادري يعني ”ريڍار“ هو- عيسائين جو ”عظيم ريڍار“ حضرت عيسيٰ آهي ۽ هيءُ حضرت عيسيٰ جو سچو پيروڪار هو. روميرو جا موت کان اڳ چيل لفظ، تاريخ ۾ عظمت جو دليل آهن: ”هڪ ريڍار طور آءٌ خدا جو شڪر گذار آهيان، جو هن مون کي، منهنجي زندگي ٻين لاءِ وقف ڪرڻ جي همت عطا ڪئي- انهن لاءِ جن کي آءٌ پيار ڪريان ٿو ۽ انهن لاءِ به جيڪي منهنجي زندگي گل ڪرڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيل آهن.“

روميرو جو ڏوهه فقط اهو هو ته هن ”بحيثيت آرڪ ڀشپ جي، سندس ٽن سالن جي دؤر ۾، ديول ۾ هر آچر جي صبح وارن واعظن ۾ قوم جي دل ۽ ضمير جي آواز جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ نتيجي طور ”ڳوٺن جا هاري“، هن کي پنهنجو ”آواز“ ۽ پنهنجو ”مددگار“ سمجهندا هئا- ۽ هيءُ ”هارين“ تي ٿيندڙ ”ظلمن“ خلاف، ”سرڪار“ وٽ احتجاج ڪندو هو. هن اعلان ڪيو هو ته ”اسين پنهنجن استادنن، مزدورن ۽ هارين سان گڏ پنهنجن پادرين جو خون پيش ڪري سگهو ٿا“- ۽ اهو به چيو هو ته ”سماج جي بهتريءَ لاءِ اسين جدوجهد جي ضرورت کان بخوبي واقف آهيون“- ۽ اها ڳالهه سرڪاري گماشتن لاءِ موت هئي ۽ هنن کيس راهه جو ڪنڊو سمجهي هٽائي ڇڏيو.

”شلان جو باندي“ (The Prisoner of Chillon)، لارڊ بائرن، انگريزي زبان جي عظيم شاعر ۽ ”وِزن ۽ قافيي جي مملڪتن جي پُرشڪوه نيپولئن“ جي نظم جو سنڌي زبان ۾ نثري ترجمو آهي، جنهن ۾ شلان جي قلعي جي قيديءَ ”بونيوارڊ (Bonnivard) جي روح جو آواز آهي، جنهن ملڪ ۾ آزاد جمهوريت رياست (A Free Democratic State) قائم ڪرڻ لاءِ بغاوت ۾ حصو ورتو هو.

”تاريڪ بنديخانن ۾ سدا روشن آزادي“ جو نقيب هيءُ نظم، آزاد انسان جي ”جيوت جي مُهر“ آهي. هيءُ نظم ”بونيوارڊ“ جي پاڻ سان گڏ قيد ٻن ڀائرن جي محبت جو گيت ۽ سندن ڏکن ۽ اعليٰ انجام جو نوحو پڻ آهي.

- ۽ ائين اسان جي هن محترم ڏاهي انسانَ، محمد ابراهيم جويي، جا هي سڀ طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل مضمون ۽ ويچار اسان تي واضح ڪن ٿا ته، ”سياست، علم ۽ عقل، سچو ادب، انسان لاءِ آهن ۽ انسان جو سمورو فڪر ۽ عمل، انسان جي تعمير ۽ ڀلائيءَ لاءِ آهي.“

اهڙيءَ طرح جويي صاحب جي سموري فڪري، علمي ۽ ادبي پورهئي جو تَتُ، سندس ئي لفظن ۾ هن طرح بيان ڪري سگهجي ٿو: ”علم ۽ ادب جي دائري ۾ منهنجي سڄي ڪم ۽ ڪردار جي وٿ يا ڪارج جي اوهان کي (اسان کي) جيڪڏهن ڪٿ ڪرڻي آهي، ته اُن سَڀَ ۾ منهنجي آڏو جيڪو مقصد رهيو آهي، اُن جي ماڻ ۾ اها اوهان کي (اسان کي) ڪرڻ گهرجي، اُن مقصد جو شعور پهريائين هلڪو ۽ فطري طرح جو ۽ پوءِ تجربي ۽ ڄاڻ جي وڌڻ سان جيئن پوءِ تيئن رچندو، پڪو ۽ پختو ٿيندو ۽ اڄ اهو پورو راس ٿيل منهنجي ذهن ۾ موجود آهي- ۽ اهو آهي ”زندگيءَ سان Commitment، سِرسيتائي- سنڌ جي حوالي سان اجتماعيت ۾ جيڪا زندگي آهي، اُن سان Commitment ته اُن ۾ پورهيتن جو لوڪ راڄ قائم ٿئي، جنهن ۾ اُن جا لازمي توسيعي قدر- آزادي، اخوت ۽ مساوات- عمل ۾ هجن!!“

هيءُ ڪتاب، سنڌ جي نئين نسل کي سنڌ جي روشن مستقبل واري دڳَ ڏانهن رهنمائي ڪري ۽ سڀاڻي جي سنڌ جو وڄ- ورنو چهرو پسائي سگهي ٿو.

18-12-1994ع

 

- تاج جويو،

175، سي- نسيم نگر،

حيدرآباد، سنڌ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org