سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :15

 

تدبير جو سفر

عزيزو، دوستو، پياريون ڀينرون، پيارا ڀائرو- اوهان پنهنجي ائسوسيئيشن جي هن يارهين سالگرهه جي موقعي تي مون کي پاڻ سان گڏ صدارت جي ڪرسيءَ تي ويهڻ جو شرف ڏنو آهي، اِن لاءِ آءٌ اوهان جو دليؤن ٿورائتو آهيان. جيتوڻيڪ هر ڪُرسِي ”ڪِرَسِي“ ڪانهي- جيئن آٽو ڪِرَسي، آرسٽو ڪِرسي، پِلُوٽو ڪرسي، شُورو ڪرسي وغيره وغيره آهن- پر ڪُرسي وري به ڪُرسي آهي، طاقت جو نه ته اوچائيءَ جو، درجي جو، شانُ ضرور ڏيو ٿي ڇڏي، ۽ حالي ته اُن تي ويهندي، ماڻهو توائي ٿيو وڃي. خود عام خلق به، جن کي لاطيني ٻوليءَ ۾ ”ڊيمو“ ٿي سڏيو ويو، ۽ اسين جن کي ”عوام“ ٿا چئون- عوام ڪالانام (ڍورن جهڙا ماڻهو)، ڪُت خلق (لاطيني ٻوليءَ جي ”ڊيمو“ جي معنيٰ به اها ئي آهي يعني ”سياسي طور بي وزنا ماڻهو“ (The Politically Unprivileged) يا رڳو ”هيٺئين درجي جا ماڻهو“ (The Lower Classes)- اُهي جڏهن اِنهيءَ حرف ”ڊيمو“ مان ڦري ڊيمو ڪِرَسي، عوام مان ڦري عوامي راڄ، جمهور مان ڦري جمهوريت ٿي پون ٿا، ته هِنن بي وزنن ۽ بي زبانن جو به مغز ڦري ٿو وڃي ۽ هو سڀ رهيلَ کهيلَ حسابَ وٺيو ٿا ڇڏين. فرينچ انقلاب جي دؤر ۾ جيڪي خواص هئا، يعني سياسي طور معتبر ۽ عالي مقام ماڻهو هئا، تن اُنهيءَ ”ڊيمو“ کي Sansculettes يعني ”پُٺيءَ اُگهاڙا“ يا ”سُٿڻن ڦاٽل“ ۽ (وڌيڪ ڌڪار وچان) Savetiers يعني ”ڪورِي موچِي“ ٿي سڏيو- اُنهن سَئنس ڪيوليتس ۽ سَئويشيرس پنهنجي ڪِرسيءَ يعني طاقت جي ڪُرسيءَ تي ويهڻ کان پوءِ ڇا ڪيو هو، تاريخ ۾ اُهو سڀ ڪجهه بيان ٿيل آهي. ۽ يورپ ۾ ترت ئي پوءِ جيسين اُن عوامو ڪِرسيءَ کي ڦيرائي خواصو ڪِرسي يا دولتو ڪِرسي (Plutocracy) نه بڻايو ويو، تيسين اُتان جي ”نؤ دولتين“ (Bourgeoisie) ۽ سندن پگهاردار ”دانشورن“ (Intellectualists of Free Enterprise) کي ننڊ ئي ڪانه آئي هئي. ۽ تڏهن کان وٺي سڄي مغرب ۾ ڊيموڪريسي رڳو نالي ماتر ۽ حقيقت ۾ اُها فقط پليوٽوڪرسي يعني دولتو ڪِرسي ئي رهي آهي. اسين پاڻ به هِتي اُن کي ائين، رڳو نالي ۾، ڊيموڪرسي (جمهوريت) سڏڻ نٿا چاهيون، بلڪه اُن کي هڪ ٻيو نئون نڪور نالو، اسم بامسميٰ- صحيح معنيٰ وارو نالو- يعني شُورو ڪرسي- ڏيڻ ٿا چاهيون، ڇو ته اُن ۾ ”عوام ڪالانام“ سان منهن ڏيڻو نٿو پوي، پر رڳو پاڻ جهڙن شريفن سان، پيٽ ڀريلن سان، پنهنجن دلپسندن سان واسطو رهي ٿو. لفظن جي هن عجوبائيءَ جو فرق صاف ظاهر آهي ته اسان کي پارليامينٽري ڊيموڪرسيءَ بدران، شُورائي جمهوريت بدران، محض پارليامينٽو ڪرسي يعني شُورو ڪرسي گهرجي ٿي، جنهن ۾ شورا يا پارليامينٽ عوام جي ضابطي ۾ نه، ”ڊيمو“ جي وس يا طاقت ۾ نه، پر اُنهن جي ضابطي ۽ وس ۾ رهندِي، جيڪي اُن جا آقا ۽ حاڪم هوندا، جن جي هٿ ۾ اُن جون واڳون هونديون، اُن جو ساهه هوندو. مطلب ته ڪِرسي ڪِرسي آهي، طاقت طاقت آهي، ۽ اُها اسين عوام ڪالانام کي ڏيڻ نٿا گهرون- ڇو ته عوام جو ”ڪُرسيءَ“ تي ويهڻ کان پوءِ مغز چڪرائجي ٿو؛ ۽ هو ڇا مان ڇا چئي وجهن ٿا ۽ ڪري گذرن ٿا. سو، آءٌ به، جو ڪُرسيءَ تان اُٿي اوهان جي آڏو اوهان کي وياکياڻ ڏيڻ بيٺو آهيان، جيڪڏهن ڪي اهڙيون جهڙيون ڳالهيون ڪري ويهان، ته مون کي مهرباني ڪري معاف ڪندا.

عزيزو، اوهان جي ائسوسيئيشن سان منهنجو ناتو ڪو تازو يا نئون ڪونهي. مون کي يادگيري آهي ته اوهان پنهنجي هن جماعت جو پهريون يا ٻيو سالگرهه جڏهن حيدرآباد ۾ ملهايو جو، تقريباً نَوَ- ڏهه سال اڳ، ته به اوهان مون کي مهرباني ڪري ڪي گهڙيون اوهان سان مخاطب ٿيڻ جو وجهه ڏنو هو. ۽ جڏهن اوهان جي محترم بزرگن ۽ عهديدارن وري وري، پوريءَ وضاحت سان، اِن ڳالهه جو اظهار ڪيو هو- جيئن اڄ به هت ڪيو اٿوَ- ته سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سماجي ۽ تهذيبي جماعت هئي ۽ سياست سان اُن جو واسطو ڪونه هو، تڏهن مون اُن موقعي تي به اوهان کي عرض ڪيو هو ته ڇاڪاڻ ته اوهين ۽ اسين سڀ انسان هئاسين ۽ انسانيت اسان جي راهه هئي، ۽ خاص طرح پاڪستان ۽ پاڪستان جي نظريي جي حوالي سان اسين سڀ مسلمان هئاسين ۽ اسلام کي پنهنجو مذهب ٿي چيوسين، جنهن ۾ سياست مذهب کان الڳ ڪانه ٿي چئي ويئي- ۽ اهڙي دعويٰ دنيا جي سڀني مذهبن جا عالم به پنهنجي پنهنجي دين، ڌرم ۽ مذهب لاءِ ڪن ٿا- انهيءَ ڪري سياست سان اسان جو واسطو انساني توڙي مذهبي فرض طور هونئن ئي قائم رهڻو هو. ۽ ٻيءَ طرح به سماج، تهذيب، اقتصاد وغيره جو ڪهڙو ڪو مسئلو هو، اسان وٽ يا ڪٿي به ڪنهن قوم وٽ، جيڪو، عملاً اڄ جي دؤر ۾ سياست کان پري رهِي ٿي سگهيو يا الڳ رکجي پئي سگهيو؟ دراصل هن معاملي ۾ به عوامو ڪِرسيءَ ۽ شورو ڪِرسيءَ جي منهن- مقابلي وانگر، سياست ۽ سياست جِي، يعني ٻن سياستن جِي، ڳالهه هئي- عوام جي سياست عوام لاءِ نه رڳو پسنديده پر لازم عمل هو، ۽ خواص جي سياست خواص لاءِ قابلِ قبول هئي. ۽ اوهين به جيڪڏهن پنهنجي ائسوسيئيشن جي ڪارڪردگيءَ ۾ خواص جي سياست تي عمل پيرا رهندا ته اسان جو حڪمران عالي مقام طبقو ۽ سندن خواصو ڪِرسي جيڪا اوهان کي سياست کان روڪي ٿي يا ڊيڄاري ٿي، نه رڳو اُن کي خوشيءَ سان برداشت ڪندي پر وڌي وڌي اوهان کي همٿائيندي ۽ اوهان جي ان عمل کي زور وٺائيندي. هاڻي اِهو اوهان جي پنهنجي فڪر ۽ ارادي تي ڇڏيل آهي ته ڪهڙي سياسي عمل کي اوهين پنهنجو انساني يا مذهبي ڪارج مڃو ٿا ۽ اختيار ڪريو ٿا- عوامي عمل کي يا خواصي عمل کي، ڊيموڪرئٽڪ عمل يا پليوٽو ڪرئٽڪ عمل کي، انسان پسند عمل کي يا دولت پسند عمل کي.

عزيزو، اوهان جي جماعت، سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن، جيئن ان جي نالي مان ظاهر آهي، سنڌ جي عالمن جي تنظيم آهي- اُهي عالم جيڪي، يونيورسٽين جا فارغ تحصيل آهن، يعني عصري علمن جا ڄاڻو ۽ سَنَدَ يافته. اوهان کي خبر آهي ته انساني تمدن ۽ تهذيب جي سڄي تاريخ انسان جي ڪوشش جو داستان آهي- انسان جي فڪر ۽ عمل جو، انسان جي تدبير جو، داستانُ- بهتر انسان بڻجڻ لاءِ انساني جدوجهد جو داستان- خاص ٻن وڏن دائرن ۾: پهريون، طبعي ماحول، جنهن کي ”قدرت“ چيو ويو ۽ سمجهيو ويو، اُن تي انساني فتح جي ڪوشش، يعني اُن جي تحديدي حالتن تي غلبي ۽ اُن ۾ موجود افادي امڪانن جي دريافت ۽ استعمال جي ڪوشش جو داستانُ، ۽ ٻيو انساني ماحول، جنهن کي سماج، معاشرو يا مهاجن چيو ويو، اُن مان ڏاڍ ۽ ڊوهه جي راڄ کان ڇوٽڪاري جي ڪوشش، يعني جابر انسانن ۽ مڪار انسانن، فرعونن ۽ ابليسن جي غلاميءَ مان هيڻن ۽ اٻوجهه انسانن جي آزاديءَ جي ڪوشش، جو داستانُ، جسماني قوت ۽ ذهني قوت ئي هن سڄي جدوجهد ۽ اُن جي طويل سلسله بنديءَ ۾ انسان جا ٻه مخصوص فطري ۽ بنيادي هٿيار هئا، ۽ اُنهن ئي ٻن مُک هٿيارن جي مدد سان انسانن پنهنجي طبعي ماحول تي يعني قدرت تي پنهنجون عظيم فتحون حاصل ڪيون ۽ اُن جا وسيلا مثلاً زمين جون ايراضيون، پاڻيءَ جا ذخيرا، ٻيلا ۽ چراگاهه، چوپاين جا ڌڻ ۽ وڳ، فصل ۽ باغ، جايون جڳهيون ۽ ٻيا انيڪ مادي دولت جا، ۽ پڻ ڄاڻ ۽ تجربي جا ذخيرا پنهنجي قبضي ۾ آندا- ۽ اُن قبضيداريءَ ۾ سندن انفرادي ۽ گروهي غير برابريون جي واقع ٿيون، تن سندن انساني ماحول ۾، يعني سندن سماج ۾، هوند اڻهوند، آقائيت ۽ غلاميءَ، حاڪميت ۽ محڪوميت، ڄاڻ اڻڄاڻ جا تعلقات قائم ڪيا، ۽ تڏهن کان وٺي انسانن جي غلاميءَ کان انسانن جي نجات جي ڪوشش ۽ ڪشمڪش جو داستان شروع ٿيو، جو اڄ به پنهنجي پوري عزم ۽ سرفروشيءَ جي اجهل اُتساهه سان عالمي انساني سماج جي هر سطح تي جاري آهي.

عزيزو، اوهان کي اِها به خبر آهي ته انساني سفر جي هن طويل راهه جي ڪنهن اوائلي منزل تي جڏهن قبضيداري ذهن ناڻي جو هٿيار ايجاد ڪيو، تڏهن ناڻو حيواني قوت ۽ ذهني قوت سان گڏجي حاڪميت ۽ آقائيت جو ٽيون بنيادي هٿيار بڻجي پيو، ۽ اڄ قبضيداري عمل جو سڄو اظهار، حيواني توڙي ذهني، ناڻي جي صورت ۾ ٿئي ٿو- جنهن کي هڪ لفظ ۾ ”قارونيت“ يا ”زرپرستي“ به چئي سگهون ٿا. انسان جي سڄي وٿ- سياسي، سماجي، علمي، اخلاقي، قانوني وغيره- ناڻي جي ماڻ ۽ وزن ۾ تورجي ٿِي- ايتري قدر، جو جيتوڻيڪ اڄ به اسين سياسي، ذهني ۽ اقتصادي ڏاڍاين ۽ غلبن جي ڳالهه ڪريون ٿا، ۽ انهن مان آزادين جي ڳالهه ڪريون ٿا، پر سڄي حڪمراني، سڄي آقائيت ۽ سڄو غلبو اڄ ناڻي مان اُڀري ٿو، ناڻي تي بيٺل آهي ۽ ناڻي ۾ ان جو اظهار ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري اڄ انساني آزاديءَ جي مسئلي جو عَصبي مرڪز (Nerve Centre) اقتصادي آزادي آهي. اِن حقيقت جو احساس ۽ اعتراف دنيا جي سڀني مذهبن ۾ بلڪه زندگيءَ جي سڀني، مذهبي توڙي غير مذهبي، فڪري سلسلن ۽ نظرين ۾ ملي ٿو. ۽ اُن جو پورو پورو علم اسان وٽ پنهنجي ديس ۾ به توڙي ٻاهر دنيا جي ملڪن ۾، خاص طور قبضيدار شخصن ۽ طبقن ۾، بنهه تيز ۽ واضح صورت ۾ موجود آهي. تازو روزانه انگريزي اخبار ”دي مسلم“ جي ڏهين جولاءِ جي اشاعت ۾ مڪي شريف جي مسجد الحرام جي امام مسجد ۽ خطيب ۽ اداره حرمين شريفين جي نائب چيئرمين، شيخ محمد عبدالله بن سبيل، جو انٽرويو مون پڙهيو- اوهان به ڪنهن اخبار ۾ پڙهيو هوندو، پاڻ اُهو انٽرويو هفتيوار ”حريت“ جي ايڊيٽر کي مڪي شريف ۾ ڏنو اٿن، جنهن ۾ پاڻ مغربي طرز جي جمهوري نظام کي صحيح اسلامي رياست جي تقاضائن جي خلاف چوندي، وضاحت ڪئي اٿن ته ”اُن (مغربي جمهوري) نظام ۾ رياست جي سربراهه جي چونڊ جي موجوده طريقي هيٺ ووٽرن جي اڪثريت اڻ پڙهيل هجي ٿي، جيڪي پنهنجي ووٽ جي حق جي صحيح استعمال کان بي خبر آهن. هڪڙو اميدوار عام جلسن ۾ خطبا پڙهي سگهي ٿو ۽ تقريرون ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي پارٽيءَ جي پڌرنامي کي آدرشي پڌرنامي طور پيش ڪري سگهي ٿو- اهڙو، جو اُن ۾ شاهوڪارن کان دولت کسي غريبن جي داد رسي (Relief) ڪرڻ جي سبيل موجود ڏيکاريل هجي! پر اسلام ۽ سوشلزم ٻه متضاد نظام آهن، ۽ اُنهن جي گڏ هجڻ جي ڪابه امڪاني صورت ڪانهي..... قرآن شريف جي حڪمن مطابق هڪ اسلامي رياست ۾ حڪومت جو نظام لازمي طور شوريگ (Shooraig) ٿيڻو آهي..... جنهن ۾ خلق جي راءِ کي جوڳو وزن ڏنو وڃي ٿو، جيئن جو مختلف سطحن (Levels, Tiers) تي خلق جا نمائندا خلق جي نمائندگي ڪن ٿا، پر آخرين اقتدار جو مالڪ الله تعاليٰ آهي.“

هن سڄي فتوائي، پُراعتماد ۽ ”وقتائتي“ بيان ۽ اظهار جي سامهون، ماهنامه ”طلوع اسلام“ جي جون 1984ع جي اشاعت ۾ (جو پڻ ”قرآني نظام ربوبيت جي پيامبر“ هجڻ جو دعويدار آهي)، محترم ”پرويز“ صاحب جن لکن ٿا ته، ”(اسلام جي) صدر اول (چئن خليفن جي خلافت راشده) کان پوءِ ملوڪيت آئي ۽ اُن سان گڏ اُن جا لوازمات يعني نظامَ، سرمايه داري ۽ مذهبي پيشوائيت، به آيا، ۽ اُنهن ٽنهي جي تقاضا پنهنجي پنهنجي دائري ۾ ”من ماني“ ڪرڻ جي هئي پر اُنهن لاءِ ڏکيائي اها هئي ته هو پاڻ به مسلمان هئا، قوم به مسلمان، ۽ خدا جو ڪتاب به محفوظ شڪل ۾ موجود هو. هو اُن ۾ ترميم، تنسيخ يا ڦير گهير نٿي ڪري سگهيا ۽ اُن مان کين انسانن تي انسانن جي ڪنهن قسم جي حڪمرانيءَ جو جواز ملي نٿي سگهيو. هِن ڏکيائيءَ جو حل مذهبي پيشوائيت کين پيدا ڪري ڏنو. اُن ڇا ڪيو، جو قرآن جي لفظن (اصطلاحن) کي ته جيئن جو تيئن اُن باقي رهڻ ڏنو، پر اُنهن جو مفهوم بدلائي ڇڏيو. مفهوم جي ان تبديليءَ جي سند لاءِ پهرين جعلي روايتون ٺاهيائون ۽ پوءِ اُنهن روايتن تي مبني قانون مرتب ڪيائون......“ اُن کان پوءِ جناب پرويز صاحب هِن اسلامي معاشي نظام جا ٽي بنيادي اُصول بيان ڪيا آهن. پهرئين اُصول بابت لکن ٿا ته، اسلام جي معاشي نظام جي دائري ۾ ”الربوا“ جي اصطلاح کي بنيادي حيثيت حاصل هئي. هِنن (يعني مذهبي پيشوائيت) اُن جو مفهوم ائين بدلايو، جو قرآن جو معاشي نظام ئي بدلجي ويو....... قرآن ڪريم جي معاشي نظام ۾ ”سرمايي لڳائڻ“ (Invest  ڪرڻ) جو سوال ئي پيدا ٿيڻو نه هو. اِن سلسلي ۾ قرآن ڪريم اُصول هيءُ مقرر ڪيو ته (1) اهڙين صورتن ۾ اوهين رڳو پنهنجي اصل موڙي واپس وٺي سگهو ٿا. اُن کان وڌيڪ وٺندؤ ته اُهو محنتڪشن جي محنت جو استحصال ٿيندو...... ۽ اِهو ”الربوا“ آهي....... (2) نظام سرمايه داريءَ جو بنياد فالتو دولت (Surplus Money) ئي هجي ٿو- يعني سرمائيڪار انهن رپين جي سيڙپ ڪري سگهي ٿو جيڪي هن وٽ پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ هجن. قرآن جي معاشي نظام ۾ ڪنهن وٽ فالتو رپيا رهڻا ئي نه آهن: قرآن ۾ آيل آهي ته ”اي رسول، هو توکان پڇن ٿا ته اسين پنهنجي ڪمائيءَ مان ڪيتري قدر ٻين جي ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ ڏيون؟ انهن کي چئو ته ”جيتري قدر اوهان جي ضرورتن کان زائد هجي اُهو سڀ جو سڀ.....“ انهيءَ ڪري، جنهن نظام ۾ معاشري جي فردن وٽ فالتو دولت ائين رهي جو هو ان جي سيڙپ ڪري، محنت ڪش جي محنت جو استحصال ڪري سگهي، اُهو نظام خلاف اسلام آهي، ڇو ته اُن ۾ ائين ”الربوا“ وصول ڪيو وڃي ٿو................ (3) جيتري قدر زمين جو تعلق آهي، ته قرآن ڪريم جي چوڻ مطابق اُن ۾ ذاتي ملڪيت نٿِي ٿِي سگهي..... جنهن نظام ۾ زمين ماڻهن جي ملڪيت هجي ۽ اهي ڪاشتڪارن کي ڪرايي (جنهن کي اسين سنڌيءَ ۾ ”ايريو“ چئون ٿا) يا بٽئيءَ تي ڏين، ته اهو نظامُ اسلامي نظام معيشت جو ضد هوندو، ۽ زميندارُ جو ڪجهه ڪرايي يا بٽئيءَ جي صورت ۾ وٺندو اُهو ”الربوا“ هوندو.“ اڳتي سڄي بحث مان نتيجو اخذ ڪندي، جناب پرويز صاحب هڪڙو لطيفو ”بصد معذرت“ بيان ڪيو آهي ته، ”ڪنهن ڳوٺ جي کوهه ۾ ڪتو ڪري پيو. مولوي صاحب کان مسئلو پڇيو ويو ته هُن چيو ته ”پنجاهه ڏول پاڻيءَ جا ڪڍو ته کوهه پاڪ ٿي ويندو.“ ڳوٺ جي ماڻهن پنجاهه ڏول پاڻيءَ جا کوهه مان ڪڍيا، پر پاڻيءَ ۾ بدبوءِ بدستور موجود رهي. پوءِ هنن ڪنهن ڊاڪٽر کان پڇيو ته ”وڌيڪ ڇا ڪيو وڃي!“ ڊاڪٽر سندن سڄي ڳالهه ٻڌي، کانئن پڇيو ته ”اوهان پنجاهه ڏول پاڻيءَ جا ته کوهه مان ڪڍيا، پر اوهان اُتان ڪتو به ڪڍيو يا نه!“ ان تي انهن چيو، ”مولوي صاحب ته اسان کي رڳو پاڻيءَ جي ڪڍڻ جو چيو هو، ڪتي ڪڍڻ لاءِ نه چيو هو..... اِنهيءَ ڪري اسان ڪتو کوهه مان ڪونه ڪڍيو!“ هيءُ لطيفو بيان ڪندي پرويز صاحب جن ڏاڍي دردمندانه انداز ۾ لکن ٿا ته ”هي حضرات اسلامي انقلاب جي ضد يعني ملوڪيت جي دؤر جون گهڙيل ٺهيل تاويلون- مشارڪت، مضاربت ۽ زراعت جي اصطلاحن هيٺ- ڳوليندا، ڇنڊيندا ڦوڪيندا، مسلمانن جي اڄ جي معاشري ۾ انهيءَ ئي دستورِ کي قائم رکڻ چاهين ٿا، بلڪه انهن کي هو عملي طور اڄ ڪامياب ڪرڻ جي فڪر ۾ آهن. ۽ ساڳئي وقت هو معاشري کي ”الربوا“ کان پاڪ ڪرڻ جون دعوائون ڪندا ۽ تدبيرون به سوچيندا رهن ٿا!..... ”الربوا“ جنهن لاءِ قرآن ڪريم ۾ چيل آهي ته ”الربوا حرام آهي“..... الربوا کي قرآن ڪريم محاربت يعني بغاوت کان به وڌيڪ سنگين جرم قرار ڏنو آهي..... ۽ چيو آهي ته ”انهن ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏيو ته هو ”الربوا“ کان باز اچن، نه ته الله ۽ رسول کان اهو چتاءُ سمجهن ۽ الله ۽ ان جي رسول سان جنگ لاءِ تيار ٿين“...... اِن مان اها حقيقت پڌري ٿئي ٿي ته قرآن ڪريم جي ان اصطلاح (الربوا) جو صحيح مفهوم سمجهڻ قرآن ڪريم جي ڏنل اسلامي معاشي نظام کي سمجهڻ لاءِ ڪيترو نه ضروري آهي......“

ته گويا جناب پرويز صاحبُ اسلامي معاشي نظام ۾ سوشلزم وانگر، پرائيويٽ پراپرٽيءَ جي سرشتي کي- زمين ۾ ۽ ناڻي (سرمايي) ۾ جنهن مان سرمائيڪاري ٿئي- قطعاً ممنوع ٿو سمجهي: ۽ ائين هو مسجد الحرام جي امام مسجد جناب شيخ سبيل جي برعڪس، اسلام ۽ سوشلزم جي گڏ هجڻ جي اِن بنيادي امڪاني صورت کي جائز سمجهي ٿو.

عزيزو، انساني تمدن ۽ تهذيب جي تاريخ جيڪا سڄي جي سڄي انساني تدبير جو داستان آهي- طبعي ماحول تي انساني فتح جو داستان ۽ انساني ماحول ۾ انسانن لاءِ آزاديءَ جي نيلم پريءَ جي قدم بقدم رنج فرمائيءَ جو داستانُ- اُن جي هڪ ويجهيءَ منزل تي اسلام جي مذهبي انقلابَ ”اوهين پنهنجا مامرا باهمي مشاورت سان طئي ڪريو“ چئي، جمهوريت (يعني انسانن جي حيواني ۽ ذهني ڏاڍ کان انسانن جي آزاديءَ) جي قديم انساني خواب جي عملي تعبير لاءِ ۽ الربوا جي قطعي ممانعت سان انسانن مٿان اقتصادي ڏاڍ کان انسانن جي آزاديءَ جي عملي اجراءَ لاءِ ڪجهه قدر راهه هموار ڪئي، پر ترت ئي، رد- انقلاب طور، ملوڪيت جو دؤر آيو، جنهن انقلاب جي سڄي جي سڄي اُن تازي نظام کي موٽائي جاهليت جي دؤَر ڏانهن نيو ۽ اُن دؤر جي مردود نظام- استبداد (Depotism) ۽ دولت شاهيءَ (Plutocracy) جي هڪ صورت کي ٻيهر نافذ ڪيو. اُن سڄي انقلاب- دشمن عمل ۾ اِهي ئي ٽي عنصر ڪارفرما رهيا- يعني سلطان (حڪمران)، شاهوڪار ۽ مذهبي پيشوا- استبدادي، دولتيا ۽ مُلا (برهمڻ، پادري)-
 
- Despots Capitalistias Scholastics، يا Scholists- ”فرعون“، ”قارون“، ”ابليس“- ۽ اِهي ئي ٽي عنصر آهن، جيڪي، تاريخ تي غور ڪرڻ سان، معلوم ٿئي ٿو ته اُن جي هر انقلاب دشمنيءَ ۽ رجعت لاءِ ذميوار آهن.  اُن کان به وڌيڪ ويجهيءَ منزل تي، اسلامي مذهبي انقلاب کان تقريباً هڪ هزار سال پوءِ 1789ع ۾، فرينچ انقلاب رونما ٿيو، جنهن ”حريت، مساوات ۽ اخوت“ جو نعرو بلند ڪيو؛ ۽ ساڳيءَ طرح پنهنجي وقت ۽ حالتن مطابق انسانن جي سياسي، ذهني ۽ اقتصادي آزاديءَ جي نئين سر عملي نفاذ لاءِ ڪجهه قدر وڌيڪ راهه هموار ڪئي؛ پر جيئن شروع ۾ مٿي عرض ڪري آيس، ترت ئي اتان جي شڪست کاڌل خواصن، شهري نؤدولتين ۽ سندن همنوا دانشورن گڏجي، جيسين انقلابي عوام Savetiers and Sansculettes ، پٺيءَ اُگهاڙن ۽ ڪورين موچين، جي آندل عوامي ڪرسيءَ کي ڦيرائي خاصو ڪرسي، ڊيموڪريسيءَ کي ڦيرائي پليوٽو ڪرسي (دولتوڪرسي) نه بڻايو، تيسين اُنهن کي ننڊ نه آئي- ۽ جيئن مٿي عرض ڪيم، سڄي مغرب جي دنيا، جيڪا پنهنجي انفرادي آزاديءَ، آزاد جوکم ڪاريءَ ۽ نالي ماتر ڊيموڪريسيءَ کي پڏائڻ ۾ پوري آهي، تڏهن کان وٺي اڄ تائين حقيقتاً رڳو ڪثيف ”هڏي ۽ ماس“ جي وٺ پڪڙ ۽ حيواني چير ڦاڙ ۽ دولتو ڪرسيءَ جي لعنت ۾ ئي مبتلا پئي رهي آهي، ۽ سڄيءَ دنيا لاءِ وڏو آزار ۽ اُن جي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ اُها اڄ هڪ موتمار خطرو بڻيل آهي.

ائين، دنيا جي اسان جي حصي ۾، دراصل پاڪستانُ به هڪ اهڙو جهڙو انقلاب ئي هو- گهٽ ۾ گهٽ عوام جي دلي اُمنگن جي خيال کان، جو اُنهن پنهنجي دُکيءَ ۽ سکڻي زندگيءَ ۾ سُک جي تبديل ۽ ڪافي ڪجهه سڦلتا ڏسڻ ٿي گهري: اُن ۾ مذهب جا اصطلاح به ڪم آيا، ۽ جمهوريت (اسلامي جمهوريت) ۽ سوشلزم (اسلامي سوشلزم) جون به ڳالهيون ٿيون، پر حاڪمن، نؤَدولتين ۽ مذهبي پيشوائيتَ جمهوريت کي ۽ سوشلزم کي پهريائين ۽ پوءِ اسلامي جمهوريت ۽ اسلامي سوشلزم کي، خارج از بحث ڪري، شوُروڪرسيءَ جي بول بالا ڪرڻ جي عزم جو اعلان ڪيو آهي- جنهن بابت مٿي آءٌ اوهان جي ڪافي ڪجهه سمع خراشي ڪري چڪو آهيان.

 

عزيزو، حيوانن جي دنيا ۾ انسانُ ئي تدبير جو صاحب آهي- تدبيرَ فڪر ۽ عمل جو گڏيل اقدام هجي ٿي. اوهان جي جماعت پڙهيلن جي جماعت آهي. مون کي معلوم آهي ته اوهان جي جماعت چار رهبرَ نقطا پنهنجي آڏو رکيا آهن: پنهنجو پاڻُ سڃاڻڻ، غفلت ۽ ڪاهلي ڇڏڻُ، محبت ۽ امن جو پيغام پهچائڻُ ۽ روشني پکيڙڻُ- ۽ اوهان اِن ڏِسَ ۾ گذريل ڏهن سالن ۾ جو ڪجهه ڪري سگهيا آهيو، ساراهه لائق آهي، ۽ آئيندي پڻ گهڻي ڪجهه ڪرڻ جو ارادو ۽ پروگرام رکو ٿا. اِن لاءِ اوهين سڀ مبارڪن جا مستحق آهيو. تدبير لاءِ، سڄاڻ عمل لاءِ، پنهنجي حالات- گذريل ۽ موجود- ۽ پنهنجي اوقات- سُرت ۽ سگهه- جي ڄاڻڻ، ۽ رٿابنديءَ جِي ڪوشش به تدبير جو حصو هجي ٿي. اوهين ۽ اسين سڀ اِنهيءَ طرح پنهنجو اجتماعي مستقبل سنوارڻ گهرون ٿا، پنهنجيءَ جيوت ۾ جوت آڻڻ گهرون ٿا، پنهنجي ڏکويل ۽ ڏتڙيل عوام لاءِ ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ هن ڌرتيءَ تي جنت اَڏڻ چاهيون ٿا. اِهو اسان سڀني جو خواب آهي- اسين سڀ اُن جا خواب لهون ٿا، شال ائين ٿئي، جو اسان جا خواب جاڳي پون، اسان جون زندگيون جَرڪي اُٿن- ۽ اسين پنهنجي يار، شاعر سراج، جو نغمو پاڻ لاءِ، پنهنجي سنڌ لاءِ، پنهنجي عوام لاءِ، ۽ سڄيءَ دنيا جي عوام لاءِ، دل جو دل ۾ ۽ پڻ سڀ گڏجي ڳائي سگهون-

ڇم ڇم، ڇم ڇم........

خوابن جا جزيرا جاڳي پيا!

لوڪ ڪٿا جي منظر وانگر،

اِندر سڀا جي آکاڙي ۾،

ڪي انتريامي، دل جا ڀيدي،

پوترتا جي رابيلن جِي مالها پائي،

سُندرتا جو تلڪ لڳائي،

جيون جوت جلائي،

آيا ”ڄاڻَ- پريءَ“ کي رام ڪرڻَ!

ڪو نينهُن ٿي ڇُلڪين نيڻن ۾،

ڪا ڳولا ڀٽڪين تَنَ مَنَ ۾-

موههَ- نگَر جِي ڳولا!

 

اِندر چيو: ”اي پيار جا پنڇي،

”اَن کي ڪهڙي ڳولا؟

آن سڀ انتريامي،

”آهيو دل جا ڀيدي،

”آن کي ”ڄاڻ“ جي ڪهڙي ڳولا؟

”موهه- نگر ۾ آ جو ڇا؟“

(”ڄاڻ- پري“ ڪجهه هٻڪي، هٽڪي

موهه منجهان ڪَرَ موڙي،

ساههُ سنواري آئي،

انتريامين جي ڀاڪر ۾!)

 

- انسانن جي دنيا اندر

”ڄاڻ“ جڏهن کان قيدي بڻجي،

”شيشي جي گهرن“ ۾ آئي آ،

مرگهه- ترشنا کان ڀٽڪي ڀٽڪي،

جيون- رُڃ ۾

آس به ٿڪجي

آهي پاڻُ نهوڙي ويٺي!

موٽي اهڙو وقت نه ايندو!

”ڄاڻ“ جڏهن انسانن ۾ ڀي موٽي ايندي؟

(اپسرائن جو ڪورَسُ)

”دنيا بنبي اِندر- سڀا:

”موهه- پري ۽ ڄاڻ- پري،

”پيارَ- پري ۽ سونهن پري،

”داسيون بڻجي، ماڻهو- روپيءَ اِندر سڀا ۾

”اينديون سک جو سرڳ سنوارڻَ،

”جيون جوت جڳائڻَ!................“

 عزيزو، آءٌ اوهان جو ٻيهر شڪر گذار آهيان، جو اوهان مون کي ايترو مانُ ڏنو، ۽ ڪُرسيءَ جي اوچائيءَ ۾ چڪرائجي هِي جي اهڙيون جهڙيون مون ڳالهيون ڪيون، اوهان ڪن لائي اِهي ٻُڌيون.

مهرباني- خدا حافظ!

 

(ڪراچي، جولاءِ 1984ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org