سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :31

 

سياست، علم ۽ عقل سڀ، ۽ سڄو ادب (All Literature) انسانَ لاءِ آهن، انسانُ اُنهن لاءِ نه آهي، انسانَ جو سمورو فڪرُ ۽ عملُ انسان جي تربيت ۽ ڀلائيءَ لاءِ آهي-- انسانُ جيڪو ٻئي جو ڏکُ پنهنجو سمجهي ۽ اُن لاءِ پنهنجي سُکَ جي قرباني ڏئي.

 

ڪو ڪو سهڻو ماڻهو!

(ترجمو)

ڪنهن دؤر ۾ هڪڙو ڪو ماڻهو هوندو هو. ڏاڍو ڪو سهڻو ماڻهو هو. هو پنهنجي ڪٽنب ۾ ۽ پنهنجن ماڻهن جي وچ ۾ وڌي وڏو ٿيو هو ۽ هر ڪنهن کي بيحد پيارو هو. هُن جي پيءُ هُن ۾ پنهنجن بهادر ابن ڏاڏن جون ڳالهيون ٿي ڏٺيون. هن جي ماءُ هن ۾ هڪ نازڪ دل ٿي ڏٺي، جنهن کي سندس اوجل پيار وڌيڪ نازڪ بڻايو هو ۽ جنهن ۾ سندس ساههَ ڪهل ۽ سندرتا جي خوشبوءِ ڀري هئي.

هو پنهنجن بزرگن جي ناموس جيان وڌيو ۽ وڏو ٿيو- وڏيءَ دل وارو ۽ سورهيه بڻيو- پنهنجن بزرگن جيان، جن صحرا جي سڪل ۽ تتل زمين کي درياءَ جي ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ سان سائو ڪيو هو ۽ سڦل بڻايو هو. هن ۾ سوچ ۽ احساس جي اجهل سگهه هئي، ۽ ڄاڻ جي ڏيا سان هن جو ڀريل من اُٿلندو هو.

هن جي جوڀن جا ڏينهن زندگيءَ جي حيرت سان ٽمٽار هئا، ۽ اُهي هُن سونهن ۽ سڪ جي پُورَن ڳولا ۾ گذاريا. پنهنجن وڏن جي نيڪين جو ورثو ساڻ کڻي، هو ٻاهر ڌرتيءَ جي ڀاڳ ڀرين ماڳن تي ويو ۽ اُتان هُن سمجهه ۽ ساڃهه جا املهه موتي ميڙيا. هن راڄداريءَ جون ڳالهيون سکيون ۽ علم ۽ عقل جي اوچين چوٽين تي قدم رکيا. هن جي تيز، چمڪدار اکين ۾ خواب هئا. هن دنيا جون قومون ڏٺيون ۽ اُنهن جا وسيع عوام ڏٺا. هن اُنهن قومن کي ڏٺو جن ائين ٿي لڳو ڄڻ وقت کي پنهنجيءَ مُٺ ۾ جهليو هو، ۽ اُنهن جا ماڻهو هئا، جن زندگيءَ جي خاموش رازن سان ڳالهايو ٿي ۽ جيڪي تخليق جي معجزن کي عقل جي عمل سان پنهنجي قبضي ۾ آڻي رهيا هئا. هنن جي زندگي امن ۽ سلامتيءَ واري هئي، ۽ ڏاڍي ڪنهن شانائتي نموني هو پنهنجي ڪم ۾ رُڌل هئا. هنن جا منهن اعتماد ۽ ارادي جا پيڪر هئا ۽ هنن جا سر آزاديءَ جي زندگي بخش اُمنگ سبب اوچا هئا. پوءِ هو موٽي پنهنجي سونهري ديس ۾ آيو، ۽ هن پنهنجا ماڻهو ڏٺا ۽ هن جي دل ۾ درد اُڀري آيو. هن اُنهن کي چپ چاپ ۽ نئڙت سان ڳهندي ڏٺو. هن ٻارڙن جا کهرا لڦن پيل هٿ ڏٺا، جن کيتن ۾ ڊڀ ٿي چونڊيا، ۽ هن جي نرمل اکين ۾ ڳوڙها تري ٿي آيا. وقت جي صدين کان ڏاڍ ۽ ڏمر جيڪو هن جي ماڻهن تي وسندو ٿي رهيو، اُن کي ڏسندي، هن جو نازڪ روح ڀُري ٿي پيو. هن سنگدليءَ ۽ ناانصافيءَ جي اُها ذلت ڏِٺي ٿي، جيڪا ڪٺور ڀوتارن ۽ ظالم سرشتن جي هٿان اُنهن سَٺِي، ۽ اُنهن جي سڀد عزت ۽ آبرو لٽيو، هو پنهنجن غليظ پيرن هيٺان لتاڙيندا ٿي رهيا، ۽ هن جا ماڻهو زندگيءَ جي سچي ناموس کان محروم هئا.

پر هن لاءِ زندگي وري به جوان هئي ۽ هو پنهنجي جوانيءَ جي خمار ۾ هو. هڪ ڏينهن هن کي هڪڙي ڇوڪري گڏي، ۽ عين هن جي روح ۾ وقت جي ساهه جا خيما کُپي ويا. هوءَ هڪ نبار رتنُ هئي، جنهن جي جُڙي راس ٿيڻ ۾ صدين پنهنجو ڪم ڪيو هو.

۽ پوءِ هڪ حسين شادي ٿي. ڪنوار جي ۽ گهوٽ جي حسن جو لقاءُ ڏسي، ڄاڃين جون اکيون کليون رهجي ويون. هيءُ سڀاڳو جوڙو هِن دنيا جو ڄڻ واسي ئي نه هو- اهڙيءَ هڪ عجيب جوتيءَ ۾ ويڙهيلَ هو ٻيئي ڏسجي رهيا هئا.

وقت ٻرانگهون ڀريندو رهيو. دوستن جون گرمجوشيون ۽ ساٿين جا سنگ هئا، جي وايومنڊل کي گهيريو بيٺا هئا.

پر ڪي ڳنڀير راتيون اهڙيون هيون جو هن جو فڪرمند روح تڙپندو هو ۽ بي آرام ٿي ويندو هو، ۽ هن جي نازڪ دل پنهنجي عميق گهرائين ۾ دک ۽ پيڙا جا دؤر اُڀرندي محسوس ڪندي هئي. اٿاهه وقت جي انهن اڪيلائين ۾ هن جي من ۾ اُڌما اُٿندا هئا، جيڪي هن کي زندگيءَ جي بلند منزل مقصود جو وري وري سڏ معلوم ٿيندو هو.

ماڻهو هن جي آب تاب، هن جي مڌ مست جوانيءَ ۽ هن جي سوڀيا وان ڏيا تي ڇڪجي هن ڏانهن ايندا رهيا. ڪاميابيءَ پٺيان ڪاميابي هن جا پير چمندي رهي. دوست ۽ ثنا خوان، نواب ۽ سردار، زالين، مردين، شاهه ۽ شهزادا سڀ هن جي چوڌاري گڏ ٿيندا ويا، جيڪو به ڪو هن سان مليو ٿي، اُن جي من ۾ هن پنهنجي اُتساهه جي سرهاڻ اوتي ٿي ڇڏي، ۽ هو پنهنجي دل تان هن جي اُجري من جو عڪس مِٽائي ئي نٿي سگهيا- ڇو ته ”حسين شيءِ دائمي خوشيءَ ۽ دل جي ورونهن جي کاڻ ٿئي ٿي“ ۽ هيءُ اُن سچ جو جيئرو مثال هو.

”هيءُ ماڻهو ڪهڙيءَ دنيا جو واسي آهي؟“- هر ڪو عجب وچان ائين پڇندو هو. ڪهڙي هن جي تابناڪ خاصيت هئي، جو هن جي اڳيان هو سنڀلجي بيهندا هئا! ڪهڙي هن ۾ ڪا سگهه هئي، جو هن جي سنگ ۾ هو عظمت جي ڏورانهن اُفقن ڏانهن ڇڪجي ويندا هئا، جن کان اڳ هو بنهه ناواقف هئا! هنن جي مغز کِن ۾ اُنهن اوچاين کي ڏسي وٺندو هو، جتي اُهو ڦِرڻ لڳندو هو، ۽ هو پاڻ کي ناڪافي سمجهندا هئا، ۽ پوءِ به هو هن جي آڏو وڌي اچي بيهڻ ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻندا هئا ۽ هن کي خوش ڪرڻ جا جتن ڪندا هئا- ڇو ته هو فيصلي جو پختو هو ۽ حڪم ڪري ڄاڻندو هو ۽ پنهنجن راهه جي ساٿين کي ساري ۽ نوازي به سگهندو هو.

پر هن جو خواب هنن جي تصور کان اوچو هو، ۽ هن جي نگاهه هنن جي ننڍڙيءَ پهچ کان ڏور هئي، ۽ منجهانئن ڪي هن جي زورائتي آواز آڏو ٻُٽجي ويندا هئا ۽ پاڻ کي ننڍو ڀانئڻ لڳندا هئا، ۽ ڪروڌ ۾ وٺجي، هن کان بچڻ گهرندا هئا، ۽ هن کي ڌڪارڻ لڳندا هئا. ”هن نيٺ ڇا ٿي گهريو؟“- هيبت کان پاسن ۽ ڪنڊُن ۾ لڪي، هو هڪٻئي کان پڇندا هئا.

”غريبن سان انصاف ڪريو!“ هُن اِهو ٿي گهريو، ”غريب ڪير هئا؟“ ”اُهي ڪٿا هئا؟“- جواب ڄاڻندي، هو اِهي سوال پڇندا هئا، ۽ پوءِ منجهندا هئا. ۽ اڻ ڄاڻ بڻجي ۽ سمجهي هڪٻئي ڏانهن ڏسندا هئا. هُنن غريب ته ڪڏهن ڏٺا ئي ڪونه هئا! غريب ته رڳو ڪمي هئا ۽ سندن ٽهليا ۽ ٻيلي هئا، سندن گهرن ۾ ۽ سندن زمينن تي وَهندڙ ۽ ڳهندڙ جانور! ڇا، اُهي به ماڻهو هئا؟ هُنن جهڙا هئا؟

۽ ماڻهن کي- غريب ماڻهن کي، جن لاءِ هن جي دل ڌڙڪيِ ٿي- اُنهن کي هن ڇا ٿي چيو؟

”جاڳو“- اُنهن کي هن اِهو ٿي چيو، ”هيءُ خدا جو قانون ڪونهي ته اسان جا ماڻهو غريب هجن، ڏسو!“ هن چيو، ”اسين ڀائر آهيون. اسين سڀ برابر آهيون. اسين سڀ هڪ آهيون. اسين انسانَ آهيون. هيءَ سڄي زمين اوهان جي آهي! جاڳو! ۽ پنهنجي تقدير بدلايو!“

ماڻهو ڊوڙندا هن ڏانهن آيا. هو هن صحرائي شهزادي کي ٻڌڻ لاءِ وڌي هُن جي ويجهو آيا. هن سندن جهڳين ۽ جهوپڙين جي ڳالهه ٿي ڪئي، اصل ائين ڄڻ هو پاڻ اُنهن جو رهواسي هو. هن ساڻن سندن دل جي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو ٿي. هنن پنهنجي پيار جا گل هن تي گهوريا. اُنهن هن کي ۽ هن انهن کي پيار ٿي ڪيو. اُهو هنن جو سچو پيار هو. ائين ٿي ڏٺو ڄڻ هو ۽ ماڻهو، ماڻهو ۽ هو هڪ هئا.

پر افسوس! هن اڻپوريءَ دنيا ۾ ڪابه شيءِ پوري ڪانهي. هُنن جيڪو وقت خوش خوش آزاديءَ ۾ گڏ گذاريو، سو بهار جي مند وانگر آيو ۽ گذري ويو. پر اُهو ئي وقت هو جڏهن هو سچ پچ جيئرا هئا. هن جو ديس ۽ هن جا ماڻهو هن جي عظيم ارادي جي اثر ۾ جهولندا ۽ جهومندا ٿي رهيا. هن جو طاقتور پيغام دنيا ۾ ٻُري رهيو هو ۽ ٻيا به سڀيئي جن جو احساس هن جي احساس سان هم آهنگ هو، اُنهن جون دليون به هن جي جذبي کان گرمائجي، زندهه ٿي، خوابن کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ اُڌما کائي رهيون هيون.

هن جو پيغام اهڙو ئي حسين ۽ پربهار پيغام هو، جهڙو هو پاڻ هو. پر اُهو اُنهن سڀني لاءِ هڪ خطرناڪ پيغام هو، جن جون دليون حسن کان خالي هيون ۽ طاقت ئي هنن جي پرستش جو خدا هئي. هنن هن کي ڌڪاريو ٿي- ۽ هنن جي ڌڪار ڪاري ڪِٺُ هئي ۽ انڌي هئي. سو هو پاڻ ۾ مليا، گڏجي ويٺا، ۽ هنن هن کي جيئرو نٿي سَٺو.

هُن هي ماڻهو اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺا هئا. هو بڇڙا هئا، ۽ هن جي سهڻي روح کي سونهن کان سواءِ ٻيءَ شيءِ جي سڃاڻپ ڪانه هئي. بڇڙائي سونهن جي اُبتڙ پاسي ۾ رهي ٿي، ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ هڪجهڙائي ڪانهي، ۽ اُهي هڪٻئي کان ائين جدا آهن جيئن ڪارو اڇي کان، جيئن بدي نيڪيءَ کان ۽ جيئن اوندهه سوجهري کان. ائين سڄي بڇڙائي ۽ سڀ بڇڙائي رڙهي اچي گڏ ٿي ۽ باهه جي ڄڀن سان ڪَن- سَرو ٿيو- ”موت!“ ۽ هو؟ هو اِن جي ڪار ڪُپت کان بيخبر رهيو ۽ اُهو ئي پنهنجي ديس لاءِ ۾ پنهنجن ماڻهن لاءِ اوچن خوابن جي اُڻت ۽ رُڌو رهيو.

۽ ڦِڙڪَ رکي ويئي- پوريءَ حرفت سان اها ٺاهي ويئي، ۽ ڏاڍيءَ اٽڪل سان اها لڪائي هنئي ويئي. ان جا ٽوڙها دلين ۾ ڇپايا ويا، جتي ڀوت کِل کِل ڪندا ۽ ٽپندا آهن، ۽ اُن جون ڳِٽيون ڀوپي هٿن ۾ مضبوط جهليون ويون، جيڪي ڏسڻ ۾ ماڻهن جا هٿ لڳندا آهن، ۽ هڪ ڏينهن اُهو نڊر مڙس ڦڙڪ جي ور چڙهي ويو.

هڪ دانهن، هڪ رڙ، هِن قهري ڊوهه تي سڄي عالم ۾ ٻُري ويئي، ۽ پوءِ هڪ ”شاهي جنگ“ شروع ٿي. بهتان مٿان بهتان هن تي لڳو. هڪڙو قَسمي ڪوڙ هن تي پورو ئي نه ٿيو ته مٿان ٻيو قَسمي ڪوڙ ٺهيو. عقل جا اڪبر ۽ اٽڪلباز ٻيئي وار مٿان وار ڪندا رهيا ۽ هر وار هارائيندا رهيا، ۽ پنهنجيءَ ئي اوندهه ۾ اڳتي وڌندا ويا- پنهنجي گدلي جنوني مقصد ڏانهن.

اهڙيون جنگيون اڳي به دنيا ڏٺيون آهن. ٻن ڌرين جي وچ ۾ جنگيون- هڪڙي اها ڌر، جنهن جا ساٿاري پنهنجيءَ بديءَ ۽ بدناموسيءَ جي گندي تالاب ۾ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ٻڏندا رهندا آهن، ۽ ٻيا اُهي سوڍا سرويچ جيڪي وقت جي زوردار وهندڙ دريائن جي وچ ۾ روشنيءَ جي مينارن وانگر، بني نوع انسان جي راهه کي سدا روشن ڪيو، اڏول ۽ اڙٻنگ بڻيا بيٺا هوندا آهن.

۽ هو، جيڪو ڌُڻيل هو، قبوليل هو، مبارڪ هستين مان هڪ مبارڪ هستي هو، تنهن، گهڙيءَ گهڙيءَ جا دک سهندي، پنهنجي اعليٰ منزل پنهنجي اکين سان پنهنجي آڏو روز بروز روشن ٿيندي ڏِٺي ٿي، ۽ سڄيءَ دنيا هن جي صداقت جو شعاع ڏٺو ۽ حق جي راهه ۾ هن جي قدم بقدم سفر جي شاهدي ڏني.

هن جو پيار ۽ هن جي روشني وڌندي رهي، وڌندي رهي، تان جو اها چئن ڀتين ۾ ڪٿي بند ٿي نه سگهي، اُها هن جي ديس ۽ هن جي ماڻهن تائين به محدود ڪانه رهي. سچ پچ اُها پولار جي هيٺين دائري کان به جهلِي ڪانه ٿي، جيڪي جنن ڀوتن، ڀوپن ۽ شيطانن جي ئي کِل کِل ۽ راند جا دائرا آهن.

۽ پوءِ هڪ دؤر جو اُهو ماڻهو، قدرت جي اوچن ايوانن جي امر قانونن ۽ ڪڏهن هار نه کائيندڙ دستورن مطابق اُٿي ويو، ۽ هن جي روشني انساني ڀلائيءَ لاءِ اُنهيءَ ابدي روشنيءَ سان ملي هڪ ٿي ويئي، جيڪا اصل ۾ انهن جي روشني آهي، جيڪي قدرت جا مقرب ۽ رحمت پاتل خاص ماڻهو هوندا آهن.

 

(حيدرآباد، سنڌ، 1977ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org