سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :34

 

شلان جو باندي

(ترجمو)

 

]”شلان جو باندي“ (The Prisoner of Chillon) انگريزيءَ جي عظيم شاعر، بائرن، (George Gordon Noel, 6th Lord, Byron, 1788-1824) 1816ع ۾ رچيو، جڏهن هو پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ هو. اٺ سال پوءِ، 1824ع ۾، عمر جي ڇٽيهين سال، هُن وفات ڪئي. هُن جي جملي شعري تخليق لاءِ چيو ويو آهي ته اُها اوچائيءَ توڙي گهيري ۾ ”هڪ وڏي، اڻانگي پهاڙ“ مثل آهي- ۽ اُن تي ”چڙهي، اُن جو پورو لطف وٺڻ به اوترو ئي مشڪل“ ڪم هو: پر ”هڪ ڀيرو اُن کي سَر ڪيو وڃي، ته پوءِ اُن جي هوا ساهه- سڌير ۽ اُن جو نظارو وسيع ۽ نظر نواز آهي.“ هُن کي ”وزن ۽ قافيي جي مملڪتن جو پُرشُڪوه نيپولئن“ به سڏيو ويو آهي. نظم جي هِن ”نثري“ سنڌي ترجمي ۾، البت، اوهان کي شاعر جي ان قافيي ۽ وزن جي شان ۽ شوڪت جو ڪو نشان ڪونه ڏسڻ ۾ ايندو: پر هُن جي ڳالهه جي بنيادي جوش ۽ جلال ۽ پُرفضا بلنديءَ جي ساهه- سڌير هوا ۽ نظر نوازيءَ جي سچي جهلڪ ضرور ملندي.

لارڊ بائرن جو هيءُ طويل نظم، يورپ جي جِنيوا ڍنڍ تي اڏيل ”شلان جي قلعي (The Castle of Chillon) جي قيديءَ بونيوارڊ (Bonnivard) بابت آهي، جنهن اُن ۾ 1530ع کان 1536ع تائين، عمر جا ست سال ڪاٽيا. بونيوارڊ ۽ هُن جي ٻن ڀائرن کي، ڊيوڪ آف سيواءِ (Duke of Savoy)، باندي بڻائي، اُتي قيد ۾ رکيو هو- اُن ڏوهه ۾ ته هُن ملڪ ۾ آزاد جمهوري رياست (A Free Demorcatic State) قائم ڪرڻ لاءِ وقت جي حڪومت خلاف بغاوت ۾ شرڪت ڪئي هئي. آءٌ بائرن جي هِن جڳ مشهور نظم جو هيءُ سنڌي ترجمو ”سنڌ جي محب وطن قيدين جي نالي“ منسوب ڪريان ٿو. م.ا.ج: جون، 1985ع[

شلان جو باندي

تاريڪ بنديخانن ۾ سدا روشن آزادي!

تون آهين

آزاد خيال جو ابدي ۽ ازلي روح،

ڇو ته اُتي، دل ۾ آهي تنهنجو آستانو-

دل جيڪا فقط تُنهنجي محبت ۾ ٻَڌجي ٿي؛

۽ جڏهن تنهنجا سپوت نيئرن ۾ ڪڙجن ٿا-

نيئرن ۾، ۽ آلن تهخانن جي نِسَت اُداسائين ۾،-

تنهنجي ڌرتي اُنهن جي شهادتن سان سوڀ پائي ٿي،

۽ آزاديءَ جي نانءُ کي اُڏام جا کنڀ ملن ٿا، هوائن ۾.

شِلان! مقدس آهي تنهنجو بنديخانو، ۽

تنهنجو دُکي ايوانُ قربانگاهه آهي- ڇو ته اُتي پنڌُ ٿيل آهي،

بونيوارڊ جو!

ايترو، جو هُن جي پيرن جو گسُ ٺهيل آهي، اُن پٿرائين پَٽَ تي- ڄڻ اُهو ڪنئريءَ ٿڌيءَ مٽيءَ جو تَههُ هو.

اُهي پاڪ نشانَ شل ڪو نه ڊاهي!

ڇو ته اُهي خدا وٽ ظلم جي دانهن آهن.

(1)

منهنجا وار سفيد آهن، پر عمر جي ڪري نه،

نه ئي اُهي سفيد ٿيا آهن

ڪنهن هڪ ئي رات ۾،

جيئن ماڻهن جا اوچتا ڪنهن ڀَينڪَر ڊپ ۾ ٿيندا آهن:

منهنجا لڱ ورتل آهن- پورهئي کان نه،

پر ڪَسجي ويا آهن نيچائپ ۾ بيٺي بيٺي، ۽ نکمڻائيءَ کان،

ڇو ته هن اَنڌي، گونگي تُرم جو انعام اِهو ئي آهي؛

۽ منهنجي به قسمت اُنهن جي قسمت جهڙي آهي،

جن لاءِ ڀلاري ڌرتي ۽ هوا

هونديون آهن منع ڪيل- بيمارن جي روڪ جون ست رڇيون؛

پر مون پنهنجي جانبَ پيءُ جي ڳالهه لاءِ

هي نيئر پاتا ۽ ڪُڏي موت کي سڏ ڪيو؛

اُهو منهنجو پيءُ جنهن باهه قبولي،

پر پنهنجي ڳالهه نه ڇڏي،

۽ جو پچي ڪباب ٿيو؛

اُن ساڳيءَ رت رتوليءَ ڳالهه لاءِ هُن جي ستياوان پيڙهيءَ

اڳتي وڌي، ڪاريءَ اوندهه ۾ ٽپو ڏنو؛

اسين سَتَ هئاسين- هاڻي آءٌ هڪ آهيان، ڇهن جوانيءَ ۾

۽ هڪڙي پنهنجي عمر گذاري،

جيئن ابتدا ڪئسين، پڄاڻي به اسان جي ائين ٿي-

ظلم تي غصي جا آڙاهه من ۾ رکندي؛

هڪُ باهه جو بَکُ ٿيو، ۽ ٻه جنگ ۾ وڙهندي ڪم آيا،

پنهنجيءَ ڳالهه تي پنهنجي جيوتَ جي مُهر هنيائون؛

اِئين مرندي، جيئن سندن پيءُ مئو،

پنهنجيءَ ڳالهه لاءِ، پنهنجي عقيدي لاءِ-

سندن دشمن جنهن جا منڪر هئا؛

ٽي ڪالَ قيدَ ۾ اُڇليا ويا،

اُنهن مان هيءُ هڪ بيحال اڃا حيات آهي.

(2)

ست پِيل پايا آهن، قديم اَڏاوت جا،

هِن پراڻي جِناتي شلان جي انڌاري بنديخاني ۾-

ست ٿنڀا، جهونا، ٿلها، نهرا؛

۽ هيءُ سج جو هيڪلو باندي ڪرڻو-

راهه وڃايلَ، لڄاريءَ روشنيءَ جِي هڪ ڦتيلَ-

فصيل جي چِير مان، مٿان ڳڙ کي وٽان،

لنگهِي اندر ٿئي ٿي، ۽

رڙهندِي، آلي پٽ تي اچي پوي ٿي-

ماڃر جي ڇاٻ تي ڪرندڙَ ڪنهن تاري جي عڪس وانگر:

۽ هر ٿنڀي ۾ هڪڙو ڪڙو کُتل آهي،

جنهن ۾ هڪڙو نيئر چُهٽيل آهي-

بُوجري نانگ جهڙو لوههُ-

ڇو ته اُن جا چَڪَ هِنن لِڱن تي موجود آهن،

اهڙا اُنهن جا داڳ، جيڪي لهي نه سگهندا

جيستائين هِن منهنجي نئين ڏينهن جي پُڄاڻي ٿئي،

جيڪو منهنجي اکين کي اڄ کائي رهيو آهي،

جن سج کي اِئين اُڀرندي ڪونهي ڏٺو،

سالن کان- جي آءٌ ڳڻي به نٿو سگهان،

ڳڻي ڳڻي، اَنگُ به اُنهن جو ڀُلجي ويو آهيان-

جڏهن کان منهنجو پويون ڀاءُ، نيئرن ۾ ٻڌل، ڍِرڪي پيو هو ۽ مري ويو هو،

۽ آءٌ هُن جي پاسي کان پيو هوس ۽ جِي رهيو هوس.

(3)

جدا جدا ٿنڀي جي نيئر سان اسان کي ٻَڌو هئائون،

اسين ٽي هئاسين- پر هيڪل هيڪل، مجبور؛

هڪڙي وک به چُري نٿي سگهياسين،

هڪٻئي جو منهن به نٿي ڏسي سگهيو اسان،

سواءِ روشنيءَ جي اُن ڦِڪي جهَڪيءَ ڦتيل جي

جنهن ۾ ويتر هڪٻئي لاءِ بيگانا بڻجي ٿي وياسين:

گڏ هئاسين- پر ڪيترا نه پري!

پيرَ نيئرن ۾، پر دليون اسان جون ويجهيون ۽ ڳنڍيل،

اهو ئي ڪجهه آٿت هو، ڪجهه سُڪرُ هو، ايتري قحط ۾-

قحطُ ڌرتيءَ جي هر چڱيءَ شيءِ جو،-

هڪٻين جِي ڳالهه ٻُڌڻُ

۽ واري واري، هڪٻين کي ڏڍ ڏيڻُ

نئينءَ ڪنهن آس جو، يا پراڻيءَ ڪنهن ڪٿا سان،

۽ ڪو گيت دليريءَ جو وڏيءَ دل سان ڳائڻُ،

پر نيٺ هي ڳالهيون سڀ پراڻيون ٿي ويون.

اسان جا آواز سُڪي ٺوٺ ٿي ويا، ترم جي پٿر سان ٽڪندڙ پڙاڏن وانگر،

ٺلهن گرڙاٽن جيئن ٽُٽل ۽ ٻُٽيل

جيئن اُهي پراچين ڪال جي بي زبان، گهُٽيل ماڻهن جا هوندا هئا:

رڳو وهم ئي اِهو هجي منهنجو- پر مون لاءِ هرگز

اُهي اسان جا آواز ڪونه ٿي لڳا.

(4)

آءٌ ٽنهي ۾ وڏو هوس،

۽ اُنهن جي ڀرجهلي ٿيڻ ۽ اُنهن کي پرڀائڻ لاءِ

مون کي ڪجهه ڪرڻو هو- ۽ وَسَ ڪيم-

۽ اسان مان سڀني وسان ڪونه گهٽايو.

ننڍي ۾ ننڍو، جنهن سان منهنجي بابا جي دل هئي

ڇاڪاڻ ته هُن جا ڀرون اسان جي ماءُ جي ڀرُن جهڙا هئا،

آسمان جهڙين نيرين اکين سميت،

هُن لاءِ منهنجو روح رڙندو هو:

۽ اُن کي رڙڻ ئي گهربو هو-

اهڙي پکيءَ کي اهڙي آکيري ۾ بند ڪير ٿي ڏسي سگهيو؛

ڇو ته هو روشن هو، بنهه ڏينهن جهڙو

(جڏهن ڏينهُن سچ پچ مون لاءِ روشن هوندو هو

اهڙو جهڙو بازن جي ٻچن لاءِ، جڏهن اُهي

بي باڪ هوندا آهن)-

قطب جي ڏينهن وانگر، جيڪو ڪا شام نه ڏسندو آهي

- جيسين اونهارو اُن جي جوڀن جو رهندو آهي،

طويل روشنيءَ وارو اُن جو جاڳندڙ اونهارو،

سج جي برف ۾ ويڙهيل ٻالڪ:

۽ ائين اُوجل ۽ ٻهڪندڙ هو اُهو منهنجو ڀاءُ؛

خوش خوش ۽ اُڌمندڙ روح وارو،

جنهن جون اکيون فقط ٻين جي دکن تي ڀربيون هيون

۽ پوءِ اُهي وهنديون هيون، جيئن ٽَڪر تان نارَ وَهندا آهن-

نه ته هو وڌي دُکندڙ دلين کي ٺاريندو هو

جن کي دکيل ڏسي، هو ڦٿڪي اُٿندو هو.

(5)

ٻيو منهنجو ڀاءُ، دل جو صاف، نُور جهڙو،

پر بُت جو وَٽيلُ، هڪجيڏن سان هٿ اٽڪائڻ جهڙو؛

مضبوط هاٺيءَ وارو، ۽ اڏول ارادي وارو اهڙو،

جيڪو دنيا جي خلاف ڇاتي ڪڍي، جنگ ڪري،

 سڀني کان اڳ سيني تي گهاءُ جهلي ۽ جان ڏئي-

خوشيءَ سان:- پر نيئرن ۾ اِئين اُداسجڻ لاءِ هُو نه هو:

اُنهن جي جهَنڪار سان هُن جو روح ڪومائبو ٿي رهيو،

مون هُن کي ماٺ ۾ وجهلندو ٿي ڏٺو-

۽ سچ ته منهنجو روح به وجهلندو ٿي رهيو؛ پر وري به روحَ پنهنجي کي کِلڻ تي اُڪسايم ٿي،

ايڏي پنهنجي محبوب گهرَ جي انهن امل نشانين کي کلائڻ لاءِ، ڪجهه ٻهڪائڻ لاءِ،

هو جابلو شڪاري هو،

اُتي هو هرڻن ۽ بگهڙن جو پيڇو ڪندو هو؛

هيءُ تُرم هُن لاءِ ٻن ٽَڪرن جي وچ جِي اُڀي کاهي هو،

۽ نيئرن ۾ ٻڌل هُن جا پير سڀ کان وڌ هن لاءِ عذابُ هئا.

(6)

شلان جي فصيلُن سان لڳل ليمانَ جي وڏي ڍنڍ آهي-

هڪ هزار فوٽ اونهي،

چئن ئي پاسن جا پاڻي وهي، اُن ۾ گڏ ٿا ٿين؛

وچ ۾ شلان برف جهڙن اڇن ڪُنگرن سان اُڀو آهي؛

ٻاهران اُن جي پاڻيءَ جو اُهو سمونڊ لهريون ٿو هڻي:

قلعي جي فصيل ۽ ڍنڍ جو اگهور پاڻي-

ڪوٽ تي ڪوٽ،

زندهه قبر وانگر، ڍنڍ جي سطح کان هيٺ،

چؤبند اُهو ترم اڏيل هو،

جنهن ۾ اسين پيل هئاسين؛

رات جو ۽ ڏينهن جو پاڻيءَ جو شور اسان ٻُڌو ٿي؛

اسان جي مٿن تي اُن جي آوازن جا ڌڪ لڳندا ٿي رهيا؛

۽ جڏهن هوائون تيز ٿي لڳيون،

۽ آسمان لرزيو ٿي،

۽ سياري جا ڇنڊا اُڀري ڳڙکن مان اندر ٿي آيا،

۽ پاڻَ ٽڪر ڏڪيو ٿي- اُن جي ڏڪڻي مون محسوس ٿي ڪئي-

بنان ڏڪڻ جي-

ڇو ته آءٌ مُرڪي سگهيس ٿي،

موت جي اُن ستم ظريفيءَ تي،

جيڪو مون وٽ اچي مون کي آزاد ئي ڪري ٿي سگهيو!

(7)

مون چيو ته پاسي کان منهنجي منهنجو ڀاءُ وجهلندو ٿي رهيو،

مون چيو ته هن جي مضبوط دل جهُرندي ٿي رهِي،

هُن کي کاڌو نٿي وڻيو، ۽ اُهو هُن ڇڏي ڏنو هو؛

اِنهيءَ ڪري نه ته اُهو ڪو رکو ۽ بي سواد هو،

ڇو ته اسين ته شڪارين جي سڪل کاڌن تي هريل هئاسين،

۽ لذيذ کاڌن لاءِ اسان جو ڪو موهه ڪونه هو:

ته به جابلو ٻڪريءَ جي کير جي بدران اسان کي خندق جو پاڻي ٿي ڏنو ويو،

اسان جي ماني اُها هئي جهڙي هزارن سالن کان قيدين جي ڳوڙهن ۾ ڳوهجڻ کان پوءِ پچندي ٿي آئِي-

تڏهن کان وٺي جڏهن انسان پنهنجن همذات انسانن کي

ڍورن وانگر لوهه جي واڙن ۾ واڙڻ شروع ڪيو هو؛

پر اِهي کاڌا اسان لاءِ يا هُن لاءِ ڪهڙي شيءِ هئا؟

اُنهن کاڌن نه هُن جي دل کي ۽ نه جسم کي ٿي جهوريو،

منهنجي ڀاءُ جو ساهه اِهڙي سانچي جو هو جنهن کي محلن جي هوا راس آيل نه هئي،

اُن کي ته اوچن پهاڙن جي آزاد هوا ئي سُڌير رکِي ٿي سگهِي؛

پر سچُ مان ڇو روڪيان؟

ڪيترو روڪيان!

- اُتي هُن آخر دم ڏنو،

مون ڏٺو پئي، ۽ هُن جي مٿي کي گوڏو به ڏيئي نه سگهيس،

هُن جو ڍرڪندڙ هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي نه سگهيس-

۽ نه ئي چمي سگهيس هُن جي بيجان هٿ کي،-

گهڻو ئي ڦٿڪيس، پر بي فائدي ڦٿڪيس،

پنهنجا نيئر ڇنڻ چاهيم، اُنهن کي چَڪَ وڌم پر بي سُود،

هُن ساهه ڏنو- ۽ پوءِ هُن جي نيئر جا قلف کليا،

۽ هُن لاءِ هڪڙي اُتامري قبر کوٽيائون اُتي ئي اُن اونداهي غار جي سرد زمين ۾،

مون هنن کي هڪ احسان ڪرڻ لاءِ چيو- هن جي لاش کي اهڙيءَ مٽيءَ ۾ پورڻ لاءِ،

جتي ڏينهن جو سوجهرو پُڄي سگهندو هجي!-

اِها منهنجي چريائپ جي سَڌ هئي،

پر منهنجي مغز ۾ اچي ويٺو هو اِهو خيال ته موت ۾ به هُن جو آزاد ڄاول قلب اهڙيءَ انڌاريءَ ۾ آرامي ٿي نٿي سگهيو.

پر اِها پنهنجي بي پهچ منٿ به هوند دل ۾ سانڍي رکان ها-

هو بي تَرس اُها ٻُڌي کليا- ۽ هُن کي اُتي ئي سمهاري ڇڏيائون:

مٿان پَٽَ سنئون پَٽُ ٿي ويو- ۽ ڪو سائو پتو گاهه جو اُن تي ڪونه رکيائون.

هيءُ جيڪو اسان جي دل جو گوشو هو؛

رڳو هُن جو سکڻو نيئر هن جي قبر مٿان لڏي رهيو هو،

اُهڙي هُن جي خون جي تز نشانيءَ طور.

(8)

پر هو ٻيو، اسان جو دلبند، گل جهڙو، ڄمڻ جي گهڙيءَ کان وٺي ساهه سان سانڍيل،

خوبرو، پنهنجي ماءُ جي مهانڊي،

سڄي پنهنجي خاندان جو معصوم پيارُ،

پنهنجي شهيد پيءُ جو محبوب ترين خيالُ،

منهنجي آخري اونَ، جنهن لاءِ ئي مون گهريو هو وڌيڪ جيئڻُ،

ته اڄ هُن جو دک گهٽائي سگهان، ۽ ڪڏهن هو آزاد جِي سگهي؛

اُهو ئي، جنهن جو روح اڃا تازو توانو هو،

فطري آزاد ۽ اُمنگن ڀريو-

اُهو به نيٺ لهسجي پيو، ۽ ڏينهَنِ، لنگهندي،

ڏانڊيءَ تي بيٺي ڪومائجي ويو.

او خدا! ڪيڏي نه ڀَيانَڪ ڳالهه آهي،

انساني ساهه جو اُڏامي وڃڻُ

ڪهڙيءَ به صورت ۾، ڪهڙي به حال ۾:

مون اُن کي وهندڙ رت سان ويندي ڏٺو آهي، مون اُن کي دهشتناڪ سمنڊ ۾ لڙهندي ڏٺو آهي-

اُن جي اُڇلندڙ پيٽ تي هٿ پير هڻندي، اُن جي پَٽيل وات ۾ ويندي ويندي،-

مون بيماريءَ جو هولناڪ بسترو ڏٺو آهي-

خشڪ، وڦلندڙ گناههُ جنهن تي ليٽيندو پيٽندو رهندو آهي:

پر اُهي ڀَينڪر نظارا هئا- هيءُ ته رڳو ئي ڏک هو

جنهن ۾ اهڙي به ڪا ڳالهه ڪانه هئي- پر هو آهستي آهستي ۽ اَٽل نموني

جهڪو ٿيندو ٿي ويو- ڪيڏو نه ماٺيڻو ۽ نماڻو،

ڪيڏو ٿڪجي پيل، ڪيڏو نرم ۽ نازڪ، ڪيڏو نِستُ، ۽ ڪومل،

ڳوڙهن کان خالي، پر ڪيڏو نه دلسوز- مهربان،

جن کي هو پويان ڇڏي ٿي ويو، تن لاءِ اوڪاسيلَ؛

سڄو وقت اَهڙي چهري سان جنهن جي کَهِي

قبر تي ميار ٿي لڳي،

جنهن جا وَرَنَ ٿڌا ٿيندا ٿي ويا

هڪ لهندڙ انڊلٺ جي شعاع جيئن،-

۽ تيز چمڪدار هُن جي اک،

جنهن سان اونداهو بنديخانو گهڙيءَ لاءِ ڄڻ روشن ٿِي ٿي ويو؛

۽ ڀُڻڪي جو هڪ لفظ به نه- نه ئي

پنهنجي بي وقتيءَ قسمت تي ڪا ڪُڻڪَ،-

رڳي سُکين ڏينهن جي هڪ اڌ ڳالهه،

منهنجيءَ ئي ڪنهن ننڍڙيءَ آس کي جاڳائڻ لاءِ،

ڇو ته آءٌ ماٺ ۾ ٻُڏل هوس- گم ٿيل،

سڀ کان وڏي هِن آخري اَندوههَ ۾ وڃائجي ويلَ؛

۽ پوءِ هُن پنهنجا ٿڌا ساهه ٿي گهُٽيا،

فطرت جي هيڻائيءَ کي ڍڪڻ لاءِ جيڪي کڻبا آهن،

۽ اُهي وڌيڪ ڍرا ٿي کنيائين،

جهڪا ۽ وڌيڪ جهڪا ٿيندا ٿي ويا اُهي:

مون سڏ ڪيو، ڇو ته خوف ۾ آءٌ وائڙو هوس؛

مون ڄاتو ٿي ته اُميد کان ڳالهه مٿي ٿي ويئي هئي،

پر منهنجي دهشت لهڻ واري نه هئي؛

مون سڏ ڪيو، ۽ مون سمجهيو ته هڪڙو آواز ٻُڌم،-

هڪڙي زورائتي ڇلانگ سان مون پنهنجو نيئر ڇني وڌو،

۽ هن ڏانهن لُوهه ڪري ويس:- مون هن کي نه لڌو!

اُتي سياهه هنڌ تي رڳو آءٌ ٿي چُريس،

رڳو آءٌ ٿي جيئس،- رڳو مون ٿي کنيو

اُن انڌي بنديخاني جو گهميل ساهه؛

پوئِين- هڪ ئي- سڀ کان پياري ڪڙي،

جيڪا مون کي پنهنجي ويندڙ خاندان سان ڳنڍيو بيٺي هئي،

هن ساهه پيئندڙ جاءِ ۾ اُها به ٽُٽي پيئي،

هڪُ ڌرتيءَ جي مٿان ۽ هڪُ اُن جي اندر-

منهنجا ٻه ڀائر- ٻنهي جو ساهه بيهي ويو هو؛

مون اُهو هٿ کنيو، جيڪو سُن پيو هو،

افسوس! منهنجو ئي هٿ سڄو ٿڌو ٿي ويو؛

مون ۾ چُرڻ جو، ڪجهه ڪرڻ جو سَتُ نه هو،

پر محسوس ڪيم ته مان اڃا جيئرو هوس-

پر ڪهڙو نه اِهو سياٽيندڙ احساس، جڏهن ڄاڻجي ته

جنهن سان پيار آهي سو ائين ڪڏهن نه هوندو.

مون نٿي ڄاتو، ڇو

مان نٿي مري سگهيس،

مون کي ڪا دنيوي اُميد نه هئي، پر ايمان هوم،

۽ انهيءَ خود- پسند موت کان روڪيم ٿي.

(9)

پوءِ اُتي ئي اُنهيءَ ئي مهل، مون سان ڇا ٿيو

پوري مون کي يادگيري ڪانهي- مون کي خبر ئي ڪانه پيئي-

منهنجي اکين آڏو اَنڌاري اچي ويئي، ساهه گهٽجي ويو،

۽ پوءِ انڌاري گم ٿي ويئي:

مون وٽ سُرت نه رهي، نه احساس- ڪجهه به نه-

پٿرن جي وچ ۾ هڪ پٿر هوس،

نٿي ڄاتم ته ڇا ٿي ڄاتم،

جيئن ڪوهيري ۾ ٺلها ٿُڙ بيٺا هوندا آهن؛

ڇو ته منهنجي لاءِ سڀ شيءِ خالي هئي،

اُگهاڙي، ۽ سفيد، بيجان-

رات نه هئي- ڏينهن نه هو؛

ترم جي ڏياٽي به ڪانه هئي،

جيڪا منهنجي ڀريل اکين کي ايڏو چُڀندي هئي.

پر رڳو ڪو خال هو، جنهن خلا کي ڳڙڪائي ڇڏيو هو،

۽ سُڪوت هو- جنهن کي ڪو هنڌ ڪونه هو؛

تارا نه هئا- زمين نه هئي- وقت ڪونه هو-

ڪا جهَل نه هئي- ڪا ڦير ڪانه هئي- ڪا نيڪي، ڪا بدي نه هئي،-

پر ماٺ هئي، ۽ هڪ بيٺل ساهه هو

جيڪو نه حياتيءَ جو هو ۽ نه موت جو؛ ڪِنُ بڻجي ويلُ ڪاهليءَ جو سمنڊ،

انڌو، بي انت، گونگو، اَچل.

(10)

مغز منهنجي ۾ هڪ چلڪاٽ اُٿيو،-

هڪ پکيءَ جي دانهن؛

پوءِ اُها بند ٿي ويئي، ۽ پوءِ وري اُها آئي،

سڀ کان مِٺي ڪُوڪ، جا منهنجي ڪنن تي ڪڏهن پيئي هجي،

ٿورائتا هئا منهنجا ڪن، ۽ منهنجون اکيون

خوشيءَ ڀريل عجب ۾ هيڏانهن هوڏانهن اُهي اُٿيون،

پر اُن پَلِ ته اُنهن ڪي ڪونه ٿي ڏٺو-

اُن پَل ته بي سرت هُيون ۽ سَمَڪ ڪانه ٿي پين؛

پر پوءِ، ٿورو ٿورو آءٌ سُوايو ٿيس،

منهنجا اؤسان جائيتا ٿيا؛

ترم جون ڀتيون مون ڏٺيون، ۽ فرشُ

اڳي جيئن بلڪل منهنجن پيرن ۾ چؤڦير وچڙيل،

سج جو ٽمڪو ڏٺم

اڳي جيئن گَسندو، رهڙجندو ٿي نِڪتو،

ڳُڙکي مان مٿان اُهو آيو ٿي، ۽ اتان

اُهو ڪُوڪيندڙ پکي ويٺل ڏٺو پئي- ايڏو اُتان پيارو ۽ سٻاجهو،

بلڪه وڻ کان به اُتان اُهو سٻاجهو ٿي ڏٺو؛

هڪڙو سهڻو پيارو پکي، جنهن جا کنڀ آسماني رنگ جا هئا،

۽ اُن جو راڳ، جنهن هزارين ڳالهيون ٿي ڪيون،

۽ سڀ اُهي ڳالهيون اُن مون کي ٿي ٻڌايون!

مون اُن جهڙو پکي ڪڏهن اڳي ڪونه ڏٺو هو،

نه ئي اڳتي مون کي ڪٿي اُهو ڏسڻو هو:

لڳو ٿي، اُن کي به مون وانگر ڪو ساٿي گهربل هو،

پر هو منهنجي اڌ جيترو به اُداس نه هو! ۽ اُهو مون کي پيار ڏيڻ لاءِ آيو هو،

جڏهن مون کي پيار ڏيڻ لاءِ ٻيو ڪو ڪونه رهيو هو:

۽ ترم جي ڳڙکي مان اُن منهنجي دل کي پرڀائيندي

منهنجي احساس ۽ سوچ کي سجاڳ ڪيو.

خبر نه آهي ته هو اول ئي آزاد هو،

يا ان پل پنهنجو پڃرو ڀڃي منهنجي پڃري جي ڪانَس تي اچي ويٺو هو!

پر، او مٺڙا پکي! مان ته ڄاڻان ٿو ته بندُ ڇا آهي،

سو آءٌ توکي پاڻ وٽ بند ڏسڻ ڪيئن چاهيندس!

يا هيءُ ڪو کنڀن جي ويس ۾،

جنت مان آيل هڪ ملاقاتي آهي:

ڇو ته- (پر اِنهي سوچ لاءِ ڌڻي معافي ڏئي!)-

گهڙي اڳ، اِنهي مون کي روئاريو به ٿي ۽ کلايو به ٿي.

ڪڏهن ائين ته نه هو، ته هيءُ

منهنجي ڀاءُ جو ساهه هو، جو هيٺ لهي مون وٽ آيو هو!

پر نيٺ هُو ڀَڙڪِي ڏيئي اُڏامي ويو،

۽ مان سمجهي ويس ته اُهو فاني جِيءُ هو،

۽ اُتي مون کي ڇڏي، ٻيڻو مون کي هيڪلو ڪري ويو،-

هيڪلو- جيئن ڪو، اڪيلو ڪڪر هوندو آهي،

ڪنهن کليل صاف ڏينهن تي هڪڙو ڪو ڪڪر،

جڏهن ٻيو سڄو آسمان صاف هوندو آهي،

اُهو ئي هيڪلو هڪڙو ڪڪر، فضا جي پيشانيءَ تي هڪ گهنج جيان،

جنهن کي اُتي هجڻ جو ڪو حق نه هجي-

جڏهن آسمان چهچ نيرو هجي ۽ ڌرتي ايتري خوش هجي!

(11)

منهنجي قسمت ۾ هڪ قسم جو ڦيرو آيو-

منهنجا محافظ مون تي مهربان ٿيڻ لڳا،

مون کي خبر نه آهي ته ڇا کان هو ائين ٿيا،

هو ته دردناڪيءَ جي نظارن سان ٺهي ويل هئا!

پر سچ پچ هُنن ۾ ڦيرو آيو هو:-

منهنجو ٽٽل نيئرُ

لڙڪندڙ ڪڙين سميت ائين ئي لڙڪندو رهيو،

هُنن ڪونه ڪڇيو.....

۽ مون کي وکن کڻڻ جي آزادي هئي!- پنهنجي ڪوٺيءَ ۾، هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين،

ٽئي کان چوٿين پاسي، ۽ ڪُنڊائون هِتان کان هوڏانهن تائين،

۽ سڄي اُن جي پَٽَ تي هلڻ جِي؛

۽ ٿنڀن جي چؤگرد، هڪ هڪ جي، ۽

موٽي اُتي اچڻ جِي جتان پنڌ شروع ٿي ڪيم،

رڳو، هلندي، اُتان پاسو ٿي ڪيم

جتي منهنجن ڀائرن جون قبرون هيون، سُڪل، خالي؛

جي ائين ٿي سمجهيم ته بيخياليءَ کان ڪا وک

اُنهن تي پيئي ٿي- اُنهن جي غريباڻي هنڌ تي- ته

منهنجو ساهه سڪي ٿي ويو، ۽

منهنجي چاڀوٽيل دل ٿمجي ٿي ويئي.

(12)

مون ڀت ۾ پير رکڻ لاءِ کُپ ٺاهيو هو،

پر اُهو اُتان ڀڄڻ لاءِ نه هو،

ڇو ته مون ته سڀيئي اُهي اُتي پوري ڇڏيا هئا

جن سان انسانَ ناتي منهنجو سٻنڌ هو؛

۽ اُن کان پوءِ سڄي ڌرتي مون لاءِ

اُهڙو ئي بنديخانو هئي.... هڪ وَڌِڪُ بنديخانو:

مون کي ڪو ٻار، ڪو پيءُ، ڪو هڏُ ڪونه هو،

ڏک منهنجي ۾ منهنجو ڪو ساٿي ڪونه هو؛

ائين مون سوچيو، ۽ منهنجي دل کي ڊُوهه اچي ويئي،

ڇو ته اُنهن پنهنجن جي خيال ئي مون کي چريو ڪري وڌو هو:

پر وري به آءٌ مٿي چڙهڻ لاءِ اتاولو هوس

پنهنجي سيخن لڳل ڳِڙکيءَ مان ڪنڌ مٿي ڪري

اوچن جبلن کي ڏسڻ لاءِ، هڪ ڀيرو ٻيهر،

جيڪي اُٻاڻڪيءَ اک جو وڏو ڀَرُ هئا،

 

(13)

مون اُنهن کي ڏٺو- ۽ اُهي ساڳيا ئي هئا،

اُهي مون وانگر هڏ ڪاٺ ۾ بدليل نه هئا؛

مون اُنهن تي هزار سالَ برف جا ڏٺا

مٿي چوٽيءَ تي، ۽ هيٺ اُنهن جي وڏي ڊگهي ڍنڍ،

۽ آسماني رنگ جي رُون ندي پنهنجي پوري وهڪري ۾؛

مون آبشارَ ٽپندي ۽ ڌوڪيندي ڏٺا

جبلن جي ڦاٽن مان ۽ بيٺل ٽٽل وڻن تان وَهندي،

مون تمام پري، ڍنڍ جي ٻئي پار، سفيد ڀتين وارو ڳوٺ ڏٺو،

۽ انهن کان وڌيڪ سفيد سڙهه ڏٺم جيڪي اڳتي ترندا ٿي ويا؛

۽ ٻي، پري کان، ويجهي، هڪڙي ننڍڙي ٻيٽاري هئي-

مون ڏي نهاري اُن مُرڪي ڏنو،

آءٌ ئي ان جي سامهون هوس؛

اُها هڪڙي ننڍڙي سائي ٻيٽاري هئي، وڌيڪ ڪجهه نه،

منهنجي ترم جي ڊيگهه ويڪر کان ٿورڙي ئي ڪا وڏي،

پر اُتي اُن تي ٽي ڊگها وڻ هئا،

۽ اُن جي مٿان جبلن جي هير گهُلي رهي هئي،

۽ اُن جي ڪنارن کان پاڻي وهي رهيو هو،

۽ اُن تي تازا جوان گل ٽڙيا بيٺا هئا،

نازڪ، سُرها سُرها ساهه کڻندڙ ۽ رنگا رنگي،

هيٺ قلعي جي ڀت سان مڇيون پئي تريون، ۽ اُنهن مان هڪ هڪ ۽ اُهي سڀيئي خوشيءَ ۾ نٿي ماپيون؛

پري کان بازُ هوا ۾ ڀريو پئي اُڏاڻو،

ايترو تکو اُڏامندي مون اُهو ڪڏهن نه ڏٺو هو

جيئن اُن مهل اُهو اُڏاڻو پئي...

۽ پوءِ نوان ڳوڙها منهنجي اکين ۾ ڀرجي آيا،

۽ مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو- ۽ اُن پَل ائين چاهيم ته

پنهنجي ٿنڀ سان ٻڌل نيئر کان پري هوند نه ٿيان ها.......

۽ پوءِ آءٌ هيٺ لهي آيس،

منهنجي انڌاريءَ ڪوٺيءَ جي اوندهه

ڳريءَ هڪ ڇپ جيان مون تي ڪڙڪي اچِي ڪِري؛

ائين ڄڻ ڪنهن کي بچائڻ جي ڪوشش ۾

اُن جي مٿان نئينءَ کنيل قبر ۾ مٽي ورائي ڇڏجي،-

۽ سچ ته منهنجي نگاهه کي، جيڪا ايتري ڏکويل هئي،

اُهڙي ئي ڪجهه آرام جي ضرورت هئي.

(14)

ائين مهينا هئا، يا سال، يا ڏينهن،

مون ڳڻيا ڪونه ٿي- مون خيال ڪونه ٿي ڪيو،

مون کي اکين کڻڻ جي به آس ڪانه هئي،

۽ نڪا اُنهن مان سُڪل ويران موريسَرن ڪڍڻ جِي؛

پر نيٺ ماڻهو آيا- مون کي آزاد ڪرڻ،

مون ڪونه پڇيو، ته ڇو، ۽ نه ڪو اوسيئڙو هوم ڪيڏانهن جو،

مون لاءِ نيٺ به ڳالهه ته ساڳي هئي،

نيئرن ۾، نيئرن کان سواءِ،

مون کي نراسائيءَ سان پيار ٿي ويو هو.

۽ پوءِ ائين جڏهن هو نيٺ آيا،

۽ منهنجا سڀ بند لاٿائون،

هي ڳريون وڏيون ڀتيون مون لاءِ وڌي

منهنجو آستانو بڻجي ويون هيون-

سڄو ئي منهنجو آستانو!

۽ جيئن هو آيا، مون ائين ڪجهه محسوس ڪيو

ڄڻ ٻئي سندم گهر مان هو مون کي ڪڍڻ آيا هئا:

ڪوريئڙن سان مون اُت دوستي ڪئي هئي،

۽ اُنهن کي وڏيءَ ڪرت سان لڳل مون ڏٺو هو،

مون ڪوئن کي سُهائيءَ ۾ راند ڪندي ڏٺو هو،

۽ اُنهن سان گڏ ائين آءٌ ڇو نه محسوس ڪريان؟

اسين سڀيئي هڪ هنڌَ جا واسي هئاسين،

۽ آءٌ، جو هر وَنسُ جو مالڪ هوس،

مارڻ جي طاقت به مون کي هئي- پوءِ به،

عجيب ڳالهه آهي!

مِٺ ماٺ ۾ گڏجي گذارڻ اسين سکي ويا هئاسين؛

منهنجا نيئر به ۽ آءٌ پاڻ ۾ دوست ٿي ويا هئاسين،

ايترو ڪجهه ڊگهو سنگ بڻائي ڇڏي ٿو

اسان کي جو ڪجهه اسين آهيون:- مون پاڻ به

اُها منهنجي آزادي ٿڌو ساهه ڀري ورتي.

 

(حيدرآباد، سنڌ، 1985ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org