سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: هوءَ جا ٽمڪي باهڙي

باب: --

صفحو :16

 

سِنڌُ منهنجي خوابن جِي

 

 (پڙهيل تقرير)

 

عزيزو، ”سنڌي سماجُ ۽ سنڌ سڀاڻي“ جيڪڏهن ”سُڀاڻي لاءِ سوچ“ جي ڳالهه آهي، ”آئيندي جي اڳڪٿيءَ“ جي ڳالهه آهي، ڪنهن ”خواب جي ڳالهه“ آهي، ته اِها سوچ، اها ڪٿ ۽ اهو خواب منهنجي دل ۾ به موجود آهي-

اَلا ائين م هوءِ جيئن آءٌ مران بند ۾!
جسو جنجيرن ۾ راتيان ڏينهان روءِ،
پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا!

عزيزو، ڪنهن موجود هاڃي کي هاڃو سمجهڻ ۽ اُن کي ختم ڪري ڪنهن نئين لاڀدائڪ صورت جي پيدا ڪرڻ جي ضرورت جي احساس کي ”انقلابي شعور“ ٿو چئجي، اُن لاءِ پوري پوري ۽ هر طرح جي ڪوشش ۽ قربانيءَ کي ”انقلابي جدوجهد“ ۽ ان ۾ ڪاميابيءَ کي ”انقلاب“ ٿو سڏجي-

”آخر والعصر جو، ائين اتائون“ (شاهه)

يعني: ”انقلابي دؤر جو نتيجو ائين ٻڌايو اٿن.“

اسان جي سدا حيات شاهه عبداللطيف بيت جي هن مصرع ۾، قرآن شريف جي سورت ”العصر“ جي حوالي سان، اها ڳالهه ڪئي آهي. مولانا ابوالڪلام آزاد ان سورت جي پهرينءَ آيت ”والعصر“ جو ترجمو هيئن ڏنو آهي:

”قسم آهي اُن انقلابي جڳ ۽ تبديلين جي دؤر جو جيڪو پوئين دؤر کي ختم ڪري ٿو ۽ نئين دؤر جو بنياد رکي ٿو............“

هن سورت جي پوئينءَ آيت ”وتواصوا بالحق وتواصوا بالصبر“ جو تفسير مولانا آزاد هيئن ڪيو آهي:

”حق ۽ صداقت جو ميدان فقط جهاد جي ذريعي فتح ٿي سگهي ٿو: ۽ صبرُ جهاد جي حقيقت لاءِ بنيادي شرط آهي.“

حق ۽ صداقت لاءِ جهاد جي وڌيڪ ڳالهه ڪندي، مولانا آزاد سورت ”التوبہ“ جي تفسير ۾ اُن لاءِ ”صبر“ جي شرط بابت لکي ٿو:

”انسان جڏهن به ڪنهن مقصد جي راهه تي قدم رکي ٿو، ۽ مصيبتن سان منهن مقابل ٿئي ٿو، ته ٻن نمونن جون حالتون پيدا ٿين ٿيون: ڪي ماڻهو جوان مرد ۽ باهمت هوندا آهن، اُهي ڪنهن هٻڪ کان سواءِ مصيبتون سهي وڃن ٿا، پر اُنهن جو اُهو سهڻ سهي وڃڻ ئي هجي ٿو. اُها ڳالهه ڪانه هوندي آهي ته مصيبتون کين مصيبتون ئي نه لڳنديون هجن بلڪه ڦري اُنهن لاءِ عيش ۽ راحت بڻجي پونديون هجن، ڇو ته مصيبت وري به مصيبت آهي. باهمت شخص ڪڙو ڍُڪ سواءِ ڪنهن هٻڪ جي پي ويندو، پر اُن جي ڪڙاڻ جو سخت ذائقو هو ضرور محسوس ڪندو. پر ٻيا ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جن کي رڳو باهمت نه چوڻ گهرجي، بلڪه اُن کان به وڌيڪ ڪجهه سڏڻ گهرجي، اُنهن ۾ صرف همت ۽ جوان مردي ئي نه هوندي آهي، پر منجهن عشق ۽ فدائيت جي حالت پيدا ٿي وڃي ٿي. اُهي مصيبتن کي مصيبتن جيئن نٿا سهن، پر عيش ۽ راحت طور هُو اُنهن مان لذت ۽ سرور ماڻين ٿا. محبت جي راهه جي هر مصيبت اُنهن لاءِ عيش ۽ راحت وانگر هڪ نئين لذت بڻجي وڃي ٿي. جيڪڏهن اُن راهه ۾ کين ڪنڊن تي به سمهڻو پوي ته ڪنڊن چڀڻ مان به اُنهن کي اُهائي راحت ملندي، جيڪا ٻئي ڪنهن کي گلن جي سيج تي سمهڻ سان به ملي نه سگهي. ايتري قدر، جو اُن راهه تي مصيبتون جيتريون به وڌنديون وينديون آهن، هُنن لاءِ رڳو اِن ڳالهه جو خيال ته اُهو سڀ ڪجهه ڪنهن منزل ڏانهن ويندڙ راهه ۾ کين پيش اچي رهيو آهي، هُنن ۾ عيش ۽ سرور جو اهڙو اکٽ جذبو پيدا ڪري ڇڏي ٿو، جو اُن جي سرشاريءَ ۾ جسم جي ڪابه ڪُلفت ۽ ذهن جِي ڪابه اذيت اُنهن کي محسوس ئي نٿي ٿئي. هيءَ ڳالهه اوهان کي ٻُڌڻ ۾ عجيب لڳندي هوندي، پر حقيقت ۾ اها ايتري عجيب به ڪانهي، ڇو ته هيءَ انساني زندگيءَ جي رواجي وارداتن مان هڪ آهي. عشق ۽ محبت جي منزل ته ڏاڍي اوچي آهي- پر اُن واردات کان بوالهوسيءَ جي دنيا به خالي ڪانهي.“

عزيزو، حضرت شاهه عبداللطيف پنهنجي سڄي رسالي ۾، سنڌ جي سڀني لوڪ روايتن ۽ لوڪ داستانن جي مدد سان، رسالي جي ڇٽيهن ئي سُرن ۾ اِهائي مقصد، مقصد سان عشق ۽ محبت، ۽ مقصد جي راهه تي خود- قربانيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي. انساني زندگيءَ جي اُنهيءَ عظيم ”واردات“ عشق ۽ محبت جي واردات، مقصد سان فدائيت جي اعليٰ منزل جي ”واردات“، جي ڳالهه ڪئي آهي. رسالي جي پهرئين سُر ”ڪلياڻ“ ۾ ئي پاڻ اُن لاءِ ”سپرين“، ”سڪ“ ۽ ”سور“ جا علامتي اصطلاح تخليق ڪيا اٿن ۽ وري ڪم آندا اٿن- ”سپرين“ مقصد لاءِ، ”سڪ“ مقصد سان عشق ۽ محبت لاءِ، ”سور“ مقصد جي راهه ۾ پيش ايندڙ تڪليفن ۽ مصيبتن لاءِ.

هڪ روايت موجب شاهه لطيف پهريائين، ٻين سُرن سان گڏ مکيه طرح سسئيءَ جي سُر جا بيت ڏيندو هو، ۽ پوءِ جڏهن پاڻ ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي هو، ته پنهنجي سهيوڳي بزرگ ۽ درويش شاعر، مبين شاهه عنايت، جي خاص چوڻ تي، جيڪو اُن وقت پنهنجيءَ پير مريديءَ جا تقريبن نوي سال گذاري چڪو هو، مارئيءَ جي قصي ڏانهن پنهنجو دلي لاڙو رکيائين، ۽ مارئيءَ جي سُر ذريعي انساني زندگيءَ جي مقصد جي رڳو عمومي طور ۽ انفرادي انداز واريءَ ڳالهه ڪرڻ بدران، پنهنجي دلنواز شاعريءَ سان سنڌ جي ماڻهن کي سندن مقصد جِي، ۽ خصوصي طور اجتماعي نوع واري، ڳالهه ٻُڌائڻ شروع ڪيائين- فرد ۽ جماعت جي تعلق جي، ملير جِي ۽ مارن جي، ملڪ ۽ ملڪ جي ماڻهن جِي، وطن ۽ قوم جِي، آزاديءَ جي شان ۽ عظمت جِي، ۽ آزاديءَ وٺڻ ۽ آزاديءَ جي ماڻڻ لاءِ حوصلي ۽ همت جي جاکوڙ جِي ۽ سر گهورڻ جِي-

 

عمر منڊيا مامرا، مارو ٿر ٿيا،
آءٌ بندياڻي بند ۾، ڪ ڪي بند ٻيا!

 

اُٿندي پيم اوچتا پير ڪڙا پيرن،
هٿوڙيون هٿن، ڄنگهون ٻانهون ڪاٺ ۾.

 

بندي ٻيا قرار، اسين لوچون لوه ۾،
مٿي تن ترار سدا سانبيئڙن جي.

 

پير ڪڙا پيرن ۾ ڪوٺين اندر ڪِير،
چاري چوگانن ۾ واهپ ڪن وزير.

 

نه سرتيون نه سِير،  سي ڏونرا ڏيهه ۾،
هڪ ڪوٽن ڪئي آهيان ٻيو زوراور زنجير،
مارو! ماريمُ مير، ويٺي ڳوڙها ڳاڙيان.

 

جانڪي سَتين سيرُ تان ڪي وهنديس ڪوٽ ۾،
سڀ سمنڊين سپجي، نديءَ پئي نه نير،
جئن هوءَ ابر آسري تئن مون منِ ملير.....

 

جر ۾ سپون جيئن، آهن ابر آسري،
جئن ڪونجون سارن روه کي مون تن اندر تيئن،
ڪوٺئين ويهان ڪيئن، جي نظربندياڻي نه هئان!

 

ستي لڌم سهڻو، کٿيءَ ۾ خاصو،
وٺا مينهن ملير ۾، ٿيو تڙ تڙ تماشو،
چوريان جان پاسو، تان جسو جنجيرن ۾!

 

کوهر، ٿوهر، ٿر، جت ساٺيڪا ۽ سرتيون،
چارين اُت چاهه مجهان، پاسي ڦوڳن ڦر،
ڪئن لهندم ڪر، جيئن مارو پاڻ اَپاريا!

 

هن مند مارو سنرا ويڙئين وڳ وارين............
هن مند مارو سنرا کائڙ ۾ خوشحال.............
هن مند مارو سنرا ڍنگر ڍار رهن ................
هن مند مارو سنرا ساڻيهه منجهه سڌير..............
چرن چڻڪن چِت ۾ وسرن ڪين وري........
چرن چڻڪن چت ۾ گهارين مٿي گهٽ..........
چرن چڻڪن چت ۾ هُرن منجهه هنئين.........
چرن چڻڪن چت ۾ سدا منجهه سرير..........

 

سنهيءَ سئيءَ سبيو مون ماروءَ سين ساهه،
پکن مجهه پساهه قالب آهي ڪوٽ ۾.

 

ايءَ نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائن سون تي،
اچي عمر ڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانه ڪريت،
پکن جي پريت ماڙيءَ سين نه مٽيان.

 

سکر سي ئي ڏينهن جي مون گهاريا بند ۾،
وسايم وڏ ڦُڙا، مٿي ماڙين مينهن،
نيئرُ منهنجي نينهن اُجاري اڇو ڪيو.

 

ڪونهي قادر ڪو ٻيو انهين جو نڀاڳ،
سڀوئي سڀاڳ، مارئيءَ مساوي ٿيو.

 

نڪا جهل نه پل، نڪو رائر ڏيهه ۾،
آڻيو وجهن آهرين روڙيو رتا گل،
مارو پاڻ امل، مليرونِ مَرڪڻو.

عزيزو، قديم ماضيءَ جي ڌنڌ مان نروار ٿيندي، ٻين انيڪ ملڪن ۽ ماڻهن وانگر، صدين جي تاريخي سلسلي مان گذرندي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو پنهنجيءَ خاص سڃاڻپ سان 1843ع ۾ دنيا جي نقشي تي، برصغير هند ۽ سنڌ جي نقشي تي، موجود نظر اچن ٿا. آءٌ سندن تاريخ کي اِنهن ٽن دؤرن ۾ ڏسان ٿو- 1843ع تائينءَ جو (قبل از تاريخ ۽ بعد از تاريخ) دؤر، 1843ع کان 1947ع تائينءَ جي هڪ صديءَ جي غلاميءَ جو دؤر، ۽ اُتان کان پوءِ هيءُ اڄوڪو سندن اڀاڳو دؤر: ڇو ته اِن طرح آءٌ سندن اڄ جي هن دؤَر کي آسانيءَ سان ۽ چٽو ڏسي سگهان ٿو.

دنيا ڄاڻي ٿي ته تهذيب انسانيءَ جي علمي ۽ صنعتي دؤر ۾ پير پاتل براعظم يورپ جي انگريز حمله آورن سنڌ ۽ سنڌي قوم تي 1843ع ۾ ڪنهن ٻيءَ قوم يا ٻئي ملڪ جو حصو سمجهي حملو نه ڪيو هو ۽ نه اُنهن کي ڪنهن ٻئي ملڪ يا ٻيءَ قوم جي حصي طور فتح ڪيو هو. سنڌ دنيا جي نقشي تي اُن وقت به هڪ ملڪ هو، ۽ سنڌي ماڻهو تاريخ ۾ اُن وقت به هڪ قوم هئا. انگريزن جي حڪمرانيءَ جا هڪ سؤ سال، بهرحال، سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو اُنهن جي ڪُل- هند بيٺڪي نظام جو حصو ضرور رهيا، پر ائين هو پنهنجي آزاد ارادي ۽ مرضيءَ سان نه هئا. اُهو عرصو، برصغير جي ٻين پاڻ جهڙن باندي ماڻهن سان شامل ٿي، هو پنهنجي آزاديءَ لاءِ، حالتن پٽاندر، ڪُل- هند نئشنل ڪانگريس يا ڪل- هند مسلم ليگ جي پلئٽفارمن تان، پنهنجي وس آهر، جدوجهد ۾ مصروف رهيا، ۽ آزاديءَ جي اُن عام جدوجهد جي نتيجي ۾، ۽ ائين کڻي چئجي، هڪ قسم جي راڄوڻي فيصلي مطابق، جيئن سڄو برصغير آزاد ٿيو تيئن هو پاڻ به آزاد ٿيا. اُن فيصلي موجب جنهن سان ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ حڪومت برطانيه ٽنهي ڌرين جو اتفاق هو، برصغير جي اُتر- اولهه ۽ اُتر- اوڀر جي مسلم اڪثريتي علائقن جي ميلاپ سان پاڪستان جي رياست (State) وجود ۾ آئي، جنهن ميلاپ ۾ سنڌ به شموليت ڪئي، جيئن هينئر به اُن جي آهي. پر اُن ميلاپ جا ڪي واضح اُصول هئا، ڪي متفقه شرط هئا ۽ اُهي ڪل- هند مسلم ليگ جي مارچ 1940ع واري لاهور ٺهراءُ ۾، ۽ اُن کان پوءِ مئي 1941ع واري ڪل- هند مسلم ليگ جي پارٽي آئين ۾ اڄ به موجود آهن. اُنهن مطابق سنڌ کي سنڌي ماڻهن کي، ۽ ٻين مسلم اڪثريتي علائقن جي ماڻهن کي، پاڪستان جي اُن ميلاپ ۾ آٽانامي ۽ ساورينٽي (خود اختياريت ۽ خود اراديت) جو درجو ملڻو هو. پر افسوس، جو اُنهن شرطن ۽ اُنهن اُصولن جي پهرئين ئي ڏينهن کان جن حلقن کي پاڪستاني رياست جو اقتدار ۽ اُن جي حڪومت (Government) جو اختيار منتقل ٿيو، تن احترام نه ڪيو، بلڪه هنن، اسلام ۽ پاڪستان جي حوالي سان، حب الوطنيءَ جي مقدس جذبي کي پنهنجن استحصالي ارادن ۽ مفادن سان موافقت جون معنائون ڏيئي، پنهنجي طرفان اُنهن شرطن ۽ اُصولن جي خلاف ورزين، وعده شڪنين ۽ ويساهه گهاتين جي پرده پوشيءَ لاءِ ۽ اُن سڄي مجرمانه عمل جي جواز طور استعمال ڪيو. هو ائين ڪري سگهيا، اُن لاءِ ٻين انيڪ سببن سان گڏ بنيادي طور برطانوي سامراج کان رياستي اقتدار توڙي حڪومتي اختيار جي غير جمهوري منتقلي ۽ اُن منتقليءَ جو غير جمهوري طريقو ذميدار هو. هڪ ته اُها منتقلي غير معمولي طور جلد- بازيءَ سان عمل ۾ آندي ويئي ۽ اُن لاءِ جن جمهوري تقاضائن جي پورائي ۽ انتظامي طور جيڪا گهٽ ۾ گهٽ تياري لازم هئي سا نه ڪئي ويئي، ۽ ٻيو ته سڄو حڪومتي اختيار، ۽ پوري اهتمام سان، اُهو ئي برطانوي بيٺڪي حڪومت جي سِول (شهري) ۽ ملٽري (فوجي) عامله وٽ رهيو ۽ رڳو مٿي چوٽيءَ تي سامراج جي ڪن خاص معتبرن ۽ معتمدن جي صورت جي پاڻ ۾ مَٽَ سَٽَ ٿي.

اِئين اقتدار ۽ اختيار جي نَوَن نوابن ۽ صاحبلوڪن پاڪستان جي رياستي توڙي حڪومتي مسئلن کي فقط انتظامي ۽ قانون ۽ ضابطي (law and Order) جا مسئلا سمجهيو، ۽ ڪڏهن به اُنهن کي سياسي مسئلن طور سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ ضروري نه ڄاتو. ۽ اُن سڄيءَ غلغلائيءَ ۽ اُرهه زورائيءَ بلڪه غنڊا گرديءَ جي تَهه ۾ اُنهن جي انفرادي ۽ گروهي ”بوالهوسي“ ئي لڪل هئي- سڄو وقت هُنن رڳو اسان جا اقتصادي مال اسباب يعني اسان جون زمينون، اسان جا کيت، اسان جا معدني خزانا، اسان جا سامونڊي ڪنارا، درياهه ۽ ٻيلا، اسان جا ڳوٺ ۽ شهر، اسان جا روزگار جا وَجههَ ۽ وسيلا، اسان جا تهذيبي ورثا- ٻولي، ادب ۽ فن، صحافت، تعليمي ادارا- ۽ وڏي ڳالهه ته اسان جي انساني آباديءَ جا انگ اکر به پئي تاڙيا آهن ۽ تڳايا آهن، ۽ غصب ڪرڻ لاءِ هر وقت پنهنجي ڪڏهن به نه ڀرجندڙ حريص اک ۾ رکيا آهن- ايتري قدر، جو اڄ اسين اُنهيءَ هاڃي جي شعور ۽ خساري جي احساس کي ذهن تي رکي ۽ دل ۾ کڻي هلڻ تي مجبور آهيون، جنهن کي قرآني سورت العصر هن ڌرتيءَ جي انسانن کي، ۽ پڻ اسان کي، ”والعصرِ اِن الانسان لَفي خُسر“ چئي، خبردار ڪيو آهي.

عزيزو، اڄ اسين ان امڪان جي خوف ۾ ورتل آهيون ته اسان جي وجود جو ڇا ٿيندو. تحقيق، اڄ اسين- اسين ڪير؟ اسين اُهي جن لاءِ اسان جي ڏاهي سڄڻ شاهه عبداللطيف چيو

سور ورهايان سرتيون جي ورهايا وڃن،
ٻيون ڪوه ٻجهن، جن سندا تن سامُهان.

- يعني ته اسين سڀ سنڌ جا ماڻهو، سڀ سنڌي، سڀ اُهي جيڪي سنڌ جا قبل از پاڪستان رهواسي آهيون، ۽ پڻ اسان جا نؤوارد ڀائر جيڪي پاڪستان ۾ رياست جي اقتدار ۽ حڪومت جي اختيار جي مجرمانه، بي شعور، غير ذميدار ۽ غير جمهوري منتقليءَ جا سڌا ۽ فوري شڪار بڻجي اسان وٽ مهاجر ٿي آيا ۽ اڄ پنهنجي سنڌ کي پنهنجو گهر سمجهن ٿا ۽ اُن سان جيئڻ مرڻ جا قول اٿن (جيڪو اسان سڀني کي اُن سان هئڻ کپي،) ۽ سنڌ کان سواءِ ڪٿي ٻئي هنڌ، پاڪستان جي اندر يا پاڪستان کان ٻاهر، گهر ڪونه اٿن- سي سڀ اسين، تحقيق، اڄ انهيءَ انتهائي تيز ۽ ڪٺور چئلينج جي مُنهن مقابل آهيون، جنهن جو چتاءُ اسان کي اسان جي صاحب ڪتاب، حضرت شاهه عبداللطيف به اُن قرآني سورت ”العصر“ جي حوالي سان پنهنجي ڪلام انسانيءَ جي سُر ڪلياڻ (يعني ”فتح“) ۾ ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته وقت جي ان چئلينج کي ڪاميابيءَ سان منهن ڏيڻ لاءِ اسان لاءِ سواءِ انقلابي جدوجهد جي ٻيو ڪو در کُليل ئي نه آهي-

 

پر ۾ پڇيائون، عشق جي اسباب کي،
دارون هن درد جو ڏاڍو ڏسيائون،
آخر والعصر جو اينهين اُتائون،
تهان پوءِ آئون سِڪان ٿي سلام کي.

 

سڪين ڪُهه سلام کي، ڪرين ڪهه نه سلام،
ٻيا در تن حرام، ايءَ در جنين ديکيو.

- ”ايءُ در“ انقلاب جو در، جدوجهد جو در، خود- قربانيءَ جو در، ”ليس للانسان الاماسعيٰ“ جو در: ڇو ته سنڌي سماجي سڀاڻي جي سنڌ ۾ اهو ئي هوندو، جيڪو اسين پنهنجي دل ۾ رٿينداسون ۽ پنهنجن هٿن سان پاڻ اَڏينداسون.

تنهن وچ ۾ آءٌ شاهه سائينءَ جو ئي هڪ املهه بيت، جو اُن سماج جو، اُن اسان جي خوابن جي سنڌ جو، سڏ به آهي، اوهان جي آڏو رکندس، ۽ اُن تي دل جي حضور سان غور ڪرڻ جِي، وري وري غور ڪرڻ جِي، ۽ پڻ اُن جي موٽ ڏيڻ جِي، اوهان کي دعوت ڏيندس، ۽ اوهان کان اجازت وٺندس- يار زندهه صحبت باقي:

”هلو ته هلون ڏٿ کي! اٿو! اٿو! ڪن،
پاڻي پوٽڙين ۾، ڪندر سِر ڪُلهن،
ڏؤنرا ڏور سُجهن، وَئي وهامي راتڙي.“

 

(ڪراچي، مارچ 20-1987ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org