سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 7.6/ 1994ع

مضمون --

صفحو :6

اهڙين شخصيتن جي باري ۾ پڙهي سرتين جي ذهن ۾ به ڪجهه ڪرڻ جو خيال ضرور ايندو هوندو. نجمه بخاري ”تعليمي تحقيق جي ضرورت“ تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوبائي سطح تي هڪ عدد ”ريسرچ ڪائونسل“ قائم ڪجي، جيڪا تعليمي نصاب جي نگراني ڪري، استادن جا مسئلا ۽ شاگردن جي مختلف مسئلن تي تحقيق ڪري.

پرچي ۾ ڪجهه تبصرا به شامل آهن ”انت محبوبي“ منهنجي نظر ۾  لالي مصراڻي جو تبصرو آهي. ڪتاب تي جيڪو  77 شاعرن جي نعتن جو مجموعو آهي. شگفته شاهه، ارم محبوب جي نثري نظمن جي مجموعي ”منهنجي ڌرتي“ تي تبصرو لکيو آهي. شهيد احمد خان آصف مصراڻي جو تبصرو نور شاهين صاحبه جي شعري مجموعي ”رس مَ رسڻ گهوريو“ تي آهي.

هن شماري ۾ 37 شاعرن جي شاعري شامل آهي. چندر ڪيسواڻي جا هائيڪا، دهشت گردي جي لاءِ ڌڪار پيدا ڪندڙ آهن. گلناز ”هارياڻي“ جي ساراهه ڪئي آهي ۽ ان جي سڄي ڏينهن جو ٽائيم ٽيبل بيان ڪيو آهي ته هوءَ ڪيئن سڄو ڏينهن محنت ۾ ٿي گذاري.

 مسعود لوهار

اڳڪٿيون ۽ انسان

ناسٽراڊيمس جي اڳڪٿين وارن ڪجهه قطعن ۾ 90-1991ع ۾ لڳل نار واري جنگ جو ذڪر ملي ٿو ۽ سندس اڳڪٿي موجب اها جنگ ٻيهر 1999ع ۾ لڳندي، جنهن ۾ سڀ مسلمان هڪ ٿي وڙهندا ۽ ڪيترن ئي سالن جي شديد ۽ تباهه ڪن جنگ کانپوءِ سڄي دنيا تي مسلمانن جو قبضو ٿيندو، جيڪو ٽيهن سالن تائين رهندو.

سندس اڳڪٿي آهي ته:

سن 1999ع جي ستن مهينن ۾

آسمان مان هڪ خوفناڪ بادشاهه ايندو، جيڪو ٽري جي عظيم بادشاهه کي واپس آڻڻ لاءِ

ان کان پهرين ۽ پوءِ مريخ پنهنجي مرضي سان حڪومت ڪندو.

هن قطعي ۾ مريخ ڏانهن اشارو جنگ ۽ خونريزي کي ظاهر ڪري ٿو ڇو ته مريخ جنگ ۽ تباهي جو ستارو آهي.

ناسٽراڊيمس پنهنجي اڳڪٿين ۾ ٽن ماڻهن کي عيسائيت دشمن سڏيو آهي! هڪ نيپولين، ٻيو هٽلر ۽ ٽئين جي باري ۾ سندس اڳڪٿي آهي ته اهو وچ اوڀر مان اٿندو، اهو اهو ئي شخص آهي، جنهن جي باري ۾ هن پنهنجي اڳڪٿي ۾ چيو آهي ته هو آسمان تان دهشت ۽ خوف کڻي لهندو، شارحين جو خيال آهي ته 1997ع کان 1999ع وچ ۾ مشرق وسطيٰ مان هڪ اهڙو ماڻهو اٿندو جيڪو عيسائيت ۽ مغربي ملڪن خلاف مسلمانن کي گڏ ڪرڻ هڪ خطرناڪ جنگ ڪندو ۽ ڪيتري عرصي تائين ان جنگ جي سبب آسمان تي انڊلٺ ظاهر نه ٿيندي. مطلب ته اهڙا خطرناڪ هٿيار استعمال ٿيندا جو دنيا جي موسمن ۽ ماحوليات تي وڏو اثر پوندو. سندس اڳڪٿي موجب ٽيهه سال مسلمان دنيا جي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيا رهندا.

ناسٽراڊيمس جي اڳڪٿين ڪندڙن جي خيال موجب سندس هيٺين اڳڪٿين جپان جي شهر هيروشيما تي ائٽم بم ڪرڻ بابت آهي:

”وينڊل“ خوفناڪ تباهي ڏسندا،

سندن وڏو شهر هڪ خطرناڪ حملي سبب تباهه ٿي ويندو

۽ اهي سج ۽ چنڊ ڏانهن موٽندا

۽ پنهنجي عبادتگاهن جو تقدس پائمال ڪندا،

۽ ٻه درياءَ وهندڙ رت سبب رنگين ٿي ويندا.

ناسٽراڊيمس جي هڪ ٻي اڳڪٿي آهي:

اتر قطب ۽ اهو ملڪ پاڻ ۾ متحد ٿي ويندا جڏهن ته اوڀر ۾ وڏو خوف پکڙجندو

۽ هڪ نئون شخص چونڊبو.

ناسٽراڊيمس هتي آمريڪا ۽ روس جي متحد ٿيڻ کانپوءِ مشرق ۾ اهڙي ملڪ جو ذڪر ٿو ڪري جيڪو ان وقت ٻنهي جي متحد ٿيڻ کان ڇرڪي نئين انداز ۾ سياسي چرپر ڪندو. شارحين جي خيال موجب اهو ملڪ چين آهي.

هن جون سائنسي ايجادن متعلق به ڏاڍيون دلچسپ اڳڪٿيون آهن. جهڙوڪ هن آبدوز کي لوهي مڇي سڏيو آهي، جيڪا پاڻي ۾ تري هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ وڃي ٿي. ميزائلن کي هن باهه وارا ڀالا سڏيو آهي. هن هوائي جهازن کي پکين سان تشبيهه ڏني آهي.

ناسٽراڊيمس جي سڀني اڳڪٿين جو پاڻ هتي جائزو نٿا وٺي سگهون. سندس هڪ عام حيرت ۾ وجهندڙ اڳڪٿي اها هئي جو پنهنجي مرڻ کان پهرين هن هڪ لوهي پٽي ٺهرائي ان تي سن 1700ع لکرائي ڇڏيو ۽ وصيت ڪيائين ته مرڻ وقت اها سندس تابوت ۾ رکائي وڃي. سندس انهيءَ ڳالهه جي ڪنهن کي خبر نه هئي.

سن 1700ع ۾ سندس معتقدن سوچيو ته ناسٽراڊيمس جي موجوده قبر غير اهم جڳهه تي آهي، ان ڪري اچو ته تابوت ڪڍي ڪنهن سٺي جڳهه تي دفن ڪريون. جڏهن هنن تابوت ڪڍي کوليو ته هڏن جي مٿان هڪ زنگيل لوهي پٽي پيل ملي. جڏهن ان کي صاف ڪيو ويو ته ان تي 1700ع لکيل هو ۽ اهڙي طرح ناسٽراڊيمس جي عظمت جو هڪ دفعو ٻيهر ڌاڪو ڄمي ويو. هن کي خبر هئي ته ڪهڙي سن ۾ سندس قبر کولي ويندي.

(هلندڙ)

سيد بدر الزمان شاهه                  قسط -2

Our Solar System

(اسان جو شمسي نظام)

سج (SUN):- سج هڪ تارو (STAR) آهي. هي تارو ڪائنات جي سڀني تارن کان وڌيڪ زمين جي ويجهو آهي. اسان جي لاءِ سج تمام اهم آهي، ڇو ته اسان وٽ سج کانسواءِ جيڪو ويجهي ۾ ويجهو تارو آهي، ان جي روشني به ساڍا چار سال زمين تائين پهچڻ ۾ لڳائيندي آهي. پر سج جي روشني اسان وٽ اٽڪل ساڍن اٺن منٽن ۾ پهچندي آهي. سج اسان جي شمسي نظام جو مرڪز آهي، سڀ سيارا يعني گرهه ان جي چوڌاري ڦرن ٿا.

سج جو مايو اسان جي نظام ۾ سڀنيءَ کان وڌيڪ آهي ۽ ان ۾ رڳو گرم گئسون آهن ۽ اُتي هر وقت ائٽمي ڌماڪا ٿي رهيا آهن.سج خلا ۾ مستقل توانائي خارج ڪري رهيو آهي، جنهن مان ٿوري توانائي زمين حاصل ڪري ٿي.

سج کان زمين جو فاصلو نَوَ ڪروڙ ٽيهه لک ميل آهي.

سج جي سطح جو يعني ٻاهرئين مٿاڇري جو گرميءَ جو درجو )  (6000 oC  ڇهه هزار ڊگري سينٽي گريڊ آهي. سج جي اندرين حصي جي گرميءَ جو درجو ٻه ڪروڙ ڊگري سينٽي گريڊ آهي. ان گرميءَ جو اندازو ائين ڪجي ته انسان جي جسم جي گرميءَ جو درجو (37oC) ستٽيهه ڊگري سينٽي گريڊ آهي، ۽ گرمين ۾ جڏهن گرميءَ جو درجو 45 کان 50 گرمي سينٽي گريڊ تي پهچندو آهي ته اسان کي شديد گرمي محسوس ٿيندي آهي ۽ پگهر به لاڳيتو پيو وهندو آهي.

سج مان ان جي خارج ڪيل توانائيءَ تي اسان جي زندگيءَ جو مدار آهي، اگر سج نه هجي ته اسان زندهه رهي نه سگهون.

سج تي هر وقت گرم ترين گئس جا طوفان لڳي رهيا آهن. طاقتور ترين دوربينين سان ڏٺو ويو آهي ته سج ۾ داغ به آهن، جن مان ڪن جو قطر هڪ لک ميلن تائين به آهي، جن جو سبب سج ۾ گئس جي طوفانن سان پيدا ٿيل ڪُنَ آهن.

سج کي جيڪڏهن چوويهه انچ يا ٻه فُٽ قطر وارو بال سمجهيو وڃي ته ان جي ڀيٽ ۾ ٻين گرهن جي ڪيتري پکيڙ آهي، اهو اسان هر سياري جي بيان ۾ پڙهنداسون.

2- عطارد MERCURY:- هيءُ گرهه سج کي سڀني گرهن کان ويجهو آهي. سج کان هن جو فاصلو صرف پنج ڪروڙ اسي لک ڪلو ميٽر آهي. هن گرهه جو قطر فقط چار هزار اٺ سئو اٺهتر (4878) ڪلو ميٽر آهي. سج جي گهڻو ويجهو هئڻ جي ڪري هن تي سج جي ڪشش به تمام گهڻي آهي ۽ ان ڪري هيءُ سج جي چوڌاري تمام تيزيءَ سان گردش ڪري رهيو آهي. سندس ان خاصيت جي ڪري سندس نالو مرڪيوري (پاور) رکيو ويو. هيءُ گرهه تمام گرم به آهي ته تمام ٿڌو به.

هڪ خلائي جهاز مئريز (MARIES-10)10- عطارد جي اڀياس لاءِ موڪليل آهي.

هن گرهه جي اندرين تَهن ۾ لوهه جو تمام وڏو زخيرو موجود آهي. عطارد جو مٿاڇرو سرمئي رنگ جو آهي ۽ جڳهه جڳهه تي کڏا موجود آهن.

خلائي جهاز مئريز -10، اڄ کان ٽيهه سال اڳ عطارد جي پنجيتاليهه سيڪڙو مٿاڇري جون تصويرون موڪليون هيون. انهن ۾ عطارد جي مٿاڇري تي ڪجهه ڏار پيل جبل به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. عطارد ۾ زمين کان تمام گهڻو لوهه موجود آهي.

اندازو لڳايو ويو آهي ته هيءُ سيارو زمين وانگر مختلف شين جو ٺهيل هو، پر جيئن ته سج جي تمام گهڻو ويجهو آهي، ان ڪري ان جا گهڻا جزا گرميءَ جي درجي جي ڪري سڙي ويا، باقي جيئن ته لوهه جي وگهرڻ جو درجو (Melting point) تمام گهڻو آهي، ان ڪري اهو بچي ويو.

عطارد جو زمين کان فاصلو ست ڪروڙ ستر لک ڪلو ميٽر آهي. آسمان تي هي سج کان فقط اٺاويهه ڊگرين تي موجود آهي. ان ڪري فقط اٺاويهه ڊگرين تي موجود آهي، ان ڪري تمام ٿوريءَ دير لاءِ بغير دوربينيءَ جي سج اڀرڻ کان اڳ ۽ سج لهڻ کانپوءِ ڏسي سگهجي ٿو. پر گهڻو ڪري ائين ڏسي ڪونه سگهبو آهي ۽ هڪ سئو سالن ۾ عطارد تيرنهن دفعا زمين تان ڏسي سگهبو آهي. ڇو ته باقي مدت ۾ هو سج جي ان طرف هوندو آهي، جتان سج جي روشنيءَ جي ڪري اسين کيس ڏسي نه سگهندا آهيون.

6 نومبر 1993ع تي شام جو ساڍي ستين وڳي زمين تان ڏٺو ويو. عطارد سج جي چوڌاري 88 ڏينهن ۾ چڪر پورو ڪري ٿو ۽ 58.6 ڏينهن ۾ پنهنجي محور تي چڪر مڪمل ڪري ٿو. يعني زمين جا 58.6 (اٺونجاهه ڏهائي ڇهه) ڏينهن، عطارد جو هڪ ڏينهن. اهو ان ڪري ته جيئن چنڊ هميشه زمين ڏانهن پنهنجو هڪڙو ئي پاسو رکندو آهي. ان وانگر عطارد به پنهنجو هڪ ئي پاسو سج ڏانهن رکندو آهي. ڏينهن جي وقت عطارد جي گرميءَ جو درجو (450oC) چار سئو پنجاهه سينٽي گريڊ ۽ رات جي وقت (-180oC) ڪاٽُو هڪ سئو اسي درجا سينٽي گريڊ ٿيندو آهي.

عطارد جي فضا ۾ هائڊروجن، هيليم، آڪسيجن، لوهه، سوڊيم ۽ پوٽاشيم موجود آهن. جيئن ته عطارد جي ڪشش ثقل تمام گهٽ آهي، ان ڪري ان جي فضا ۾ ڌاتو به موجود آهن.

هن کي ڪوبه چنڊ نه آهي.سج جو قطر جيڪڏهن ٻه فٽ ليکيو وڃي ته ان جي ڀيٽ ۾ عطارد مٽر جي داڻي جي برابر آهي.

3- زهره VENUS:- عطارد کانپوءِ ٻي نمبر تي سج کان پري هيءُ گرهه آهي. هن سياري جو سج کان فاصلو ڇهه ڪروڙ ٻاهتر لک ميل آهي. هن جو قطر ست هزار پنج سئو پنجهتر (7575) ميل آهي. هيءُ سندس حساب موجب (225) ٻه سئو پنجويهه ڏينهن ۾ سج جي چوڌاري چڪر مڪمل ڪري ٿو، هن کي ڪوبه چنڊ نه آهي، هن جو مايو (Mass) زمين جي ڀيٽ ۾ (81) ايڪاسي سيڪڙو آهي.

رات جو چنڊ کانپوءِ ٻئي نمبر تي سڀني سيارن کان وڌيڪ چمڪدار سيارو آهي. هيءُ سج لٿي کان جلد ئي پوءِ ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

هن سياري کي محبت ۽ دوستيءَ جو سيارو چيو ويندو آهي. ان ڪري هن جو نالو محبت جي ديوي وينس (Venus) جي نالي تي رکيل آهي. سج جو قطر اگر ٻه فوٽ فرض ڪيو وڃي ته وينس يعني زهره گرهه هڪ مٽر جيترو ڏسڻ ۾ ايندو.

شمس الدين سومرو

ويسر جو مرض

تمام گهڻن مرضن جو ته علاج ٿيو وڃي. مثلاً جيڪڏهن کيسو گرم نه هجڻ ڪري دماغي مرض ٿيو پوي ۽ پوءِ پئسا اچڻ کانپوءِ مرض ختم. پيٽ ۾ بک هجڻ ڪري سور پوي، پوءِ ماني کاءُ ته مرض ختم. اکين کان ڪجهه نه ڏسڻ ڪري، چشمو پائجي ته ويل نور به واپس اچيو وڃي. ٽنگن ۽ ٻانهن ۾ ڳڍڙيون پون ته ڪنهن کان مڪون هڻائجن، مٿي ۾ سور پوي ته ڪڙي تيل جي مالش سور کي ڀڄايو ڇڏي پر سائين منهنجا ويسر جي مرض جو ڇا علاج ڪجي! هڪڙو ياد ڏيارجيس ته ٿوري دير کانپوءِ چوي ته ماني ڏيو ۽ جيڪڏهن ياد ڏيارجيس ته ٿوري دير اڳ ماني کاڌي آهي ۽ هُو انڪار ڪري ته ان کي ڇا ڪجي؟ منهنجي هڪ ڀائٽي صنم آهي. اها رات جو سڀني سان گڏ ويهي ماني کائيندي آهي، پوءِ ويهي پڙهندي آهي ۽ وري رات جا ساڍا يارهن لڳندا ته ماءُ کي چوندي آهي ته امان مون کي ماني ڏي. بک لڳي آهي. اڳ کاڌل ماني وسري ويندي اٿس. انهيءَ ويسر جي ڪري سندس ماءُ اڳواٽ ئي، ان لاءِ ماني الڳ ڪڍي رکندي آهي.

ائين هوءَ ساڍي يارهين بجي ماني گُهري ته کيس ڏئي. صنم جو اهو روزاني معمول آهي.

منهنجي پٽ سهيل کان جڏهن ماني کائڻ بابت پڇندو آهيان ته چوندو آهي ته ڪيڏي مهل کاڌم؟ ڪٿي کاڌم؟ ڇا کاڌم؟ پوءِ وري يڪدم ياد ڪري چوندو آهي ته، ها ٿوري دير ٿي آهي ته ٻوڙ ماني کاڌو اٿم وري جي پڇبس ته پاڻي پيتئي ته يڪدم چوندو: پاڻي پيئڻ ته وسري ويو. پوءِ پاڻيءَ جو گلاس کڻي پيئندو.

منهنجو هڪڙو ننڍي هوندي جو دوست، جنهن جو نالو عاشق آهي. اهو آهي به سچو پچو عاشق. الائجي ڪيترا عشق ڪيائين، پر سڀ وسري ويا اٿس. جڏهن ڀوريءَ جو نالو وٺي ياد ڏياريندو آهيانس. ٿڌو ساهه ڀري چوندو آهي: ”يار ڪيڏانهن ويئي ڀوري. ڀوري کانسواءِ منهنجو جيئڻ بي مقصد آهي.“ ٽيويهه سال ٿي ويا اٿس شاديءَ کي جوان ٻارن جو پيءُ اچي ٿيو آهي ۽ چوي ٿو ته ڀوريءَ کانسواءِ زندگي بي مقصد آهي ۽ ڀوري ويچاري آهي،جيڪا اڃا تائين سندس انتظار ۾ شاديءَ کانسواءِ ويٺي آهي.

منهنجي انهيءَ دوست کي ويسر جو ڏاڍو مرض آهي. اهو انهيءَ ڪري جو هو ڳالهين جو ڳهير آهي. صبح جو نيرن وٺڻ جي سامان لاءِ گهران نڪرندو ۽ جيڪڏهن ڪو ملي ويس ته پوءِ سندس ٻار ٺلهي چانهه پي وڃي اسڪولن کان نڪرندا، پر هُو نه ورندو، هڪ ڏينهن ته نه صرف نيرن جو سامان ڪونه آندائين بلڪه ٻاهر ئي دير ٿي وڃڻ ڪري آفيس ويو هليو ۽ اتان شام جو واپس گهر آيو. ڀاڄائي پڇيس ته سامان ڪٿي آهي؟ چيائين: ”سائين توهان مون کي ڪڏهن سامان آڻڻ لاءِ چيو، جو ڪو نه آندم.“

منهنجو هيءُ دوست نيڪ نمازي به آهي ۽ هر نماز کان پوءِ وظيفو پڙهندو آهي. هڪ ڏينهن رات جو يارهين بجي اوچتو ڪجهه ياد آيس ۽ گهر وارن کي ٻاهران تالو ڏيئي ليٽي پيو. فجر جي نماز مهل ياد ڪونه پيس ته ڪو گهر وارن کي بند ڪري آيو آهي. نماز پڙهي مسجد ۾ سج اڀرڻ تائين وظيفو پڙهڻ ويٺو. اُهو پڙهي، پوءِ جڏهن گهر جو رخ ڪيائين ۽ دروازي وٽ پهتو ته سندس سڀ گهر وارا دريءَ وٽ منهن ڪڍيو بيٺا هئا. دروازي کي تالو ۽ گهر وارن کي دريءَ ۾ ڏسي حيران ٿي ويو ۽ انهن کان پڇيائين ته توهان کي ڪنهن بند ڪيو آهي؟ سندس گهر واريءَ خار ۾ چيس ته هاڻي کيسي مان چاٻي ڪڍ ۽ تالو کول ته ٻار اسڪول وڃن. تڏهن مٿي ۾ هٿ هڻي چيائين ته اڙي چاٻي مون وٽ هئي ڇا؟

منهنجي انهيءَ دوست جي نئين نئين شادي ٿي هئي. سو بيگم صاحبه کي فلم تي وٺي ويو. اتان واپسيءَ ۾ تلڪ چاڙهي تي بيگم کي چيائين ته هن ڪنڊ تي بيهه ته پان وٺان. دڪان تان پان وٺي هڪ وات ۾ وڌائين ۽ ٻيو پني ۾ ٻڌي گهر جو رخ ڪيائين. جڏهن دروازي وٽ پهتو ته ياد پيس ته سندس زال کي ته هُن پان واري وٽ بيهڻ لاءِ چيو هئو ۽ وري واپس تلڪ چاڙهي ڏانهن ڀڳو. سندس زال ويچاري کيس پان واري وٽ بيٺل نه ڏسي، اچي گهر پهتي ۽ گهر جي ڪم ڪار ۾ لڳي ويئي. هُو تلڪ چاڙهيءَ تي، زال کي نه ڏسي، ڏاڍو پريشان ٿيو. هڪ هڪ گهٽيءَ ۾ ڳوليائين پر هوءَ کيس ڪٿي به نظر نه آيس. ڏاڍو شرمندو پئي ٿيو ته نئين نئين ڪنوار وڃائي ويٺو! آخرڪار ڪلاڪ کن کانپوءِ گهر جو رخ ڪيائين ۽ دروازي وٽ بيهي بيهي، زور سان دروازو کولي، سڌو وڃي ماءُ جي هنج ۾ مٿو وڌائين ۽ رئندي چيائين ته: ”امان مون کي معاف ڪر مون کان ويسر ٿي ويئي.“ ماڻس پيار ڪندي ماٺ ڪرڻ لاءِ چيس ۽ پڇيائينس ته ”ڇا ڳالهه آهي پٽ.“

هن وري سڏڪندي ماءُ کي چيو : ”امان! روزينه کي الائجي ڪٿي رستي تي وساري آيو آهيان ۽ ڊپ کان گهر به نه ٿي آيس. امان مون کي معاف ڪر.“ ماڻس کِلندي چيس ته ”هوءَ ته رڌڻي ۾ ماني پيئي پچائي، تون ڪٿي وساري آيو آهينس.“ بس پوءِ ته کِلڻ جا ڪوڪريا پئجي ويا.

هڪڙا مريض اهڙا هوندا آهن، جن کي ڪهڙي بيماري هوندي آهي، اُن جي انهن کي به خبر نه هوندي آهي. هڪ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر وٽ مريضن جي ڏاڍي رش لڳي پيئي هئي. اتي هڪ ماڻهو آيو ۽ هن جي هٿ ۾ هڪ ويڙهيل پنو هو، ۽ اتي ويٺل ماڻهن کان پڇيائين منهنجو وارو ڪڏهن ايندو. اتي ويٺلن مان ڪنهن چيس ته لائين ۾ ويهي رهه. پاڻهي نمبر ايندئي. همراهه لائين ۾ ويهي رهيو. ڪلاڪ کن کانپوءِ نمبر آيس ۽ ڊاڪٽر وٽ پهتو. ڊاڪٽر کي لائيٽ جو بل ڏيکاريندي چيائين ڊاڪٽر صاحب مون کي لائيٽ جو بل جمع ڪرائڻو هو.اجايو ويهي ڪلاڪ اوهان جو انتظار ڪيم.

ڪٿي وري ڊاڪٽر به اهڙا ٿيندا آهن. هڪ ڊاڪٽر مريض جي پيٽ جو آپريشن ڪيو ۽ ان جي پيٽ ۾ فورسيپ وساري ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن ٻيو آپريشن ڪرڻ وقت نرس کي فورسيپ بابت پڇيائين. اُن ٻڌايس ته اهو اوهان مريض جي پيٽ ۾ رکي ڇڏيو هو. ڊاڪٽر صاحب پريشان ٿي ويو ۽ آپريشن ٿيئٽر ۾ موجود مريض، جنهن جي نڪ جو آپريشن ڪرڻو هوس، ان جي پيٽ مان فورسيپ ڪڍڻ لاءِ، ان جي پيٽ جو آپريشن ڪري ڇڏيائين. پوءِ به جڏهن فورسيپ نه مليس ته وري اصلي مريض جو وري آپريشن ڪيائين ۽ پيٽ بند ڪرڻ وقت، سندس واچ ٻانهن مان ڪري وڃي مريض جي پيٽ ۾ پيئي، پر نرس ڦڙتي ڪري، پيٽ سبجڻ کان اڳ اها واچ کڻي ورتي. نه ته مريض جي پيٽ ۾ هر ڪلاڪ کانپوءِ ٽَڪ ٽَڪ جو آواز پيو اچي ها.

منهنجو هڪ دوست وڪيل آهي. ان کي به ويسر جو ڏاڍو مرض آهي. جوابدار يا فريادي کان ٽي هزار رپيا في طئه ڪندو ۽ اها پهرين وٺندس. پوءِ هر شنوائي تي پيو ان کي چوندو آهي ته توهان اڃا في ڪانه ڏني آهي. پوءِ ڪو ماڻهو ڀُلَ ۾ ٻيو دفعو في ڏيئي ڇڏيندو اٿس. نه ته سڀڪو اهو چوندو اٿس ته ”وڪيل صاحب، مون اوهان کي في ڏيئي ڇڏي آهي. پر تڏهن به هُن وڪيل صاحب جو معمول بنجي ويو آهي ته هو في گهري ضرور.

مُريد منهنجو دوست آهي. قاسم آباد ۾ رهندو آهي ۽ نوڪري گل سينٽر وٽ اٿس. هڪ ڏينهن آفيس مان موڪل ڪري هڪ دوست سان گڏ ڪنهن دوست جي گهر اتي ڏاڍيون ڪچهريون ڪيائون. ماني کاڌائون. اتي ڪچهري ڪندي مريد جي هٿ ۾، سندس دوست جي گاڏيءَ جون چاٻيون اچي ويون ۽ هن پنهنجي کيسي ۾ رکيون. اٿڻ وقت سندس دوست گاڏي جون چاٻيون گهريس. مريد ڀُل ۾ سندس ئي گاڏيءَ جون چاٻيون ڪڍي ڏنس. انهن چاٻين سان سندس گاڏي جو تالو نه پئي کُليو. آخرڪار جڏهن گاڏيءَ جو تالو ڀڃي بس ڪيائين ته پوءِ مريد رنڀ ڪئي ته اڙي هيءُ ته منهنجي گاڏيءَ جون چاٻيون آهن، وري دانهن ڪيائين ته اڙي منهنجي گاڏي ڪٿي آهي؟ پوءِ ياد پيس ته اها گل سينٽر وٽ بيهاري هيم. رات جا ڏهه ٿيا هئا. ڏاڍو پريشان ٿيو الله الله ڪندو گل سينٽر پهتو ته گاڏي اتي بيٺي هئي . ليڪن پئٽرول کان سواءِ کيسي ۾ هٿ وڌائين ته صرف 3 رپيا پيا هئس. پئٽرول پمپ واري کي منٿ ڪيائين ۽ ٽن رپين جو پئٽرول وجهرائي، اچي گهر پهتو.

ايوب علي جيڪو پاڪستاني جي لقب سان مشهور آهي. اهو روزاني صبح جو سلطان هوٽل جي کاٻي پاسي واري روڊ تي گاڏي بيهاريندو آهي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هوٽل تي ويٺو هوندو آهي. ٻنپهرن تائين اتي ڪافي دوست جمع ٿي ويندا آهن ۽ جڏهن سڀ دوست ساڄي پاسي واري گيٽ کان نڪرندا آهن ته هُو به انهن سان گڏ ٻاهر اچي گاڏي به اتي ڳوليندو آهي ۽ سدائين بُڪ اسٽالن واري سان وڙهندو آهي ته تون ٿو گاڏي ٻئي پاسي بيهارين.

مزي جي ڳالهه اها آهي ته ايتري ويسر هوندي به ماڻهو گهرن ۾ نٿا ويهن. پيا روڊن ۽ رستن تي گهمن ڦرن، وري علاج به ته نٿا ڪن. کڻي رات جو باداميون پاڻيءَ ۾ پسائي رکن ۽ صبح جو کلون لاهي، اُن ۾ ڦوٽا ۽ مصري ملائي، گهوٽي، هڪ گلاس پاڻي وجهي شربت ٺاهي پيئن ته جيڪر، ويسر جو مرض ڪجهه گهٽجي پوي پر ايتري محنت ڪري ڪير! هتي حالت اها آهي جو رات جو باداميون ڪڍيو رکجن ته پسائڻ وسريو وڃن. جي پسائي رکجن ته صبح جو گهوٽڻ وسريو وڃي.

امير بخاري

”حمد“

جنهن جي آهيان، تَنهنجي هوندي،

راڻي، راڄ-ڌياڻي.

راءُ بنان مان راڄ سڄي ۾،

                ڪِني، ڪوجهي، ڪاڻِي.

جنهن مالڪ جي مرضي آهي،

                منهنجو، داڻو، پاڻي.

تنهن بِن آهيان هيڻي ڏُٻري،

                موڳِي، سِٽي-ساڻي.

مون چونڊيو آ، ڏيهه ڏُکن جو،

                سُهڻا! ڄاڻي- واڻي،

ان ۾ خوش آهيان، تو خاطر،

                منهنجي قُرب- ڪهاڻي.

هيڏي،هوڏي، جاڏي، ڪاڏي،

                هِڪ، هڪڙي جي واڻي.

داڻو داڻو، ٻولي، هُو هُو،

                        ”هُو هُو“ داڻي داڻي.

پُرزا پرزا ٿي وئي سا جنهن،

                تندُ- تڪبُر تاڻِي.

اُن جا ڀاڳ ڀلارا ٿيا جا،

                نُوري جئن ٿي نِماڻي.

جهڙي تهڙي، ميري گدلي،

ڏوهن، عيبن هاڻي،

لڙهه لڳي، لالڻ جي، ٿي وئي،

                مور، مکڻ جي چاڻي.

اختر درگاهي

غزل

تنهنجو پيارُ بهار جيان آ،

منهنجي لئه آڌار جيان آ.

 

چانڊوڪي چوڏهينءَ جي چنڊ جي،

تنهنجي نيڻ نهار جيان آ.

 

تنهنجي سُونهن پسڻ لئه سهڻي!

منهنجو مَنُ ميهار جيان آ.

 

لفظن سان ٿو کيڏي ويٺو،

شاعر ڀي ڄڻ ٻار جيان آ.

 

تنهنجي وئي کانپوءِ اسان جو،

هينئڙو ڏاڙهونءَ ڦار جيان آ.

عبدالحميد آس ٻٻر

نظم

شال ٻرندي رهان

 

ننڊ جيئن ئي پُڳي،

خواب آيا ڪهي.

سار آئي پيا!

اڄ اُتر پار جي،

هِيرَ جنهن پَل گهُلي.

توکي سارڻ سَمي،

ساهه سُرهو ٿيو،

نانءُ تنهنجو لکيم:

گيت ويو آ ٺهي.

جيئن ئي سُورج لٿو،

ڏات ڀاڪر ٻکيو،

گيت آيا لهي،

شاعري- سانوري

پيئي جُڙندي رهي،

ڏات وسندي رهي!

توکي ساريم گهڻو،

۽ نهاريم گهڻو-

چنڊ ويو آ لڙي،

رات گُذري وئي،

پوءِ به جاڳان پئي-

ڇو به جاڳان پئي!

پر به جاڳان پئي!!

کيس چئجانءِ تون،

رات! منهنجي سَکي!

هي جُڳن جو سفر،

ڪاٽيو آهي لُڇي،

تون ڪٿي ٿو رهين،

مان ڪٿي ٿي رهان،

۽ ٿي ٻرندي رهان،

تو بنا- تو بنا،

ٻاٽ ۾ لاٽ جان!

ڪاڪ جي ڪُنڊ ۾

خواب لهندي رهان-

تو بنا او پيا!

مان ٿي ٻرندي رهان-

شال ٻرندي رهان.

وسيم سومرو

نظم

سورج پريان ڦُٽي ٿو

 

هو چنڊ ٿي رهيو آ،

راتين جو سنگ مون سان،

باکن ڦٽڻ کان پهرين،

ڄڻ مٿي پکي اُڏيو آ-

 

آ ڏينهنُ قيد هُن لئه،

آ ڏينهنُ قيد مون لئه،

رهندو سڄي عمر ڇا؟

هي نينهن قيد مون لئه.

 

هو ڄڻ ته ڪا ڪَتي آ،

مان ڄڻ ته سج آهيان،

ڪرڻن جو اولڙو ٿي،

ٿو پوءِ به کيس چاهيان.

 

سالن جي هن سفر جو،

رستو ڪٿي کٽي ٿو،

منهنجي سوال سامهون،

سورج پريان ڦٽي ٿو.

اي-آر-آزاد

آزاد نظم

درد سفر جو راهي

حيران نه ٿي

او سانولڙي....!!

مان درد سفر جو راهي هان...

پئي چاهيم تنهنجو

پيار مگر

جي تو نه ڏنو

ڪو ٻيو ڏيندو

ته به ڇا ٿي پيو

اڌ جيون گذري ويو آهي،

باقي به

گذاري ويندس مان

سنجها ته اڳيئي ٿي ويئي آ...

تنهن جي ته سهاري

ويندس مان

هر گام تي

پيار پنيو هو مون

ڪنهن ڪونه ڏنو ڪو

پريم پتر....!!

هر اک ڏنا

نفرت جا وٽا

جي پيتا مون هڪ ساهيءَ ها....

جن جي ته سهاري جيئرو هان

حيران نه ٿي او سانولڙي

مان درد سفر جو

راهي هان......!!!

 

روبينه ابڙو

غزل

آءٌ ويندس هَلي ساٿ سارا ڇڏي!

ڏور آڪاس مون کي پيو ٿو سَڏي!

 

سُرمئي سرُمئي سانجهه جي مُک تي،

سِج جهُومر جيان هاءِ پيو ٿو لُڏي!

 

دِل سندي ديسَ مان تون آن نڪري ويو،

سَچ ۾ ڪنهن ڇڏيو ڪُوڙ آهي گڏي!

 

سي نه ڊَهندا ڪڏهن سي نه ڀُرندا ڪڏهن،

عشقُ جن ڀي ڇڏيو آ، اندر ۾ اَڏي!

 

عشقُ جن جو اِمام عشقُ جن جو تمام،

آ هلون، آ هَلون ديس تِن جي لَڏي!

 

رسم ناهي اسان وٽ تڙيان ڪيئن مان،

دردُ آيو هَلي منهنجي آهي تَڏي!

 

ڪوئي ميهرُ ٿئي بيٺو ڏسندو رَهي،

دل چوي ٿي وري ڪائي سُهڻي ٻُڏي!!

خليل عارف سومرو

غزل

جا تنهنجي چاهت ۾ گذري،

ساعت سا راحت ۾ گذري.

 

توسان گڏ ساجن سائين،

جيوت پئي فرحت ۾ گُذري.

 

تنهنجين سوچن ۽ يادن کان،

ڪانه گهڙي فرصت ۾ گُذري.

 

سا ئي حياتي سُهڻي سمجهان،

جيڪا آ عزت ۾ گذري.

 

ڌرتيءَ جي جو ڳالهه ڪئي مون،

گهڙي گهڙي عظمت ۾ گذري.

 

ڪيئن ترقي ڪندو جنهن جي،

زندگي آ رجعت ۾ گذري.

 

شعر آ عارف منهنجي حياتي،

علم ادب، ساهت ۾ گذري.

آدرش

غزل

سِٽ جا لکجي وَئي،

تنهنجي نانءِ ڪَئي.

 

تُنهنجي سارَ هُئي،

دڳَ ۾ شامَ پئي.

 

سُندر سَپني وانگر،

ڀَرِ مان لنگهي وئي.

 

تنهنجي يادن جي،

سمنڊ ڪِناري رَئي.

 

اکيون آليون ٿيون،

هُن ڪا ڳالهه ڪئي.

 

”آدرش“ لڙڪن جي،

راتِ بارش پئي.

اظهر ٻانڀڻ

وائي

ڪنهن جا جذبا،

من جي پاتال ۾

دٻجي ويا هِن.

غربت جي ڌوڙ ۾،

ماڻهو ماضي حال ۾-

                        دٻجي ويا هِن.

ڪيترائي يتيم،

سماجي ڀونچال ۾-

                        دٻجي ويا هِن.

فئشن، خواهشون، ڏيکاءُ،

ڪي اهڙي اعمال ۾-

                        دٻجي ويا هِنِ.

ڌنوال ويا وڌندا،

غربت ڪنگال حال ۾-

                        دٻجي ويا هنِ.
 

گُل حسن ”ساگر“ ڪوري

 

سانجهيَ ويل کوهه تي، سَهڙيون هِن سرتيون،

مُرڪون مون ورتيون، ماکيءَ جهڙيون مٺيون.

 

سرتيون ٺاهي چوڪڙيون، ڪي اورين پيون حالَ،

ڏين پيون ڇالَ، پرانهان لڳا پيارڙا.

 

سَرتيون هليون جڏهن، ڄڻ گهُليو اُتر واءُ،

ڇُٽي ٿو هر گهاءُ، ٿئي ٿي سگهه سرير کي.

 

ميندي هاڻا هٿڙا، چمڪندڙ پاتل چولا،

نڪ ۾ چانديءَ بُولا، سونهن ٿا سرتين کي.

 

سائي سائي کيت ۾، ڪا سُندري آهه کڙي،

پاڇو ويو آ لڙي، اٿس آسرو وَر جو.

رجب ٻگهيو

وائي

سوچون سُرها گل–

        سانڍي رکجُ ساهه ۾!

 

آهن بُکئي پيٽ لئه، روز هنگاما هُل–

        سانڍي رکجُ ساهه ۾!

 

تُرهي بنا تار ۾،گهِڙڻ آهي ڀُل–

        سانڍي رکجُ ساهه ۾!

 

موٽي اينديون ماڳ تي، مُرڪون نيٺ اَمُل–

        سانڍي رکجُ ساهه ۾!

 

ڇُلندڙ مست سمونڊ جان، سارا درد اَجَهل!

        سانڍي رکجُ ساهه ۾!

 

آزادي اُهڃاڻ جا، پيارا پل اَپل–

        سانڍي رکجُ ساهه ۾!

فياض لطيف

نظم

منهنجي هنئين تي ياد سندءِ،

شام چپن تي سج چمي

وينگس تنهنجي ٻانهن جي

اڄ به ياد آهيم آڇ اُڃي.

تنهنجي سڳنڌن جا سرها

اڃا نه وسريا واس اٿم

ايندينءَ منهنجي اماوس ۾

اڃان به اهائي آس اٿم.

تنهنجي جوڀن پيالن مان

سرتي سُرڪيو مون شراب.

اڄ به مون وٽ تازا آهن.

سندءِ سانئڻ مرڪ گلاب.

تصور جي شيشي ۾ تنهنجو

هرپل سامهون بيٺو آ چهرو

مون سان ملي ڄڻ هاڻي وئي آ

سار پڻيءَ تي تازو آ پيرو.

ڪيئن مڃا تون هيئنءَ سپنو

منهنجي اُپٽيل نيڻن جو

تنهنجي مهڪ اڃا به آهي

منهنجي ڪوسي ڪوسي ساهه ۾

تنهنجي تڙپ اڃا به آهي

منهنجي پياسي چاهه ۾،

منهنجي هنئين تي ياد سندءِ

شام چپن تي سج چمي.

معشوق ڌاريجو

وائي

جيون ڄڻ ته عذابُ –

               ٻهراڙيءَ جي نارِ جو.

شاعر، ويهي ٿو لکي،

دردن وارو بابُ –

       ٻهراڙيءَ جي نارِ جو.

جيڏي! سهڻي جيتري،

سهڻو خوب حجابُ –

       ٻهراڙيءَ جي نارِ جو.

رات جي راڻي پاڻ ۽،

چهرو گل گلاب –

       ٻهراڙيءَ جي نارِ جو.

حبيب سومرو

وائي

آڏو ڦاهي گهاٽ!

        اڳتي وڌندو ٿو وڃا!

محبتِ جي معراج ريءَ،

ٻي ڪا ناهي واٽ!

        اڳتي وڌندو ٿو وڃا!

 

روز اماوس رات ۾،

سوچون روشن لاٽ!

اڳتي وڌندو ٿو وڃا!

پاڻ ٺهن ٿا پيچرا،

توڙي اونداهه ٻاٽ!

        اڳتي وڌندو ٿو وڃا!

رڳن منجهه انبورُ حبيب،

تڏهن به اوچو ڳاٽ!

        اڳتي وڌندو ٿو وڃا!

گلشن ”سنڌو“ سولنگي

ملڻ کان اڳيئي، جدا ٿي ويو هُو،

خبر ناهي ڇا کان خفا ٿي ويو هُو.

 

اسان ئي سيکاري، محبت ۾ عبادت،

هاڻي ته خود ئي، خدا ٿي ويو هُو.

 

اسان ته ازل کان وفائون ڪيون،

پوءِ ڇو ڀلا بي وفا ٿي ويو هُو.

جويريه نظاماڻي

غزل

هر سوچ مون تي حاوي آ،

هر لفظ منهنجو راهي آ.

 

قدم قدم تي پير ٿاٻڙجي،

ڌرتي ساري کاهي آ.

 

پن ڇڻ جي موسم ۾،

جيون ڄڻ اونداهي آ.

 

بغاوت جو هڪ لفظ ڪڍيو،

سِر تي لٽڪيل ڦاهي آ.

شاهد حميد

نثري نظم

آسمان جي ڳلين ۾

پاڳل چنڊ رُلي رهيو آهي

تارا پٿر ٿي ويا آهن

شهر ۾:

ڀاڳين جي گهرن ۾

چور ستل آهن

۽ ڀاڳيا:

چورن جا پير ڳولي رهيا آهن

ڪتا گدڙن جو آواز ٻڌي

شهر ٻاهران

وڃي لڪا آهن

شهر جي ڀاڳين

مينهون پالڻ بدران

سوئر پالڻ شروع ڪيا آهن

۽ آسمان جي سوڙهين ڳلين ۾

چنڊ وڃائجي ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com