راڻي دهشلا جي گهر واري جو نالو راجا جيدرٿ هو،
جنهن جو، راڻي روپدي تان، پانڊوئن سان جهيڙو ٿي
پيو. ۽ هن پنهنجي بي عزتيءَ جي بدلي وٺڻ لاءِ شنڪر
کان مدد ورتي. جنهن کيس آسرو ڏنو ته ارجن جي غير
حاضريءَ ۾ پانڊوئن کان بدلو وٺندو. شنڪر واعدو
نڀايو ۽ ارجن جي غير حاضريءَ ۾ پانڊوئن کي سيکت
ڏني.
ارجن کي جڏهن خبر پئي ته بدلو وٺڻ لاءِ هن اٽڪلن ۽
حيلن سان جيدرٿ کي ماري ڇڏيو.
جيدرٿ کانپوءِ سندس پُٽ سنجيه حڪومت تي ويٺو، پر
جلدي پوءِ، راڻي دهشلا جي پُٽ سرٿ تخت سنڀاليو.
ارجن، جيدرٿ جي مارڻ کان پوءِ سنڌ ڏانهن آيو ۽
سنڌين جي فوج سان لڙائي ڪئي. سرٿ کي جڏهن خبر پئي
ته هو هراسجي مري ويو ۽ راڻي دهشلا تخت تي پنهنجي
پوٽي کي وهاريو ۽ جنگي حڪمت عملي تيار ڪئي ۽
پنهنجي پوٽي کي وٺي ارجن وٽ آئي. ارجن جيئن ته
مِٽيءَ ۾ سندس سوٽ هو، ان ڪري راڻي دهشلا پنهنجي
پوٽي جو تعارف ارجن سان ڪرايو ته هي تنهنجي ڀاڻجَ
جو پٽ آهي ۽ توکي پرنام ٿو ڪري. جيڪڏهن توکي دشمني
هئي ته هن جي ڏاڏي سان؛ هن ابهم کي ته ڪي ڄاڻ
ڪانهي. ارجن، راڻي دهشلا کي دلداري ڏني ۽ سرٿ جي
پٽ کي تخت تي ويهاري پاڻ اڳتي وڌي ويو.
چيو وڃي ٿو ته راڻي دهشلا جي حڪومت ويهن سالن کان
به وڌ رهي.
مددي ڪتاب:
1- سنڌ جون انقلابي عورتون
آزاد قاضي.
2- جنت السنڌ
رحيمداد خان مولائي شيدائي.
3-پاڪستان ۾ تهذيب ڪا ارتقا
سبط حسن.
فقير شهمير خان چانڊيو
شاهه لطيف
جون سورميون
سنڌ جي سنڌي سٻاجهڙن جي دلين تي راڄ ڪندڙ سدا حيات
شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليہ جي
رسالي کي مطالعي ڪرڻ سان اڪثر ڪردار، اهڙين هستين
جا نمايان نظر اچن ٿا، جيڪي صنفِ نازڪ ۾ شمار ڪيون
وڃن ٿيون، جن ۾ جيڪي به مخفي علامتون اجاگر ڪيون
ويون آهن، تن جي باري ۾ منهنجي ناقص راءِ اها آهي
ته ”هرڪو ماڻهو (مرد) سسئي ٿي پوي ته پنهون ماڻي
سگهي ٿو!“
ان مان مراد اها آهي ته جنهن صنفِ نازڪ سسئي کي
بظاهر هڪ عورت چيو وڃي ٿو، تنهن اهو ڪجهه ڪري
ڏيکاريو، جنهن جو مثال شايد ڪنهن به خطي ۾ نٿو
ملي، جڏهن ته شاهه صاحب پاڻ به سسئي بنجي هڪ جاءِ
تي فرمايو آهي، ته
”تو جي پهڻ پٻ جا، ته لڱ به منهنجا لوهه!“
پنهونءَ جي تلاش ۾، جڏهن سسئي جبلن جي گهيري ۾ اچي
ويئي ۽ ان جا ناهموار ۽ اڙانگا پيچرا عبور ڪندي،
سندس پيرن ۾ لڦون پوڻ ڪري، رت ريلا ڪري وهڻ لڳو،
تڏهن هيبتناڪ جبلن ڏانهن ڏسندي، مٿيون اظهار ڪيو
اٿس.
اهڙيءَ طرح لطيف سائين هڪ پاسي عورت جي عزم ۽
حوصلي جي واکاڻ ڪئي آهي، ته ٻئي پاسي ليلا کي مَتِ
جي موڙهي به ڄاڻايو آهي، ته ڪيئن ليلا، هار تي
هرکجي، پنهنجو ور وڃائي ويٺي. مطلب ته شاهه صاحب،
عورت جي ڪردار کي اجاگر ڪري، پاڻ به پاڻ کي ان جي
صف ۾ آڻي بيهاريو آهي، ان جو مثال، سندس ئي هڪ بيت
مان ملي ٿو، فرمائي ٿو:
”جيهي جا تيهي، ته به ٻانهي ٻاروچل جي!“
لطيف سائينءَ عجز، نياز، نوڙت، انڪساري، ٻاڏائڻ ۽
رب جي ذات کان ڊڄڻ جو عنصر ۽ پاڻ کي عيبن سان
ٽمٽار ڪرڻ جو طريقو، اڻ ڳڻين شين سان منسوب ڪري،
هڪ منفرد انداز اپنايو آهي، ملاحظه فرمائيندا:
”تو، تارا، وڻ وار، مينهن ڪڻيون، واريءَ ڪَڻان،
تهان ئي اڳرا، مون ۾ عيب اپار،
پائي آيس پاند ۾، بديون بي شمار،
بخشين، بخشڻهار، لطف ساڻ لطيف چئي!“
مٿئين بيت ۾ لطيف سائينءَ اهي شيون ڄاڻيون آهن،
جيڪي انساني ڳڻپ کان ٻاهر آهن: جيئن سنها سنها تر،
آسمان ۾ تارا، گهاٽي جهنگ جا وڻ، مٿي جا وار،
مينهن جون ڦڙيون، واريءَ جا ذرا. ان جي باوجود
لطيف سائين، پاڻ کي انهن کان به وڌيڪ عيبدار سڏيو
آهي، تڏهن ته رب سائينءَ کان لطف و ڪرم جي ٻاجهه
گهري ٿو.
مطلب ته شاهه ڀٽائي، انسان کي پنهنجي مقصد ۾
ڪاميابي ماڻڻ لاءِ هڪ نصب العين تعين ڪري ڏنو آهي
۽ پنهنجي رسالي ۾ هر انسان، پوءِ چاهي اهو مرد هجي
يا عورت کي ولولي، عزم ۽ حوصلي سان جيئڻ جو درس
ڏنو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ پاڻ به پاڻ کي عملي شڪل
ڏيئي پيش ڪيو آهي.
ان حقيقت کان ڪوبه بني نوع انسان انحراف نٿو ڪري
سگهي، ته سج جڏهن به اڀريو آهي، تڏهن ان جو مقصد
ئي لهي وڃڻ هوندو آهي. اهڙيءَ طرح ڪائناتِ قدرت،
هن مانجهاندي ماڳ کي عبرت جو مقام ٺاهيو آهي ۽
انسان کي ان کان متاثر ڪرڻ لاءِ پنهنجي نظام ۽
پنهنجي آئين (قرآن) کان روشناس ڪرايو آهي، ته اي
مورک انسان! تنهنجو هتي اچڻ ئي وڃڻ جو سبب آهي،
ڇاڪاڻ ته تون ڄائو ئي مرڻ لاءِ آهين. هونءَ به
اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي، ته ٺڪر جيڪو به ٺهيو آهي،
سو آخر ڀڄي به پوندو آهي ۽ هر شيءِ جي پڄاڻي ٿئي
ٿي، مگر افسوس جو پوءِ به انسان پاڻ کي هن فريبي
دنيا جي ڄار ۾ ڦاسائي، ڄڻ پاڻ سان به دوکو ڪري
رهيو آهي. ان لاءِ به ڀٽائي سائين سمجهاڻي ڏيندي،
اشارو ڪيو آهي:
”متو آهين مَڇَ، ٿلها ٿو ٿُونا هڻين،
تو جا ڀانئين اڇ سا پاڻيءَ پُنا ڏينهنڙا!“
بهرحال، هن مختصر مضمون لکڻ جو مقصد، لطيف سائينءَ
جي ستن سورمين سان منسوب ڪرڻ آهي. اهي ست سورميون،
جن ۾ حب الوطني جو جذبو آهي ۽ حب الوطنيءَ جي
علامت مارئي آهي، جنهن شهنشاهي دٻدٻي کي هيچ ڪري
سمجهيو ۽ ان آڇ کي ٿڏي ڇڏيائين. جنهن ۾ حرص و هوس،
لوڀ لالچ ۽ اکين کي کَيره ڪندڙ مال ودولت، هيرا
جواهر ۽ پٽ پٽيهر هئا. ٻي علامت، عشق جي آتش آهي،
جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته باهه صرف ڪک- پن
ساڙيندي آهي، پر عشق جي باهه انساني وجود ساڙيندي
آهي. اهڙي علامت مائيءَ سهڻي جي آهي، جنهن ڏم جي
ڏمر جي به پرواهه نه ڪئي، جنهن کي ڪچي ۽ پڪي گهڙي
جي به ساڃاهه نه هئي. ٽين علامت نياز و نوڙت جي
نوري هئي، جنهن دنيا کي نياز و نوڙت جي ڌاڳي ۾
پوئي ڇڏيو.
المقصد ته مومل، ليلا، سورٺ ۽ سسئي، شاهه صاحب
مختلف علامتن ۾ پيش ڪيون آهن جن جو تفصيلي ذڪر هن
مختصر مضمون ۾ سونهي نٿو، البته سسئي جو ڪردار، هڪ
اهڙي علامت آهي، جنهن ۾ انسان کي اهو درس ڏنو ويو
آهي، ته ڪو به انسان (مرد يا عورت) پنهنجي مقصد ۽
منزل کي ماڻڻ لاءِ جيستائين جدوجهد نٿو ڪري،
تيستائين هو فقط هوائن ۾ ٿاڦوڙا هڻندو ٿو رهي يا
پاڇي پويان ڊوڙندو ٿو رهي!!
موجوده دور ۾ به اهڙو سسئي جهڙو مثال ملي ٿو، جنهن
جو ٻيو روپ وزيراعظم پاڪستان محترمه بينظير ڀٽو
صاحبه جو آهي، جنهن پڻ سسئي وانگر ڏونگر ڏاريا،
جبل جهاڳيا، ڪشالا ڪڍيا ۽ طرح طرح جون صعوبتون
برداشت ڪيون ۽ آخر پوءِ نيٺ پنهنجي زندگيءَ جي نصب
العين يعني پنهنجي وطن جي ڏتڙيل ماروئڙن جو ڀرجهلو
بنجي، افق تي اُڀري ۽ اعليٰ منصب ماڻيائين!
دنيا جي تاريخ شاهد آهي، ته مسلسل جدوجهد، انسان
لاءِ ڪاميابيءَ جي ڪنجي هوندي آهي. جڏهن محمود
غزنوي، سومناٿ مندر کي ڊاهڻ ۾ ناڪام ٿي، هڪ جاءِ
تي مايوس ٿي ويهي رهيو، ته سندس نظر ماڪوڙي تي
پيئي، جيڪو هڪ ديوار تي چڙهڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام
ٿيندو، ٻيهر چڙهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ آخر ڪامياب
ٿي، ديوار تي چڙهي ويو. محمود غزنوي لاءِ اهو منظر
هڪ چئلينج هو، ماڪوڙي کيس ايڏو متاثر ڪيو، جو آخر
سومناٿ مندر تي سندس سترهين ڪاهه، مٿي تي فتح جو
ڇٽ جهولايو.
اهڙيءَ طرح موجوده وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو
صاحبه پڻ محمود غزنوي ۽ ايشيا جي منفرد مقام جي
مالڪ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي نقش قدم تي هلندي،
پنهنجي جدوجهد جاري رکي، حالانڪه ان وچ ۾ ڪيئي
حائل ٿيندڙ ديوارون پٽ ڪندي ٻيهر بر سراقتدار آئي.
مهر خادم
شاهه جو سُر سهڻي
سُر سهڻي تي ڪن ليکڪن جو اعتراض به آهي، ته اهو
سُر سنڌ سان واسطو نٿو رکي. پر ڳوڙهو ويچار ۽
تاريخي حقيقتون ٻڌائن ٿيون ته سهڻي ميهار جي
رومانوي قصي جو تعلق سنڌ سان ئي آهي. ان لاءِ هڪ
ٻيو دليل اسان وٽ اهو به آهي ته جيڪڏهن سهڻي ميهار
جي رومانوي داستان جو واسطو سنڌ ۽ سنڌو نديءَ سان
نه هجي ها ته ان کي ڀٽائي سائين بلڪل نه ڳائي ها.
ڇو ته ڀٽائي سائين جا مڙئي سُر پوءِ اهي. رومانوي
هجن يا تاريخي يا مذهبي يا بهادريءَ سان واسطو
رکندا هجن،سي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان سمورا سُر
سنڌ ۽ سنڌونديءَ سان ئي واسطو رکن ٿا. تنهن ڪري
اهو چئي سگهجي ٿو ته سهڻي ميهار جو واسطو سنڌ سان
ئي آهي.
شاهه جو رسالو جيڪو علامه آءِ آءِ قاضي مرتب ڪيو
آهي، ان ۾ سُر سهڻي جا يارهن داستان ڏنل آهن ۽
ڪليات آڏواڻيءَ جي مرتب ڪيل رسالي ۾ نَوَ داستان ۽
بعد ۾ متفرقه بيت ڏنل آهن.
شاهه جي سُر سهڻيءَ ۾ عورت جي آزادي، عورت جي محبت
۾ وفاداري ۽ ان تان سِرَ جي قرباني ڏيڻ جو سبق ملي
ٿو. حقيقت ۾ ڀٽائي سائين هن سر جي گهرائيءَ ۾ وڃي
تمام اثرائتا ۽ جنجهوڙيندڙ بيت ڏنا آهن.
محبت مذهبن ۽ نسلن کان مٿانهين هوندي آهي. محبت جو
ڪئنواس وسيع هوندو آهي، ان لاءِ ڪا به حد مقرر ٿيل
نه آهي. محبت نه وقت ڏسندي آهي ۽ نه وري حالتون.
محبت انسان جي اندر لڪل سچائيءَ جو نالو آهي، جيڪا
هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور ظاهر ٿي پوي ٿي.
تاريخي حوالي سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سهڻيءَ جو
تعلق به هن پرڳڻيءَ سان هو، ڇو ته ان وقت سنڌ جون
حدون تمام وسيع هيون. ميهار جو ديس بخارا هو. اها
محبت جي سچائيءَ جي ڇڪ هئي، جنهن ميهار کي ڇڪي
سهڻيءَ جي سامهون آندو.
سهڻي محبت ۽ سچائيءَ جي علامت آهي، جنهن جي آڏو
وقت ۽ حالتن جون انيڪ رڪاوٽون آهن، پر پوءِ به
هوءَ انهن جي ڪابه پرواهه نٿي ڪري، ڇو ته سندس من
محبت جي سچائيءَ سان واسجي چڪو هو. هوءَ ميهار سان
دوکو ڪري محبت کي داغدار بنائڻ نه پئي چاهي. محبت
۾ ايترو ته محوِ هئي جو هيءَ ڪچي ۽ پڪي گهڙي ۾
تفاوت ڪري نه سگهي، ڇو ته سهڻيءَ جي من ۾ صرف
پنهنجو پرين ئي ويٺل هو. جڏهن کيس پرينءَ جي ياد
کان واندڪائي ئي نه ملندي هئي ته هوءَ گَهڙي پڪي ۽
ڪچي جو ڪٿان سوچي!
”اَلستُ ارواحن کي، جڏهن امر ڪيو احد
هو من ڪاڍو ميهار ڏي، سهڻيءَ سڪڻ سَڌَ
دلو دور درياه جي، ڪيو ارادي اڌ
جيڪين آيُس ڏانهن عهد، سو پاري مُنڌ پاتار ۾
هن بيت مان ظاهر ٿئي ٿو ته سهڻيءَ جو ميهار سان ان
وقت کان وٺي ناتو ڳنڍيل هو، جنهن خدا تعاليٰ روحن
کي الست وارا قول پئي ٻڌايا. سهڻيءَ کي ميهار سان
گڏ دلو ۽ درياه به پُکي ۾ پئجي چڪا هئا.
واهُڙ وهن نوان، اڃان وَهه اڳي ٿيو
گهر ويٺيون گهڻا ڪريو، سرتيون سڱ سنوان
صورت جا ساهڙ جي، سا جي ڏٺي آن،
هوند نه پليو مان، گهڙو سڀ گهڙا کڻي.
هي جيڪي واهه آهن. اِهي نوان آهن، اصل پاڻيءَ جي
تک اڳتي آهي. اي سرتيون! توهين ته گهر ويٺي رشتا
ٿيون ڳنڍيو. جيڪڏهن توهين منهنجي محبوب جي صورت
ڏسو، ته جيڪر مون کي ته نه روڪيو پر اوهين پاڻ به
گهڙا (دلا) کڻي درياه ۾ گهڙي پئو.
محبت ۾ هڪ قسم جو جنون ٿئي ٿو. هڪ پل به پنهنجي
پرينءَ کان جدا ٿيڻ ڪنهن وڏي عذاب کان گهٽ نه
هوندو آهي. دل بيقرار ۽ بي چين هوندي آهي. ڪابه
فرحت ڏيندڙ شيءِ، خوشي ڏيئي نه سگهندي آهي. سر
سهڻيءَ ۾ به اهڙيون ئي وارتائون هر داستان ۾ ملن
ٿيون.
ساهُڙ مون جئن، سرتيون، جي ڏسو سڀيئي
ته سمهو ڪين سُک ٿي، پاسو وَر ڏيئي
مونهان اڳيئي، گهڙو سڀ گهڙا کڻي.
سرتيون! جيڪڏهن توهين پرينءَ کي مون وانگر ڏسو ته
جيڪو خوشيءَ سان وَرَ کي پاسو ڏيئي هرگز نه سمهي
سگهو ۽ توهين سڀ مون کان ئي اڳ ۾ گهڙا کڻي گهڙي
پئو.
چڙن چوري آهيان، سُک ٿي سمهان ڪئن
ساريان ساهڙ ڄام کي، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن
ميهار مرڻ سينئن نيرُ پاتم نينهن جو
چڙا منهنجي من ۾ مانڌاڻ ٿا مچائين، آءٌ سُک سان
ڪيئن سمهان، مان ته پنهنجي پرينءَ کي ڏينهن ۾ ڏهه
ڏهه ڀيرا ساريان ٿي ۽ مرڻ تائين ميهار سان نيهن جو
نير پاتو اٿم.
سهڻيءَ جو ساهڙ سان ازلي (آدي) ناتو هو. ڌڻيءَ جي
عاشقن جي محبت به ازلي آهي. هن سُر ۾ شاهه صاحب
سچي نينهن جو نرالو ذڪر ڪيو آهي. ”عدد ناه عشق،
پڄائي پاڻ لهي.“ سهسين سائر گجن ته به سچو نينهن
ڇڄڻ جو ناهي، جي ميهار کي ٿا پڇن، تن کي ميهار به
ٿو پڇي. مڙيئي شيون ”اناالحق“ پيئون تنوارين. ملڪ
مڙيوئي منصور ۽ سوريءَ سزاوار آهي.
سر سهڻي ۾ شاهه جيڪي سهڻيءَ جون تڪليفون،
مشڪلاتون، سختيون ۽ صداقتون پيش ڪيون آهن، سي
انسان ذات لاءِ وڏا اخلاقي سبق آهن. |