ڀٽائي سائين، سر سهڻيءَ جي حوالي سان درياءَ جي
جيڪا دهشت ۽ خوف جي عڪاسي ڪئي آهي، اهڙي اڳ ڪڏهن
به ڪنهن شاعر اثرائتي نموني سان نه ڪئي آهي.
دهشت دم درياهه ۾، جت جايون جانارن
نڪو سنڌو سير جو، مَپُ نه ملاحن
درندا درياهه ۾، واڪا ڪيو وُرَن
سڄا ٻيڙا ٻار ۾، هليا هيٺ وڃن
پرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجهان تِن
ڪو جو قهر ڪُنن ۾، ويا ڪين وَرَن
اُتي اڻ تارن، ساهڙ سير لنگهانءِ تون.
درياهه ۾ غضب جي دهشت آهي، سير ۾ ڪو به سنڌو نظر
نٿو اچي ۽ درياهه جي ماپ جي ملاحن کي به خبر نه
آهي. درياهه اندر ايذائيندڙ جانور واڪا ڪري ورن
ٿا. ٻيڙن جا ٻيڙا هيٺ هليا ٿا وڃن، جن جو نه تختو
۽ نه پرزو ظاهر ٿئي ٿو. ڪُنن ۾ ايترو قهر لڳو پيو
آهي، جو جيڪو وڃي ٿو اهو وري ظاهر نٿو ٿئي. ان
حالت ۾ منهنجا سپرين، اسان اڻ تارن کي تون ئي سير
مان پار ڪر.
سهڻيءَ جي گَهڙي جي ڀڄڻ ۽ سهڻيءَ جون ميهار کي
دانهون ڪري سڏڻ جي وارتا، ڀٽائي سائين، ڏاڍي سهڻي
انداز سان ڪئي آهي.
گهڙي گهڙو هٿ ڪري، الاهي تُهار!
ڄنگهه ڄرڪي وات ۾، سسيءَ کي سيسار،
چُوڙا ٻيڙا چِڪَ ۾، لُڙ ۾ لڙيس وار
لکين چهٽيس لوهڻيون، ٿيلهيون ٿرنيون ڌارَ
مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سوهڻي!
ڀيلو گهڙو، جنهن جي کيس خبر نه هئي، کڻي جڏهن سهڻي
الاهي تُهار ڪري درياهه ۾ گهڙي ٿي ۽ گهڙو ڀرڻ لڳي
ٿو. ته سهڻيءَ جي ڄنگهه ڄرڪي جي وات ۾ اچي ٿي ۽
سيسار کي سسي. سندس چوڙا ۽ ٻيڙا چِڪَ ۾ ٿي وڃنس ٿا
۽ وار لڙاٽيل پاڻيءَ ۾ لُڙهنس ٿا. لکين مَڇيءَ جا
قسم چنبڙي ٿا وڃنس، هزارين مڇ مڙيا آهن ۽ سهڻي
ڀاڱا ٿي ويندي.
هيءَ سموري عڪاسي ڪيڏي نه ڀوائتي آهي ۽ ان کي
ڀرپور انداز سان صرف ڀٽائي سائين ئي پيش ڪري سگهيو
آهي. حقيقت ۾ سهڻي هڪ احتجاج آهي، ڪوڙين ۽ کوکلين
ريتن ۽ رسمن جي خلاف. سر سهڻيءَ مان پتو پوي ٿو،
ته ڪنهن به انسان کي اوهان جسماني طور تي ته ڪن
ٻنڌڻن ۾ ٻڌي سگهو ٿا، پر روحاني طور تي ان کي قابو
ڪري نٿا سگهو. اهو ئي سچ آهي ته انسان جي وجود جو
جنهن طرف لاڙو يا جنهن سان محبت هجي ان کي ان طرف
وڃڻ جي پوري اجازت هجي، ڇو ته ان عمل سان ئي
سچائيءَ جا ڏيئا روشن ٿي سگهن ٿا. اجائي اناپرستي
۽ لوڀ لالچ انسان کي وڻ ويڙهيءَ وانگر جڪڙي ٿا
ڇڏين ۽ جڏهن وڻ ويڙهي ڪنهن وڻ کي ويڙهي ويندي آهي،
ته ان وڻ جي سڃاڻپ به لڪي ويندي آهي ۽ ان وڻ جو
عڪس اڻ چٽو ٿي ويندو آهي. سُر سهڻي، ڀٽائي سائينءَ
جي روشن خياليءَ جي اپٽار ڪري ٿي. سندس ذهن ۾ هڪ
آدرشي سماج جوڙڻ جي سڌ پوي ٿي. هن سر مان ڀٽائي
سائين جي وسيع سوچ جي پروڙ پوي ٿي.
حوالا
1- شاهه جو رسالو (علامه آءِ آءِ قاضي)
2- شاهه جو رسالو (ڪلياڻ آڏواڻي)
3- شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ انساني اخلاق ۽
ڪردار جو معيار (ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي 1968ع)
علي محمد ”درد“ سولنگي
عورت ۽ خوف
اڄ جي دور ۾ جڏهن هر انسان خوف جي بيماريءَ ۾
مبتلا آهي، ننڍڙي ٻار کان ويندي بااثر ماڻهوءَ
تائين، هڪ رڪشا ڊرائيور کان ويندي هوائي جهاز جي
پائلٽ تائين. هڪ عام ماڻهوءَ کان ويندي سياستدان
تائين هرڪو خوف ۾ جڪڙيل نظر اچي ٿو.ڪنهن کي دولت
کسجي وڃڻ جو خوف آهي، ڪنهن کي حادثي يا موت جو
خوف، ڪنهن کي بُک ۽ بيروزگاريءَ جو خوف، ته ڪنهن
کي ڪرسي کسجي وڃڻ جو خوف. ڪنهن کي ڌاڙي، ڦُر يا
اغوا جو خوف آهي ته ڪنهن کي وري محبوب جي
ناراضگيءَ جو خوف. سرڪاري نوڪر کي آفيسر جو ۽
آفيسر کي بالا آفيسر جو خوف سيني ۾ سمايل آهي.
مطلب ته معاشري جو هر فرد ڪنهن نه ڪنهن خوف ۾ ورتل
آهي ۽ ڇو نه ورتل هجي، جڏهن ٻار ننڍو آهي ته
والدين خصوصاً ماءُ، خوف جو ڌاڪو ٻار جي دل ۾
ويهاري ٿي ته چُپ ڪر يا سمهي پئه نه ته ”بائو“ ٿو
اچي ۽ پوءِ اهو ”بائو“ انسان جي زندگيءَ جي آخري
اسٽيج تائين سندس ذهن کي چنبڙيل رهي ٿو.
جنهن معاشري ۾ چوڌاري خوف جو راڄ هجي، اُتي عورت
ان موذي مرض مان ڪٿي ٿي جان ڇڏائي سگهي (خاص ڪري
سنڌ جي عورت) اڄ جي عورت ڪيتري به ماڊرن ۽ آزاد
خيال ڇو نه هجي پر سندس اندر ۾ اڄ به اهو روايتي
خوف موجود آهي. هوءَ ڪيترو به پڙهي لکي وڃي، ڪهڙي
به عهدي تائين پهچي وڃي پر پوءِ به اهو وهم (خوف)
سندس وجود کي وڪوڙيل رهندو. اِهو خوف ڪڏهن عزت
لٽجڻ جو ته ڪڏهن بدنامي جو ته ڪڏهن طلاق جو، ڪڏهن
ڪهڙو ته ڪڏهن ڪهڙو خوف. عورت ٻاهران ڪيتري به بولڊ
نظر اچي، پر اندران هيسيل هرڻيءَ وانگر آهي.
هڪ ڇوڪري جڏهن پڙهڻ لاءِ گهر کان نڪري ٿي ته در
کان نڪرندڙ هر قدم سان گڏ سندس دل ۾ ڊهڪو ۽ خوف به
وڌندو ويندو آهي. ماڻهن جون غليظ نظرون سندس خوف ۾
ويتر واڌارو ڪري ڇڏينديون آهن. وري جڏهن ڪو سندس
پيڇو ڪندو آهي ته هوءَ صفا وسامي ويندي آهي. هوءَ
ان خوف کان گهر وارن سان به ڳالهه نه ڪندي آهي ته
ڪٿي کيس غلط نه سمجهيو وڃي يا گهر وارا کيس
پڙهائيءَ کان خدا حافظ چئي گهر نه وهاري ڇڏين ۽
بدناميءَ جي خوف کان به خاموش رهي ٿي.
عورت ٻهراڙي جي هجي چاهي شهر جي، شادي شده هجي يا
غير شادي شده، گهريلو عورت هجي چاهي ملازمت پيشه
هر وقت ڏهڪاءَ جو شڪار آهي. هڪ عورت جيڪا آفيس ۾
ڪم ڪري ٿي سا به ان خوف کان آجي نه آهي. فائيل
ڏيندي، فائيل وٺندي، آفيسر جون نظرون، بهاني بهاني
سان سڏي سامهون ويهارڻ، فِري ٿيڻ ۽ لفٽ جي پيشڪش
آفيسر جو اِهو ورتاءُ (سواءِ چند عورتن جي) عورت
کي خوفزده ڪري ڇڏي ٿو.
اهڙي ئي طرح ٻهراڙيءَ جي عورت به هر لمحي خوف جو
شڪار آهي.
ٻهراڙيءَ جي عورت ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ گهر واري جي
روپ ۾ (هر روپ ۾) خوفزده آهي.
ٻهراڙي جي عورت جيڪا مرد سان گڏ ٻنيءَ تي ڪم ڪري
ٿي. ڦٽيون، رونبو، لابارو ۽ ڳاهه به ڳاهي ٿي.
ٻهراڙي جي عورت ڏهين مهيني پيٽ (اميدواريءَ) سان
به گاهه جي وڏي ڀري ڪري، اچي ان جو ڪُتر هڻي
جانورن کي ڏئي ٿي ڇو ته هوءَ خوفزده آهي ته اگر
هُن مليل (ورهايل) ڪم پورو نه ڪيو ته مڙسس جو
موچڙن جو ڦهڪو هوندو ڇو ته گهر ۾ بلڪه مڙس جي نظر
۾ هوءَ پير جي جُتيءَ برابر آهي. ٻهراڙيءَ جي عورت
جيڪا پنهنجو گهڻو وقت ٻني ۽ جهنگ ۾ گذاري ٿي ۽ اتي
ڪنهن جي نه ڪنهن جي حوس جو نشانو بڻجيو وڃي، ۽
عورت پنهنجي بدنامي جي خوف کان يا ان خوف کان ته
ڪٿي کيس کي ئي موردِ الزام سمجهي ڪاري ڪري نه
ماريو وڃي ان خوف کان هوءَ ڪنهن سان به اها ڳالهه
نه ٿي ڪري، سندس ان ڪمزوري (خوف) مان واقف مرد
ڀرپور فائدو وٺندا آهن. ڇو ته مرد کي خبر آهي ته
هڪ شريف عورت پنهنجي عزت لٽجڻ جي ڳالهه ڪنهن سان
به نه ڪندي. پوءِ اها گهر ۾ پورهيو ڪندڙ عورت هجي،
هاريءَ جي ڪمسن ڌيءَ هجي، هاريءَ جي زال هجي، ڪا
عام عورت هجي يا ملازمت پيشه خواتين هجي.
ٻهراڙيءَ جي عورت جيڪا دير سان پاڻيءَ ڏيڻ جي ڏوهه
۾ مَٿو ڦاڙائي ويهندي آهي ۽ وري ڪڏهن دير سان ماني
ڏيڻ جي ڏوهه ۾ ڪهاڙين جو کاڄ بنجي ويندي آهي ۽
ڪڏهن ڪڏهن رات جو ٻار جي روئڻ تي ٻار سان گڏ کيس
کي به موت جي ننڊ سمهاريو ويندو آهي ۽ هڪ ٻيو خوف
جيڪو ٻهراڙي توڙي شهر جي عورت جي ذهن تي ڪنهن ڀوت
وانگر سوار آهي اهو آهي طلاق جو خوف ۽ مرد روز نه
ته به مهيني ۾ هڪ اڌ دفعو ضرور اهو هٿيار استعمال
ڪندو آهي. ”هيءُ ڪم هينئن ڇو ڪيئي اڳتي ائين ڪيئي
ته پوءِ پڻهين جي گهر وڃي ويهه.“ يا مون کان پڇڻ
کان سواءِ تو شهر يا پاڙي يا ٻئي ڪنهن جي گهر ڇو
وئينءَ اڳتي ايڏانهن وئينءَ ته طلاق ڏئي
ڇڏيندوسانءِ.“ يا هن ڀيري به ”ڇوري“ (ڇوڪري) ڄڻيئي
ته طلاق ڏئي ٻي شادي ڪندس.“ ۽ خوفزده عورت طلاق جي
خوف کان مرد جو هر جائز و ناجائز حڪم مڃي ٿي.
هڪ ٻيو مسئلو يا خوف جنهن ۾ شهر توڙي ٻهراڙيءَ جي
عورت مبتلا آهي، اهو آهي پنهنجي پسند جو اظهار
ڪرڻ. سواءِ آڱرين تي ڳڻن جيترين عورتن جي باقي
عورتون ان خوف ۾ مبتلا آهن ته اگر هنن پنهنجي پسند
مائٽن کي ٻُڌائي يا سندس طئي ڪيل رشتي کان انڪار
ڪيو ته سندس مائٽ، عزيز، پاڙيوارا کيس نافرمان،
بيشرم، بي حيا ۽ الائي ڇا ڇا چوندا. ان خوف جي ڪري
هوءَ سخت ناپسنديده شخص سان به مائٽن جي عزت رکڻ
لاءِ شادي ڪريو ڇڏي. ڪڏهن پئسن تي وڪاميو وڃي، ته
ڪڏهن پيءَ جي عيوض ۾ پيءَ جيڏي پيرسن سان پرڻائي
وڃي ٿي ۽ سماج جي ڪوڙين ريتن ۽ رسمن جي خوف ۾
جڪڙيل عورت پنهنجي جذبن امنگن ۽ خواهشن کي ڦاهي
چاڙهي سَتي ٿيڻ به قبوليو ڇڏي ۽ پنهنجي جيئري ئي
جسم تي ڪفن ويڙهيو وتي پر ٻڻڪ به ٻاهر نه ڪڍي.
زياده تر اُهي ڇوڪريون يا عورتون به ڏاڍائي جو
شڪار ٿي وڃن ٿيون، جيڪي ڪنهن مرد جي پُر- فريب
واعدن تي لڳي ۽ ان جي ڪوڙي محبت جي وڇايل ڄار ۾
ڦاسي پنهنجو سڀ ڪجهه لٽايو ڇڏين ۽ پوءِ رسوائيءَ
جي خوف کان سڄي عمر بليڪ ميل ٿينديون رهن ٿيون.
جيستائين عورت پاڻ ۾ همت ۽ جرئت پيدا نه ٿي ڪري
تيستائين ڏاڍاين جو شڪار رهندي، آخر ٻاگهل، مارئي
۽ بختاور به ته عورتون هيون انهن ته ڪڏهن آڻ ڪانه
مڃي پوءِ اڄ جي عورت ايڏي هيسيل ڇو؟
ولي محمد طاهر زادو
لاڳيتا لُڙڪ
وڏيري وريام ڳچ جيترو ڳوٺ پاڻ ٻڌايو هو، جنهن ۾
مِٽن مائٽن جا جهڳا جوڙايا هئائين. هڙن ئي گهرن جي
وچ تي هن جي حويلي هئي. ٻيو سارو ويڙهو ويڪرو هو.
ڳوٺ کي گِردان گِرد لوهيڙن جي لاڪڙ جو اُٺان تار
لوڙهو ڏياريو هئائين. ڌارين جي ڇا مجال جو اندر
اچي يا اک کڻي ڏسي. حويليءَ مٿان نر پکي پيو
هڪالبو هو.
هاري ناري، ڪو ڪم ڪار هوندو هئن ته پري کان هوڪريا
ڪري ماڻهو ڪوٺيندا هئا.
وڏيري جي ڄمار ڄڻ سؤ ورهين کان ڪي ورهيه ڪسي هئي.
اولاد عوقاد ڪونه هوس. ٽي زالون ماري چڪو هو. هن
جي کاتي تي کوڙ ساري زمين هئي، مائٽاڻي ملڪيت جو
ڪاٿو ڪونه هو.
هن جا ٻه ڀائيٽا: صوف ۽ توت، هڪ ڀاڻيجو بچو نالي
ويجهڙا وراڪي ۾ هئا، ڀائيٽيا پرڻيل ۽ ڀاڻيجو ڏهه
سال سن صغير هو. سندس ٽئي زالون هڪ ٻئي پويان وفات
ڪنديون ويون. خبر ناهي خدا جي گهريءَ سان يا هٿ جي
پڙيءَ سان پڌاريون! سو هن ڪري ٿو چئجي، جو وڏيرو
جڏهن به شهر مان شيءَ شڪل خريد ڪرڻ يا ڪنهن حڪيم
ڊاڪٽر کان دوا درمل وٺڻ واسطي ويندو هو ته سندس
ڀائيٽا اهاني ڪِ بهاني حويليءَ ۾ وڃي واسرو وٺندا
هئا، پر انهن ڏانهن پڻ وهم نٿو وڃي سگهي، ڇاڪاڻ جو
اهي پرڻيل اڻريل ٻچڙيوال هئا.
وڏيري جي سوٽُاڻي سوُٽ ڌڻي بخش کي حنيفا نالي هڪڙي
ڌيءَ هئي.
حنيفا ويهن ورهين جي ڦُوهه جوان، جاذب جوڀن، سڊول
بدن، ڪٽوريون اکيون، ڳاڙهسرو ڳورو رنگ، چقمقي چهرو
ڀانءِ ته ويٺو ڏسجيس!
وڏيري وريام کي چنتا چِت ۾ اها ئي هئي ته وياءُ
ولد ڪونهيم ٽن شادين ڪندي به آس راس نه ٿي سو مال
ملڪيت، ڌن دولت، زر زمين ويڳن جي ورچڙهي ويندا.
سوچي سوچي هڪڙي ڏينهن سوُٽس ڌڻي بخش کي گهران
گهرائي ورتائين. لهواريون اوڀاريون ڪندي، ٿڌا
نيساسا ڀري مطلب جي ڳالهه تي آيو: ڌڻي بخش! اولاد
نه هئڻ جو هانءَ ۾ هيڏو سارو ڦٽ اٿم. اِن جهوريءَ
۾ جهڄندو ٿو رهان. الله نه ڪري جو نااميد ٿي مري
وڃا. الله جو ڏنو سڀ ڪجهه اٿم پر پٽڙي لاءِ حيران
پريشان آهيان. ڌڻي بخش چيو ته وڏيرا هِيڻي نه ٻول
حڪم تنهنجو بس هاڻ دل ۾ آيو اٿم تنهنجي نياڻي جيڪا
رواج ۾ ٿي رهائيمَ تنهن جو سڱ تون ڏينم.
ڌڻي بخش پهريائين ته هڪو ٻڪو ٿي ويو پر پوءِ
ويچاري ته ڀاڳ ٿو کليم هڪدم هائوڪار ڪيائين. هونئن
به ڌڻي بخش جي پاندي پوري ڪانه پوندي هئي.
اتان اٿي گهر آيو ۽ ڌيءَ سان وڏيري جي نڪاح جون
نويڪليون ڳالهيون ڪرڻ ويٺو. حنيفا هٻڪي هٻڪي منهن
کوليو پر بابا، اوهين به انصاف ٿا ڪريو توهان کي
مون ڪاڻ ٻيو ڪو گهوٽ نه لڌو؟ وڏيري جي وهي به ڏسو
جيڪو ٽي زالو اڳهين تينوال ڪري چڪو آهي، قبر ۾ پير
لڙڪايو ويٺو آهي، ان لاءِ مون کي صدقي جي ٻڪري ٿا
ڪريو: خدا جي واسطي اهڙو قهر ڪومَ ڪريو ڪُداچِت
اهو ڪفارو آءٌ ڪين ڀرينديس.
انهيءَ کان ساون ٽوهن ڪوهڙن ۾ ساڙي ڇڏيوم ته چڱو.
ڌڻي بخش کي اندر ۾ اهائي آنڌ مانڌ ته جي وڏيري
راهه رباني ورتي ته ڌن ۽ زمين جو چوٿون حصو هروڀرو
به حنيفا کي ملندو پر جي پٽ پيدا ٿيو ته مڙئي
ملڪيت اسان جي ٿيندي. هو ڏاڍو لالچي هو. |