عورتن ۾ وهمپرستي
هڪ طرف ڏسجي ٿو ته هن وقت اسين ڪيڏا نه سولائيزڊ
(Civilized)
ماڊرن
(modern)
فئشنبل
(fassionable)
ٿيندا پيا وڃون، ته ٻئي طرف وري اسان جي ماڻهن ۾
ذهني پسماندگي ڏينهون ڏينهن وڌندي پيئي وڃي. انهي
پسماندگيءَ ۾ مردن کان وڌيڪ عورتن جو انگ وڪوڙيل
آهي، يا ائين کڻي چئجي ته هيءَ سوچ عورتن جي گهٽيل
ٻوساٽيل ذهن جي پيداوار آهي.
ٻهراڙيءَ جي عورتن تي ڀلي ته ڪا ميار نه به رکجي
ته اهي اهڙا وهم ۽ وسوسا ڇوٿيون رکن، پر اسان جون
شهري عورتون، جن کي تعليم پرائڻ توڙي لٽي-ڪپڙي ۽
کاڌي-پيتي کان وٺي، وي. سي. آر ۽ ڊش ائنٽينا ڏسڻ
تائين موقعا ميسر آهن، انهن جي ذهني پسماندگي ڏسي
ڏندين آڱريون اچيو وڃن. مثال طور ”جن-ڀوت“ جو ڊپ،
پريءَ جي پاڇي ۽ غيبات جي حساب وغيره جا انڌا
عقيدا، سندن ذهنن تي اڃا حاوي آهن. انهيءَ ضعيف
الاعتقاديءَ جي ڪري عورتون ذهني ۽ جسماني طور
ڪمزور ٿين ٿيون، ۽ هڪ رواجي سطح جي ماڻهوءَ کان
گهڻو مختلف ٿين ٿيون.
سندن اهي ڊپ ۽ وسوسن واريون ڪيفتون سڄي ڪٽنب کي
متاثر ڪن ٿيون، ۽ مزي جي ڳالهه ته جيڪي مرد گهڻا
هٺيلا ٿيندا آهن، سي به عورتن جي اهڙين چالن
(وهمن) اڳيان هار کائي، سندن ڳالهين ۾ اچي وڃن ٿا.
اهڙيون عورتون، جيڪي هروڀرو پاڻ کي ڪنهن اثر هيٺ
بيمار سمجهن ٿيون، سي ڏاڍيون خود غرض ۽ لاپرواهه
ٿين ٿيون.
وهم پرستيءَ ۾ ورتل ٻن قسمن جون عورتون ٿين ٿيون:
جن کي پنهنجي ماحول ۾ ننڍي لاڪر وسوسن جو ورثو ملي
ٿو، ۽ ٻيون اهي، جن جون اڻپوريون خواهشون سندن
لاشعور ۾ دٻجي، اهڙو گس اختيار ڪن ٿيون جو اهي
پوءِ پنهنجي مطلب جي مڃتا لاءِ عجب چالون ۽ مڪر
هلڻ لڳن ٿيون.
مجموعي طور انهيءَ سڄي صورتحال جا برا اثر ڪٽنب
کان وٺي سڄي معاشري تي پون ٿا. وهمن ۽ وسوسن ۾
عورتن جا ٻار بزدل، ڊڄڻا ۽ ذهني طور هيڻا ٿين ٿا،
۽ سندن اها ڊپ واري ڪيفيت پوري خاندان جو سک حرام
ڪري ٿي ڇڏي، جنهن ڪري سڄي گهر جي ماڻهن جو مزاج ئي
مختلف ٿيو پوي.
انهن سڀني وهمن ۽ وسوسن جو بنيادي سبب عورت جو
تعليم کان نا آشنا هئڻ آهي، ڇو ته ڪابه تعليم
يافته عورت اهڙن وهمن ۽ وسوسن کي پنهنجي ذهن ۾
جڳهه نه ڏيندي. عورت کي جيڪڏهن مذهبي، سائنسي،
سماجي ۽ نفسياتي علم جي ڄاڻ هوندي ته هوءَ ڪڏهن به
پاڻ کي گهمراهه نه ڪندي. مطالعو انسان کي ڄاڻ ڏئي
ٿو، روحاني قوت بخشي ٿو، موت ۽ زندگيءَ جي ٺوس
حقيقتن کي سمجهڻ ۽ تسليم ڪرڻ جي سگهه ڏئي ٿو. علم
جي سهاري انسان پرسڪون ۽ سليقي واري زندگي گذاري
سگهي ٿو.
هن ڏس ۾ منهنجي سڀني سرتين کي وينتي آهي ته هي
حقيقتن جو دور آهي، تنهن ڪري اسان کي گڏجي علم کي
عام ڪرڻ جي اهڙي شعوري مهم هلائڻ کپي، جنهن سان
اسان جي ويساهه وسوڙيل ڀينرن کي نجات ملي. علم صرف
ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان ڊگريون حاصل ڪرڻ ۾ ناهي،
پر اها روشني اوهان جي اندر جي پيداوار آهي. اها
سڄيءَ ڪائنات جي ڪتاب کي پڙهڻ سان حاصل ٿئي ٿي.
سو، ان لاءِ عقل ۽ فڪر کي ڪم آڻڻ جي عام تبليغ ڪرڻ
کپي.
سرتيون جي باري ۾:
جون-جولاءِ 1994ع، جو شمارو اوهانجن هٿن ۾ آهي-
اوهانجين تجويزن ۽ اصلاحي تنقيدن جو اوسيئڙو
رهندو، اميد ته پنهنجو تعاون جاري رکي ٿورائتو
ڪنديون-
گلبدن مرزا.
سڄاڻ ليکڪا ۽ تعليمي ماهر
افروز صديقي/امير صديقيءَ سان ڳالهه ٻولهه
ڳالهه ٻولهه ڪندڙ:پروين، فوزيا ۽ شازيا.
س: اوهان پنهنجي ننڍپڻ بابت ڪجهه ٻڌائينديون؟
ج: منهنجي تربيت ۽ تعليم اسان جي پنهنجي حويليءَ
جي درسگاهه ۾ ٿي. تعليم ۽ تدريس جي ڪري اسان جي
حويلي تمام گهڻي مشهور هئي. ان دور ۾ جيڪڏهن ڪا
ڇوڪري اتان پنج درجا پڙهي نڪرندي هئي ته ان کي
تمام گهڻي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو.
ان درسگاهه ۾ ڇوڪرين کي تعليم سان گڏ رڌ پچاءُ،
ڀرت سلائي ۽ ٻيا هنر به سيکاريا ويندا هئا. ان
زماني ۾ جڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ جو رشتو ايندو هو ۽
ڇوڪريءَ جي تعليم متعلق پڇڻ تي کين ٻڌايو ويندو هو
ته ڇوڪري ”صديقي حويليءَ“ مان پڙهي آهي، ته پوءِ
ان ڇوڪريءَ لاءِ ٻئي ڪنهن سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت
ڪانه پوندي هئي.
منهنجي تعليم جي شروعات انهيءَ درسگاهه مان ٿي،ان
کانپوءِ مون باقاعدي تعليم سينٽ ميري اسڪول مان
حاصل ڪئي.
س: اوهان لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي ۽ ڪهڙين ڳالهين
اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهيو؟
ج: مون 1966ع ۾ لکڻ شروع ڪيو. منهنجو پهريون ڪتاب
افسانن جو مجموعو ”سنڌو ڪناري“ آهي ان کان علاوه
ريڊيو لاءِ ڊراما ”مٺائي جي دنيا“، ”واچ جي چوڙي“
لکيم ۽ ٻارڙن لاءِ 30 کن ڪهاڻيون لکيم.
ٽي وي ڊرامو ”انسپيڪشن بنگلو“ 1966ع ۾ لکيم. فلم
”البيلي“، ”ڌرتي دل وارن جي“ جون ڪهاڻيون لکيم ۽
ٻيا ڪيترائي افسانا لکيا اٿم.
س: اڄ تائين اوهان جا ڪيترا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن؟
ج: هڪ ڪتاب افسانن جو مجموعو ”سنڌو ڪناري“ ڇپيو
آهي.
س: اوهان صرف نثر لکيو آهي يا شاعري به ڪئي آهي؟
ج: مون صرف نثر لکيو آهي.
س: اوهان جي ڪهاڻين جو مجموعو ”سنڌو ڪناري“ پڙهڻ
سان معلوم ٿئي ٿو ته اوهين هڪ سگهاري ليکڪا جي
حيثيت رکو ٿيون، پر ان کانپوءِ اوهان جو ليکڪا
وارو روپ نظر نه آيو آهي ڇو؟
ج: ان جو سبب اهو آهي ته مون وٽ هينئر ايترو ٽائيم
نه آهي، خيال تمام گهڻا آهن، پر وقت جي ڪمي سبب
ڪجهه لکي نٿي سگهان.
س: اوهان جي لکڻين جي ڪيتري پذيرائي ٿي آهي؟
ج: جنهن وقت مون لکڻ جي شروعات ڪئي ته ان وقت ٻيون
عورتون به لکنديون هيون، جيئن خورشيد ۽ زينت
وغيره، پر مان سمجهان ٿي ته جيتري منهنجي لکڻين
جي پذيرائي ٿي آهي ايتري شايد ڪنهن جي لکڻين جي ٿي
هجي؟ وڏن اديبن منهنجي لکڻين کي ساراهيو، امر جليل
منهنجي افساني ”رڃ منجهان رڙ اچي ٿي“ لاءِ لکيو هو
ته ڪاش! اهو مان لکان ها.
س: اوهان جي وقت ۾ ماڻهن جو ليکڪائن ڏانهن ڪهڙو
رويو هو؟
ج: اسان جي وقت ۾ ماڻهن جو ليکڪائن سان سٺو رويو
هو، سنجيدگي هوندي هئي ۽ سٺي موٽ ملندي هئي.
س: ڏسڻ ۾ آيو آهي ته نه صرف مرد عورت جو استحصال
ڪيو آهي، پر خود عورت، عورت کي ظلم جو نشانو بڻايو
آهي، هڪ ليکڪا جي حيثيت ۾ اوهين ڇا چونديون؟
ج: جيئن ته مرد کي اڳتي آڻڻ ۾ عورت جو هٿ آهي،
تنهن ڪري مان نٿي سمجهان ته ڪو مرد هروڀرو عورت تي
ظلم ڪري ٿو. بلڪه مرد جي آڙ وٺي عورت ئي عورت تي
وڌيڪ ظلم ڪري ٿي. پوءِ اها سس جي روپ ۾ هجي يا ٻئي
ڪنهن روپ ۾، باقي معاشرو مرد جو آهي ۽ حڪمراني مرد
جي آهي.
س: زندگيءَ کي ڪيئن ٿيون ڏسو؟
ج: زندگي موسمن وانگر لڳندي آهي، ڪڏهن ته ڏاڍي
سهڻي ته ڪڏهن ڏکي، ائين کڻي سمجهو ته زندگي هڪ
ڊانسر وانگر هوندي آهي، جيڪا پل پل ۾ پنهنجو ايڪشن
بدلائيندي رهندي آهي.
س: جيئن ته اوهين تعليم کاتي سان وابسته آهيو
اڄڪلهه تعليم جي ڪرندڙ معيار ۽ ديده دليري سان
رشوت وٺڻ متعلق ڇا چونديون؟
ج: رشوت کي جيستائين ختم نه ڪبو، تيستائين ملڪ
ترقي نه ڪندو، نه ئي بيروزگاري ۽ جهالت ختم ٿيندي.
رشوت تعليم، ماحول مطلب ته سڄي معاشري کي خراب ڪري
ڇڏيو آهي.
دوستي، محبت، عزت ۽ احترام سڀ رشوت جي در تي دفن
ٿي ويا آهن، تعليم جو تقدس به پائمال ٿي ويو آهي.
س: هن وقت جيڪو ادب سرجي رهيو آهي ان متعلق ٻڌايو؟
ج: اڄڪلهه جي ادب جي باري ۾ ڪجهه چئي نٿو سگهجي،
اسان وٽ گهڻائي اديب پيدا ٿي پيا آهن.
س: اڄڪلهه مقدار جي لحاظ سان ته شاعريءَ ڪرڻ جي
رفتار عروج تي آهي، پر معيار جي باري ۾ پنهنجي
راءِ ڏيو؟
ج: اوهان جو جواب اوهان جي سوال ۾ موجود آهي.
شاعريءَ جو مقدار وڌڻ ۽ معيار گهٽجڻ جو سبب مان
سمجهان ٿي ته آزاد شاعري آهي. اڄ ڪلهه جي آزاد
شاعري اها آهي ته: ”ننڊ مان اٿيس، برش ڪيم،د ريءَ
۾ ڏٺم، ويئي هلي آخر ويئي!“ اهو آهي شاعريءَ جو
معيار رهيو.
س: ليکڪ اوهان جي نظر ۾.
ج: منهنجي نظر ۾ ليکڪ اهو آهي جيڪو پنهنجو خيال،
پنهنجو انداز لکي. نه رومي، نه مصري طرز تي لکي،
منهنجي نظر ۾ سٺا ليکڪ هي آهن: آغا سليم، امر
جليل، استاد بخاري ۽ عورتن ۾ ماهتاب محبوب، سحر
امداد، شبنم گل وغيره ۽ اسان جا نوان ليکڪ به ڪي
ڪي سٺو ٿا لکن.
س: اوهان کي ڪهڙن شاعرن متاثر ڪيو؟
ج: شاهه لطيف کانپوءِ مون کي جن شاعرن متاثر ڪيو،
سي آهن، مخدوم طالب الموليٰ، شيخ اياز، استاد
بخاري، امداد حسيني، سحر امداد، مخدوم امين فهيم ۽
مرتضيٰ ڏاڏاهي.
س: اڄڪلهه اوهين ڇا لکي رهيون آهيو؟
ج: مان هڪ سفرنامو لکي رهي آهيان، جنهن جو عنوان
آهي: ”ڪنيان ڪماريءَ کان سنڌوءَ تائين“ اهو
سفرنامو انڊيا گهمڻ کانپوءِ لکي رهي آهيان. ٻيا
ڪيترائي افسانا جيڪي اڌوري حالت ۾ آهن، انهن کي به
مڪمل ڪري رهي آهيان.
س: ٻاراڻي ادب لاءِ اوهان ڪجهه لکيو آهي؟
ج: جيئن ته اسان وٽ ٻارن لاءِ تمام گهٽ لکيو ويو
آهي. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته هتي ماڻهو لکندا ئي
شهرت لاءِ آهن. مون ڪڏهن به شهرت جي باري ۾ نه
سوچيو آهي. هينئر مان ٻارن لاءِ جاپاني ڪهاڻين جو
مجموعو ترجمو ڪري رهي آهيان، جيڪو انشاء الله جلد
شايع ٿيندو.
س: زندگيءَ جو ڪو اڻ وسرندڙ واقعو؟
ج: هي اهو واقعو آهي، جنهن ۾ مون ”موت“ کي تمام
ويجهو ڏٺو. 1966ع جي ڳالهه آهي جو مان ۽ منهنجون
ٻه سهيليون پشاور کان موٽي رهيون هيوسين. هو ٻئي
هڪ سيٽ تي ويٺيون ۽ مان الڳ سيٽ تي ويٺيس. گاڏيءَ
۾ هڪ پوليس واري چيو ته اوهان جي پرس ۾ ”چرس“ آهي.
ان ڪري ايندڙ اسٽيشن تي اوهان پنهنجي تلاشي
وٺرائجو. مان حيران ٿي ويس، پوليس واري کي چيم ته
مان تلاشي ڏينديس، پر جي منهنجي پرس مان ڪجهه نه
نڪتو ته پوءِ اوهان کي نه ڇڏينديس، پوليس واري
چيو: مون ائين ئي چيو اوهان کي بي خيالي ۾ ڏسي.
تقريبا 30-2 لڳي مان باٿ روم ويس ۽ پرس به ساڻ کنيم ڇو ته پوليس
واري جي ڳالهه جو وهم ويهي ويم ته ڪٿي سچ پچ نه
ڪوئي پرس ۾ چرس وجهي ڇڏي. باٿ روم جو دروازو جيئن
لاڪ ڪيم ته اهڙو مضبوطيءَ سان لاڪ ٿي ويو، جي کلڻ
جو نالو ئي نه وٺي. جيئن زور سان دروازي کي کولڻ
جي ڪوشش ڪيم ته دروازي جو هٿيو ٽٽي پيو ۽ ڪافي
ڪوشش کان پوءِ به دروازو نه کليو.
دروازي کي گهڻو ئي ناڪ ڪيم، پر ٽرين جي آواز ۾ ڪنهن کي به آواز
ٻڌڻ ۾ نه آيو. گهٽ ۾ گهٽ پورو ڪلاڪ مان دروازي کي
ناڪ ڪيو، ۽ آخر هار کائي، ويهي رهيس. باٿ روم ۾
هوا جو ته ڪو نانءُ نشان به ڪونه هو، ساهه گهٽجڻ
لڳو ۽ ڪجهه ئي دير ۾ دروازو خودبخود کلي پيو.
س: پيغام
ج: منهنجو خاص ڪري عورتن لاءِ اهو پيغام آهي ته سادگي اختيار
ڪريو. گهر ۾ ٻارن ٻچن لاءِ سادگيءَ وارو ماحول
پيدا ڪريو، مان سمجهان ٿي ته عورت جيڪڏهن پنهنجي
سچائيءَ تي اچي ته معاشري مان ڪيترين ئي براين جي
پاڙ پٽي سگهي ٿي!
تنوير جوڻيجو
عورت ۽ تاريخ
راڻي دهشلا
راڻي دهشلا، ڪورو قبيلي جي سردار راجه وچترويرا جي
پُٽ ڌرت راشٽر جي ڌيءَ ۽ دريو ڌن جي ڀيڻ هئي، جيڪو
هستنا پور تي راڄ ڪندو هو.
راجه وچتر ويرا کي ٻه پُٽ هئا ڌرت راشٽر ۽ پانڊو
ڌرت راشٽر، راجا جو وڏو پٽ هو، پر جيئن ته انڌو
هو، ان ڪري پيءُ جي موت کانپوءِ راڄڌاني ننڍي پُٽ
پانڊو کي هٿ آئي. پانڊوءَ کي پنج پُٽ هئا. پانڊو،
پنهنجي ڀاءُ جي حياتيءَ ۾ ئي گذاري ويو ۽ وري
حڪومت جون واڳون ڌرت راشٽر جي پٽ دريو ڌن جي حصي ۾
آيون ۽ ڪورو ۽ پانڊوئن جي اختلاف جو سلسلو شروع
ٿيو ۽ نتيجي ۾ ڪورن پانڊوئن کي دهليءَ وارو علائقو
ورثي طور ڏنو. ان علائقي ۾ پانڊوئن پنهنجي حڪومت
قائم ڪئي ۽ حريف طور هڪٻئي جي آڏو آيا.
پانڊوئن جي شادي پنچال جي راڻي ڌروپديءَ سان ٿي.
پانڊوئن جو ٽيون نمبر ڀاءُ ارجن نهايت بهادر هو،
جنهن جي شادي ڀڳوان ڪرشن جي ڀيڻ سان ٿي. اُن دور
جو سمورو احوال ڏند ڪٿائن ۽ شعرن جي صورت ۾ ڇهين
صدي ق. م واري مشهور تصنيف مهاڀارت ۾ آيل آهي.
يعني راڻي دهشلا جو تعلق، ڇهين صدي ق. م کان به
آڳاٽو آهي.
ان دور ۾ سنڌ ۾ آرين کان به آڳاٽيون ۽ قديم قومون
آباد هيون. جاٽ ۽ ميڌ.
ميڌن ۽ جاٽن جون پاڻ ۾ گهرو لڙايون لڳڻ شروع ٿيون.
انهيءَ صورتحال کان بچڻ لاءِ ميڌن ۽ جاٽن جي چڱن
مڙسن گڏجي ويچار ڪيو، ته ڇو نه هستنا پور جي حاڪم
کي چئجي ته ”هو هِتِ پنهنجو نائب مقرر ڪري ۽ امن
امان قائم ڪري.“ اهو ويچاري، هو دريو ڌن وٽ پهتا.
دريو ڌن هنن کي جوڳو مانُ ڏنو ۽ پنهنجي ڀيڻ راڻي
دهشلا کي پنهنجو نائب ڪري سنڌ اماڻيو.
راڻي دهشلا، ٻنهي قبيلن ۾ صلح ڪرايو، ۽ پنئچات
قائم ڪئي، جنهن ۾ جاٽ ۽ ميڌ ٻنهي جي ماڻهن کي رکيو
ويو. جاٽ گهراڻي سان تعلق رکندڙ شخص جو نالو جودرت
هو.
راڻي دهشلا پنهنجي راڄڌاني اسڪندليه يعني اڄوڪي
اُچَ ۾ قائم ڪئي.
راڻي هتان جي ماڻهن ۾ علم، دانش ۽ مذهب ڦهلائڻ
لاءِ هندستان جي مختلف حصن مان هزارين برهمڻ
گهرايا، جن ماڻهن کي علم ڏنو. سماجي سکيا ڏني ۽
سماجي ضابطو سيکاريو. |