سو هڪڙيءَ تي پيءُ ٻيءَ تي ڌيءَ. ڏاڍي ڏي- وٺ
ڪيائون. نڌان پيءَ پنهنجو هوڏ حجت هلائي ڌيءَ کي
دٻائي مجبور ڪيو. حنيفا بيوس ٿي پيئي. هن جي ٻي ڪا
حمايت ڪانه هئي. هفتي اندر شاديءَ جا هل هنگاما
هليا. حنيفا شادي ٿيڻ تائين، چپ چاپ رت جا ڳوڙها
ڳاڙيندي رهي. نيٺ نڪاح جو ڏينهن آيو نقد نوي هزار
رپين مهر سان نڪاح پڙهيو ويو. حنيفا کي گسر ڪرڻ
ڪانه ڏنائون کنڀي کڻي وڃي حويليءَ حوالي ڪيائونس.
رولڙي ۾ الائجي ڪيئن رات گذري. صبح جو سويرو دائي
تيل ميٽ سرهو صابڻ کڻي اچي ڪنوار جون ڳتون اکيلڻ
ويٺي. حنيفا پڇيس ته تون وري ڪهڙي تعدي ڪرڻ ويٺي
آهين؟ چيائين توکي وهنجاريان ٿي. سو ڇو؟ مون کي ته
وڏيري ڇهيو به ڪونهي. ساري رات کنگهه کنيو بيٺي
هيس سيرانديءَ کان شيشين جي قطار رکيل هيس.
هڪڙي شيشيءَ مان ڍُڪ ڀريو ٿي بس ڪيائين ته ٻيءَ جو
ٻوچ ٿي کوليائين، مون کي سڄي رات ڀيڙون ڏيندي،
مٺڙيون هڻندي گذري آهي. پوءِ وهنجڻ ڇا جو! نه،
اما. نه! توکي وهنجڻو پوندو نه ته وڏيري جي پت
وائکي ٿي ويندي ۽ پڻهين به پاڻيءَ مان نڪري ويندو.
منهنجو چيو مڃ ۽ اُٿ!
هن شاديءَ کان پوءِ وڏيري وريام کي موت مهلت نه
ڏني. هڪڙي رات گوگهرا هڻندي هڻندي وڃي گهونَ ۾
پيو، زال کي سنکا جون سڌون ڪندي وڃي سائين سان
ڀيڙو ٿيو. حنيفا تي ٻري آئي ته چار مهينا ڏهه
ڏينهن ضرور عدت ۾ ويهي جوڳ پچاءِ. حنيفا دانهينءَ
واري دانهن ڪئي چي مون کي وڏيري جو هٿ پير ڪونه
لڳو آهي آءٌ ڪوهه ويهي قيد ڪاٽيان! ڪنهن ڪاڻ عدت ۾
وهان، پر هن جي حجت هيلو ڪونه هليو ڇو جو شرعيت
وارا سندرو ٻڌي بيٺا جي نٿي ويهي ته هن جا چار آنا
حصو هليو ٿو وڃي ۽ پڻس جي منشا نٿي پوري ٿئي.
آخر اهو الميو به نبريو ۽ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.
وريام جي وارثن سُئي سڳي تائين دولت ورهائي کنئي.
چار آنا پتي حنيفا جي حق ۾ پڻ لکي ڏنائون سو سُڻي
پڻس سکيو ستابو ۽ سائو ساڄو ٿيو.
لالچ بري بلا آهي. ڌڻي بخش جي بڇڙائي وري ڀڙڪو
کاڌو بچو، جنهن کي ڀر واري ڀلي زمين ملي آهي سا هر
طرح هٿ ڪجي. بچو آلو ڀولو بي سمجهه ڀوتاڙيل ۽ صغير
آهي.
هن کي حنيفا پرڻايان- حنيفان به گلڙي گهوٽ جي خبر
ٻڌي خوش ٿيندي، نٽاءُ ۽ ناڪار ڪانه ڪندي. اها سٽ
سِٽي وڃي بچوءَ جو ڀيد ورتائين. هن سان هيٺ مٿي ۽
اوري پري جون ڪَوَتون ڪندي، هيج ڏيئي هرکائي کيس
شادي ڪرڻ لاءِ شائق ڪيائين. موٽي اچي ڪتاب پٽي
ڌيءَ مهندان ڌرنو ماري ويٺو: تيل پوندي تنهنجو مٿو
ڇوٿو تپي، نيٺ ته تنهنجو جوڙجيس ٿي پوندو، نه ته
اتي ويٺي مٿو اڇو ٿي ويندءِ ههڙو وَرُ وري ٻيو ڪو
ڪونه ملندءِ، آءٌ تنهنجو سڄڻ ۽ خير خواهه آهيان،
تنهنجي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهيان. چوءِ
ڇا ٿي چئين؟
حنيفا اکين ۾ آب آڻي چيو ته بابا، هڪڙي اهڏ مان
نڪتي آهيان ته وري ٻئي ٻَنَ ۾ ٿا هڻوم. مون کي ڇڏي
ڏيو، پر ڌڻي بخش جي سِر ۾ ڪا جون ڪانه سُري. جيئن
رٿيو هئائين تيئن ڪيائين. مهيني ڏيڍ ۾ بچوءَ جي
شادي حنيفا سان لاڏين ڪوڏين ٿي گذري.
اڃا ٻه اڍائي مهينا به ڪين لنگهيا ته بچو
بانبولجڻ لڳو: چئي، منهنجي زال مون کان وڏي آهي.
مون سان محبت ذرو به ڪانهيس، کٽ تي ٻيئي ڄڻا
پنهنجو پنهنجو پاسو ورتيو پيا آهيون، مون کي هيءَ
زپ جهڙي زال نه کپي مون کي نٿي وڻي، موسو مينههُ
بنائي منهنجي مٿي ۾ مڙهي ويئي آهي، منهنجي هن کان
توبهه!
هڪڙي ڏينهن چار ڀائر چونڊي گڏ ڪري هنن جي هوندي
کيس ٽي طلاقون ترت ڏيئي ڇڏيائين. حنيفا ڏهاڳ جو
ڏيج کڻي ڀلڪڙو منهن جهلي، مائٽاڻي گهر موٽي آئي.
وري به اهوئي شرعيت جو سنڪلپ ته ٽي مهينا ڪنڊ ۾
ويهڻ قبول ڪر. جهل ٻٽي آئي کٽي، مِٺي به ماٺ، ته
مُٺي به ماٺ. ٽي مهينا ٽيپ ڪڙهي ڪڙهي ڪنڊ ۾ گذاري
آجي ٿي.
ڀلاڙي بخت! ڪڌ وٿ ڪي ڪينَ، ڪن کي ڏيارين تخت! پر
حنيفا جي حق ۾ هوئي ڪو روڄ، رولو لکيل! مدت پوري
ٿي ٻار هوئي ڪين لنگهيو ته صوف کي شدت سان شوق ٿيو
ته حنيفا کي هاڻ آءٌ پنهنجي وني ڪريان. پر جئن
جوڻس سدوريءَ کي سڻڪ ڪَن نه پوي.
سو سانه سطح ڏسي وڃي ڌڻي بخش جو دڳ جهليائين. جنهن
صوف جي سچي سڪ، اڪير اُڪنڊ ڏسي ٻڌي، جوپ جواب ڏنو
ته هائيءَ هڄي، ڏيهه ڏُهلي ڌيءَ سامهون آءٌ ڏسي
نٿو سگهان، نڪي ڪنڌ کڻي مرڪي ٿو سگهان سو آءٌ ڪهڙو
ڌيءَ تي دهمان ٻڌي سگهندس آءٌ هن اڳيان قولن جو
ڪوڙو آهيان. جا ويچاري سک جي گهڙي ڪانه سنڀري،
ارتو آب پئي هاري. توکي پاڻئون واڻئو ڪو پنڌ پيچرو
سجهي ته ڪوشش ڪر باقي مون کي معافي ڏي!
پاڙي جي پوڙهيءَ هٿان صوف سوکڙيون سوغاتون، سلام
سنيها اماڻڻ شروع ڪيا، چوائي مڪو ته مون وٽ رهڻ
سان تنهنجا دک درد هڙئي دفع ٿي ويندا. مون تنهنجو
سڱ پڻهين کان شادي ڪرڻ کان اڳ ئي گهريو هو پر
لنوائي ويو. منهنجو توسان ننڍي لاڪر نيهن جو ناتو
آهي. شاديءَ کانپوءِ سڀئي ڏينهن صبر سانت ۾
گذاريم. منهنجو توتي وس نه هليو هاڻي جڏهن اڪيلي
آهين زماني جي بيوفائي کان باخبر آهين تڏهن تنهنجي
الفت جا اُڌما اٿيا اٿم. آءٌ تنهنجو آهيان ۽
تنهنجو ئي ٿي رهندس. حنيفا کُتي ورندي، ڇڙڪ جواب
موڪليس. تون ڪهڙي منهن سان مون کي آڇ ٿو ڪري؟
اڳهين کوهه جي تري پيل، ٻارن ٻچن جو پيءُ. آءٌ رن
زال، ڏهاڳڻ، طلاقيل باقي پهاڄپڻي جي ڦٽ لعنت جو
مينهن وسائڻ خاطر ننڍپڻ جي نينهن جا نيشان نياپا
ڏيئي ڪڍ ڪاهي پيو آهين. شيطان گيري ڇڏ شرم ڪر! پر
هو نه مُڙيو. توت به تلهو ٻڌايس سئون سڌو
سُرڀرايوس ته همٿ نه هار زال ماڻهو آهي پاڻ کان
ڪيڏانهن ويندي.
انهيءَ وچ ۾ صوف سندس زال سدوريءَ کي سياڻپ ۽
تجويز سان ٽاري ساهرين گهر روانو ڪري ڇڏيو هو. پاڻ
آجو تاجو ٿي الائون بلائون ڪري حنيفا کي هائو
ڪرايائين. سگهي شادي ٿئي سو ملن ۽ شاهدن کي آڻي
گونگ ٻوڙ ۾ دعا پڙهائي پو پڪ پڪاڻي ٿيس اڃا ڍڪ ئي
ڪين منهن تان لٿا ته وجهندئي ٻک ڪنوار کي کڻي آڻي
کٽ وسايئين. سدوريءَ کي اها سڌ مهيني سوا کانپوءِ
پئي ته صوف ٻي شاديءَ شغل ڪريو ويٺو آهي. پتو پوڻ
سان ڪاري اودي ٿي ارڪانن مان نڪري ويئي ٺڪر ٺڪر تي
ڀتر ڀتر تي ڀڃڻ لڳي ٻيو ٻارن جو ٻائيتال ۽ ٻڙڌڪ
تنهن کانسواءِ، اهو حال ڏسي مائٽن به کانئس منهن
موڙي ڇڏيو. سدوريءَ ٻي ڪا ڀوا نه ڏسي صوف ڏانهن
پيغامن تي پيغام، ماڻهن تي ماڻهو پئي موڪليا ته
خدا جي واسطي مون کي پاڻ وٽ گهرائي وٺ. آءٌ پنهنجي
پهاڄ سان گڏجي پينگون پيئندس. ريس ڪثر ڪانه ڪنديس.
آءٌ توکي سنهن ساک ٿي ڏيان اعتبار ڪر.
اَنَ جو مُنهن جنڊ ڏانهن. صوف سمجهيو ته مڙئي خير
آهي. اچڻ ڏجيس سگهوئي سور سهسائي پاڻ ۾ پرڀي
وينديون. موٽ ۾ ماڻهو مُنجي گهرائي ورتائينس. پر
سدوري هئي ساڙي جي سڙيل سا ڪٿي ٿي ايڏو ڪشٽ ڪاٽي!
چند ڏهاڙا چپ ڪري، پوءِ گگلي پئي. صوف ڪم ڪار تان
موٽندو هو دايا وسرام وٺندو هو ته پگهر به سڪڻ
ڪانه ڏيندي هيس اڳيانس ڪينرو ڪڍي ويهندي هئي: آءٌ
هڪڙي ڄڻي هڄي مئي آهيان، رڌ پچاءُ، ڌوپ ڌڙو، ٻارن
جو ڪر ڳل ڳچيءَ ۾ ڪريان ڪيڏانهن وڃا؟ مٺي آهيان.
تو واري سڪيلڌي ته کٽ چڙهيو ويٺي کائي، ڪک ڀڃي
ٻيڻو نٿي ڪري، لولهي لنگڙي ڪانهي، جو مليدا مهٽي
ڏيانس. الله هٿ پير ڏنا اٿس، سنڌ ڪين سُڪا اٿس،
ٿلهي ٿنڀري آهي آءٌ جي ڪڇان ٿي ته مسان ٿي. سڄو
ڏينهن آهيس پٽ پاراتو ۽ ٻارن تي مار موچڙو بي بي
بنجي پئي آهي. آءٌ اڄ کانپوءِ ڪوبه سندس گيسمارو
ڪانه ڪنديس، تون ڄاڻ ۽ تنهنجي بوبنا ڄاڻي. ٻيون به
ڪچيون ڦڪيون ڳالهيون مرچ مسالا ملائي ڪن ڪيائيس
ڇوهه ۾ گُج ڇنڊي مڙس کي چيڙائي شنگ ڪيائين. سچ چيو
اٿن ته:
چار ڏينهن چاهه جا پوءِ وٺ ڪنارا واهه جا.
هڪڙي ڏينهن حنيفا کي کڻي ٿي کٽي سري وڃي صوف کي
دانهن ڏنائين:ته تنهنجا ننڍا وڏا مون کي طنعا تنڪا
ٿا ڏين ۽ ٽوڪون ٿا ڪن: چه ڏهاڳڻ، ملڪ ڦٽائي،
طلاقيل، ڏائڻ تو مان ڇو اچي ڦاٿا آهيون. صوف حنيفا
جي حق ۾ ڊانڀري وانگر ڊييو ويٺو هو سو تپي ٽامڻي
ٿي پيو. ايترو ٻڌڻ سان ڄڻ باهه تي گيهه جو ڇنڊو
ڪريو. هان، هو ٿا توکي لوئين ڪي تون اسان جي پويان
هٿ ڌوئي لڳي آهين. توکي سمجهان ٿو. بهانو بنائي
کڻندي ٻانٺو حنيفا تي هلان ڪيائين.
هن شراع جي ڊوهي وڌيس ته صوف مون کي ڌڪ نه هڻ الله
لڳ مون کي نه مار. آءٌ قسم کڻي ٿي چوان ته آءٌ
بيڏوهي آهيان مون ڪنهن کي الفان- بي نه چيو آهي
ويساهه ڪر. توکي ڇو مڪرن منجهايو آهي. پر صوف مان
ٻه صوف ٿي پيا جيڪو ٿي پاسو ورايائين سو ٿي
ڀڳائينس. صوف ڇتو نه ٿيءُ! جوڻهين جي ڄلهه تي
منهنجو جيءُ جهوري جڏو نه ڪر، خدا ڀر ڊڄ منهنجو ڪو
به قصور ڪونهي. چه قتل قيام توکي ڪين ڇڏيندس تو
آنڊا اٿلائي مون کي وات ۾ وڌا آهن، پاڻ کي ستي جتي
ٿي سمجهين؟ تيئن لٺين جو وارو وار ٿي ڪيائينس. خدا
ڏسندءِ! ڪوبه ڇڏائڻ وارو ليلڙاٽيون رڙيون سڻڻ وارو
ڪونه هو. نڪ وات مان رت ريلا ڪريو پئي وهيس، وائي
آڻائي ٿي ويس ڪنجهي ڪنجهي وڃي ڪنڊ ۾ ڪري. گونگا
لڙڪ پئي لڙيس. عشق ڦشَق ٿي ويو! لٿو لٽاڪو. صوف ڄڻ
وڏي ساڳاهي کٽي هئي!
ٻي ڏينهن واهه جي وهندڙ پاڻيءَ مان ماڻهن هڪڙو لاش
ٻاهر ڪڍي ڏٺو. چيو اڙي هيءَ حنيفا!
حنيفا ننڌڻڪي بي ڪفن ٿي مئي، تنهان پوءِ سماج جون
اکيون ٺريون ۽ سک جو ساهه پٽيائين.
شبنم گل
ڪلر بلائنڊ
صبح سان ئي سفينه جو فون آيو، سندس آواز ڳرو ڳوڙهن
سان ڀريل هو.
”شينا! منهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي جلدي اچ.“
”يا الاهي خير.“ شينا سندس ايمرجنسي ڪال تي پريشان
ٿي ويئي. جلدي جلدي تيار ٿي صدر جو رخ ڪيائين. روڊ
تي ٽرئفڪ جي ڏاڍي رش هئي. چوراهي وٽ گاڏي ٽرن
ڪندي، ذري گهٽ ايڪسيڊنٽ ٿيندي بچيو. جلدي جلدي
سفينه جي گهر پهتي.هوءَ بستري تي بخار ۾ ٻري رهي
هئي. سندس اکيون ڳاڙهيون هيون.
”وري ڇا ٿيو؟“
”ٿيندو وري ڇا؟
مسز افتخار ڪلهه شام انگلينڊ کان واپس موٽي آئي
آهي، تڏهن کان کڻي اهڙا حال ڪيا اٿس.“
زمر ڪاليج وڃڻ جي تياري ڪري رهي هئي، آئيني ۾ پوني
ٽيل ٺاهيندي هن شينا کي مخاطب ڪري تلخيءَ مان چيو.
”اوهه!“ شينا سڄي ڳالهه سمجهي ٿڌو ساهه کنيو.
زمر بيگ کڻي ٻاهر نڪتي ته سفينه چيو.
”پليز شينا! ڪجهه ڪر نه ته مان مري وينديس.“
”ڪير به ڪنهن جي لاءِ نه ٿو مري.“
”بٽ آءِ ول ڊاءِ فار هم.“ لڙڪ سندس اکين مان ڪرڻ
لڳا.
هوءَ شادي شده مرد افتخار صديقيءَ جي عشق ۾ مبتلا
هئي، جيڪو سامهون واري فليٽ ۾ رهندو هو. هو سول
ايوئيشن اٿارٽي ۾ هڪ اهم عهدي تي فائز هو. سندس
زال ٿلهي، بي- ڊولي ۽ انتهائي خرانٽ قسم جي عورت
هئي. جيئن ته هو هڪ انتهائي مالدار فيملي سان تعلق
رکندي هئي، ان ڪري افتخار سندس اشارن تي ڪنهن ڪٺ
پتليءَ وانگر نچندو هو.
”ڪٿي پڙهيو هيم ته عشق ڪرڻ به دلچسپ قسم جي ان ڊور
گيمز مان هڪ آهي. جڏهن برسات جي موسم ۾ ماڻهو ٽينس
نه کيڏي سگهي يا سرديءَ جي ڪري سوئمنگ پول ۾ ٽپي
ڏيڻ جي همت نه هجي يا اخبار پڙهندي دل اڪتائجي وڃي
ته وقت گذارڻ لاءِ عشق هڪ سٺي تفريح ٿي سگهي ٿو.“
شينا، سفينه کي سمجهائيندي چيو، پر هوءَ قائل نه
ٿي سگهي.
”هن جي محبت ۾ ڪو کوٽ نه آهي.؟“
”اڄ جي دور جو عشق محض دل وندرائڻ جو ذريعو آهي.“
”مان ائين نه ٿي سمجهان.“
”ڏس سفينه! مرد وٽ پنهنجي دفاع لاءِ ڪيترائي هٿيار
ٿي سگهن ٿا، پر عورت ان معاملي ۾ ڏاڍي ڪمزور هوندي
آهي- مرد هميشه عشق جي نام نهاد آڙ ۾ عورت کي
تباهه ڪيو آهي.“
”هن سال جون تائين هو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي
ڇڏيندو.“
”هو ائين ڪڏهن به نه ڪندو.“
”ڏس هن کي اولاد به ته نه آهي. هو اولاد خاطر ٻي
شادي ڪري سگهي ٿو.“
”اولاد کان وڌيڪ هن لاءِ پنهنجي زال جي دولت اهم
آهي، ۽ ها ٻڌ افتخار سان ٻاهر ڪٿي به نه ملجانءِ!“
”مون کي هن تي انڌو اعتماد آهي.“
”هونهن اعتماد! محترمه اهي مرد وڏا چالاڪ هوندا
آهن. سويٽ ڊش طور هڪ عدد محبوبه پاڻ سان ضرور
رکندا آهن.“
”هو انهن مردن مان نه آهي!
”هو واقعي انهن مردن مان ئي آهي!“
”اهو تون ڪيئن چئي سگهين ٿي؟“
”مان اکيون رکان ٿي، مردن جي ٺاهيل هن سماج ۾ رهان
ٿي، جتي عورت جي حيثيت محض هڪ جسم کانسواءِ ڪجهه
نه آهي- ايتريقدر جو اُهي پڙهيل لکيل مرد، جيڪي
اسان سان گڏ ڪم ڪن ٿا، اُهي به اسان کي ڪوليگ
سمجهي نه، پر عورت سمجهي ڊيل ڪندا آهن.“
”تون خبر نه آهي ڇو مردن جي خلاف آهين!“
”مان مردن جي خلاف ناهيان، پر انهن جي
Low mentality
لو مينٽلٽي جي خلاف آهيان.“
”ڇا سمورا مرد هڪجهڙا هوندا آهن.“
”عورت جي معاملي ۾ سندن سوچ ساڳي سطح تي اچي
بيهندي آهي.“
”مون کي توسان اختلاف آهي.“
”توکي اختلاف ڪرڻ جو حق آهي.“
”تون انتها پسند آهين!“
”نه سفينه، ائين نه آهي. ڳالهه رڳو ايتري آهي ته
مان انهن ماڻهن منجهان آهيان جيڪي پنهنجي روايتن،
پنهنجي سماجي قدرن جي دائري کان ڪڏهن به ٻاهر نه
نڪري سگهندا آهن. اسان جا سماجي قدر تباهه ٿي رهيا
آهن. اسان جي معاشري ۾ اخلاقي پسماندگي وڌي رهي
آهي. ان جو سبب رڳو اهو ئي آهي ته مرد ۽ عورت جي
تعلق جي وچ ۾ احترام جو ڪو توازن ڪونهي.“
”پر منهنجو انهن سڀني ڳالهين سان ڪهڙو تعلق!“
”چڱو ڀلا اهو ٻڌاءِ ته اشفاق جي پروپوزل جو ڇا
ٿيو.“ شينا ڳالهه مٽائي ٿي.
”گهر وارا چڱا خاصا سنجيده آهن، پر مان انڪار ڪري
ڇڏينديس.“
”اها تنهنجي سڀ کان وڏي بيوقوفي ٿيندي.“
”هو ته اجايو هٿ ڌوئي منهنجي پويان پيو آهي.“
”هو توکي پسند ڪري ٿو.“
”پر منهنجي پسند جو به ڪو معيار آهي.“
”مڃان ٿي ته شڪل صورت جي لحاظ کان ايترو سٺو نه
آهي پر ڪردار جي لحاظ کان هڪ بهترين انسان آهي.“
”مان شادي ڪنديس ته صرف افتخار سان ۽ بس.“
”۽ ان چڪر ۾ تون ايڏو سٺو رشتو وڃائي ويهندينءَ.“
”منهنجي لاءِ رشتن جي ڪمي آهي ڇا؟“
”هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ اڄڪلهه ماڻهپي جي ڏاڍي ڪمي
ٿي ويئي آهي.“
”ڇا مون توکي ان ڪري گهرايو جيئن تون منهنجي زخمن
تي لوڻ ٻرڪين.“ سفينه وري روئڻ لڳي ٿي.
سفينه يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ ڪڏهن به ڪنهن ڇوڪري
کي لفٽ نه ڪرائي هئي، جيڪي سندس ڊگهن وارن ۽
بادامي اکين جا ديوانا هئا. ان زماني ۾ سفينه جا
ڏاڍا سٺا پروپوزلز آيا. ڪن جو تعلق سندس ذات سان
نه هو. ڪن جو اسٽيٽس گهٽ هو. ڪي شڪل و صورت جي
لحاظ سان مات کائي ويا. ائين سندس گهر وارا اکيون
ٻوٽي رشتا ٺڪرائيندا رهيا. هاڻ سفينه هڪ عجيب قسم
جي محروميءَ ۽ تنهائيءَ جو شڪار هئي. اهوئي سبب هو
جو هوءَ افتخار جي چڪر ۾ اچي ويئي هئي.
(هفتي کانپوءِ)
ڇا پئي سوچين-! سفينه کانئس پڇيو.
”تنهنجي باري ۾ پئي سوچيم.“
”سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪيان.“
”اشفاق لاءِ ها ڪري ڇڏ.“
”اوهه شينا! اهو منهنجي مسئلي جو ڪو حل ته نه
آهي.“
”چڱو تون ٻڌاءِ افتخار ڪڏهن ٿو پنهنجي زال مان جان
ڇڏائي.“
”ڪلهه هن زال کي خوب شاپنگ ڪرائي. رات جو ڊنر ڪنهن
هوٽل ۾ ڪيائون. واپس آيا ته سڄو ڪوريڊور سندس ٽهڪن
سان گوجندو رهيو.“ سفينه جي اکين ۾ لڙڪ هئا.
”آخر هوءَ سندس زال آهي.“
”مون سان هن سڄو هفتو نه ڳالهايو آهي.“
”تون ڪلر بلائنڊ آهين.“
”ڇا مطلب.....!!!“
”سفينه! تو ۾ رشتن جي سڃاڻپ ڪانهي بلڪل ائين جيئن
ڪلر بلائنڊ ماڻهو رنگن کي سڃاڻي نه سگهندا آهن.“
”مون تنهنجي ڳالهه نه سمجهي.“
”هڪ طرف ته تون هن تي ايڏو اعتبار ڪرين ٿي، ٻئي
طرف هن کي شڪ جي نگاهه سان به ڏسين ٿي.“
”انتظار جي ڪا حد نه هوندي آهي.“
”گهر وارا جلد از جلد مون کان جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾
آهن ۽ هو آهي جو ان ڳالهه کي سمجهي نٿو.“
”ڇا ٿو چئي.“
”چئي ٿو انتظار ڪيان.“
”هو توسان ڪڏهن به شادي نه ڪندو.“
”هو مون کي دل جي گهراين سان چاهي ٿو. هن جو چوڻ
آهي مان سندس خوابن جي خوبصورت تعبير آهيان. هو
منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.“
”هو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو پر پنهنجي مالدار زال
جهڙي موٽي آسامي کي نه ٿو ڇڏي سگهي.“
”تون ايڏي حقيقت پسند ڇو آهين شينا!“
”مان خوابن جي حقيقت کان واقف آهيان. خوابن جو مٺو
زهر انسان کي ماري ڇڏيندو آهي.“
”ائين هجي ته ڪو به ماڻهو خواب نه ڏسي.“
”خواب خود فريبي جو ٻيو نالو آهي، جڏهن ته هي
حقيقتن جي صدي آهي.“
”ته ڇا محبت محض خود فريبي آهي.“
”اڄڪلهه محبت جي آڙ ۾ جيڪي تماشا ٿي رهيا آهن،
انهن تي خود انسانيت شرمسار آهي.“
”محبت ته انسان جي اهم ضرورت آهي.“
”هن مشيني دور ۾ محبت جو تصور محض هڪ سراب آهي.
محبت جي آڙ ۾ لڪي مرد هميشه عورت جي جذبن سان
کيڏندو رهيو آهي.“
”اسان جي محبت مثالي آهي. هو جلد ئي پنهنجي زال کي
طلاق ڏيئي ڇڏيندو پوءِ اسان جي راهه ۾ رڪاوٽ نه
هوندي.“
(مهيني کانپوءِ)
شينا لاهور ۾ ڪزن جي شادي اٽينڊ ڪري واپس آئي ته
کيس سفينه جي بيماريءَ جي خبر ملي. سفينه
هاسپيٽلائيزڊ هئي.
”هي پنهنجا ڪهڙا حال ڪيا اٿئي!“
”مون کي سچ پچ مري وڃڻ گهرجي.“
”آخر ٿيو ڇا آهي؟“
”مون کي خبر نه هئي ته هو محبت جي آڙ ۾ مون سان ڪو
شيطاني ناٽڪ رچائي رهيو آهي.“
”صاف صاف ڳالهه ڇو نه ٿي ٻڌائين.“
”شينا! هن مون کي برباد ڪري ڇڏيو.“
سفينه هٿن ۾ منهن لڪائي سڏڪڻ لڳي ٿي. شينا کي ائين
ٿو لڳي ڄڻ ڪنهن زمين هن جي پيرن هيٺان کسڪائي ورتي
هجي. گهري صدمي جي ڪري لفظ سندس نڙي ۾ اٽڪي پيا-
هوءَ ڪجهه به نه چئي سگهي.
”مون کي احساس به نه ٿيو ته خوبصورت ڳالهين جي آڙ
۾ ڪوڙا، منافق ۽ بي عمل ماڻهو لڪي سگهن ٿا.“
”هاڻ ڇا ٿو ٿي سگهي.“ شينا کي پنهنجا لفظ اوپرا
لڳن ٿا.
”مون به کيس معاف نه ڪيو. مان سندس سمورا خط ۽
ڪارڊ سندس زال جي منهن تي اُڇلائي آيس. تڏهن کان
سندس زال رُسي وڃي پيڪن ۾ ويٺي آهي. ٻڌو آهي هن
طلاق وٺڻ لاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.“
”ايتري ڳالهه تي هن جو ايڏو سخت رد عمل! هن معاشري
۾ مرد ڇا نه ٿا ڪن. هو وفاداريءَ کان سواءِ زال کي
زندگيءَ جي هر سهوليت مهيا ڪري ڏيندا آهن. پوءِ ڇا
عورتون ڪمپرومائيز نه ٿيون ڪن-!“
شينا کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌي حيرت ٿي.
دراصل هن کان هڪ غلطي ٿي ويئي هن پنهنجي ڪجهه خطن
۾ زال کي ٿلهي، بي ڊولي ۽ بدشڪل سڏيو هو. ڪابه
عورت ايڏي توهين برداشت نه ٿي ڪري سگهي.“
”انسان کي پنهنجي غلط عملن جي سزا ضرور ملندي
آهي.“
”مون اشفاق جي رشتي لاءِ ها ڪري ڇڏي آهي.“
شينا کي حيرت جو ٻيو جهٽڪو لڳو.
”واقعي خواب، خود فريبي جو ٻيو نالو آهن.“
سفينه جي بادامي اکين ۾ لڙڪ ڪري وهاڻي ۾ جذب ٿيڻ
لڳا. خبر نه آهي هو ڇو روئي رهي هئي. خوابن جو
مانُ ٽٽڻ تي يا اهي لڙڪ حقيقتن جي دنيا ۾ واپسيءَ
جي خوشيءَ جي نالي هئا!
عبدالمجيد ”نجفي“ ممتاز عباسي
ايراني ادب مان
خاموش غم جي پيڙا
مون پنهنجي اچڻ جو کين ڪوبه اطلاع نه ڏنو.
مان رات جو اوچتو گهر آيس ۽ ڪمري ۾ سڌو هليو آيس،
جتي اڳ ۾ ئي ٽي ماڻهو ويٺا هئا. مون کي اوچتو گهر
۾ ڏسي منهنجي ماءُ ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺي: ٻانهون کولي
مون کي ڀاڪر پاتائين. مون کي محسوس ٿيو ته، مان
اهو ئي اسڪول کان ڀڄندڙ ٻار آهيان. جڏهن اسڪول کان
ڀڄندو هوس ته، اُن نموني سان امڙ جي سيني ۾ لڪندو
هوس. مون دل ۾ چيو: ”هاڻ ته تون وڏو ٿي ويو آهين!“
پر مان اڃا وڏو ڪونه ٿيو آهيان!! نه ڪڏهن وڏو
ٿيندس.!!!
مون پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ سان هٿ ملايو ۽ انهن جا هٿ
ڄميا. پوءِ اسان گڏجي سِگري جي چوگرد ٿي ويٺاسين.
چپ ۽ ماٺ. امڙ مون کي گهوري رهي هئي. پيار ۽ ڏک
مان. نظر ئي نه پئي ڪڍيائين! دير کانپوءِ امڙ
پڇيو: ”ڪيئن آهين؟“
”هُون.“ مان ڇرڪي پيس. ”جيءُ.“
”تون خوش ته آهين؟“
”ها- ها.“
”پورا ٻه سال ڪٿي هئين. ڇا ڪندو آهين؟“
”ڪجهه به نه ڪندو آهيان ۽ اُت ئي هيس.“
”ٿڪجي پيو آهين نه؟“
”نه. نه...... مون کين هوريان چيو:”اهڙي ڪابه
ڳالهه نه آهي. مان ٺيڪ ڇا، پر ٺاڪ آهيان.“
-سڀ کلي پيا. منهنجو ڀاءُ بلڪل سامهون ويٺل هو.
هُن جو هيٺيون چپ سُڄيل هو. اکين ۾ اَڻ ڄاڻ خوف
جون ريکائون اُڀريل هيون. هو ڊنل هو. مون هُن کان
پڇيو: ”تون ڇا ڪندو آهين؟“
ڪجهه به نه!“
”ڇو؟“
”بس.“
مون پنهنجي ڀيڻ سان نه ڳالهايو؛ کيس ڏٺم ۽ هُن به
ڏٺو ۽ ائين خاموشيءَ سان هڪٻئي کي ڏسندا رهياسين.
مون چور نظرن سان اُن پراڻي ڪمري ڏي ڏٺو. سامهون
پراڻو صندل رکيل هو. جنهن تي پراڻي فراسي وڇايل
هئي. ٽپائيءَ تي پراڻي شيشن واري لالٽين رکيل هئي،
جنهن تي جيت چنبڙيل هئا. هن گهر جي ڪابه شيءَ
بدليل نه هئي: ساڳيا در ۽ دريون بي رنگ پراڻا پردا
۽ غاليچو. ڇت ۾ کجيءَ جو شهتير ۽ پراڻو پکو. ڪابه
شيءَ نه بدليل هئي نه نئين هئي!.... منهنجي ڀيڻ
ڪنهن ولايتي گُڏيءَ جيان لڳي رهي هئي. پنهنجين
چيرين اکين سان سگري جي ٽانڊن کي تڪي رهي هئي،
جنهن جا اولڙا سندس مک تي جرڪي رهيا هئا. رڳو امڙ
وڌيڪ پوڙهي ٿي ويئي هئي.
”اڙي! تون ڳالهائين ڇو ڪونه ٿو.“ امڙ چيو: ”ڪٿي
تون گونگو ته نه ٿي ويو آهين.“
”ڇا- چوان؟“
”ٻه سال ڪٿي هئين؟“
”اُت ئي هيس.“
”ڀلا،ا يترو عرصو ڇا ڪندو هئين؟“
”ڪجهه به نه.“
”ڇو؟“
”بس....“
”تون ٿڪل آهين. ويهه! مان تو لاءِ گرم کير ٿي ٺاهي
اچان.“
”نه... توهان ويهو.... مان ٺيڪ آهيان.“
-
منهنجي ڀيڻ اتان اٿي صندل تي ٿي ويٺي.
مون هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي پراڻي گهر جي، پراڻي ڪمري
۾ ويٺل پراڻن ماڻهن کي ڏٺو. سڀ ڪجهه ساڳيو هو: در
۽ دريون، پردا، ڀتيون ۽ ڇت، شهتير ۽ ٻيو سامان- سڀ
ساڳيا هئا!
لالٽين ٻري رهيو آهي- هن جي مٿان ۽ شيشي تي ڪجهه
جيت مئل آهن ۽ اڏري رهيا آهن.
ڪٽليءَ ۾ گرم پاڻي ٽهڪي رهيو آهي. منهنجي ڀيڻ اڃا
صندل تي ويٺي هئي. بي سُڌ ۽ خاموش. ڪنهن ولايتي
گُڏيءَ جهڙي. سندس ڪنڌ هڪ هنڌ لڙڪيل هوس ۽ اکيون
ڄمي ويون هيس. رات هوريان هوريان گذري رهي هئي ۽
اسان سڀني هڪ خاموش غم جي عينڪ سان هڪٻئي ڏي پئي
ڏٺو. شايد اڄوڪي رات ڊگهي ٿي وڃي..... |