سلاست جي معنيٰ آهي ته ڪلام ۾ اهڙا لفظ ڪم
آيل هجن، جي روزمره ماڻهو استعمال ڪن ٿا، ۽
استعارا، تشبيهون ۽ ٻيون ڪلامي صنعتون اهڙيون
ساديون ۽ سوليون هجن، جو ماڻهو هڪدم پروڙي سگهن ۽
هر هڪ ماڻهو پنهنجي پنهنجي فهم ۽ لياقت آهر ان مان
لطف ۽ مزو
حاصل ڪري سگهي. سڀ کان سهڻو شعر انهيءَ کي چئبو،
جو جڏهن ڪو ماڻهو ان کي پڙهي يا ٻُڌي، ته ازخود
ائين چوي ته ”سچ آهي“. ۽ ان جي سلاست ۽ سادگي ڏسي
دل ۾ اچيس ته اهڙو ڪلام ”آءُ پڻ چئي ٿو سگهان“؛ مگر جڏهن
چوڻ جي ڪوشش ڪري، ته وايون بتال ٿي وڃنس.
جدت جي هيءَ مراد آهي ته شاعر کي گهرجي ته
مضمون اهڙا علحده علحده اختيار ڪري، جن تي ٻين
شاعرن پنهنجي طبع آزمائي نه ڪئي هجي؛ يا جيڪڏهن
ڪئي هجين، ته به انهن کي اهڙي طرز ۽ نموني ۾ ادا
ڪري، جو ائين معلوم نه ٿئي، ته ڪنهن جو نقل يا
تتبع ڪيو اٿس. ازان سواءِ پنهنجو مطلب اهڙن نون
نون طريقن سان بيان ڪري ۽ هڪڙي خيال کان ٻئي خيال
ڏي وڃڻ ۾ اهڙي ڪاريگري ڪتب آڻي، جو پڙهندڙ جو ڌيان
ٽُٽي نه وڃي، ۽ پڻ سندس لفظن ۽ جملن ۾ اهڙو جوش ۽
اثر هجي، جو ڀائنجي ته اهي لفظ ۽ جملا سندس اندر
مان اُڌما ڏيئي نڪتا آهن.
[”مقدمه لطيفي“- باب شعروشاعري]
شاهه زمان ڀنگر
سنڌ ۾ سنڌي شاعرائون
پهريون دؤر
شاعري-شيرين سخني. مٺو ڳالهائڻ- ادب جي ماءُ. وڏا وڏا ٿڪائيندڙ/
اڻ ٿڪائيندڙ، داستان- ياد رکڻ ڏکيا. ان دور جي
منظومات جي ابتدا. اهو سڀ ڪجهه ڪڏهن کان ۽ ڪٿان
کان ٿيو- ڪا خبر ناهي.
سنڌ جا ماڻهو ڪچهرين
جا مور راتين جون راتيون قصا، منظوم قصا، اونهارن
۾ چانڊوڪيون راتيون، سيارن ۾ مچ ٻريل چوڌاري ماڻهو
ويٺل هر هر جملي ۾
Invole.
”واهه ڙي واهه“ جا آواز داستان گو کي همت
ڏياريندا صبح ٿي ويندو. قسط پوري، نئين رات نئين
قسط، قصن/ منظوم قصن جو تسلسل بعضي ڪئي ڪئي ڏينهن
هلندو.
وقت گذري ٿو، عشق ۽ محبت جا قصا ته اڳهين هئا، هاڻي محض ڪردارن
جون آهون دانهون، آسون، ڏوراپا شعري گهاڙيٽي ۾
پوئجڻ لڳن ٿا.
ڪچهريون مردن جون، عورتون گهرن ۾، کين ڪا به خبر ناهي. وقت
گذري ٿو. عورت، جيڪا گهڙي جي آسري دريا اُڪري
سگهي ٿي، ڪيچ جا ڏک ڏاکـڙا ڪري سگهي ٿي، جوڳياڻي بڻجي رٺل
پٺيان وڃي سگهي
ٿي. شاعري به شروع ڪري ٿي. مگر لڪ ۾. شاعري-
رازداري!
وقت گذري ٿو، لوڪ گيتن جي اڻ ڄاتل دورن کان پوءِ، عورتن ۾،
تعليم اعتماد پيدا ڪري ٿي ڇڏي، ۽ ويهين صديءَ ۾
سنڌي شاعريءَ ۾ باقاعده عورتن جي
Entry
ٿئي ٿي.
نور شاهين: سنڌي شاعري ۾ پهريون باقاعده مؤنث نالو، جنهن کي
يقينا ٻڌڻو ۽ برداشت ڪرڻو به گهڻو پيو هوندو، ليڪن
بي باڪ ۽ بي ڊپي، تمام گهڻي جرائت سان باقاعده
لکيائين ۽ خوب لکيائين. ان دور ۾ مجموعي طور تي
ننڍي کنڊ تي فارسي جو اثر هو. اردو ۾ به گهڻي
شاعري ٿي رهي هئي. انهن جو اثر هن شاعره به قبول
ڪيو آهي.ليڪن پنهنجو تشخص مڃرائڻ سان گڏ سنڌي
شاعريءَ ۾ عورتن جي لاءِ رستا کوليائين، سندس
شاعريءَ جو مجموعو ”رس نه رُسڻ گهوريو“ جي نالي
سان ڇپيل آهي.
غزل
جي دل جي بعد ٿيا پيدا شرارا،
مون تنهن ۾ ڏٺا عشق جا ڪي شوخ نظارا،
همٿ نه جهلي حور، نڪا جن و ملائڪ،
صد شڪر غم عشق ڪيو مون ئي گوارا.
ماهيا: هي عشق چيو منهنجي
بيڪل مان بنا تنهنجي! اڄ حسن وفا بنجي
تون منهنجي دعا بنجي
بيت
راڻي ۾ هئي ڪاڻ، جو بيهي سگهيو ڪين،
تکا هئا ڪي ٻاڻ، بره سندي بيراڳ ۾.
هڪ ڀيري ويس ڪعبي، بت خانو نظر آيو.
بتخانو ڦري ٻيهر پئمانو نظر آيو.
وک جلدي ڦري ٻيهر پئمانو نظر آيو.
جو ساقي نظر آيو، مئخانو نظر آيو،
رضيه ناز ڀٽي:- نور شاهين جي دؤر ۾ ٿورو اڳ يا پوءِ هي نالو به
شاعري ۾ پاڻ مڃرائڻ ۾ ڪامياب رهيو. کيس به ساڳين
حالتن سان منهن ڏيڻو پيو، پر رضيه ناز ڀٽي به
همت ۽ دليري سان لکيو، ۽ سندس شاعري ان دؤر جي اهم
شاعري آهي.
ڪفر ۽ اسلام کي تون برسر پيڪار ڏس،
زندگي مومن جي ڏس، ۽ پڻ سندس ڪردار ڏس.
نعره تڪبير سان جيڪي مجاهد ٿا وڌن،
ڪفر لرزان ٿو ٿئي تن کان اُهي سالار ڏس.
في سبيل الله جي خدمت ڪري خادم ٿيا،
غزنوي غوري ۽ اورنگزيب
جا اطوار ڏس.
هي آهون هي دانهون هي معصوم چهرا،
هي ظلم وستم بيوسين تي پهرا،
هي رستن تي بس لاش ئي لاش پکڙيل،
جي ڀاڳين بچيا زخم ڏس تن جي گهرا.
ان دؤر ۾ ٻين ڪيترين ئي شاعرائن شاعري ڪئي، پر تمام گهڻ نالا
سامهون آيا، جن نالن تاريخ جي پنن تي رهڙا ڏنا، تن
۾ نظم جي شاعره ”منور“، نظم ۽ بيت جي خالده ڪاظم
شيخ کانسواءِ حنيفه تسبم، نجم، ع. ق شيخ، هما،
عذرا بانو، فهميده خانم ”اديب“، نسيمه وغيره جا
نالا شامل آهن.
هيستائين شاعريءَ ۾ عشق محبت ئي اهم موضوع رهيو.
ٻيو دؤر
ون – يونٽ جي خلاف سنڌ جي ماڻهن هلچل ۾ ڀرپور حصو ورتو. سنڌي
اديبن ۽ شاعرن جو ان ۾
Contribution
رهيو. ان دؤر ۾ سنڌي شاعريءَ کي نئون موضوع مليو،
جنهن تي سنڌي شاعرائن به لکيو. ان دور ۾ جيڪي نالا
ملن ٿا، تن مان اڃان ڪي ته اڄ تائين لکن پيون، ۽
ڪي خاموش ٿي ويون.
سحر امداد: ون – يونٽ واري دؤر ۾ سحر بلوچ جي نالي سان پنهنجي
ادبي سفر جو آغاز ڪندڙ مئڊم سحر امداد هڪ سڄاڻ ۽
حقيقي معنيٰ ۾ سنڌي شاعريءَ (مجموعي طور تي) جو هڪ
روشن باب آهي. ذهانت سان لکيو ۽ پاڻ مڃرايو آهي.
اڄ هوءَ سنڌي ٻوليءَ جي وڏي شاعره آهي. موضوعاتي
لحاظ سان هن وٽ جدت آهي، واقعي به هوءَ جدت طراز
آهي. سندس شاعري 1970ع وااري ڏهاڪي کان مسلسل
ڇپي آهي.
هوءَ پاڻ چوي ٿي:
مان ويراڳي هان
مون کان منهنجا گيت رسي ويا آهن.
پر سندس ڏات ۽ ڏانءُ اڄ تائين هن جو ساٿ ڏيئي رهيا آهن.
مارُن سندي ڇنن ۾
اُتاڻ جي تنن ۾
ٽڙڪاٽ جي بنن ۾
۽ ڪروڌ جي کنن ۾
ڀر جيو وڃي منن ۾
کنوڻيو کڻي هٿن
۾
شيهو ڀري لڱن ۾
طوفان جي رٿن ۾
وڌندا وڃو جٿن ۾
۽ نينهن جي نشن ۾
بارود ڀر بدن ۾
مون کي سندي مٽن ۾
آ ويهه جو سپنن ۾
روشن رهيو سدائين
فينڪس جا اکن ۾
سرندي سندي سرن ۾
ٻيجل جي تون گهرن ۾
بارود ڀر رڳن ۾
آڳ جا ڦٽن ۾
۽ پيڙ جا ڦٽن ۾
جيڏو ڪرين جهٽن ۾
ڦيرائي هڻ پٽن ۾
هي رات آ سٽن ۾
جيڏو ڪرين جهٽن ۾
بي رحم برپٽن ۾
سورج ڦٽو جهٽن ۾
سورج ڦٽو جهٽن ۾.
نورالهديٰ شاهه: ”قيدياڻي جون اکيون ۽ چنڊ “ جي تخليقڪار ستر
واري ڏهاڪي ۾ شاعريءَ جو آغاز ڪندڙ مئڊم نور
الهديٰ شاهه،
جنهن کي ماڻهو ڪهاڻين ۽ ٽي وي ڊرامن جي ڪري
سڃاڻين، سا هڪ سگهاري شاعره آهي. گذريل سال نيشنل
آف دي آرٽس پاران راولپنڊي ۾ هڪ شام ۾، پاڻ کي
شاعره سمجهڻ تي فخر محسوس ڪرڻ جو اعلان ڪندڙ مئڊم
نور مسلسل ۽ اڻٿڪ لکيو آهي، کين اظهار لاءِ سگهاري
سوچ ۽ فڪر يا لفطن لاءِ محنت ان ڪري نه ٿي ڪرڻي
پوي، جو سندن
Approach
مٿانهين آهي، فڪر اونهون آهي.
سندن 1974ع ۾ ڇپيل نظم تان ورتل:
نوري
پنهنجن کي پنهنجو چئي
ڇا ڏٺئي
پنهنجا ته آهن پياري
ڌارين کان به بدتر
ڪنهن ڀل ٿين ڪانڌي
ڪنهن ڀل ٿين قاتل.
1990ع ۾ ڇپيل نظم جو ٽڪرو:
تارا ته اڳهين ڇيگرا
پر هوا جي چپڙن تي ڌري سانت جي آڱر
ڪنهن به سر گوشيءَ جي ورندي نه ڏجانءِ
رات جي وارن ۾ هوريان لهجانءِ
ڪوئي ڪرڻو ڪٿي اڌ پنڌ ۾ ٽٽي نه پوي
راز کُلي نه پوي
هيٺ منهنجي کٽ وٽ
لوڪ ستل هوندو
لوڪ جي نيڻن تي هوريان پير ڌرجانءِ
منهنجي گهر جا دروازا کليل هوندا
چنڊ!
تون اچجانءِ رات جي پوئين پهر
سلطانه و قاصي: شاعريءِ ۾ نوان تجربا ڪرڻ ۾کيس جيڪا زبردست موٽ
ملي، تنهن مئڊم سلطانه و قاصيءَ کي پنهنجي دور جي
اهم شاعره مڃرايو. آزاد ۽ نثري نظم جنهن انگ ۽
ڍنگ سان اڄ ڪلهه لکي پيو، پاڻ ان جي باني آهي.
1970ع واري ڏهاڪي ۾ سندس خوبصورت خيالن ۽ لفظن
واري شاعري پڙهندڙن
کي ملي. ڳچ عرصي کان سندس ڪا پاور فل تخليق اسان
کي ڪو نه ملي آهي. اسين واقعي به سندس شاعريءَ کي
مس ڪري رهيا آهيون، کيس وري ساڳي خوبصورتيءَ سان
لکڻ گهرجي.
اونداهيءَ ۾
هڪ ڏيئڙي
پنهنجي روشنيءَ سان
اونداهيءَ کي اڃا وڌيڪ
تاريڪ بڻائي ڇڏيو آ.
مريم مجيدي: سنڌيءَ جي محترم ۽ معتبر شاعره مريم مجيدي مسلسل
لکيو آهي. زندگيءَ کي گهڻو ڪري
Passimistic
رخ کان ڏسي لکيو اٿائين.ذاتي مشاهدي تي مشتمل درد
ڀري شاعري گهڻو ڪري ماڻهن کي پسند ايندي آهي.
1970ع واري ڏهاڪي کان سندس لکڻيون ملن پيون.
صدين جي سفر کي پلن ۾ پڄائي
اچي پاڻ پهتا، هتي هاڻ آهيون.
اسان کي سڄڻ پر
اوهان جي سڃاڻو
•
دين
ڌرم سڀ وسريا توبن
پنهنجو پاڻ به ڪين سڃاڻا
ڳڻي سگهين جي گهاءَ ڳڻي ڏس
ڪهڙا حال پڇين ٿو راڻا
ڪا ڪا اک ٿي سپنا ماڻي
نيڻ ٽمن ٿا روز نماڻا.
ثريا سوز ڏيپلائي: تيز لهجي ۾ ڏاڍي خوبصورت ۽ دل کي ڇهندڙ شاعري
ڪئي اٿائين.
جي ها ڪئي سون ته ”نا“ نه ٿيندي
جي ”نا“ ڪئي سون ته ”ها“ نه ٿيندي
اسان اوهان
کي ڏسي ڇڏيو آ
ڇڏيو اوهان کان وفا نه ٿيندي
وفا جي اميد ۽ اوهان کان
اسان کان ليڪن جفا نه ٿيندي.
اوهان جي عادت عدم توجهه
اسان کان هاڻي ريا نه ٿيندي.
ثريا سنڌي: ون- يونٽ واري دؤر جي شاعرائن ۾ هڪ اهم نالو ڏاڍو
سٺو لکيو اٿس. انداز نرالو ۽ فطرت جو مشاهدو به
سٺو اٿس.
رفق تي اداسيءَ جا اهڃاڻ آهن
زمين جون هوائون به حيران آهن
پري تائين پربت پريشان آهن
هي چودار
ويران وحشت جا پهرا
۽ سهميل سرءُ ۾ نظارن جا چهرا.
مهر پروين: ستر واري ڏهاڪي ۾ هن نالي سان رومانٽڪ شاعري ڇپيل
آهي. پاڻ نعتيه شاعري به ڪئي اٿائين تمام ٿورڙين
شاعرائن پراڻي دؤر ۾ مختلف صنفن تي لکيو آهي. جن ۾
مهر پروين جو نالو به آهي. پاڻ نعت، ڪافي، غزل ۽
بيت لکيو اٿائين.
نبين ۾ نروار حضرت محمد ﷺ
رسولن جو پڳدار حضرت محمد ﷺ
ضعيفن جو ضامن، سقيمن جو ساٿي
يتيمن سندو يار، حضرت محمد ﷺ
(بيت)
تن تنين جي تات، ڏسڻ کان جي ڏور ٿيا،
بڻي نه ڪائي بات، پسڻ ڌاران پرينءَ جي.
صبح ”ساز“: صبح ”ساز“ جي تمام ٿوري مگر بي حد دلڪش شاعري آهي،
خبر ناهي ڇو گهٽ لکيائين، کيس گهڻو لکڻ/ ڇپجڻ
کپندو هو.
دل ۾ پيارهو ته نفرت جي به ڀرمار هئي،
زندگي پنهنجي مصيبت ۾ گرفتار هئي.
دل رڳو قيد جي احساس کان بيزار هئي.
گهر جي ڀت جهڙي ته زندان جي ديوار هئي.
سڀ وڏي شوق سان محفل ۾ ڏسن ٿا جنهن کي
ڦاٽل اوڇڻ هو منهنجو يا نئين اخبار هئي.
نذير ناز: سينيئر شاعرائن ۾ سندس نالو به اهميت جو حامل آهي. هڪ
جاکوڙي خاتون جنهن پنهنجي عمر جدوجهد ۾ گذاري آهي.
کيس ٻين خوبين سان گڏ شاعريءَ جي ڏات ۽ ڏانءُ به
مليل آهن.
سلميٰ صدا: سندن شاعريءَ جو نمونو.
بخت کي التجا ڪيان ڪهڙي؟
بي وفا جي گلا ڪيان ڪهڙِي؟
رنج منهنجي اکين اڳيان آهن
راحتن جي پڇا ڪيان ڪهڙي؟
رخسانه پروين نازي:
رکيو آسيني ۾ غم کي تنهنجي خوشيءَ جي لئه،
ويو سو بنجي تماشو سڄي وستيءَ جي لئه.
عذرا جبين ميمڻ:
پريت جي وستي، سورن ساڻيهه، سُک جو ناهي نگر
توکي ڪهڙي خبر
ماڻهن جا روپ هزار، هي آهي روپ نگر
تو کي ڪهڙي خبر
خديجة الڪبريٰ ابڙو:
پنهنجا ڀاڳ ڀلا هن سائين
پنهنجا ڀاڳ ڀلا
ڪوشش کان جن ڪين ڪيٻايو
تن جا سهنج سداهن سائين
پنهنجا ڀاڳ ڀلا.
شميم ميمڻ:
اي سنگتراش
پٿر کي ايئن روپ نه ڏي
تنهنجي سوچ ۽ تنهنجي پيڙا
تنهنجو فن
روپ وٺي هن مورت جو
ٿيندو تنهنجو ئي ڀڳوان.
خديجه ميمڻ:
پريشان پريشان ۽ حيران
مان رلندي رهان ٿي.
حياتيءَ جي سنسان راهن رُڃن ۾
اڃايل امنگن جي پکڙيل
پٽن ۾
مان رلندي رهان ٿي.
تسنيم يعقوب
لفظ مٺڙا ماکيءَ مصريءَ جهڙا
احساسن جي لڙهيءَ ۾ پوئي
املهه ماڻڪن جي مالها وانگي
ڪنهن کي ڀيٽ ڪجن
تن جو ڀيد
ڪي سمجهن ڪي نه سمجهن
ثريا سوزهالائي:
جت بک ۾ ماڻهو پاهه ٿين
جت پلپل ڏورها ساهه ٿين
جت گهڙيءَ گهڙيءَ کي گهاو ٿين
جت ڀاءُ نه ڪنهن جا ڀاءُ ٿين
اُت ساهه سڪائي ڪيئن جيون
ڪيسين ساهه سڪايون ساٿي!
ڪيسين سور پيون؟
انهن کان سواءِ جن شاعرائن شاعري ڪئي تن ۾ شبنم موتي، رشيده
قطب، نسرين جوڻيجو، هدايت جهان مرڙاڻي، نور جهان
کتري، ايشوري وغيره جا نالا شامل آهن.
ٽيون دؤر
هي دؤر اُهو آهي جنهن ۾ 80 جي ڏهاڪي کان اڄ تائين جي شاعريءَ جو
جائزو شامل آهي. هن وقت جي شاعرائن جي لاءِ جيڪڏهن
چئون ته تمام سٺو لکن ٿيون، ته الائي ڇا ڇا ٻڌڻو
پوندو. حقيقت اها آهي ته ارتقا جون منزلون طئه
ڪندي هن وقت تمام خوبصورت ۽ پاور فل شاعري تخليق
پئي ٿئي.
عطه دائود: ڪراچيءَ جي دونهاٽيل ماحول ۾ گهر کان آفيس تائين
ايندي ويندي، شاعريءَ جا محرڪ تلاش ڪندڙ عطيه
دائود موجوده شاعرائن ۾ سڀني کان سينيئر آهي. ڪافي
عرصي کان لکي پئي. ذهين ۽ سڄاڻ آهي، چوڻ ۽ لکڻ جو
ڏانءُ اٿس. کيس ادب سان وابستگيءَ جي موٽ به چڱي
خاصي ملي چڪي آهي. سندس شمار اڄ جي اهم ليکڪائن ۾
ٿئي ٿو، اهو ئي سبب آهي، جو سندس شاعري جو مجموعو
انگريزي ٻوليءَ ۾ آصف اسلم فرخي ترجمو ڪيو آهي ۽
تازو سندس مجموعي ڪلام ”شرافت جي پلصراط “ جو اردو
۾ ترجمو مشهور شاعره فهميده رياض ڪيو آهي.
پريت جي ريت
مان پريت جي ريت، نڀائڻ ڄاڻان ٿي،
تنهنجي منهنجي وچ ۾
جي درياءَ هجي ها،
ته پار ڪري اچان ها
پهاڙن جا پنڌ هجن ها،
ته لتاڙي اچان ها.
پر هي جيڪو تو مون لاءِ
تنگ دليءَ جو قلعو اڏيو آ،
مصلحت جي ڇت وجهي
ريتن رسمن جو رنگ ڏنو آ،
فريب جو فرش وڇائي
لفظن جي جادوگريءَ سان ان کي سجايو آ،
تنهنجي ان مڪان ۾
مان ماپي نه سگهنديس.
ارم محبوب: مئڊم ماهتاب محبوب جي نياڻي، حسن درس جي گهر ڌياڻي
خوبصورت شاعره ارم محبوب ارم حسن ۽ ارم درس جي
نالن سان به لکيو آهي، مطالعو ۽ مشاهدو سٺو اٿس،
لکڻ جو انداز دلفريب اٿس. آزاد ۽ نثري شاعريءَ ۾
سندس اهم حيثيت کان انڪار ممڪن ناهي. ارم مسلسل
لکندي رهي ته آئيندي جي اهم شاعره هوندي. سندس
شاعريءَ جو مجموعو ”منهنجي ڌرتي“ ڇپجي چڪو آهي.
ان کان اڳ جو پاڻ وساريون
ڇو نه گڏجي يادون ٻاريون
جدا جدا جيون راهن تان لنگهندي
ان کان اڳ جو ساريون يادون
باقي جيون رک بڻائين
ڇو نه گڏجي يادون ٻاريون
پوءِ ڪير چئي ٿو:
سپنو نيڻن ٻاهر نه وسندو آهي.
اهو سپنو طلسم ڪوئي ڀڃي جي
موتي موتي ڪو ئي جو ميڙي
هي سارو جهان انهي جو آهي.
نه ته سپنو سپنو جيون آهي.
رخسانه پريت چنڙ: نوابشاهه جي هوائن ۾ ساهه رکندڙ رخسانه هن وقت
جي وڏي شاعره آهي. پابند شاعريءَ ۾ سندس حيثيت
تمام گهڻي اهم آهن. جنهن مستقبل مزاجيءَ سان لکي
پئي ۽
Quality
کي برقرار رکيو ٿي اچي، اهو
سندس وڏي شاعره هئڻ جو ثبوت آهي. مستقبل جون
کانئس وڏيون اميدون آهن.
سندس لکڻين مان ورتل:
گهڻو ڪجهه آ نه هو رڳو آهي
تنهنجي محفل ۾ جو پُڳو آهي.
ڪهڙي گهر کي چوين بچائڻ
لئه
ساري سنڌڙي منهنجو جهڳو آهي.
تن ۾ تونس، اکڙيون آتيون
پُڇي پرينءَ جا پار
جوڀن ناهي ميار
چوڌهين چنڊ جيان جا ڳائي ٿي.
پريتم تنهنجي سار
جوڀن ناهي ميار.
شبنم گل:
وک وک تي حياتي فريبي لڳي
رانگ نمبر تان ورتل محبتن جيان.
ريڊيو ذريعي سنڌ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ پهچندڙ هي لفظ شبنم گل جي غزلن ۾
موضوعاتي نواڻ جو نياپو هر ماڻهوءَ کي ڏين ٿا. هن
فارميٽ ۾ تبديلي آڻڻ کانسواءِ اهو اعزاز حاصل ڪيو
آهي. شبنم گل خواتين ۾ اهم نالو آهي، جنهن باقاعده
Cometment
سان لکيو آهي. انگريزي ادب پڙهائي ۽ سنڌي ادب پڙهي
ٿي، ۽ ٻنهي جو اثر به قبولي ٿي، جيڪو فطري آهي.
آئينده شبنم جي صورت ۾ هڪ سٺي شاعره ملندي يا
ڪهاڻيڪاره اسين اڃا تائين سوچون ٿا، سندس شاعريءَ
جو مجموعو ”آخري لفظ“ جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي.
گذريل وقت ڪنڊي جيان
من ۾ اٽڪي پيو آهي
يا
چنڊ ڪنهن ٿڪل مسافر جيان
پنهنجي منزل ڏانهن محو سفر آهي.
جيئن خوابن وٽ ڪو ڪنارو ڪونهي
تيئن شاعريءَ کي ڪو سهارو ڪونهي
•
جي نيڻن جي هڪ نهار سان
اَٽڪي پيو ڄڻ بهار سان،
هئي منزل هڪ پر جدا راهون
ويا مٽي ٿي جذبا غبار سان.
جسم جا خريدار ڇا ڄاڻين تون
پيار ملندو نه آ
هاڪار سان.
روبينه ابڙو: لاڙڪاڻي شهر جي خوبصورت شاعر روبينه ابڙو اونهي
فڪر، خوبصورت لفظن ۽ ٽيڪنيڪي لحاظ سان پرفيڪٽ شاعره آهي. سندس شاعري ڏات ۽ ڏانءُ جو حسين سنگم آهي، ادبي
ادارن کان پرڀرو هئڻ ڪري کيس گهربل موٽ ۽ شهرت نه
ملي سگهي آهي. تنهن هوندي به هوءَ باقاعده اڻٿڪ
لکي رهي آهي. سندس مستقبل به روشن آهي. اسين ان
سلسلي ۾ بلڪل پر اميد آهيون.
ڪو ئي ڪين آهي فضائن جو ڀُڻڪو،
نه ئي ڪو ئي ايندو هوائن جو ڀُڻڪو.
تون جوڙيل آن ڪهڙي مٽيءَ جي ڳهيلي،
اڃا ڀي اميدون دعائن جو ڀڻڪو.
هوائن جي رول سان دل لڳائيه،
ڪٿي ٿو رُڪي هو صدائن جو ڀُڻڪو
رات دستڪ ڏني ڪنهن پڪاريو هو.
دل جي دروازي تي ڪير آيو هو.
ناهيد مغل:
P. M C.
نوابشاهه جي سائنسي ڄاڻ رکندڙ ناهيد مغل
هڪ سگهاري شاعره آهي. سماجي ۽ ثقافتي
Values
جي ڄاڻ اٿس. گذريل ڪجهه سالن کان ڏاڍو سٺو لکيو
اٿس. اسين اميد رکون ٿا ته ڊاڪٽري جي پريڪٽس اسان
کان هڪ اهم شاعره کسي نه ورتي ته هوءَ آئيندي جي
هڪ وڏي شاعره بڻجندي. |