سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1997ع (شاعري نمبر)

مضمون --

صفحو :14

جيجي زرينا بلوچ

غزل

منهنجي جنون جو حال بهارن کان پڇي ڏس،

سانوڻ جي دلفريب، نظارم کان پڇي ڏس.

ڏينهن رات روئان پيئي، سندي انتظار ۾،

يقين جي نه اچيئي ته، ستارن کان پڇي ڏس.

طوفان عشق کان ڀڄڻ، منهنجو محال هو،

منهنجي ٻڏڻ جو حال ڪنارن کان پڇي ڏس.

پنهنجي ئي دل جي باهه، جلايو آ اي مٺا،

سينو سڙي ٿيو خاڪ، شرارن کان پڇي ڏس.

 

ڇيڄ

جيڪا هنج وانگي هلي،

جيڪا مور وانگي ٽلي-

سا واهه، لڏڻ وهه وا.

جنهن جا چپ گلابي گل،

جنهن جا صوفن جهڙا ڳل-

سا واهه، لڏڻ وهه وا.

جنهن جي عمر سورنهن سال!

جنهن جي ڳچيءَ ۾ ڪٺمال!

سا واهه، لڏڻ وهه وا.

جنهن جي اکين ۾ آڙاهه،

جنهن جي دل دريا شاهه؛

سا واهه، لڏڻ وهه وا.

جنهن جي ڪونج جهڙي ڳچي،

جيڪا سون کان به سچي؛

سا واهه، لڏڻ وهه وا.

جنهن جو من  موتيءَ داڻو،

جنهن جي روح ۾ آ راڻو؛

سا واهه، لڏڻ وهه وا.

جيڪا مکڙيءَ وانگي مرڪي،

جيڪا هرڻيءَ وانگي ڇرڪي،

سا واهه، لڏڻ وهه وا.

گيت

ڇو ٿو ڳنڍين تون سڱ سياپا،

ڪوڙي جڳ ۾ مورک انسان،

ڇو ٿو ڳنڍين تون سڱ سياپا.

جنم جنم جا ساٿي سڀ،

ڌار ٿي وينديئي دوست دلارا،

ويندءِ ڇڏي سڀ سڀ لڳ لاڳاپا،

ڇو ٿو ڳنڍين تون سڱ سياپا.

ڪنهن جو ڪنهن سان ساٿ نه رهندو،

خالي هٿين هتان هرڪو ويندو،

ساٿ ڇڏيندا جيءَ جياپا،

ڇو ٿو ڳنڍين تون سڱ سياپا.

خواب جي دنيا خواب ٿي ويندي،

خاڪ جي هستي خاڪ ٿي ويندي.

ڪنهن کي ڏيندي پوءِ ڏک ڏوراپا،

ڇو ٿو ڳنڍين تون سڱ سياپا.

*

ج.ع. منگهاڻي

ترائيل

ڀرجي آيا ڇو؟ تنهنجا نيڻ ڪٽورا!

اها ڀي ڳالهه آ ڪا روئڻ جهڙي!

روز وڪامن ٿا ڇو! جذبا ڪورا

ڀرجي آيا ڇو؟ تنهنجا نيڻ ڪٽورا!

ڪهڙي هينئڙي ۾ اٿئي هورا کورا!

تنهنجي مرضي هلڻ ڳالهه آ هوئڻ جهڙي!

اها ڀي ڳالهه آ ڪا روئڻ جهڙي.

ڇتارا

خواب جا گلڙا ڦٽا خوشبو سمائي ساهه ۾،

ماڳ جا منظر سمورا پياٿا ڏسجن راهه ۾.

راهه ۾ پٿر مليا هن قيمتي ماڻڪ مثال،

جن سان هلندي پيئي ڌرتي ڀاسي ڪوئي نڀ و مثال.

ساڀائون ڪٿ رهن ٿيون، ڪو ٻڌائي! ڏي جواب!

 

ڇوري ڪهڙن پورن ۾ ٿي پيئي آهين ساڻي؟

آسروندين ماڻڪ اکين ۾ ڇو پيئي پاڻي؟

پاڻي کارو تنهنجي دردن جو ڇا دارون ٿيندو!

ماڳهين تنهنجا خواب رسيلا ساڻ وهائي نيندو!

خوابن جون تعبيرون کسبيون آهن زوران زوري،

 دنيا چنڊ تي پهتي آهي تون ڪٿ آهين ڇوري!

 

ترائيل

وري مينهن وسندا، وري چاڪ چڪندا

وري سوچ سفرن جي ٿيندي حوالي

وري خواب نيڻن جي ڳلين ۾ لڪندا

وري مينهن وسندا وري چاڪ چڪندا.

وري خيال کاڻا نهاريندا سڪندا

وري آس سحرن جي ٿيندي حوالي

وري مينهن وسندا وري چاڪ چڪندا

وري سوچ سفرن جي ٿيندي حوالي.

ترائيل

آيو ڪهڙي آس رکي اڄ وستيءَ ۾ جوڳي!

اوسيئڙي جو ماريل ڪوئي جيءُ ملي شايد.

 

چانڊوڪيءَ ۾ راڳ رسيلا ڳائي پيو روڳي

آيو ڪهڙي آس رکي، اڄ وستيءَ ۾ جوڳي.

 

ڳولي لهندو شايد اهڙي ناري نياري موڳي

نيڻ نمائي جيڪا هلڪي مُرڪ کلي شايد.

 

آيو ڪهڙي آس رکي اڄ وستيءَ ۾ جوڳي

اوسيئڙي ۾ ماريل ڪوئي جيءُ ملي شايد.

*

غزل

رات ساڳي آهي تارا سڀ نوان

چنڊ وارا رند چارا سڀ نوان.

 

من ٿو چاهي هٿ جهلڻ سو هٿ ڪٿي!

چؤطرف چوڏس سهارا سڀ نوان.

 

هيل آيو آهي سانوڻ نئين طرح

کيت گليون  گپون گهارا سڀ نوان.

 

نيڻ ٿا ڳولين منظر هاءِ! جي

سي ڪٿي منظر، نظارا سڀ نوان.

 

پريم جي نگريءَ جي بدليا سڀ اصول

پريت ساڳي آهي پيرا سڀ نوان.

 

آءُ ”منگهاڻي“ عميقن مان اُٿون !

هاڻ لهنداسين ڪنارا سڀ نوان.

عطيه دائود

 

نئون  سماج

منهنجي ڪشڪول ۾ کوٽا سڪا وجهندي

ٽيڏي اک سان ڇا ڏسندو آهين!

محبت ۽ بک ٻئي انڌيون هونديون آهن

انهن جي ڏور تنهنجي هٿ ۾ آهي

سو جيئن چاهين، انهن کي کيڏائي سگهين ٿو

منهنجي ضرورت تو وٽ گروي آهي

سو ٿوهر جا ٻوٽا به کارائي سگهين ٿو

ٽيپو ٽيپو زهر سڄي حياتي مون کي پياري سگهين ٿو

محبت جي مٺ هيڪر ڏئي

پوءِ اُٺ وانگر ڪيڏو به سفر ڪرائي سگهين ٿو

نظرون ملائيندي ڇرڪندو ڇو آهين

ڏک ۽ انتظار ٻئي گهرا هوندا آهن

۽ انهن جي نبض تنهنجي هٿ ۾ آهي

سو جيڏو به چاهين ته علاج کي اينگهائي سگهين ٿو

چپ چاپ نظرون جهڪائي ٿو .

وني جي واڳ تنهنجي وس ۾ آهي

سو جيڏانهن به چاهين ورائي سگهي ٿو.

بي جان مورتيءَ جيان تنهنجي شوڪيس جي زينت بڻجان

منهنجي حصي جو به جيون تون گهارين ٿو

روز اڀرندڙ سج مون کي آس ڏياري ٿو هميشه ايئن ٿيڻو آهي

اکين ۾ اکيون وجهي نيٺ ته پڇنديسانءِ

ته ائين مون کي پيو گهلين

ان کان اڳ جو سگهه منهنجي اندر مان نفرت بڻجي ڦٽي

اچ ته گڏجي اهي سمورا ويڇا پاڙئو پٽي اڇلايون

برابريءَ جي بنياد تي نئين سماج جي چڪي پوکيون.

*

پريت جي ريت

مان پريت جي ريت، نڀائڻ ڄاڻان ٿي

تنهنجي منهنجي وچ ۾

جي درياءُ هجي ها

ته پار ڪري اچان ها

پهاڙن جا پنڌ هجن ها،

ته لتاڙي اچان ها،

پر هي جيڪي تو مون لاءِ

تنگ دليءَ جو قلعو اڏايو آ،

مصلحت جي ڇت وجهي،

ريتن رستمن جو رنگ ڏنو آ،

فريب جو فرش وڇائي،

لفظن جي جادوگريءَ سان

 ان کي سجايو آ،

تنهنجي ان مڪان ۾ 

مان ماپي نه سگهنديس.

 

گؤري ولڀ

سڃاڻپ

اي ٿر جون ڀٽون

اي اڪ جا ٻوٽوءَ

اي ڪونڀٽو

اي اونهاري جي گرميءَ ۾

پچندڙ پيرونءَ

اي ڀٽن تي

ٽهوڪڻ وار مورؤ

منهنجي سڃاڻپ توهان سان آهي

منهنجي جسم ۾ موجود گرمي

هتي جي تتل واري سان آهي

جڏهن مينهن جا ڦڙا

واري تي ڪرن ٿا

 ته ڄڻ آئون جاڳي پوان ٿي

تڏهن مان، مان نٿي رهان

ٿر ٿي پوان ٿي.

 

نه کٽندڙ سلسلو

هڪ کان پوءِ

ٻيو امتحان

ٻئي کان پوءِ

ٽيون امتحان

هي نه کٽندڙ سلسلو

طويل کان طويل

ٿيندو ٿو وڃي

ڪٿي به پڄاڻي

نظر نٿي اچي

ڪٿي ڪو ڏيئو

ڪا مشعل ٻرندي

نظر نٿي اچي

هلندي ٿي وڃان

پيرن مان رت

سرايت ڪندو پيو وڃي

پر مان

پنهنجي ڌن ۾

انڌيرن غارن ۾

پنهنجي منزل

پئي ڳوليان!

جيڪا شايد.........

*

تسليم زنئور

مون کي ڳول

مون کي ڳول، مون کي ڳول

مان وڃائجي ويئي آهيان

ها مان وڃائجي وئي آهيان

گم ٿي ويئي آهيان

ڇا تو کان؟

نه شايد پنهنجو پاڻ کان

مون کي تلاش ڪر

منهنجي لاءِ

 پنهنجي لاءِ

مون کي ڳول!

اُتي جتي مارئيءَ جا ڪکاوان گهر آهن.

اُتي جتي مومل جو ڪاڪ محل آهي.

اُتي جنهن رڻ ۾ سسئي رُلي هئي.

مون کي ڳول!

ليلا جي پڇتاءَ ۾

ٻاگهيءَ جي سورهيائيءَ ۾

نوريءَ جي نياز ۽ نئڙت ۾

مون کي ڳول!

منهنجو وڃايل وجود انهن ئي هنڌن تي ڀٽڪي رهيو هوندو.

مون کي ڳول!

موهن جي دڙي جي سونهاري موٽي جي ڀٽن ۾.

آمريءَ جي ڊٺل نشانين ۾.

سنڌوءَ جي گهرائين ۾.

سنڌ جي تاريخ جي ڦاٽل ڪن ورقن ۾.

ڪڏهن مُرڪن ۾، ڪڏهن لُڙڪن ۾.

مان اتي ئي آهيان.

منهنجو وڃايل وجود انهن  ئي هنڌن تي ڀٽڪي رهيو هوندو.

مون کي ڳول!

ان سوچ ۾، جنهن ۾ انقلاب آ

اُن لوچ  ۾، جنهن جي اُڀ ۾ ڳاڙهو آفتاب آ!

اُن راهه ۾ جتي سانت آ، خاموشي

ان ساهه ۾، جنهن ۾ سنڌ مٽيءَ جي سڳُنڌ آ

اُن چاهه ۾، جنهن ۾ نور آ، سرور آ

مون کي ڳول، مان اتي ئي آهيان

منهنجو وڃايل وجود انهن ئي هنڌن تي ڀٽڪي رهيو هوندو.

مون کي ڳول!

وائي

تو کي ڳوليندي رهيس،

اڀاڳن جيان هر واٽ،

ٿر ۾ ٿوهر ڦُٽندا رهيا.

لاش گُلن جا منهنجي سُرٻاٽ.

هيل بهارن منجهه سُرٻاٽ،

ٿر ۾ ٿوهر ڦُٽندا رهيا.

سر شٽي ۾ سونهن تنهنجي،

مان ڄڻ ڪا اُجاڙ جاٽ،

ٿر ۾ ٿوهر ڦُٽندا رهيا.

سوچ جي وسندي آ ڀڙ ڀانگ،

شايد  تون منهنجي اُساٽ،

ٿر ۾ ٿوهر ڦُٽندا رهيا.

غزل

من ۾ آنڌ مانڌ آ ڄڻ ته ڪائي واندآ،

ساهه نٿو اُتساهه وڻي، نه هانءُ ڪڏهن هيڪاند آ.

ڪا گهنڊيءَ لار ڪنن ۾ ٻُري، ڪو هيڊو پن جڏهن چُري،

ٿا پاڇا مون پٺيان ڊُڪن، هيءُ رات وڏي وڙ واند آ.

رُڃ ۾ واڪا روح ڪري، ڄڻ جهونجڪڙي ۾ ماڪ ٻري،

ٻوهه، ٻائوريءَ منجهه اُراٽا،ٿوهر ۾ اٽڪيو پاند آ.

منهنجي ياترا اجهاڳ آ، نڪي واٽ لڀي نڪي ماڳ آ،

نه ڪي ساهي کڻڻ، نڪي ٿڪ ڀڃڻ، وير نه هڪ ويساندآ.

کنڊرن جا آثار سڏين، ڪنهن پل ڪارونڀار سڏين،

نه ٻوُڙا منهنجي هٿ ۾ نه وقت ڪنڌيءَ جو ڪانڌ آ.

وائي

وڳري وڇڙي ڳوڙها ڳاڙيان،

ماري مار نه مون،

مان ڪا مورک ڪوُنج اَلا!

سرتيون واهيري ورڻيون،

پر سڳر هُل ڪين ٻڌو مون،

مان ڪا مورک ڪوُنج اِلاَ!

واهر ڪين وسيلو

آهن بس چؤڦير ڀٿون،

مان ڪا مورک ڪُونج اَلاّ!

نڀ تي ڀل تنهنجون ڏهڪاءُ،

هيءَ ڄڻ منهنجي پنهنجي ڀوُن،

مان ڪا مورک ڪُونج اِلاّ!

هائيڪا

ساڀيا سواءِ خواب

وينگس اونداهيءَ ۾،

چونڊي ٿي گلاب.

هٿن منجهه آ ڀون،

وينگس ويڳاڻن جان،

ڳولي پنهنجي ڀُون.

گاڏيءَ جي انتظار ۾ بيٺل مسافر،

اسٽيشن ويران ڏسي ٿو،

ڀر ۾ صدا هڻي ٿو هڪ گداگر.

باهه ڏسي  ڪي ڏور ڀڄن ٿا،

پاڻيءَ جي ڳولائين ۾،

برف ۾ ڪن جا پير سڙن ٿا،

ترائيل

مون پريت گهڻو سوچي،

توکي ڳولڻ لئي ساٿي!

مون لونءَ لونءَ آ لوچي.

مون پريت گهڻو سوچي.

رڳون ڀانيان ڪينرو،

 گوري ري جهاتي،

مون لونءَ لونءَ آ لوچي،

توکي ڳولڻ لئي ساٿي!

بيت

رات هئي ساڻ منهنجي روح هو نراس ۾،

اُڃ اُجهائڻ آس ۾، ٻوڙي موٽيس جندڙي.

جهوري وجهندي جيءَ کي، سوري آس نراس جي،

جي ڪر رات اُماس جي، آئي ٻنهي وچ ۾.

ٽنگون ٻانهون ٺيڪ، عجب عڪس ۽ اولڙا،

چهرا ها يا گولڙا، لڳا ڄڻ انسان ٿي.

ڪيئن نمايان مان، سپنن اوچا ڳاٽ

منهنجي هر واٽ، کُٽي تو تي سانورا،

هر وقت پٿر اکين سان، آڪاش ڏي تڪي،

چري نه ٿڪي، کسيو ڄڻ سڀ هن آهه.

پرنم پرنم خيال تنهنجا، ويل ڪا ويل ڪل منهنجون سوچون،

اوپرا اندر منجهه تون، رهي رهي هُل ڪرين.

جهونجهڙي جي هير گهلي ٿي، اوجهڙي منهنجي واٽ،

اندر منجهه اُساٽ، پهتس سارڻ جي ڪنڌين.

وقت آهيڙيءَ جيان، آهي منهنجي ڪڍ،

اندر سارو وڍ، پوءِ به ڊوڙان رات ڏينهن.

ڪيئي صديون پنڌ ڪري  پهتس تنهنجي ڀاڻ،

هلان ڪيئن توسان پٿون منهنجا پيرڙا.

ٽيڙو

تنهنجو اوسيئڙو ۽ سج ڪرڻا

پکي ڪندا هُل،

واهري ورڻا.

مليا مون گلاب مڃٺ جهڙا رت،

گل تنهنجي نانءُ جا

چونڊيا مون فقط.

ٽامي جهڙي تتل ڌرتي،

منهنجا پير اُگهاڙا،

مون ڳولي پيڙا ورتي.

 

آشا

روپ- ٻهڙوپ

انسانيت جو اهو اڌ حصو

پنهنجي تخليقڪار وٽان

”تحفي طور“

پنهنجي سڀاو ۾

ڪتي جي بڇ

نظر ۾ بگهڙ جي وحشت

۽ جسم ۾ ڪنهن

شيطان جي طاقت کڻي آيو آهي

هن جي نظر ۾ تو لاءِ

ڪو به محبت ڀريو پيغام ڪونهي پر هوس آ

هن جا لفظ

جن جي جادوءَ ۾

تون پنهنجو وجود تائين

وڃائي ويهين ٿي

ڪا به سچائي ڪانهي

هي، جيڪو توکي ڏسڻ ۾

فرشتو ٿو لڳي

هي، جنهن جي

ڏينهن رات پوڄا ڪري

تو پنهنجي من کي

مندر ٺاهي ڇڏيو آ

توکي پنهنجي پيار سان مرغوب ڪري

صرف تنهنجي جسم کي

لوئيندو، چيريندو، ۽ ڦاڙيندو ڪنهن ڳجهه وانگر

تنهنجي هڏن کي به چٻاڙيندو ويندو ڪنهن ڪتي وانگر

پنهنجي وجود کي مڃائڻ لاءِ

هيڏا جتن ڪندي آهين

ڪڏهن به پاڻ کي ڳولي نه سگهندينءَ!

وائي

دوکن جي دورنگي دنيا ۾،

هن جيون ڏاڍو ڀوڳيو آ-

سچ سمورو ڪچ آهتڙي،

هر ڪچ سچ ۾ وهيڙهيو آ-

هن جيون ڏاڍو ڀوڳيو آ-

ڪهڙا ڏوراپا ڌارين کي.

هت ويساهه پنهنجن ٽوڙيو آ-

هن جيون ڏاڍو ڀوڳيو آ.

سنڌوءَ ۾ ٻڏي هو ڇا ڪندو،

جنهن کي پنهنجن لڙڪن لوڙهيو

هن جيون ڏاڍو ڀوڳيو آ.

 

غزل

نه ڌڪار هيٺلا! روئي پوندا،

جذبا هاڻ ڏسيا تو جاني،

نئين واٽ ڏسيا تو جاني،

ڀانءِ نه مٺا سمجهاڻا منهنجا.

تانگهه تنهنجيءَ ۾ رلُندي رلندي،

ساهه ٿي پيا ساڻا منهنجا،

مان نه پر لوڪ چوي ٿو،

ٽهڪ ڏکن هاڻا منهنجا.

وائي

لهندڙ جوانيءَ جي اڇن وارن ۾،

سپنا رت روئن ٿا.

موهن جي دڙي، جي، ڀُريل آثارن ۾،

سپنا رت روئن ٿا.

شاهي حويليءَ جي، اُجڙيل جارن ۾،

سپنا رت روئن ٿا.

اکين، چپن جي آڇ، نچڻيءَ جي اشارن ۾،

سپنا رت روئن ٿا.

تنهنجي اوسيئڙي ۾، دل جي دوارن ۾،

سپنا رت روئن ٿا.

*

مستور بخاري

تو کان هڪ سوال

تو کان هڪ سوال

ذهن جي

طاقتن تي سجيل

يادن جي

دز اڏامي پئي

جن کي رکي وساري

ويٺين.

چوندو هئين جن لاءِ ته:

”منهنجو  جيون هن“

۽ سا لا حاصل محبت

جنهن کي چند حوالا ڏيئي

نالا ڏيئي سُندر سندر

دل تان لاهي ڦٽو ڪيئي

سوچيو ٿئي:

مرڻ وارن کي

تمغا ڏيئي

ڇا انصاف پورو ٿي

سگهي ٿو؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com