زينت مير جت
(نظم)
پنهنجي من ۾
پنهنجي من ۾ جهاتي پائي ڏسو
دنيا جي اوڻاين تي
سياري جي راتين جي
۽ بهار جي هوائن تي
ڪنهن جي عظمتن تي
ڪنهن جي ذلتن تي
ڪنهن جي غم تي
ڪنهن جي مرڪن تي
ڪنهن جي لڙڪن تي
ڪنهن جي زندگين تي
ڪنهن جي موتن تي
ڪنهن جي ڏاڍن تي
ڪنهن جي ملڻ تي
ڪنهن جي وڇڙڻ تي
ڪنهن دين ۽ ايمان تي
ڪنهن جي چڱاين ۽ براين تي
لکڻ وارؤ!!
پنهنجي من ۾ جهاتي پائي ڏسو
ڇا توهان ٻين تي ته لکو ٿا
پر پاڻ انهن اعترافن ۾
پورا آهيو!
*
(نظم)
اڳتي
ڪجهه قدم اڳتي هلجي
انهن ماڻهن سان
جيڪي سچ جا پوڄاري آهن
وک وک ۾ ڏيئي
هٿ هٿ ۾ ڏيئي
نئون ساٿ جوڙي
رسمون ٽوڙي
منزل ملڻ تائين
آخرت ٿيڻ تائين.
(چؤسٽا)
مون ته سوچيو هئو
تو کي چاهيو هئو
تو کي ساريو هئو.
ٽه – سٽا
زندگي جو سفر
اڻڄاتل رستو
شام جو پهر.
خوشيءَ جي مهڪ
ڪنهن ناريءَ جي
مک تي مرڪ
*
فهميده سحرش ميمڻ
گيت
ڪيڏو مون تو کي چاهيو آهي،
پنهنجي ساهن منجهه سمائي،
تو کي نيڻن منجهه لڪائي،
سپنن منجهه سجايو آهي،
ڪيڏو مون تو کي چاهيو آهي.
پيار جي تو کي پارت آهي،
تو سان منهنجي محبت آهي،
نينهن مون تو سان نڀايو آهي،
ڪيڏو مون تو کي چاهيو آهي.
پيار اسان جو پوپٽ وانگي،
ڪليءَ ڪليءَ ۾ ڦيرا پائي،
تو کي پنهنجو بڻايو آهي،
ڪيڏو مون تو کي چاهيو آهي.
شام جو ٿڌڙي هِير گهلي ٿي،
تنهنجي ڏاڍي ياد اچي ٿي،
حال مون دل جو ٻڌايو آهي،
ڪيڏو مون تو کي چاهيو آهي.
*
نظم
هڪ ٻئي جي آ خون جو پياسو
ماڻهو ماس پٽي ٿو کائي
ريشم جهڙي نازڪ انگ تي
نفرت جي ٿو تيلي ٻاري
ڪنهن وينگس جو گهر اُجاڙي
دونهون سارو شهر بنائي
ڇا ڇا ڪين ڪيو انسان
اڄ جو لوڀي آ انسان
*
غزل
منهنجو تو سان ازل جو ناتو،
پيار جو تو سان پيچ مون پاتو.
هر دم تو کي ياد ڪيان مان،
تو سان ملڻ لاءِ من آتو.
تو کي ڪيڏو چاهيو آ مون،
تو نه ڪڏهن پي پيار سڃاتو.
هر دم ”سحر“ رهي ٿي ماندي،
نينهن جڏهن هُن تو سان لاتو.
*
غزل
تون آئين چوطرف سُرهاڻ ويئي وکري،
مرڪي جو نهاريو تو چانڊاڻ ويئي وکري.
جيڏو به ڏسان تو کي دل ئي نٿي ڀرجي،
اکڙين مان وٺا ڳوڙها آلاڻ ويئي وکري.
هر پل جدائي تنهنجي جهوري ٿي جيءُ منهنجو،
ڪا آس اٿي دل مان ۽ هاڻ ويئي وکري.
او منهنجا سڄڻ! تنهنجو هر روپ چمن آهي،
گلڙن کان شفق تائين لالاڻ ويئي وکري.
*
سنڌو قاضي
ڀَرمُ
ايڏن اوسيئڙن ۽ آسن کان پوءِ
تون آئين پر ڌارين وانگر
ڪيڏو پراڻو پراڻو پئي لڳين
تنهنجي چپن تي
ٽوٿ پيسٽ جي اشتهار جهڙي
اوپري مرڪ هئي ۽
تنهنجي اکين ۾
ڇُلندڙ مهراڻ جهڙي
ڪشش بدران
بيٺل پاڻيءَ جهڙي ماٺ هئي
تڏهن سوچيم.... ڪاش!
تون نه اچين ها!
پنهنجائپ جو ڀرم ته رهجي وڃي ها!
ٽائيٽل ڪورَ
زندگيءَ جي بُڪ شيلف ۾
ڪي ڪي ڪتاب
اهڙا هوندا آهن
جن کي ڪو به نه پڙهي سگهندو آ
نه سمجهي سگهندو آ
صدين جي گمناجيءَ جي دز
۽ مايوسين جي اڏوهي
انهن کي کائي کوکلو ڪري
ڇڏيندي آ
۽ زندگيءَ جي شيلف ۾
رڳو
ٽائيٽل ڪَوَرَ رهجي ويندا آهن.
ٿورو ته اڳتي وڌڻ ڏي مون کي
ٿورو ته اڳتي وڌڻ ڏي مون کي
ڄاڻان ٿي
واسينگ وسن ٿا هن وستين ۾
۽ وحشين جو آ راڄ هتي
پر،
تپندڙ انهن صحرائن ۾
آسن جا ڪي گل ته هڻڻ ڏي مون کي
گونگن جي هن ڌرتيءَ تي
گيت ته ڪي چوڻ ڏي مون کي
بند ته ڪيا تو گهرجا سڀ دروازا.
پر،
تيز هوائن ۾
اُڏري وينديون آهن ڇتيون
ڇڏي سڀني بي ساکين کي
مون کي جنهن تي آهه يقين
تون به اُن تي اعتبار ڪري
طوفانن سان وڙهڻ لاءِ
ها، ٿورو اڳتي به وڌڻ ڏي مون کي.
*
ياسمين کوکر
پوءِ به هُو ءَ مظلوم!
ازل کان عورت رهي آهي مظلوم
نه سمجهيو ويو آهي ڪڏهن به اُن کي انسان
مردن سدائين سمجهيو، آهي اُن کي پنهنجي ملڪيت
۽ ڄاتو آهي اُن کي هڪ رانديڪو
پاڻ سڳورن ﷺؒ جي ليعت کان اڳي گهڻو اڳي
جڏهن هو جاهليت وارو انڌو ۽ اونداهو دور
تڏهن به ظلم جو نشانو هئي عورت
ڌيئرن جي ڄمڻ تي
ٿيندو هو ماتم گهرن ۾
۽ دفن ڪيو ويندو هو جيئري ئي انهن کي
پر هاڻوڪو دور ته آهه سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي روشن
دور
برابريءَ ۽ سجاڳيءَ جو دور
اُن دور ۾ به اسان جي سماج جي آهي اها ئي پراڻي
سوچ
زنگ لڳل
مُدي خارج
سينئاريل
ته عورت جي هٿن مان
ڦُري وٺو ڪتاب
۽ ڪپي ڇڏيوس پير
ته جيئن نڪري نه سگهي ٻاهر
ڏسي نه سگهي دنيا
۽ رهي گهر جي قبر ۾ زندهه دفن
۽ ڪندي رهي ساري سڀ ڄمار
ٿانو ٻُهاري رڌ پچاءُ
۽ ٻارن جي سنڀال
جڏهن ته عورت جو نالو آهي
محنت جو
اهڃاڻ آهي سُونهن ۽ سچائيءَ جو
۽ روُپ آهي محبت جو
سروپ آهي وفا جو
هڪ هارياڻي
ورجائي ٿي
اها ئي محنت ۽ سچائيءَ جي آکاڻي.
ونڊائي ٿي هٿ کي راهيءَ ۾ پنهنجي ڀتار جو
رونبو ڪري ٿي
لابارو ڪري ٿي
۽ ڳاهي ٿي ڳاهه
وائري ٿي اَن
مال لاءِ گاهه پٺو ٿي ڪري
۽ ڪري ٿي ڏوهائي ميڙائي
پوءِ به هُوءَ مظلوم!
هڪ ورڪنگ عورت
ڪيئن نه کائي ٿي بسن جا ڌڪا
۽ ڪيڏيون نه ٻڌي ٿي ڳالهيون
عام ماڻهن جون
۽ جيڪي ٿا گهورين چپيندڙ نظرن سان
اُنهي پلصراط تان گذاري
هوُءَ جڏهن پهچي ٿي آفيس
۽ ڪري ٿي ڪم محنت ۽ سچائيءَ سان
پوءِ به هوءَ مظلوم!
هڪ نرس
جيڪا ڪري ٿي خدمت مريضن جي ڏينهن ۽ رات
ڪاٽي ٿي اوجاڳا
ته جيئن ٻيا ڪري سگهن آرام
ڪري ٿي مرهم پٽي اُنهن جي زخمن جي
جيڪي ڏينس ٿا گهاءَ موٽ ۾
چڀندڙ نظرن جا
۽ چڀندڙ ڳالهين جا
پوءِ به هُوءَ مظلوم !
هڪ پورهيت عورت
ڪيئن نه پنهنجن هٿن سان
نٽهڻ اُس ۾
پٿر ٿي ڪُٽي
رستا ٿي ٺاهي
وڏين وڏين عمارتن لاءِ
ٿي کڻي
سِرتي سِرون !
شازيه ڀٽي
پهريان لفظ
منهنجي روح جيان،
پهرين پيار جا،
پهريان لفظ به،
آپگهات ڪري ويا.
تنهنجي حياتي،
مون لاءِ،
بهار جو تاثر هئي.
پر تون،
جهوري وئين،
شازيا ڀٽي
پيلي پن جيان،
مون کي.
مان اڃا به..
خواب ۾،
تنهنجي گوڏي تي،
مٿو رکي روئان ٿي،
۽ تون،
منهنجا لڙڪ اگهين ٿو.
۽ پڇين ٿو
”ڇا ڳالهه آهي؟،
مان ازل جي،
خاموشي سان،
تو ڏي نهاريان ٿي،
اُن بي سمجهه ٻار جيان،
جيڪو،
ماءُ کي ته سڃاڻي ٿو،
پر ”اَمان“ لفظ
اڃان به سندس
ٽڙيءَ ۾ اٽڪيل آ
زهره شاهه
مان ڇا آهيان!؟
مان ڇا آهيان
تو بنا.
مان تو بنا هڪ ويران پربت
جنهن تي نه ته ڪو ڪڪر وسي
۽ نه ته ڪو گل کلي
خزان هجي يا بهار
پر من- اندر هميشه
پت- جهڙ آهي
اها آهيان مان
تو بنا تو بنا!
نسرين نوري
غزل
سوچ جي رڻ رُلي تون پاڻ کي روئيندو هوندين،
روز شب روئي رڙي، تون مون کي ڳوليندو هوندين.
ياد سي منهنجي محبت جا ڪري لمحا اڪثر،
ڇو وڃائي مون کي ويٺين تو وٽ نيٺ تون سوچيندو
هوندين.
مان نه ايندس موٽي تو وٽ تو کي هوندو اعتبار،
پر منهنجي راهن ۾ نظرون پنهنجون تون واريندو
هوندين.
جي هليون هيرون ۽ باغن منجهه ڪا آئي بهار،
ڏس پڇي مون لئه اکين مان آب تون هاريندو هوندين.
ياد ايندءِ جنهن دم رات ساري روئي روئي،
منهنجي لئه تون لڙڪ اکڙين مان ته بپيو ڳاڙيندو
هوندين.
ڪهڙي عالم ۾ گذاريان ٿي خدا ڄاڻي اي نوري،
تنهائين ۾ تون اڪثر ائين سوچيندو هوندين.
نظم
ڪي ڪي موتين داڻا ماڻهو،
مکڻ جا ڄڻ چاڻا ماڻهو.
پاڻي هانو هندوري لوڏيان،
اهڙا ساهه سيباڻا ماڻهو.
جاڳرتا جي جوت جلائين،
ٽهڪن جا ٽانڊاڻا ماڻهو.
قرب سان ڪاوڙجي ڪي،
ڏاڍا ڪن ٿا ماڻا ماڻهو.
ڏک انهن کي ڏاج ٿي مليو،
سورن ۾ ساماڻا ماڻهو.
*
غزل
منزل تي مون کي منهنجي رسائي ته کڻي ڪو،
ڪيئن عمر گذاريان هي، ٻڌائي ته کڻي ڪو.
دنيا جيئڻ وارو مون کي ڍنگ سيکاري،
همت به اها منهنجي وڌائي ته کڻي ڪو.
کلندن سان کلڻ منجهه ته شامل ٿو ٿئي جڳ،
روئندن کي ڪڏهن ڪاش کلائي ته کڻي ڪو.
دل منهنجي ڏنو آهي هي پيغام محبت،
هٿ پيار ڀريو مون ڏي وڌائي ته کڻي ڪو.
مون ڇيڙي ڇڏيا گيت محبت جا سڀئي،
آواز سان آواز ملائي ته کڻي ڪو.
طوفان هزارين ٿا اچن راهه وفا ۾،
الفت جو اتي ديپ جلائي ته کڻي ڪو.
تقدير لکيو جيڪو اهو مٽڻو ته ناهي،
تنهن هوندي مگر حيلا هلائي ته کڻي ڪو.
ڪنهن جي جيت
گيت
دنيا جي هيءَ ڪهڙي ريت،
ڪو به نه آهي ڪنهن جو ميت.
ڪنهن جي من ۾ زهر ڀريل،
ڪو آلاپي مٺڙا گيت.
ڪوئي سڏڪي ساهه ڏئي،
ڪو پيو ڇيڙي سُر سنگيت.
ڪو ٿو دل جا داءَ هڻي،
ڪو ئي لٽي ٿو ڪنهن جي پريت.
قسمت تنهنجو کيل عجيب،
ڪنهن جي هار ته ڪنهن جي جيت.
روشن ”ناز ڌاريجو“
گيت
هي رت سانوڻ جي آئي موٽي،
آءُ ته اسان به ڳايون گڏجي،
شاهه جي ڪافي شاهه جي وائي
دل کي ڏاڍي سوڙهه لڳي آ
مون کي تنهنجو پور پيو آ
اچجانءِ هيل اوهر جائي
پيرن ۾ تون جهانجهر پائي
ڇيرن جي ڇمڪار ڪري
سينگار ڪري تون پاڻ سجائي.
ڪا ته ملي هئي
ڏات ملي هئي
رات ملي هئي
شاعريءَ جهڙي شيءِ
ڪا ته ملي هئي
پريت ملي هئي
جيت ملي هئي
گيت جهڙيءَ شيءِ
ڪا ته ملي هئي.
ڪاڪ رني هئي
ماڪ رني هئي
مومل جهڙيءِ شيءِ
ڪا ته ملي هئي.
لولي ملي هئي
جهولي ملي هئي
ٻوليءَ جهڙي شيءِ
ڪا ته ملي هئي.
پورن پلي هئي
سورن سلي هئي
جذبن جهلي دل
ڪا ته ملي هئي
لهڙي ڙي هئي
زهر ڇڙِي هئي
”سحر جهڙِي شيءِ
ڪا ته ملي هئي.
گذارياسين سانوڻ سرءُ ۽ بهارون
ڏٺيونسين سياري جون سختيون سوايون
کليون ڪيئي کوڻيون اُنا ڪيئي آگمُ
اسان جيئن هئاسين اڃا تيئن آهيون
ڪيئي گل ڏٺاسين ته ڪومائجي ويا
هئي هاڪ جن جي سي هيسائجي ويا
ٿي اوندهه ويئي آبتيون سڀ وساميون.
•
ڪڏهن تنهنجي زلفن کي مون به سنوايو
رکي پيار جو ناتو تو کي پڪاريو
رڳو هاڻي ڌارين ڏانهن ويٺا نهاريو.
سندم ياد ۾ ياد ڪري نه رنو هو
ڪري قطرو قطرو مون پي ڇڏيو هو
*
سڪينه مير جت
نظم
منهنجي سڃاڻپ
پڇي ٿو سڃاڻ ڪارڊ،
مون کان ڏور ۽ اوپرا ڄڻ!
سنڌو جا ٻئي ڪپ.
مون لاءِ ڌٻڻ ٿي پئي آ
تنهنجي غلطين جي گپ.
زبان ته آهي پر چُپ سڳي سان،
سبيل ٻئي چَپَ.
حواسن جا هٿيار ساٿي،
ڪي نه اياڻپ جي کَپَ.
منهنجي سڃاڻپ
پڇي ٿو منهنجو سڃاڻپ ڪارڊ. |