سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1997ع (شاعري نمبر)

مضمون --

صفحو :22

شمع الطاف

غزل

جوڀن جوت جلاءِ پيارا،

پيار جي ريت نڀاءِ پيارا.

مُک ماکيءَ تي مرڪ سجائي،

مٺڙا گيت ٻڌاءِ پيارا.

چنڊ راتين جي چانڊوڪيءَ ۾،

ڇم ڇم ڇير ڇمڪاءِ پيرا.

اندر اونهائيءَ ۾ گهاوَ لڪائي،

سڄڻن کي سرچاءِ پيارا.

ساعت ساعت ساهه رکي ٿي،

پل پل کي پرچاءِ  پيارا.

تيئن من موتي جرڪاءِ پيارا

راحيله بلوچ

خالي ڪشڪول

کنيو مان

بيٺي آهيان

تنهنجي اڳيان

ڪجهه وڌو آهي

شايد

خالي  ڪشڪول ۾

منهنجي

پر

هي ته کوٽي پاولي آهي

*

شبانه لنجار

سوال

دنيا!

تون ايڏي بي رحم ڇو آن؟

جو؛

تو کي سمجهڻ  وارو اٻوجهه به

تڪليفون ڪٽي ٿو

۽ تو کي سمجهندڙ

هر روز هڪ نئين ڪت سان ڪسجي ٿو.

دنيا!

تون ايڏي بي رحم ڇو آن!

تنهنجي من اندر ڪيترا ڪات لڪل آهن؟

جن جو هر چير

جيون  لاءِ  ناسور بنجي پوي ٿو

۽ تون پنهنجن ڪاتن سان  

چيرن مٿان چير ڏين

دنيا!او دنيا!

تون ايڏي بي رحم ڇو آن؟

پرهه روبينا سومرو

غزل

پياس من جي اجهائي ڪير!

رُٺلن کي ريجهائي ڪير!

هت ڪنهن جو به ڪنهن سان پيار ناهي،

هن دل چريءَ کي سمجهائي ڪير!

ڏکن جي هن ڏيهه ۾،

ڪنهن کي سرچائي ڪير.

هر گهڙي ويٺي هنجون هاري،

پرهه تنهن کي پرچائي ڪير!

انازري گهانگهرو

نثراڻو نظم

منهنجي اکڙين ۾ نه ڄاڻ ڇو خواب ايڏا،

ائين لڳي ڪڏهن نه پوري  ٿيڻ جهڙا.

زندگيءَ جي راهن ۾ مون ته سڏيو گلڙن کي،

هوا کڻي نه آئي ڪڏهن خوشبوءَ کي.

آس نراس جي ڪشمڪش ۾ ڦٿڪي ڄڻ،

ڪبوئي مئو هجي بن موت جي.

خوب پرواز ڪري جو ڪريا،

پر ڀڳل پکي وري نه اُڏريا.

منهنجي آس پاس نه ڄاڻ ڇو انڌيرا ايڏا.

ايئن لڳي ڪڏهن نه پري  ٿيڻ جهڙا.

زيبا ڏيرو

رات جي اڪيلائي ۾

رات جي اڪيلائي ۾ روئڻ ڏاڍو عجيب لڳو،

اندر منجهه سڏڪڻ ڏاڍو عجيب لڳو.

ڏکن سان جيئندي جيئندي ويو آ کلڻ وسري،

ٽهڪن سان ٽهڪ به ڏيڻ ڏاڍو عجيب لڳو.

زندگي جي ويران رستن تي تو کان سواءِ،

ڪنڊن تي هاڻ هلڻ ڏاڍو عجيب لڳو.

نه ڇرڪي ڪو اکيون ڳاڙهيون منهنجون ڏسي،

اکين ۾ ڳوڙهن جو اچڻ ڏاڍو عجيب لڳو.

مون کي ڪو به ماڻهو زيبا مليو ٿي جڏهن،

ان کان تنهنجو پتو پڇڻ ڏاڍو عجيب لڳو.

ثمينه سانڊاڻو

سٽون

اڃ هُو مليو، بلڪل ڌارين وانگر،

ڪيڏو فاصلو هو، زمين تان وانگر،

تنهنجي پيرا جي،پياسي آهيان صنم، ٿرين وانگر،

ثمينه خاموش آ، مقام ۾ قبرن وانگر.

فوزيه ابڙو

تنهنجا اماڻيل پتر

تهنجا اماڻيل پتر

جن مون کي تو چيو آهي

لکان ۽ بس لکان

ابهم هٿڙن لاءِ

جهريل مهانڊن لاءِ

سچ ۽ ساڀيا لاءِ

مون سي لفظ اڄ به

ساهه سان آهن سانڍي رکيا

۽ ها ٻڌ!تنهنجا اهي پتر

جن ۾ تو پريت ڀرين لفظن سان

منهنجي اکين کي

منهنجي لبن کي

منهنجي زلفن کي ساراهيو آهي

مون سي اڄ سڀ

ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيا آهن!

*

ڪلثوم قمر ميمڻ

او آڪاش تي رهندڙ چنڊ

او آڪاش تي رهندڙ چنڊ!

ڪڏهن ڌرتيءَ  جا درد ڏٺا آهن؟

تو ڪڏهن پيٽ بکايل ٻار جون چيخون ٻڌيون آهن

تو ڪڏهن بيگناهه ماڻهو ڪسجندي ڏٺا آهن؟

تو ڪڏهن شاعر جي ڌڙڪندڙ دل ڏٺي آهي؟

نه تو اهو سڀ ڪجهه ڪو نه ڏٺو آهي

جي تون اهڙو ڪيس ڏسين ها ته شايد

ڪڏهن به ڌرتيءَ جي مٿان نه اڀرين ها.

او آڪاش تي رهندڙ چنڊ!

ڪاش!  تون منهنجي ڌرتيءَ جا گهاءَ ڏسي سگهين

ڪاش! تون پيٽ  بکايل ٻار جي ڪوڪ ٻڌي سگهين

منهنجي ديس جي انهن بيگناهن جو ريٽو رت ڏسي سگهين

ڪاش تون شرافت جي پردي  ۾ ٿيندڙ اهي سڀ گهاءَ ڏسي سگهين

۽ پوءِ ڪڏهن به نه اڀرين

مون کي لڳي ٿو ته جيڪڏهن تون نه اڀرين

ته شايد اهو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو

۽ ڪڏهن به ڪو گناهه نه ٿيندو.

نصرت سولنگي

اداس شام

اڄ وري شام اداس آهي

شايد تنهنجي ياد آئي آهي.

اڄ وري جذبات، ارمانن ۽ امنگن جي جنگ آهي

هزارين خوشيون، هزارين رونقون

هزارين، محفلون پوءِ به هي ويراني آهي

اڄ وري رات مون آ روئي گذاري

تڏهن به هن اندر جي آڳ نه وسامي آهي

تو کي پنهنجو وعدو ياد آهي يا نه آهي

جدائي تو کي ڪئي جاني ايڏي  جو برداشت کان ٻاهر آهي

اڄ وري شام اداس آهي

شايد تنهنجي  ياد آئي آهي.

 

منظور زهره ”پمي“

ٽيڙو

گلاب جون پنکڙيون

ياد پون ٿيون

ڪي آليون اکڙيون.

سياري جي برسات

ياد ڏياري ٿي

وڇوڙي جي رات

شيشي جي گهر وانگر ڪاش!

لوڪس ڏسي من ڀي

خوشين-ارمانن جا لاش.

هر شخص کلي ئي ٿو ويٺو

پنهنجا ڏک دفن ڪري

ڪيئن پاڻ لڪائي ٿو ويٺو.

دنيا جا ڏک پاڻ سمائي

ڪاش ڏسو انسان کي

ڪيئن اندر لڙڪ وهائي.

ڪير ٿو ڪنهن کي ياد ڪري.

ائٽمي هن دؤر ۾

ڪير ٿو سچو پيار ڪري.

موتئي جي سرهاڻ

ڪجل پائي نيڻ

سجايم تو ڪاڻ.

ڪنهن کي وسارڻ آهي اوکو

ياد پوي ٿو پل پل

ڪنهن جو ڏنل دوکو.

جيون جوت جلائين هان

پيار جي مٺڙي ڳالهه ڪري

درد جي باهه وسائين هان.

غزل

هوا آهي گهلندي جڏهن موسم بدلبو آ،

ڪلي آهي ئي پوندي گل، جڏهن موسم بدلبو آ.

 

هزارين گل هجن، لهرون هجن، بادل هجن، پوءِ ڇو،

آ دل هڪ کي ئي ساريندي، جڏهن موسم بدلبو آ.

 

سڄو ئي سال ڀل خوش مان گذاريان دوستن سان گڏ

تڏهن از خود آهيان روئندي، جڏهن موسم بدلبو آ.

 

مان بارش جي موسم جي شامن ۾ ۽ راتين ۾،

آهيان اداس ٿي پوندي، جڏهن موسم بدلبو آ.

 

ڪنديون ڀلجي ڪڏهن ڪنهن جو به ناهن انتظار پر ڇو،

آ دِل بيچين ٿي پوندي، جڏهن موسم بدلبو آ.

 

 

غزل

مون کان ٿيندي جدا ٿيو احساس،

زندگي زهر جي مثال ئي ته آ.

 

ڪنهن سان وابستگي ڪجهه ڏينهن لاءِ،

پيار موسم جي هڪ ادا ئي ته آ.

 

پنهنجن جذبن کي ڪيئن مان فاش ڪيان،

سامهون  حالات جي ديوار به ته آ.

 

مون کي حاصل ڪرڻ لاءِ تو کي بس،

پار ڪرڻي فرق جي غار ئي تا.

 

ڪيڏي بيڪل ٿي مان رهان هر پل،

هاڻي آ جي تو کي پيار مون سان آ.

 

توکان دوريءَ ۽ بيو فائيءَ جو غم،

منهنجي تڙپڻ جو هي جواز  ئي ته آ.

 

امبر مهر علي

ڏسنديس وڻ پنهنجي وطن جا

آئون

هڪ جلا وطن،

پنهنجي ماروئڙن لاءِ سڪان ٿي ۽ سڙان ٿي،

پنهنجي  مٺڙي ماڳ لاءِ ماندي رهان ٿي،

پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ جي سرهي مٽيءَ کي

هٿن ۾ کڻي، اُن جي سرهاڻ سنگهڻ لاءِ سڪان ٿي،

۽ اُن مٽيءَ کي چمڻ چاهيان ٿي.

پنهنجي ديس جي پڻيءَ کي

پنهنجي اکين ۾ سرُمون ڪري وجهڻ چاهيان ٿي؛

جن گهٽين ۾ منهنجو ٻالڪپڻو گذريو،

انهن گهٽين ڏانهن ويندڙ ۽ نيندڙ راهن ۽ رستن ڏانهن،

ائين تڪيان ٿي ڄڻ ته

اهي جنت ڏانهن نيندڙ راهون آهن.

سڄي سڄي رات جاڳندي، آئون سوچيندي آهيان

ته منهنجي وطن ۾ چنڊ،

ڪهڙو نه سونهن ڀريو ۽ سهڻو اڀريو هوندو،

۽ سڀئي سهيليون ۽ سرتيون چانڊوڪيءَ رت ۾،

سُرهي ۽ سڳنڌ ڀرئي  وايو منڊل  ۾، اڱڻ ۾ ويهي

اندر جو اُهاءُ اورينديون هونديون.

انهيءَ سوچ ۽ ويچار ۾

پرهه ڦٽي ويندي آهي ۽ اهو ئي خيال

مون کي بيحال ڪندو آهي ته

سنڌوءَ جي هن پار ۽ هن پار چئني طرف

سورج ڪني ڪڍي آهي، ۽ اُن

اونداهه  جا سڀ پردا هٽائي،

روشني کي نروار ڪيو آهي،

ساري جڳ کي نور سان نوازيو آهي، پر

منهنجا ماور، منهنجا سانگي

ڀيڄ ڀنيءَ جوئي،

پنهنجين پنهنجين ڪرتن کي لڳي ويا هوندا

هر ڪلهن تي رکي، هليا ويا هوندا،

۽ آئون،

سارو سارو ڏينهن پئي، پنهنجن پرين کي ساريان ۽

سنڀاريان

ڪانگل پئي اُڏاريان

کيا نتن کان خبرون پيئي پڇان، جيڪي ڏين پيا ڳارا،

۽ منهنجي دل،

منهنجي دل اُداس آهي، اُنهن لاءِ،

جن  کي آئون آهيان ياد هميشه،

وس بيوس آهن، بي پهچ آهن اُهي:

منهنجي ديس ۾ منجهند ڌاري  هوائون ۽ هيرون

سنڌوءَ جون مستي ءَ سان ڀريل لهرون ۽ ڇوليون

دل کي دهڪائيندڙ ۽ اُن جي دهشت ۽ گجگوڙ

تک ۽ تيز وهڪرو،

ان ساري حال کي، ساري ۽ سنڀاري،

اکين مان آب اوتيان ٿي،

پچان ٿي ۽ پڄران ٿي.

راتون ڏينهن جن لاءِ،

الاجي ڪهڙي ڏوهه جي سزا پيئي ڀوڳيان،

شايد ڪنهن گناهه ۽ غلطيءَ جو خميازو پيئي ڀريان،

تنهن هوندي به  آسروند آهيان ته

ماڻيندس آزادي، ۽

ملندم ڇوٽڪارو،  ڪنهن ڏينهن

ضرور هن جلاوطنيءَ مان،

ڏسنديس وڻ وطن جا، ۽

چمنديس پنهنجي چمن کي، ۽

ميڙو ٿيندم ماروئڙن سان هڪ ڏينهن.

عُروسه عنبرين

غزل

سُسي ويئي ڪنهن جي زندگي آهي،

رُسي ويئي ڪنهن جي زندگي آهي.

عجب دستور هن دنيا جا سڀئي،

ڏسي ويئي ڪنهن جي زندگي آهي.

هر وک تي لُڇي ۽ ڦٿڪي،

ڪُسي  ويئي ڪنهن جي زندگي آهي.

پيار جي هڪ بوند لاءِ اوپرين،

کسي ويئي ڪنهن جي زندگي آهي.

موتئي، چنبيلي ۽ گلابن مٿان،

وسي ويئي ڪنهن جي زندگي آهي.

(نثري نظم)

وطن جي ويرين

سان وڙهيس

جلاد ۽ آمر

سان وڙهيس

زخمي ٿيس

پر!

نه جهڪيس

وقت گهاءَ ڀري ڇڏيا.

پر!

تنهنجي هٿ مان

اُڇلايل گل

مون کي ڪيرائي وڌو

مون کي ماري وڌو

بلڪل!

منصور جيان

يا

ناگا ساڪي جيان

ڌرتيءَ جي گولي تي

ائٽم بم اڇلايو هجي

۽

ڌرتي تباهه ٿي ويئي هجي

ها ائين.

آئون جيئري مري ويس

ها مري ويس

ها مري ويس

نصرت پنهور

غزل

ڪنهن کي ٻڌايان مان دل جو داستان،

ڪو همدرد نه ملي ته مان ڇا ڪيان.

 

جنهن کي سمجهيو هيم پنهنجو سو ٿيو آ بيگانو،

ڪير پنهنجو نه سمجهي ته ڇا ڪيان۔

 

ڪڏهن دشمن ۾ به ڊپ ناهي ٿيندو،

ڪڏهن دوستن ۾ به دل گهٻرائي ته ڇا ڪيان.

 

هيل بهار ته آئي مون لاءِ خزان بنجي،

نه وڻي ڪا موسم دل کي ته ڇا ڪيان.

 

هر غزل تو لئه لکان هر گيت ٿو ارپيان،

تون سمجهي نه منهنجي ٻولي ڇا ڪيان.

 

تون جي ساڻ آهين،

ته زندگي، خوشبو، خواب ۽ روشني آهي.

تون جي ساڻ آهين،

ته زندگي محبت، پيار ۽ چاهت آهي.

تون جي ساڻ آهين،

ته زندگي حوصلو، همت ۽ جرائت آهي.

تون جي ساڻ آهين،

ته زندگي هوش، حواس ۽ خوبصورتي آهي.

تون جي ساڻ آهين،

ته زندگي ٽهڪ، مهڪ ۽ مرڪ آهي.

تون جي ساڻ آهين،

ته زندگي ڪاميابي، خوشي ۽ حسرت آهي.

تون جي ساڻ آهين،

ته زندگي ڪائنات جو خوبصورت رنگ آهي.

 

سحر ڪُبريٰ جعفر

غزل

تو کي به جاني، ڪوئي ته پيار هوندو،

جيئڻ لاءِ جيئڻ جو، ڪوئي سهارو هوندو.

 

پڇا ڪئي اٿم قسمت جي ستارن کان،

غم کان هن آجو  ڪوئي يارو هوندو.

 

رات آسمان تي ستارن جي جهر مر ڏسي،

سوچيم تنهنجي دل آڪاش تي ڪوئي تارو هوندو.

 

تپش سج کان عشق جو سور تکو،

غم عشق کان باري ڇا يارو هوندو.

 

پيار جو سمونڊ اوتڻ کان پوءِ ساٿي،

سحر جي من جيان ڪوئي تا سارو هوندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com