نجمه ناز
سولنگي
غزل
شاخ تي مکڙيءَ هئي، سابه روڙي ڇڏي،
ڌانڌلي هڪ آس هئي، لڙڪن ۾ جا ٻوڙي ڇڏي،
تڙپ اڃا تيريون ڪري ڏس تير وهه جا پئي هڻي،
ڪوري دل ڪنڀر گهڙي، گهوري وري ٽوڙي ڇڏي.
ناز انداز وڻيم، ڀانيم آ منهنجو صنم،
منهنجو صنم ايندو بلم، واڳ تنهن موڙي ڇڏي.
عيش ۽ آرام گهٽيم، زيب زيبائش ڇڏيم،
ناتو جڏهن کان ڪٽيم، ڏک سان سنگت جوڙي ڇڏي.
نفرتن هاڻي جنم، جهوري وڌو تنهنجو زخم،
”ناز“ ڇا ڪاغذ قلم، جنهن زندگي چوڙي ڇڏي.
ليليٰ پروين سومرو
Compromise
جيون مان اسان کي مليو به ڇاهي
پيڙائون، ڀوڳنائون
ڇا آهي هن جيون ۾؟
گهارڻ لئه ڄڻ،
ساعتن جا غلام هجون
ٿوري گهڻي تي پنهنجي ضمير آڏو،
هڪ ڏوهاري جوابدار وانگر،
ڪنڌ لاڙي نيڻ نايون.
رڳو سمجهوتو
اهو ئي وڏو دوکو آ.
اسين سڀ هڪ ٻئي کان نه
پر،
پنهنجو پاڻ کي ئي دوکو ڏيون ٿا.
ها سمجهوتو(Compromise)
ئي ته دوکو آ
اهي سڀ دوکا، پيڙائون، ڀوڳنائون
جيون گهارڻ لائي ئي ته آهن
جيون مان اسان کي مليو به ڇا هي؟
ڪمپرومائيز! (سمجهوتو)
شيبا بلوچ
بنتي
منهنجي من مندر ۾
تنهنجي نانءُ جا
ڏيئا ٻرن ٿا
ائين نه ٿئي
ڪو تيز واچوڙو
انهن کي اجهائي ڇڏي
تون
پنهنجي هٿن جي اوٽ ڏيئي
ان کي جيون ارپي ڇڏ.
شاهده ناز
تحرير جي انتها
بس اهو ئي من ۾ ويو سمائجي
قلم، پنهنجي آڱر جو گهڙيان ۽
رت جي روشنائيءَ سان
لکان مان حال دل توکي
ايستائين جو
رت جي روشنائي ختم ٿي وڃي
جيتوڻيڪ اهو ڀي علم آهي
رت جي روشنائي
پوري ٿي به
رهنديون ڪيئي ڳالهيون
اڻ پوريون ۽ اڌوراڻيون ئي
پرائين به ٿي سگهي ٿو
خبر پئجي وڃي توکي
وفا ۽ دل لڳيءَ ۾ فرق آهي ڪيترو؟
ڪنول سعيد
وائي
آخري اڄ حرف،
توڏانهن مُڪا پئي!
لڳي ٿو سپنا مون،
صدين کان ئي،
توڏانهن مُڪا پئي!
پنهنجا سڀئي،
سُرها سُرها ساهه،
توڏانهن مُڪا پئي!
لفافو بند ڪري،
سارا سک- مٺي،
تو ڏانهن مُڪا پئي!
ڪوثر پروين
پورهيت
ٻين جو پيٽ پالي،
پنهنجو پيٽ خالي،
ٻين جا گهر ٺاهي،
پاڻ بي گهر رهي،
يا اجڙيل اجهر ۾،
ٻين لاءِ مشعل،
پاڻ اونداهه ۾
سک هن جي نصيب ۾ ناهي،
هي پورهيت آهي.
سوچ
سوچيان ٿي اڪثر
محبت ڇا آهي
سوز آهي يا پڙلاءُ
پر نه
محبت لوچ آهي
من اندر جي لوچ
رنگ ڏيون جنهن کي
اسين پنهنجي سوچ جو.
شبيلا حسين
غزل
مان وک وڌائي سوڀاري ٿيڻ گهران ٿي،
تنهنجي سکن جي سونهن وڌائڻ گهران ٿي.
راتيون ساريون تارن ساڻ گهاري،
تنهنجي اکين جا خواب چونڊڻ گهران ٿي.
وارياسو ويا ڪل آ جيون جو منهنجو،
تنهنجي دنيا ۾ آباد ٿيڻ گهران ٿي.
اٿاهه ساگر ڇو نه بڻجي پوان تڏهن پڻ،
تنهنجي اکين جا لڙڪ اگهڻ گهران ٿي.
پنهنجا جذبا جدائي ساڻ سهڻا،
تنهنجي مک تي مرڪ ٿيڻ گهران ٿي.
پرڀات سنڌو
وائي
زندگيءَ جو هي سفر،ڄڻ قهر ڄڻ ڪي زهر،
واري واري توبه زاري، ڄڻ ڪي ٿر-
زندگيءَ جو هي سفر!
ڏکن جي ڏونگر جو ڪو ئي ٿر نه بر-
زندگيءَ جو هي سفر!
سور سختيون سڀ ٿين هت هم سفر-
زندگيءَ جو هي سفر!
روڄ راڙو آهه زاري بي اثر-
زندگيءَ جو هي سفر!
شازيه سنڌو
ٻهراڙيءَ جي نياڻي جو فرياد
مان نياڻي ٻهراڙي جي آهيان،
اوهان کان ڪجهه پڇڻ ٿي چاهيان.
ڇو تعليم کان مون کي روڪيو ٿا؟
مان به ڀائرو پڙهڻ ٿي چاهيان.
ڇو ٿا قيد ڪيو چؤديواري ۾؟
مان به آزادي ماڻڻ ٿي چاهيان.
اي انڌا سماج هي رواج تنهنجا،
هاڻي مان نٿي ڏسڻ چاهيان.
ڇو اهڙي ويڌن مون سان سنڌو؟
مان انقلاب آڻڻ ٿي چاهيان.
فهميده سومرو
حال
ڪينجهر تي اڄ ڇو آ خاموشي ڇانيل،
لهر لهر ڄڻ ڪا صدين جي اڃايل.
مڪليءَ جو هي ڪهڙو روپ ڏٺو،
ويراني، بياباني وري صبح آهي تتل.
مهراڻ ۾ ڇو نه آ ڪا موج متل،
سنڌوءَ جي هر ڇولي آ هيسيل.
قدم قدم سان ملائي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا،
پر لڳي ٿو آهيون گهڻو پوئتي پيل.
زيب النساء زيب
مان زنده رهنديس!
هي اوچون ديوارون سڄيون سنديون رُڪ
چؤطرف ڪوٽ ڪڙول
ساهه ڪنهن پڃري ۾ سُڪ
انهن ديو جيڏين ديوارن ڏانهن ڏسي
سوچيندي آهيان ته
ڇا اهي ديوارون؟
اسان ڪاڻ ٺاهيون ويون آهن؟
جن ۾ اسان صدين جيڏا پل
سڏڪي سڏڪي گذاريون
اسان چاهيندي به ديوارن جا دنگ
ڀڃي ڪين سگهياسين
اسان چاهيندي به ديوارون ٽپي ڪين سگهياسين
جڏهن سانوري سلوڻي شام جو
هلڪي هلڪي هير گهلندي آهي
ان ويل دل ۾ ايندو آهي
هي ڪوٽ ڪڙا ڀڃي
رستن ۾ اڪيلي اڪيلي گهمندي رهان
آزاد هوا ۾ ساهه کڻان
پر!!
انهن روڊن گهٽين ۾ گهمندڙ
انسان نما بگهڙ
ڇا مون کي ڇڏي ڏيندا؟
ڇا هو پنهنجي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن کي ڇڏي
ڏيندا!
نه......نه..........هر گز نه...........
پر!...........
مان انهن سان مقابلو ڪنديس
ها...........ها..........
ڀل ته منهنجي وجود جا ذرا ذرا ڪيا وڃن
مان وري زندهه رهنديس..............
شازيه عارب منگي
اُداس موسم ۽ مان
آئون رات اڪيلي
تنها بلڪل
تارن جي ڇانوري هيٺان
چانڊوڪيءَ جي جهلمل هيٺان
ويٺي آهيان اڪيلي
آندي ماندي ۽ ويڳاندي.......
من منهنجو ڏاڍو منجهيل
سوچن جو اڻ کٽ سلسلو
ذهن ۾ ڪٿي ڦاٿل-
۽ منهنجون آليون اکيون،
آسمان تي ڪٿي اٽڪيل
مون روئڻ چاهيو پر
روئي نه سگهيس.......
ڳوڙها الائي ڪٿي لڪيل.........!
هٿ ۾ جهليل ڪاڳر تي
ڪجهه لکڻ چاهيم پر..........!
لکي نه سگهيس..........
لفظ منهنجا ڪٿي گم ٿي ويل
پوءِ ائين ئي آئون
ويهي رهيس......!
چوڌاري تاريڪي ڇانيل
پوءِ ڪجهه به ته نه وڻندو آ
نه خاموشي نه چانڊوڪي
نه تارن جي ڪا سُندرتا!
*
نظم
عشق جي هيءَ تسبيح
مون کان ڇو ٽُٽي پئي
زندگيءَ جي بندگي
ڇو مون کان رڪجي وئي!
تنهنجي حصول جي تمنا ته مون کي ڪا نه هئي
زماني جي گرد آلود فضا
پوءِ ڇو ڦهلجي وئي!
دل جي نازڪ ڪلي آهستگي سان جو کلي
کلڻ کان اڳ ئي
پل ۾ ڪومائجي وئي!
عشق جي آڳ ايڏي ٿي تيز هئي
جو ٻرڻ سان ئي
مون پاڻ وسائي ڇڏي!
درد منهنجي دل ۾ ايڏو ڇو تيز آ
لڳي ٿو بس ڄاڻ منهنجي دل بيهجي وئي!
*
نزهت بلوچ
آس
من جي خالي پالار منجهه
ڪنهن آس جو پکيئڙو
هميشه جيان هيڏانهن هوڏانهن
ڪنهن خوشي خاطر
جنهن منجهه کلندي کلندي هن جا
سڀئي تاڪ کُلي پون
۽ آس جو پکيئڙو من جي قيد مان نڪري
هميشه لاءِ آزاد ٿي وڃي.
*
ميمڻ روشن تبسم
انعام
ماءُ جي قدمن ۾ جنت
دعائن ۾ رحمت
سندس پيار زندگي
قدرت جو حسين تحفو
محبت سان مزين ڪعبو
پاڻ نه کائي
اولاد کارائي
پيار جو پيڪر آهي
مولا ڪنهن جي
ماءُ نه مار
ماءُ بنا ڪهڙو ٻار
دنيا جا رشتا هزار
ماءُ جو رشتو سڀ کان ڌار
محبت جو هي مينار
مٽ نه ڪو ماءُ جو پيار
ماءٌ جو ڪر احترام
دين دنيا جو ڪر
حاصل انعام.
*
پرهه پليجو
منزل
هن دريءَ جو نظاروڪر
ڏس نه ته پريان ريل پئي وڃي
ڪي مسافر کڻي هڪ اڻڄاتل منزل طرف
هن ريل جو سفر ڪن ماڻهن لاءِ ڪيڏو نه اهم آهي
ڪي عرصي کان پوءِ پنهنجن جو ديدار ڪندا
ڪي پنهنجي محبوب ڏانهن محبت جو پيغام کڻي ويندا
ته ڪي قبرن تي عقيدت جا گل رکڻ ويندا
ڇا تو هن ريل جي آواز ۾ ٿڌين آهون
۽ خاموش ڳوڙهن کي نه محسوس ڪيو؟
يا وري ڪنهن ٽرندڙ ڪليءَ جي خوشبو تو ڏانهن نه آئي!
صنم سولنگي
غزل
جيئن هر دل اندر، ڪا مانا ٿي لُڇي،
مون پرين تيئن اندر، ڀاونا ٿي لُڇي،
آءُ اوري پيا، آءُ ٻاريان ڏيا،
چاهه جي چت اندر، چاهنا ٿي لُڇي.
ڪو به دامن نه آ، جو پلئه ۾ رکي،
تو سندس دُک رکي چيتنا ٿي لُڇي.
آيا ڪاٿان ڪهي، پيار جا پهر،
دل سندي تاڪ ۾، ڪلپنا ٿي لُڇي.
سار ۾، تڙپ ۾، ڳار ۾، توبنان،
هر گهڙيءَ دل اندر ويدنا ٿي لُڇي.
سو آ ٿي ”صنم“ پيار جان بيقرار،
ذهن ۾ گهر گهڙي سوچنا ٿي لُڇي.
*
ثمينه ”مهراڻ“
غزل
ڏکن جي اسان سان محبت رهي آ،
گلن جي به ڪنڊن سان سنگت رهي آ.
هر ڪوئي سورن ۾ گهاري ڪڏهن ٿو
اها ڪنهن جي ڪنهن جي همت رهي آ.
مليو آهه جيون ۾ جيڪو اسان کي،
اسان ساڻ تنهنجي شرڪت رهي آ.
جلائي ٻين لاءِ جيون جو هتڙي،
اُنهيءَ نيڪ انسان جي عظمت رهي آ.
سچارن کي سولي چاڙهي وڃي ڀل،
سچائيءَ جي ڪڏهين نه قلت رهي آ.
رهي آهه ” مهراڻ“ دل ۾ اگر ڪا،
ته آزاد سنڌ جي ئي حسرت رهي آ.
فرزانه” شاهين“ مڱڻيجو
گيت
پل پل تو لئه سوچيان ٿي،
پل پل نير وهايان ٿي.
لڙڪن جون مالائون پوئي،
تنهنجي واٽ واجهايا ٿي.
ڪوئل ڪوڪي من ٿي جهوري،
پل پل ڪانگ اڏايان ٿي.
تو لئه سڪ جي سج صحرا ۾،
دل جو ديپ جلايان ٿي.
گيت آهن سڀ تولئه منهنجا،
تولئه جوڙيان، ڳايان ٿي.
گونچ گلابي ڳاڙها چونڊي،
تنهنجي ڪاڻ وڇايان ٿي.
*
غزل
يادن جي گهيري ۾ آهيان،
پوءِ به مان ٿي تنها ڀائيان،
پنهنجو مون کي پاڻ لڳي ٿو،
ڀيانڪ ڪو سپنو آهيان.
احساسن کان خالي خالي
پٿر جي ڪائي مورت آهيان.
من ۾ اوسيئڙي جي آهٽ،
سپنن ۾ ٿي توکي ڳوليان.
ريکائن ڇو مات ڏني آ،
رسمن جون ڇو رسيون پايان.
*
غزل
نيهن پنهنجو نرمل ڌار،
جيون پنهنجو پيار ئي پيار.
چنڊ کڙيو آ من جي اُڀ تي،
روشن ٿي ويو هي سنسار.
سڪ جا موتي ميڙي سيڙي؛
پويو آ مون پيار جو هار.
ڪوئل ڪوڪي، پايل ٻولي؛
ڇيڙي من جي ڪائي تار.
پيار جي ڪائي موسم ناهي؛
هرڪا رات آ مند ملهار.
*
رشيده ميمڻ
عرض
مون سان سهڻا صنم ڪجهه ڳالهائيندو ته ڪر،
ڪئي مون ڪهڙي خطا، تون ٻڌائيندو ته ڪر.
تنهنجي راهن ۾ نيڻ وڇايا آهن مون،
ڪڏهن ڀُلجي تون مون ڏي ايندو ته ڪر.
هر گهڙيءَ ، هر پل توکي مان ساريان پئي،
بي سبب ائين ئي مون کان رُسندو نه ڪر.
توکي ڪهڙي خبر ڪيڏو چاهيو آ مون،
ائين اڪيلو ڇڏي، مونکي ويندو نه ڪر.
*
زينت مير جت
آزاد نظم
تون مون لاءِ ائين آهين
موسم بهار ۾
من آڳر تي
ٽريل گلاب جيئن
۽ سانوڻ جي برسات وانگر
نيڻن ۾ سمايل
يا وري ائين آهي
تنهن جو پيار
منهنجي من لاءِ
ٿر جي پياسي ڌرتي تي
سالن کان پوءِ پيل
ڪو وڏڦڙو لڳي ٿو.
*
نظم
پيار انمول آهي
جذبن جي اپٽار
هڪ نئون جذبو
وري جيئن جو
جنمن تائين گڏ رهڻ جو
پيار ۾ گهار هڪ هڪ لمحو
پيار ته عظيم هوندو آهي
پيار ته ٻه دلين جو ميلاپ آ
پوءِ هي قيد ۽ بند ڇو؟
شايد هيسائڻ لاءِ
پر نه نه نه!!
ڇا پيار ڪندڙ ڌار ٿي سگهن ٿا
ڇا ڪنهن روحن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪيو آهي؟
*
ٽه-سٽا
ساٿي ڪو سرواڻ
زندگي جي سفر ۾
ڪو ته هجي ها ساڻ!
ننڊ آگهور
ستل سنڌين جا
جاڳي پيا سُور.
تو سان ٿي وئي پريت
ٿيندي ضرور
پنهنجي جيت.
•
جنهن کي چاهيم جنهن کي پوڄيم
سوئي مليو جنهن کي ارپيم.
سندر سپنا ۽ ساڀيائون
رات جي پوئين پهر
ياد ان جيءَ وير
آئي آهي اوچتو ڄڻ سمنڊ جي لهر |