ڀائي پرمانند
منهنجو جيون ساٿي
(ماڻهو هليا ٿا وڃن، پر سندن تحريرون رهجيو وڃن. هيءَ به هڪ
اهڙي ئي تحرير آهي، جيڪا هڪ پراڻي ڪتاب ۾ ڇپيل
آهي. هيءَ دل پڄائيندڙ لکڻي آهي. جيڪا هڪ مڙس
پنهنجي وفادار گهرواريءَ ڏانهن لکي آهي، جيڪا هن
جي قومي قربانيءَ کان پوءِ پنهنجي گهر کي هلائي ٿي
۽ ٻارن کي پالي ٿي. اسان کي اميد آهي ته ”سرتيون“
جي پڙهندڙن کي هيءَ لکڻي وڻندي. ادارو.)
منهنجي جيون ڪهاڻي، اڌوري ۽ اڻپوري رهجي ويندي، جيڪڏهن مان
پنهنجي جيون ساٿي ڌرمپتنيءَ جي جيون ۽ چريتر تي
ڪجهه روشني نه وجهندس. جيون ساٿي، جنهن مون سان گڏ
سَٺو، جنهن مون کان به وڌيڪ سَٺو. جنهن، دک ۽ سک ۾
منهنجو ساٿ ڏنو. جنهن، منهنجي غير حاضريءَ ۽ ديش
نيڪاليءَ وقت قيد ۽ ڪاراگر جي سمي ۾، جڏهن منهنجي
سڀ مال ۽ ملڪيت ضبط ڪئي ويئي هئي، تڏهن ٺلهين هٿين
پنهنجو ڪرتويه پئي پالن ڪيو.... ليڪن اهو سڀ
مرڪندي ۽ مشڪندي صبر سان پئي سٺائين ۽ ڪڏهن به ٻڙڪ
ٻاهر نه ڪڍيائين. نه رڳو ايترو پر ان مها آپدا جي
سمي، ڪنهن به قسم جي ڪمزوري پاڻ ۾ اچڻ ڪين ڏنائين!
سندس اٿاهه پريم ۽ ڀڳتي، سندس شاندار تياڳ ۽
قرباني، سندس اٽوٽ صبر ۽ همت، منهنجي دل تي اهڙو
ته اڪرجي ويا آهن، جو مرڻ تائين ميسارجڻ جا نه
آهن.....
جڏهن هوءَ سخت بيماريءَ جي حالت ۾ بستري داخل هئي، تڏهن ديش ۽
جاتيءَ جي سڏ تي مونکي دهليءَ رهڻو پيو هو. اتان،
مون کيس هڪ پتر لکيو هو، پريم ڀريو پر پڇاڙيءَ جو
پتر، جو مان پاٺڪن لاءِ هوبهو درج ٿو ڪريان:
اسيمبلي چئمبرس
نيو دهلي
پراڻ پياري،
تون ڪجهه وقت کان بيمار ٿي گذارين. مون کي خبر نه آهي، ته
منهنجا هي لفظ، ڪيتري قدر تنهنجو ڏک دور ڪري،
توکي آٿت ڏيندا. پر منهنجيءَ دل تي بار آهي ۽ ان
بار هلڪي ڪرڻ لاءِ ئي هي ٻه چار اکر توڏانهن لکي
رهيو آهيان.
پريه اسان جو جيون ۽ اسان جي قسمت گذريل 35 سالن کان ڳنڍيل پئي
رهيا آهن. تون وشواس ڪرين يا نه، پر مان انهيءَ
چوڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان، نه دنيا ڀر، ورلي ڪو
اهڙو سڀاڳو انسان هوندو، جنهن کي، تو جهرو هڏ
ڏوکي ۽ وفادار متر نصيب ٿيو هوندو! مون کي پنهنجين
اوڻاين ۽ عيبن جي چڱيءَ پر پروڙ آهي. ڪيترائي دفعا
مون جوش ۾ اچي، پاڻ ڀلائي پئي ڇڏيو، پر تو پنهنجي
بيحد پيار ۽ سهنشيلتا ڪري، مشڪندي سڀ ڪڇ پئي سٺو ۽
ڪڏهن به تو فرض پالڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪئي.
تنهنجو جنم هڪ ڳوٺاڻي غريب زميندار جي گهر ۾ ٿيو هو. تن ڏينهن
زناني تعليم جو ڪنهن نالو به نه ٻڌو هو.
تنهن کان سواءِ ڳوٺ ۾ ٻارن کي وديا ڏيڻ جو خيال ڪنهن کي اچي به
نه ٿي سگهيو، پر وشواس ڪر ته، جڏهن مان تنهنجي ٻن
گڻن پريم ۽ شهنشيلتا جي ڀيٽ، شهري ۽ شاهوڪاري گهرن
۾ پليل، پڙهيل ۽ ڊگري يافته ڇوڪرين جي آچار ۽
وهنوار سان ڪندو آهيان، تڏهن هڪدم منهنجي آتما،
موجوده تعليم جي طريقي خلاف اٿي کڙي ٿيندي آهي، ته
مان غلطي ڪندو هجان. پر اهو منهنجو رايو آهي ته،
هندستان جهڙي غريب ديش ۾، شاهوڪار گهر جي ڇوڪري يا
ڪاليجي سکيا ورتل ڪنوار، ڪنهن به ڪٽنب ۾ سک ۽
شانتي اسٿاپن نه ڪري سگهندي.
هان، مان برابر پنهنجي مضمون کان ٻاهر هليو ويس. ليڪن مون کي
چٽيءَ طرح ياد آهي، تڏهن مان ائبٽ آباد ۾ هيڊ
ماستر هوس، تڏهن اسان جي شادي ٿي ۽ پهريون ئي دفعو
تون مون سان گڏ رهڻ لڳينءَ.
مون اتي توکي پاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تنهنجي ننڍي هوندي جي عادتن
ڪري چرخي ۽ سئيءَ توکي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. هڪ
دفعي ته جوش ۾ اچي، مون تنهنجو اهو پيارو چرخو ۽
ڀرت جو سامان، کڻي باهه ۾ اڇلي ڇڏيو! تو منهنجي
صلاح سويڪار ڪري، باقاعدي پڙهڻ شروع ڪيو ۽ آهستي
اڀياس ڪندي تو فائينل امتحان پاس ڪيو. پوءِ ايندڙ
حياتيءَ ۾، جڏهن توکي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا، تڏهن
اها ئي ٿوري گهڻي سکيا، تو ۽ تنهنجي ڪٽنب لاءِ
اڪسير ثابت ٿي.
هرهڪ منش جي جيون کي ٻه پاسا آهن هڪ گهرو ۽ ٻيو لوڪڪ (پبلڪ)
انهن ٻنهي پاسن جو هڪ ٻئي سان گهرو سنٻنڌ آهي ۽
اهو ئي ماڻهو سکي رهي سگهي ٿو، جيڪو ٻنهي کي ملائي
سلائي، درست نموني ۾ ڪم آڻي ٿو. هر هڪ ماڻهوءَ جي
پبلڪ حياتي علحدي علحدي آهي ۽ پنهنجي گهر آهر ۽
سڀاءَ انوسار، هو پاڻ کي ان تي هيرائي ٿو. ليڪن
اسان جي گهرو جيوت ۾ خير ڪو تفاوت آهي. تنهنجي
هوندي به ان کي چڱيءَ طرح هلائي، منش جي سک ۽
سمپتيءَ جو هيتو بڻائڻ هڪدم ڏکيو. پر اهم ڪاريه
آهي. تنهنڪري استريءَ جو وڏي ۾ وڏو ۽ پؤتر ۾ پؤتر
ڪاريه اهو آهي ته هوءَ پتيءَ جي انهيءَ پاسي واري
ڪم جي پورائي ۽ پوئواريءَ ڪرڻ ۾ هميشه هوشيار ۽
مددگار هجي. استري گهر جي راڻي آهي. هوءَ ڪٽنب جو
هڪ ٽڙندڙ ۽ خوش ڪندڙ گل آهي. ليڪن جيڪڏهن هوءَ
پنهنجو فرض نٿي سمجهي سگهي ۽ نٿي پالي، پر پاڻ
مردن سان ريس ڪري، هن جي ڪاريه ۾ حد دخلي ڪري،
باندر وانگر انهن جو نقل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪري ته
پوءِ هو پنهجو لوڪ ۽ پرلوڪ ٻئي ٿي بگاڙي. پياري
مان انهيءَ نقطه نظر کان توکي هڪ آدرش ناري ٿو
سمجهان. مان پنهنجي سر گهرو فرضن ۽ جوابدارين
ڏانهن خيرڪو ڌيان ڏيندو هوس. پبلڪ ڪاريه ۾ مون
پنهنجي لاءِ اهو کيتر پسند ڪيو هو. جنهن ۾ مون کي
ورلي ڪا فرصت ملندي هئي. جڏهن ويهي مان گهرو
ڳالهين تي ڪو ڌيان ڏيئي سگهان! اهڙين ئي حالتن هيٺ
جيڪي به مان ديش، ڌرم ۽ جاتيءَ لاءِ ڪري سگهيو
آهيان، سو سڀ تنهنجي بدولت! جنهن جو سڄو جس توکي
ئي ملڻ گهرجي!
اسان کي 1904ع ۾ پهرين ڪڪي ڄائي ۽ 1905ع ۾ ئي مون کي اوڀر
آفريڪا ۾ ڌرم پرچار لاءِ وڃڻو پيو. مون توکان
اوڏانهن وڃڻ جي موڪل گهري ۽ چيو مانءِ ته ”اسان جا
ابا ڏاڏا سولجر هوندا هئا، جي پنهنجو گهڻو وقت گهر
کان ٻاهر گهاريندا هئا.“ تنهنجو موڪل سان مان
ولايت ويس. منهنجي غير حاضريءَ ۾ تو سنتوش ۾ رهي،
شاسترن جو اڀياس پئي ڪيو.
اڃا اتان موٽئي ٻه سال ئي ڪين گذريا هئا، ته سرڪار منهنجي خلاف
پهريون ڪيس گهڙيو. انهيءَ وقت ڌاري اسان کي ٻي ڪڪي
ساوتري ڄائي منهنجا سڀ ناتا ٽٽي ويا. لاهور جي
ماڻهن سرڪار جي ڊپ کان اسان سان ملڻ جلڻ به نه ٿي
چاهيو. اها ٻي وڏي مصيبت هئي، جا تنهنجي مٿان اچي
ڪڙڪي! جڏهن مان تنهنجو انهن مصيبتن ۽ مشڪلاتن کي،
صبر ۽ شانتيءَ سان مرڪندي منهن ڏيڻ جو ويچار ڪندو
آهيان، تڏهن عجب ۾ پئجي ، تنهنجي ساراهه ڪرڻ کان
سواءِ رهي نه سگهندو آهيان.
مون کان ٽن سالن لاءِ صلح سانت ۾ رهڻ لاءِ ضامن جي طلب ڪئي
ويئي. مون ته جيل ۾ وڃڻ ٿي چاهيو، پر ڪن آريه
سماجي ڀائرن جي زور ڀرڻ تي، جي پاڻ وڃي زمانت ڏيئي
آيا، مون ائين نه ڪيو. مون کي ضامنن جي ڳڻتي به
ڳارڻ لڳي. هڪ دفعي وري، تنهنڪري مون ٽن سالن لاءِ
ولايت وڃڻ جو ويچار ڪيو. اها هڪ ٻي پريکيا هئي، جا
توکي پار اڪارڻي پيئي. ورهين جا ورهيه اڪيلو رهي،
پنهنجي ٻن ننڍڙين ڪڪين جي پالنا ڪرڻ ۽ پر گهور
لهڻ، اهو اهڙو ته اوکو ڪاريه آهي، جنهن لاءِ
لاثاني همت ۽ بي نظير قرباني درڪار آهي. پر ٻٽيهن
ڏندن مان تو ٻڙڪ نه ٻاهر نه ڪڍي! خوشيءَ سان مونکي
ولايت وڃڻ ڏنئي. پهرئين دفعي مان آفريڪا ۽ انگلينڊ
ويو هوس ۽ هن دفعي آمريڪا.
1913ع جي آخر ۾ جڏهن مان موٽيس، تڏهن موهن لعل روڊ لاهور تي
فارميسي کوليم.
صرف چوڏهن مهينن کان پوءِ ٻي آفت تنهنجي مٿان آئي. غدر پارٽيءَ
جا ڪي ميمبر لاهور ۾ اچڻ لڳا. تنهنجي مرضيءَ
تنهنجي مرضي اصل ڪانه هئي ته ڪو به انهن مان اسان
جي گهر اچي. تنهن هوندي به، تو ناراضپو اصل ظاهر
ڪونه ڪيو. هڪ دفعي جڏهن تو ويٺي پچايو ۽ مون ويٺي
کاڌو، تڏهن مٺي پاٻوهه سان تو مون کان پڇيو ته ”ڇو
اڄ اهڙا غمگين پيا لڳو؟ توهان جي دل تي ڪهڙو بار
آهي؟ توهين اڄ ڳالهايو به نٿا؟“ تڏهن مون وراڻيو،
”هي شايد پچاڙيءَ جي ماني آهي، جا تنهنجي هٿن جي
مان کائي رهيو آهيان.....“
مون کي پوري پڪ ته ڪانه هئي، پر ان وقت جي راجنيتي حالتن مان،
مان اهو ڊپ محسوس ڪرڻ لڳس. جلدي ٻه ٽي پوليس
عملدار، ٽانگي ۾ آيا ۽ اچي مون کي چيائون ته
”توهان اسان سان گڏجي هلو. ڀلي ٻارن ٻچن کان
موڪلائي اچو. توهان تي وڏيون ۽ نازڪ تهمتون آهن.“
مان مٿي آيس. توکان موڪلائي منتظر ۽ نينهن ڀريل
نيڻن سان ٻارن ڏانهن نهاري، پوليس جي پهري هيٺ،
مان هليو ويس. ان کان ٿورو وقت اڳ اسان کي ٽين ڪڪي
سشيلا به ڄائي هئي. ويچارن ابهم ٻارن کي ڪهڙي سڌ
ته سندن قسمت ۾ ڇا آهي...؟ هنن کي ڪهڙي خبر ته
ننڍڙيءَ ٽهيءَ ۾ ئي، سندن پيءُ کانئن کسيو ٿو
وڃي.....؟
انهيءَ کان وڌيڪ ڪا به ڪٺن پريکشا، تولاءِ نٿي ٿي سگهي.
ڪيس وارن اٺن ڏهن مهينن ۾، جيڪي سور ۽ سختيون توکي ڏسڻا پيا، تن
جو ورنن ته ڇا، پر ويچار ڪرڻ به، هن وقت ناشدني
آهي! ڪيئن نه اڪيلي، پر سشيلا گود ۾ کڻي، جيل جي
ٻاهران، پنهنجي جيون ساٿيءَ، پر هاڻي قيديءَ سان
ملاقات واسطي، هر هفتي اچي جيل جي ٻاهران، ويچاري
ٿي بيهندي هئينءَ ٻه چار منٽ ڏٺي نه ڏٺي جهڙا،
ڳالهائي نه ڳالهائي جهڙا، ترسي، نماڻا نيڻ کڻي،
پٺيان نهاري نهاري واپس ويندي هئينءَ !
پياري، مان هن وقت تنهنجا مڙيل ڦٽ اکيڙڻ نٿو چاهيان. انهن ٿورن
ڏينهن ۾ عام پبلڪ ڪهڙو نه هراسجي ويئي هئي! هڪ يا
ٻه شخص مس هئا، جن توسان ڪا همدردي ڏيکاري! تو مون
سان موت جي فتويٰ ملڻ کان پوءِ به ملاقات ڪئي.
ايشور کي ئي سڌ آهي، ته تو منهنجي ڦاسيءَ جي سزا
کي بدلائڻ لاءِ ڪيئن نه زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو!
مون کي پورن وشواس آهي، ته انهيءَ تنهنجي ڀڳتيءَ ۽
آراڌنا ئي مون کي ڦاسيءَ کان بچائي ورتو. مون کي
پورا 5 سال ڪاري پاڻيءَ جي ڪاراگر ۾ ڪاٽڻا پيا.
جيڪڏهن اتي ڪا به ياد مون کي ستائيندي هئي، ته اها
هئي، تنهنجي دکن ۽ دردن جي! تون ڪيئن ٽن ٻارن کي
پاليندي هوندينءَ؟ اهو خيال وقت به وقت منهنجي من
کي اچي منجهائيندو هو. تون پنهنجي اباڻي گهر وڃي
سک جو سمو گذاري سگهين ها. پر اهو ٿيو مون کي
وساري ڇڏڻ. ليڪن تو پنهنجي سک جو ڪو به خيال نه
ڪري، لاهور جي هڪ گندي ڀانڊي ۾ رهڻ سويڪار ڪيو ۽
مون کي نه ڀلايو.....!
جيل ۾ مون کي پنهنجي ڪا به ڳڻتي يا ڳارو ڪونه هو. اتي 10 _ 12
ڪلاڪ ته مون کي اڪيلائيءَ ۾ ڪوٺيءَ ۾ بند گذرندو
هو پر تون ئي سچ پچ دکي هئينءَ ڇاڪاڻ ته توکي رڳو
پنهنجو پيٽ پالڻو ڪونه هو، پر ٽن بکايل ننڍڙن ٻچن
جي به چنتا ڪرڻي هئي ۽ اهو به تڏهن، جڏهن سرڪار
اسان جو سڀ ڪجهه ضبط ڪري ڇڏيو هو. نه رڳو ايترو
پر سرڪار رڌڻ جا برتن ۽ هنڌ بسترا به نيلام ڪري
ڇڏيا. مان ههڙين حالتن ۾، تنهنجي دکن سورن جو
اندازو تنهنجي خطن مان ئي لڳائي ٿي سگهيس. تو مون
کي لکيو هو ته تو اڳوڻو گهر ڇڏي، ٽي چار رپين
مسواڙ تي، هڪ ڀانڊو وٺي، اتي وڃي رهي آهين. جڏهن
سرڪاري حڪم هيٺ، تنهنجو سڀ مال کنيو ٿي ويو، تڏهن
ٻارن کي سياري جي سخت سيءَ کان بچائڻ لاءِ هڪ سَوَ
ڙِ پاڙيوارن جي گهر اڇلائي هئي. اهو ڏسي پاڙيواري
کي ديا ته ڪانه آئي، پر اٽلندو توکي ڌمڪائي چيائين
ته ”مائي، ڇا ٿي ڪرين؟ تون اسان کي به (مڙس وانگر)
ڦاسيءَ جي تختي تي لٽڪارائيندينءَ ڇا؟“ تڏهن
تنهنجي من جي ڪهڙي نه دکدائڪ ۽ دياجنڪ حالت ٿي
هوندي! تو ڪيئن نه محسوس ڪيو هوندو، ته دک ۾ دوست
به دور هٽي ٿا وڃن. انهن ڪشٽن هوندي به تون لاهور
رهي پئينءَ انهيءَ لاءِ ته منهنجي آزاديءَ لاءِ
ڪوشش ڪري سگهين. تون مهاتما گانڌيءَ وٽ به لنگهي
وئينءَ، جنهن سي _ ايف_ ائنڊريوز سان ذڪر ڇيڙيو.
مسٽر ائنڊريوز لاهور ۾ تو وٽ آيو ۽ اچي تنهنجي رهڻ
جي جڳهه ڏٺائين ۽ مون وٽان آيل خط پڙهيائين. هن
پوءِ مون بابت ٽربيون، لاهور ۾ ڪي ليک لکيا. پوليس
انهن ليکن کان انڊمان جي اختيار وارن کي واقف ڪيو.
نتيجو اهو نڪتو، جو اتي پوءِ مون بک هڙتال ڪري،
پنهنجو انت آڻڻ ٿي چاهيو ٻه مهينا لڳاتار کاڌي
بنان ائين پيو هوندو هوس جڏهن مسٽر ائنڊريوز جي وچ
۾ پوڻ تي مون کي آزاد ڪيو ويو.
تو اهي پنج سال ڪيئن گذاريا، تنهن جي مون کي ڪا به خبر ڪانهي.
تو وٽ پائي به ڪانه هئي. تون بي گهر ۽ بي وس
هئينءَ. تو وٽ نه هو مال نه ملڪيت!
تنهنجي دانهن هئي ته اسان جي گهڻن مٽن مائٽن توکي انهيءَ لاءِ
ڀلائي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته منهنجي موٽڻ جي ڪابه اميد
ڪانه هئي. مون کي خبر آهي ته جڏهن مان لاهور ۾
انڊمان موٽيس، تڏهن تون وڇووالي آريه ڪنيا پاٺشالا
۾ 20 رپين پگهار تي ماستري ڪري رهي هئينءَ. مون
کي تڏهن خبر پيئي ته اسان جي وڏي ڪڪي سوم توکي
رئندو ۽ رڙندو ڇڏي، پرلوڪ پڌاري هئي. ٻي ڪڪي ساوتر
هاڻي وڏي ٿي هئي، پر ڏاڍو ڪمزور هئي. ڀلا غريبيءَ
۽ ڪشٽ جي سمي، هوءَ ڪيئن ٿي تندرست ۽ مضبوط ٿي
سگهي جيتوڻيڪ اسان هن لاءِ ڏاڍو پاڻ پتوڙيو، تنهن
هوندي به افسوس، جو هوءَ ويچاري رمندي رهي!
لاهور جهڙي شهر ۾ رڳو، 15 رپين تي رهڻ مسخري ڪانهي، توکي
پرماتما ڪا عجيب همت ۽ لاثاني سهنشيلتا پردان ڪري
ڇڏي هئي، جنهن ڪري تو هي دک سک سڀ مٺا ڪري ٿي
ڀوڳيا. منهنجي ڇٽڻ کان پوءِ به ڏهه مهينا تو
ماستري ڪئي. ماستري ڪندي به، تو گهر جي هر هڪ
ڪاريه کي بخوبيءَ ٿي نباهيو. تو جنڊ ٿي پيٺو، ڪپڙا
ٿي ڌوتا، کاڌو ٿي پچايو....! پر هاڻي مان تو وٽ
هوس، تنهنڪري تنهنجو سخت پورهيو به توکي سرڳ سمان
ڀاسجڻ لڳو. ماڻهو مون کان اڪثر پڇندا آهن ته تو
ايترو ڌن ڪٿان آندو، جو پنهنجي لاءِ پنهنجو گهر
جوڙائي سگهينءَ؟ تڏهن مان کلي کين چوندو هوس، ته
جنهن گهر ۾ تو جهڙي هوشيار مئنيجر آهي. اتي ناڻي
جي کوٽ ٿيڻي ئي ڪانهي! هڪ هڪ پائي جيڪا بچائي وڃي
ٿي سا، ناڻو ٿي ٺاهي! مون ولائت ۾ هزارين رپيا سفر
تي اڏايا، پر گهر ۾، تو نوڪر جي ضرورت به محسوس
ڪرڻ نه ڏني. جڏهن توکي پنهنجو گهر رهڻ لاءِ ميسر
ٿي مليو. تڏهن تون وري گايون مينهون پالڻ لڳينءَ!
پوءِ نه رڳو توکي کاڌو رڌڻو پوندو هو ۽ ٻارن جي پر
گهور لهڻي پوندي هوئي پر ڍورن کي ڏارو ۽ گاهه به
ڏيندي هئينءَ، کير به ڏهندي هئينءَ! ۽ ڏڌ ولوڙي
مکڻ به تون ڪڍندي هئينءَ، ڇا انهيءَ کان وڌيڪ به
ڪا ٻي ڳالهه ٿي سگهي ٿي، تو ۾ انهيءَ سڄي ڪم کي
منهن ڏيڻ جي ڪافي سگهه هئي.
ان کان اڳ جڏهن اسان جي گهر ۾ گانءِ يا مينهن ڪانه هئي، تڏهن
تون خرچو هلائي، پنهنجن هٿن سان ايترو ته سٽ
ڪتيندي هئينءَ جيئن گهر جي سڀني ڀاتين کي کڌر ميسر
ٿي سگهي. ڇٽڻ کان پوءِ ٻارهن ورهين تائين مون هڪ
به اهڙي خميس ڪانه پاتي، جا تنهنجي هٿن سان ڪتيل
ڌاڳي مان ٺهيل نه هجي! نه رڳو ايترو پر مون اهڙو
هڪ به ڪپڙو نه پاتو، جو تنهنجي هٿ جو سبيل نه
هجي!! تنهن کان سواءِ ڪڏهن به مونکي ڌوٻي رکڻ جي
ضرورت نه محسوس ٿي، جو منهنجا کڻي ڪپڙا ڌوئي،
ڇاڪاڻ ته اهو ڪاريه به تون گهر جي اندر ڪندي
هئينءَ!! مون تو ۾ آدرش پتني ۽ آدرش ماتا جو سروپ
ڏٺو! اهو منهنجو وشواس آهي ته اهڙي قسم جي زال،
جا اهڙو اتم آدرش پنهنجي اڳيان ٿي رکي. سا نه رڳو
پاڻ سکي ٿي گذاري، پر سڄي گهر کي سک مئي سرڳ بنائي
ٿي ڇڏي.
ڪاري پاڻيءَ مان موٽڻ کان پوءِ، هڪ ٻي ڪڪي به اسان کي ڄائي.
اسهڪار (قطع تعلقات) جي زماني ۾ مان ڌرم وير کي
ڏٺو. هن کي مون گود جو پٽ ڪرڻ ٿي چاهيو. تنهنجي
سويڪر تي وٺڻ کان پوءِ مون سندس پتا لالاڪاشي رام
سان انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ڇيڙيو. هن به پنهنجي
قبوليت ڏني. پوءِ ڌرم وير کي تو گهر ۾ سڳي پٽ کان
به وڌيڪ رکيو. ٻن سالن کان پوءِ، ايشور جي ڪرپا
سان توکي پنهنجو پٽ به ڄائو. هاڻي مون توکي چيو ته
”جيئن ته منهنجو ذات پات جي ڀيد ڀاوَ ۾ ڪو به
وشواس ڪونهي، تنهنڪري ڌرم وير اسان جي پٽ جي حيثيت
۾ ئي رهي. جيتوڻيڪ مائٽيءَ ۾ به ته ٿورڙو ئي تفاوت
آهي.“ هن ڀيري به تو منهنجي رٿ بحال ڪئي.
مان ڌرم وير ۽ سشيلا جو تهدل شڪر گذار آهيان، جي تنهنجي شرڌا ۽
پريم سان، ههڙيءَ لنبيءَ بيماريءَ ۾ به، شيوا ڪري
رهيا آهن، جيتوڻيڪ مان سمجهان ٿو ته هو رڳو پنهنجو
فرض پالي رهيا آهن.
مان آهيان،
هميشه تنهنجو پريمي
ڀائي پرمانند. |