سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :12

 

شگفته جبين

صليب تي ٽنگيل حياتي

شام جي پڇاڙڪن لمحن کي سياري جي سرد هوائن ويتر وڌيڪ اداس بڻائي ڇڏيو هو. هر شيءِ اداسيءَ جي گهري ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل هئي. سڄي فارم هائوس ۾ موت جهڙي ماٺار هئي.

سڪون ته ڪٿي به ميسر ناهي.... هر جاءِ تي ساڳي اوپرائپ ۽ اڪيلائپ هوندي آهي. شهر جو هل هنگامو هجي يا هي ويران فارم هائوس. من اندر کان وٺي سنسار جي آخري سرحد تائين دک، پيڙا بيوسي، بي سڪونيءَ جو گهرو احساس انهيءَ کان سواءِ زندگي ۾ ٻيو رکيو به ڇا آهي.....

صدين تي ٻڌل وقت لمحو لمحو ٿي گذرندو ٿو رهي. موسمون پنهنجو جوڀن مٽائينديون ٿيون رهن. ليڪن درد جي موسم ساڳي ڇو ٿي رهي. وقت جي ڪابه ساعت هن درد جي ڪيفيت کي مٽائي ڇو نٿي سگهي.

هاڻي ته ورهيه وهامي ويا آهن. انهيءَ درد جي موسم ۾ گهاريندي......

جڏهن انسان جي اندر ۾ شڪ جو نانگ ڪر کڻي بيهندو آهي. تڏهن من ۾ سمايل سموريون محبتون هميشه لاءِ جلاوطن بڻجي وينديون آهن. ڪڏهن به واپس نه ورڻ لاءِ.... پر ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ ۾ تڪڙ ۾ ڪيل فيصلا انسان کي رڻ ۾ رلائي ڇڏيندا آهن. مان به ته پنهنجي ڪيل فيصلي هٿان درد جي گهاٽي جهنگ ۾ هميشه لاءِ ڀٽڪندو رهيو آهيان.

ورهين پڄاڻان قسمت مون تي ڪيڏو نه مهربان ٿي هئي. ڪنهن شيءِ جي زندگيءَ ۾ ڪمي نه هئي. سٺي پوسٽ، سرڪار طرفان مليل بنگلو، گاڏي.... زندگي جي هر آسائش ميسر هئي. پرهه جي ساٿ سان زندگيءَ جا سمورا پل ڪيڏا نه حسين بڻجي ويا هئا...

مون پرهه سان پيار شاديءَ کان پوءِ ڪيو ۽ بي انتها ڪيو، مائٽ مٽ ايڏي پيار کي ڏسي اڪثر کلندا ۽ ٽوڪون ڪندا هئا. ٻنهي کي وري ڪهڙي لوڪ جي پرواهه هئي. گهڻو ڪري ماڻهو سمجهندا هئا ته منهنجي ۽ پرهه جي پسند جي شادي آهي جڏهن ته مون شاديءَ کان پهرئين پرهه کي ڏٺو به نه هو.....

مون پرهه کي بي انتها چاهيو، روح جي گهراين سان هن کي پيار ڪيو هو.

اسان ٻئي پنهنجي زندگيءَ مان تمام گهڻو خوش هئاسين. هر لحاظ سان هڪ مڪمل زندگي گذاري رهيا هئاسين....

نڄاڻ ڪيئن اهو سڀ ڪجهه ٿي ويو، جنهن سان من جي آڳر تي هن جي محبت جا سمورا مهڪيل گلاب هڪ پل ۾ ڪومائجي ويا هئا.

مان خيالن جي واچوڙن ۾ وڪوڙجي ويس. ان ڏينهن آفيس ۾ اهم ميٽنگ هئي. مان جلدي ۾ پنهنجا اهم ڪاغذ پٽ بريف ڪيس ۾ بند ڪري آفيس هليو ويس. اتي وڃي خبر پيم ته اهم اسائنمنٽ ته مان گهر وساري آيو هيس. جنهن کي ميٽنگ ۾ ڊسڪس ڪرڻو هو. سو مان گهر وڃي پهتس مان هوريان هوريان بيڊروم ۾ جهاتي پائي ڏٺو ته ڪٿي پرهه جي ننڊ خراب نه ٿئي. ڇاڪاڻ ته هن جي عادت هئي ته هوءَ مون کي نيرن پنهنجي هٿن سان تيار ڪري ڏيندي هئي ۽ منهنجي آفيس وڃڻ کان پوءِ ٻيهر بستري تي ليٽي پوندي هئي. ليڪن بيڊروم مان ايندڙ آواز مون کي پريشان ڪري ڇڏيو... ڪير ٿي سگهي ٿو.....

آواز ته صرف پرهه جو اچي رهيو آهي. مان خاموش قدمن سان دروازي جي اوٽ ۾ ٿي ويس. جتان آواز چٽيءَ طرح ٻڌڻ ۾ ٿي آيو.

پرهه جي مون ڏانهن پٺ هئي. انهيءَ ڪري هوءَ مون کي نه ٿي ڏسي سگهي. پرهه ڪنهن سان فون تي ڳالهائي رهي هئي. گهڙي کن لاءِ مون کي تجسس ٿيو.

هو چئي رهي هئي ته، ”پليز طارق! سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، مان مجبور آهيان. هاڻي منهنجي وس ۾ ڪجهه به ناهي. مون کي هميشه ان ڳالهه جو ڏک رهندو ته جيڪو واعدو توسان ڪيو هيم، تنهن کي پورو ڪري نه سگهيس.“

اڳتي ڪجهه ٻڌڻ جي مون ۾ همت ئي نه رهي هئي. غم ۽ غصي ۾ منهنجو سمورو جسم ڏڪي رهو هو. مون اڳتي وڌي رسيور کي هن جي هٿن مان ڦري ڪريڊل تي رکي ڇڏيو. هن حيران پريشان ٿيندي مون ڏانهن ڏسي چيو.... ”آڪاش! ڇا ڳالهه آهي؟“

”خبردار جو هڪ لفظ به ٻيو ڳالهايو اٿئي.“ مون تيز آواز ۾ چيو.

”ليڪن آڪاش مون ڪيو ڇا آهي. ڪجهه خبر ته پوي.“

”بڪواس بند ڪر، دوکيباز عورت تنهنجي اصليت مون تي اڄ کلي پئي آهي.“ ۽ هڪ زوردار ٿڦڙ سندس ڳل تي وهائي ڪڍيم...

هوءَ ان پل ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي پئي هئي.

۽ ٻئي پل اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي.

هن روئيندي روئيندي بي وسيءَ سان ڪنڌ کڻي مون ڏانهن ڏٺو. هن جي اکين ۾ درد جو درياهه اٿلي پيو هو. هن سڏڪندي چيو، ”پهرئين منهنجي ڳالهه ته ٻڌ.... پليز آڪاش منهنجي ڳالهه ته ٻڌ....“

”مان وضاحتن جو قائل نه آهيان. مان صرف اهو ٿو ڄاڻان ته تو منهنجي يقين کي، منهنجي اعتبار کي ٽوڙيو آهي. تون هر گز انهيءَ قابل ناهين جو توسان زندگي گذاري سگهجي. تو مون سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي. انهيءَ ويساهه گهاتيءَ جي توکي سڄي زندگي قيمت ادا ڪرڻي پوندي! مان ڪنهن به صورت ۾ توسان زندگي گذاري نٿو سگهان تون.... تون منهنجي نظرن کان ٽري وڃ. مون توکي طلاق ڏني... طلاق ڏني ...طلاق ڏني... ۽ هڪ سٽ سان هن جي رشتي کي پنهنجي پاڻ کان ڇني ڌار ڪري ڇڏيم.

هوءَ حيرت ۽ ڏک گاڏڙ ڪيفيت ۾ مون ڏانهن نهاريندي رهي.

مان زور سان دروازي کي ڌڪو ڏئي ٻاهر نڪري ويس. ان پل مان ڪيڏو نه سنگدل بڻجي پيو هوس. ان ڏينهن سياري جي سرد هوائن سبب روڊ ۽ رستن تي ويراني ڇانيل هئي، گهر منهنجي واپسي رات جو دير سان ٿي. سڄي گهر ۾ مڪمل ويراني واسيل هئي. چوڪيدار جي ٻڌائڻ تي خبر پيم ته... هوءَ نما شام جي پڇاڙڪن لمحن ۾ هميشه لاءِ منهنجو گهر ڇڏي هلي وئي... هن وٽ ترسڻ لاءِ ڪهڙو ڪارڻ باقي رهيو هو. جو هوءَ ترسي ها. تن تي پاتل ڪپڙن کان سواءِ هوءَ پاڻ سان گڏ ڪجهه به نه کڻي وئي.

ان رات هڪ لمحي لاءِ به مان سمهي نه سگهيو هيس. مون ائين ٿي ڀانيو ڄڻ هڪ وڏي طوفان ۾ سڀ ڪجهه برباد ٿي ويو هجي. ڪجهه به ته باقي نه بچيو هو. ليڪن منهنجي اندر ۾ هن لاءِ نفرت جو زهر جيئن پوءِ تيئن وڌندو ٿي رهيو.

مان سڀ ڪجهه وسارڻ جي ڪوشش ۾ ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمندو رهيس. هوريان هوريان وقت جي دز ۾ سڀ ڪجهه لٽجي ويو. ليڪن من اندر ڪو پراسرار غم هميشه لاءِ پنهنجي جڳهه والاري ويو....

مون عاشيءَ سان شادي پنهنجي گهر کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪئي. هن گهر کي ته آباد ڪيو، پر منهنجي من کي ڪڏهن به آباد نه ڪري سگهي. بس هڪ ٺاهه هيٺ هن سان زندگي پئي گذاريم، ڇاڪاڻ ته هاڻي مان ٽن پيارن پيارن ٻارن جو پيءُ بڻجي چڪو هيس.

زندگي عام رواجي گذري رهي هئي ته اوچتو هڪ ڏينهن آفيس ۾ ضروري فائيل پئي چيڪ ڪيم ته اچانڪ ٻاهران گوڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

بيل وڄائي پٽيوالي کان گوڙ  جو سبب پڇيم. تنهن تي هن چيو... ”سائين! هڪ عورت توهان سان ملڻ جو ضد پئي ڪري، مون ته گهڻو ئي سمجهايو مانس ته صاحب مصروف آهي، پر هوءَ سمجهي ئي نٿي.

”ڪم ڪهڙو اٿس؟“ مون بيزاريءَ مان پڇيو.

”سائين الائجي ڪهڙو ڪم اٿس. شايد ڪا ضرورت مند ٿي ڏسجي.“

دروازو کليل ڏسي هوءَ اندر گهڙي آئي. برقعي جا ٻئي نقاب هيٺ هيس، انڪري مان چهرو ته ڏسي نه سگهيس. ليڪن حليو ڏاڍو خراب هيس. لڳو ٿي ته ڄڻ ڪا ڊگهي مسافري ڪري هتي پهتي هجي.

”ها.... مائي ٻڌاءِ ڪهڙو ڪم اٿئي؟“

هن پٽيوالي ڏانهن اشارو ڪيو. مان سمجهي ويس. هن ان جي سامهون ڪجهه چوڻ نٿي چاهيو.

مون پٽيوالي کي ٻاهر وڃڻ جو اشارو ڪيو. ڪمري ۾ هڪ چڀندڙ خاموشي ڇانئجي وئي.

”آڪاش! مان پرهه آهيان.“ هن نقاب مٿي ڪندي چيو.

”ڇا...؟“ مون کان رڙ نڪري وئي.

سالن کان پوءِ هن کي ڏٺو هيم. ڪيڏو نه بدلجي وئي هئي. ڪوماڻيل چهرو زرد ڳل، اکيون ڏرا ڏنل نه.....نه اها پرهه نٿي ٿي سگهي.

هن جي حالت کي ڏسندي اندر ئي اندر ڀُري پيو هيس. ”ها.... مان... پرهه آهيان، جنهن کي تو بنا ڏوهه جي ٽياس تي ٽنگي ڇڏيو هو. آڪاش منهنجي بدنصيبي ته ڏس تنهنجي لڳايل الزام کان پوءِ ته مون کي پنهنجن به نه قبوليو. شايد انهن جي نظرن ۾ به مان گنهگار بڻجي وئي هيس.

”ڄاڻان ٿي ته تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪجهه به باقي نه رهيو آهي. ليڪن آڪاش جنهن گناهه جي سزا ۾ مون زندگي گذاري آهي. اهو گناهه ته مون ڪڏهن ڪيو ئي نه هو! مون ته بنان ڏوهه جي سزا ڪاٽي آهي. بنا گناهه جي ٻرندڙ ٽانڊن تي سفر ڪيو اٿم. تون ڇا ڄاڻين انهيءَ درد کي جيڪو پل پل مون ڀوڳيو آهي..... آڪاش تو ته سڀ الزام منهنجي کاتي ۾ وجهي پاڻ کي آجو ڪري ڇڏيو!“ هن بي وسيءَ مان روئيندي چيو. ”آڪاش مان پنهنجو اهو ڏوهه بخشرائڻ لاءِ آئي آهيان، جنهن جي تصور سان منهنجو روح ڏڪي ٿو وڃي.... آڪاش..... نيلم ۽ طارق هڪٻئي کي بيحد پسند ڪندا هئا. نيلم منهنجي گهري ساهيڙي هئي. طارق ۽ نيلم جي انهيءَ راز کان صرف مان ئي واقف هيس. هو منهنجي ذريعي هڪ ٻئي ڏانهن پيغام موڪليندا رهندا هئا. منهنجي شاديءَ کان پوءِ انهن جو اهو سلسلو ختم ٿي ويو. تڏهن طارق پريشان ٿي مون ڏانهن فون ڪيو ۽ اتفاق سان اها گفتگو تو ٻڌي ورتي. جنهن مون کي هميشه لاءِ تنهنجي نظرن ۾ گناهگار بڻائي ڇڏيو ۽ مان بي گناهه هوندي به گناهگار بڻجي ويس.“

هن جي چيل لفظن کان پوءِ ائين پئي ڀانيم ته ڄڻ زمين ڦاٽي پوندي ۽ مان ان ۾ سمائجي ويندس. هيءُ مون ڇا ڪري وڌو... مان چاهيندي به هن سان نظرون ملائي نه سگهيس.

”آڪاش! مون ڪڏهن به توکي دوکو نه ڏنو هو ۽ نه وري تنهنجي ڀرم کي ڀوريو هيم. مون ڪڏهن به ويساه گهاتي نه ڪئي هئي. افسوس تون مون کي سمجهي نه سگهيئن...“ هن روئيندي روئيندي چيو.

ڪيڏي نه سچائي هئي هن جي لفظن ۾... هن جي اکين جا سمورا لڙڪ منهنجي من ۾ چڀندا ٿي ويا.

”پرهه.... ڄاڻان ٿو ته منهنجو گناهه معافيءَ لائق ناهي. ليڪن ٿي سگهي ته مون کي معاف ڪري ڇڏجانءِ.“

گهڙي پل لاءِ اسان هڪٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ ٻئي لمحي هوءَ بنان ڪجهه چوڻ جي ڪمري مان نڪري ٻاهر هلي وئي ۽ مون کي پل پل جو ڀڇتاءُ ڏئي وئي.

هن ته خاموشيءَ سان منهنجو شهر ڇڏي، سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پناهه ڳولي ورتي، ليڪن مان اڄ ڏينهن تائين پنهنجي من ۾ پڇتاءَ جو گهرو احساس کڻي ڀٽڪندو رهيو آهيان... ۽ شايد سڄي حياتي ڀٽڪندو رهندس...!!

 

* گوڏا کوڙي مرڻ کان پيرن ڀر بيهي مرڻ بهتر آهي. (البر ڪامئو)

* زندگيءَ جي سڄي اهميت ۽ سڄي عظمت ان مقصد سان آهي.                          جيترو اوچو ۽ اعليٰ مقصد زندگيءَ جو قائم ٿئي ٿو. اوتري ئي اوچي ۽ اعليٰ اها زندگي سڏجي ٿي. (محمد ابراهيم جويو)

* مزو انعام ۾ نه آهي، جيڪو اسان حاصل ڪريون ٿا، پر مزو ان ڊوڙ ۾ آهي جيڪا اسين ڊوڙون ٿا.

* زندگيءَ جا ڪيترائي آرام ۽ نالي ماتر آسائشون انسان جي عروج ۾ مثبت رنڊڪون آهن.

(هينري ڊيوڊ ٿارو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com