محمد عمر چنڊ
سونهين ٿي سواٽ!
پير سائين شاهه مردان شاهه ثاني ۽ اڳين پاڳارن جا شادين ۽ مڱڻن
بابت فرمان)
سنڌي جي موجوده سماج ۾ رشد جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي
اشد ضرورت)
پير سائين شاهه مردان شاهه، پير صاحب پاڳارا پنهنجي مريدن کي
پاڙيوارن سان راس رهڻ، تعليم حاصل ڪرڻ ۽ روزگار
تلاش ڪرڻ بابت هميشه نصيحتون، صلاح مشورا ۽
احڪامات جاري ڪندا رهندا آهن. پر هاڻي پنهنجي
فبروري 2004ع واري خطاب ۾ هن وقت جي هڪ تمام اهم
مسئلي ڏانهن پنهنجي مريدن جو وقتائتو ڌيان ڇڪايو
اٿن. پهريون دفعو جيئن پاڻ فرمايائون ته مريدن جي
گهرن ۾ گهڙي (داخل ٿي) مريدن جي دل ۽ دماغ، عزت ۽
ناموس سان واسطو رکندڙ ڳالهين ڏانهن سندن ڌيان
ڇڪايو اٿن. سندن نياڻين جي سڱابندين، شادين،
طلاقن ۽ خلع بابت پنهنجي مريدن کي ”صلاح نه پر
حڪم“ ڏيندي فرمايو اٿن ته ”پنهنجي ڳالهين تي مريد
گهڻو هليا آهن، پر هاڻي پيراڻي ڳالهه تي به هلن.“
اهو انڪري فرمايائون جو مرشد جي صلاح توڙي حڪم ۾
خير ۽ برڪت آهي ۽ مريدن لاءِ چڱائي آهي. پاڻ وقت
جي مصلح جي حيثيت سان کين ننڍي عمر وارين،
نابالغپڻ وارين شادين کان، (جيڪي سنڌ ۾ عام جام
آهن) منع فرمايائون، بلڪه فرمايائون ته اهڙا سڱ اڄ
کان رد آهن. نياڻين کي گهرن ۾ ويهاري ڇڏڻ بدران
کين اٿارڻ جو حڪم ڏنائون. علمي لياقت مطابق گهوٽ
ڪنوار رٿڻ بابت پاڻ فرمايائون ته اڻ پڙهيل يا گهٽ
پڙهيل مردن سان پڙهيل نياڻين جي نڪاح ڪرائڻ کان
پرهيز ڪريو. جتي زال ۽ مڙس پاڻ ۾ راس نه آهن ته
پاڻ حڪم نه پر صلاح ڏنائون ته اهڙين صورتن ۾ عورتن
کي طلاق ڏيو يا کين خلع جو حق ڏيو. پير سائين شاهه
مردان شاهه جا اهي احڪامات وقتائتا آهن ۽ اهڙيون
صلاحون هيئين سان هنڊائڻ جهڙيون آهن، انڪري جو سنڌ
جو سماج هن وقت هڪ وڏي بحران مان گذري رهيو آهي،
جنهن ۾ ماڻهن کي خبر نه ٿي پوي ته قعر مذلت (ذلت
جي اوڙاهه) ڏانهن ويندڙ پر ڪشش ٻن واٽن ۽ رشد جي
هڪڙي سنئين سڌي واٽ مان ڪهڙي واٽ اختيار ڪن.
اسان جي سنڌ جو سماج هن وقت ٻن متضاد ۽ حد کان وڌيڪ ڀيانڪ واٽن
تي هلي رهيو آهي. اهي ٻئي واٽون ظاهر پاهر ذلت جي
اوڙاهه ڏي ڌڪي رهيون آهن. پر انهن واٽن ۽ پيچرن تي
هلڻ وارا اٻوجهه خوشيئون خوشيئون پنهنجي تباهيءَ
ڏانهن تيز تر گامزن آهن. ٽيون وچيون، سلامتيءَ
وارو اسلامي شريعت وارو رستو، جيڪو فلاح، عزت ۽
ناموس جو رستو آهي، سو اسان جي گهڻن واٽهڙن جي
نظرن کان اوجهل آهي.
هڪڙي پاسي اسان جي پرنٽ اخبارن/ رسالن/ ڪتابن/ پريسن/ ڪارڊن
توڙي اليڪٽرانڪ (ٽي. وي چينلس/ وي. سي. آر/ سي.
ڊي/ ڪئسٽ ميڊيا تي هڪ وڏي پئماني تي اٿاريل مهم
هلي رهي آهي، جنهن جي پاڇي هيٺ جمهوريت ۽ حقن جي
مقدس نالي تي، گهران ڀڄي نڪرندڙ نوجوان ڇوڪرين ۽
ڇوڪرن کي ”پريمي جوڙن“ جهڙا شاندار القاب ڏئي
آڀاريو وڃي ٿو. ته مائٽن مٽن جي لڄ ۽ ڀرم کي
تياڳي، بلڪ برباد ڪري، ٻن ڏينهن جي پنهنجي آشنائن
سان ڀڄي وڃن ۽ پنهنجي منهن وڃي گڏ گذارين يا
پنهنجي مرضيءَ مطابق وڃي شاديون ڪن. جوانيءَ جي
نشي ۾ اهڙا نوجوان اهڙن قدمن کڻڻ مان اسرندڙ
خرابين کان اڻڄاڻ ۽ بي پرواهه رهن ٿا. پنهنجي ان
نفسياتي ڪيفيت ۾ اها پرواهه ڪا نه ٿي ڪجي ته ٻه _
ٽن ڏينهن کان پوءِ جڏهن عشق يا پريم جو نشو لهي
ويندو ۽ زندگيءَ جون حقيقتون اکين ۾ اکيون وجهي
تڪينديون، تڏهن اها خبر ڪانه رهندي ته ان
”پريميءَ“ جو هيرو سڳورو ڪٿي وڃي ٿانيڪو ٿيندو ۽
پوئتي رهيل هيروئن سڳوريءَ جو حال هن سماج ۾ ڪهڙو
ٿيندو! جيئن چوندا آهن ته نوجوان جو خيال آهي ته
”هرچه بادا باد“ يعني ”جيڪي ٿئي سو ٿئي، ان کي
پوءِ پيو وقت آئي منهن ڏبو. هينئر ته پنهنجي من
اندر ۽ هوس جي ڳالهه کي مٿي ڪجي.“ اهڙن گهرن کان
ڀڄي ويندڙ ۽ پنهنجي منهن زندگي گذارڻ تي سندرو
ٻڌندڙ جوڙن جي همت افزائي ڪرڻ لاءِ هاڻي ٻڌڻ ۾ آيو
آهي ته اسان جي اسلامي ريپبلڪ جون هاءِ ڪورٽون ۽
شرعي ڪورٽون فتوائون جاري ڪري رهيون آهن، جن جي
لحاظ کان ڇوڪرين جي مائٽن ۽ ولين کي پنهنجي بالغ
اولاد تي ڪو اختيار ڪونه هوندو ۽ گهرن مان اهڙيءَ
طرح ڀڄي ويندڙن کي پنهنجن آشنائن سان شادين ڪرڻ
لاءِ ڪنهن مائٽ مٽ يا وليءَ جي اجازت جي ڪا ضرورت
ڪانه هوندي. نه رڳو ايترو پر حڪومت وارا اهڙن
”پريمي جوڙن“ جي تحفظ جي هر ممڪن ڪوشش به ڪندا،
ايتري قدر جو سندن بچاءَ خاطر کين ٻاهرين ملڪن ۾
سڪونيت يا اقامت به وٺي ڏيندا! ڊپ آهي ته اهڙن
رنگين ۽ رومانٽڪ نتيجن جي پيش نظر ۽ اسلامي قدرن
کان اڻڄاڻ ۽ وانجهيل هئڻ جي ڪري سنڌ جي نوجوان
نياڻين جي وڏي تمنا وڃي اها بيهندي ته مائٽن مٽن
کي ڇڏي ڪنهن پرائي مرد سان ڀڄي وڃجي ته اخبارن ۾ ۽
ٽيليويزن تي نالو به اچي، ته اهڙي همت واري قدم
کڻڻ تي ملڪان ملڪ واکاڻ به ٿئي، حڪومت وارا پريشر
هيٺ اچي نوڪريون به وٺي ڏين، ۽ ”پريمي جوڙي“ جي
تحفظ لاءِ کين ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ جا بندابست به
ڪري ڏين. اهڙيءَ طرح انهي پاسي اسان جي سماج جو
انڌو گهوڙو انهيءَ قعر مذلت (ذلت جي اوڙاهه) ڏانهن
تمام تيزيءَ سان ائين ڊوڙي رهيو آهي جو ڄاڻ ته
اسان جو حال به اهو ٿيو، جيڪو يورپ جي خاندانن جو
ٿيو آهي ته عورتن ۽ مرد بنان نڪاح ۽ بنان شادي گڏ
رهن ٿا ۽ جانورن وانگي ائين ٻار ڄڻين ٿا، جو ماءُ
کي خبر ڪانهي ته ٻار ڪهڙي پيءُ مان ٿيو آهي! ۽
هاڻي اهو ڪٿي ٿو رهي! جتي وڏو تعداد اڪيلي مائٽ (Single
parent) عورتن جو آهي، ۽ ٻارڙن کي خبر ئي ڪانهي ته اسان جو پيءُ ڪير
هو ۽ امان کي ڇڏي ڪيڏانهن هليو ويو!
ٻئي پاسي اسان جو سماج، هڪ سو اسي ڊگري (180) بلڪل ابتڙ، اهڙن
مائٽن سان ڀريو پيو آهي، جيڪي بدي يا ڏي وٺ تي
اهڙي نموني پنهنجي نياڻين جون سڱابنديون ڪن ٿا جو
ٻار اڃا ڄاوائي ناهن ته انهن جا مڱڻا ٿي وڃن ٿا.
ننڍي هوندي شاديون ٿين ٿيون، ننڍڙين نياڻين جون
پوڙهن پڪن سان شاديون ٿيون، اڻپڙهيل نکٽو گهوٽن جا
پڙهيل ڳڙهيل باهمت هوشيار نياڻين سان نڪاح ٿين ٿا.
اهڙين سڱابندين ۾ ايتري قدر ڪٺورتا گهر ڪري ويئي
آهي جو دولت جي ورهائجي وڃڻ جي ڊپ کان ڪي مائٽ
پنهنجين نياڻين جون ماڳهين شاديون ٿيڻ ئي نٿاڏين.
معلوم هجي ته اها موذي يا تڪليف ڏيندڙ رسم سنڌ کان
سواءِ ٻئي ڪنهن به سماج ۾ ناهي. سنڌ جي مسلمان وٽ
اها جيڪا رسم آهي سا هندوستان ۽ پاڪستان جي ٻيءَ
ڪنهن به قوم وٽ ڪانهي. البته جڏهن اسان وٽ گهوٽ
وارن کي ڪنوار جي مائٽن جا لاڏ سهڻا ٿا پون ۽ کين
منٿون ميڙيون آزيون نيزاريون ٿيون ڪرڻيون پون،
تڏهن ان جي بلڪل ابتڙ پاڪستان هندوستان جي ٻين
سماجن ۾ وري نياڻيءَ وارن کي ور جي ڳولهڻ ۽ کيس
پنهنجي نياڻيءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ لاءِ
وڏا جتن ڪرڻا ٿا پون، گهوٽيتن کي وڏيون لالچون
ڏيڻيون ٿيون پون، ۽ ڳرا ڏاج ڏيڻا ٿا پون. هندن
وٽان اختيار ڪيل انهيءَ رسم جون وري پنهنجون
خرابيون آهن. سنڌ جو مسلمان ”بَدي“ جي برائيءَ ۾
انڪري مبتلا آهي جو هو نياڻيءَ کي قدرت جي طرفان ڏ
نل هڪ امانت بدران پنهنجي ملڪيت ۽ ويڪو وٿ ٿو
سمجهي، جنهن سان مٽا سٽا يا بدو ڏي وٺ، يا ادلو
بدلو ڪري پنهنجي نالائق پٽ يا پنهنجي شاديءَ جي پڪ
ٿو ڪرائي. عام طرح سنڌ جا هندو ۽ هندوستان مان آيل
ڪي مسلمان وري ڏاج جي مرض ۾ انڪري مبتلا آهن جو
هندو ڌرم مطابق نياڻيءَ جو ڪو ورثو/ ترڪو ڪونهي.
انڪري گهوٽ وارا شاديءَ کان اڳ پڪ ڪن ته ڪنوار جي
پيءُ کي سڃو ڀينگيو ڪري سندس الهو تلهو پاڻ ڦٻائي
وٺن. پوءِ نياڻيءَ وارا ڀلي ته ڳائيندا وتن ته شل
نه ڄمي ڪنهن کي نياڻي ري!“ مسلمان سنڌيءَ جي ادلي
بدلي واري رسم وري انهيءَ ڊپ تي ٻڌل آهي ته سندس
نياڻيءَ جي سودي کان سواءِ سندس پٽ کي ڪو پنهنجي
نياڻي ڪونه ڏيندو. هندوءَ ۽ هندوستان کان آيل
مسلمان جي ڏاج واري رسم لالچ تي ٻڌل آهي ته
نياڻيون _ جن کي ننهن بڻائجي _ سي ته گهڻيون ئي
هونديون، پر اسان جي پٽ کي جو اسان ڄڻي نپائي وڏو
ڪيو آهي ۽ سندس پر گهور ۽ تعليم تي هيڏا خرچ ڪيا
آهن، سو هاڻي ڏسون ته ڪهڙو سهرو ٿو اهي اسان جا
خرچ ڀري ۽ اسان جي پٽ کي شاهوڪار ڪري. مطلب ته
ٻنهي ڌرين، سنڌي مسلمانن توڙي سنڌي هندن ۽
هندوستان مان آيل مسلمان وٽ نياڻيون آزار ۾ آهن.
انڪري جيتوڻيڪ وچ وارو طريقو، جيڪو اسلام جو طريقو
آهي، اهوئي انهن سڀني بڇڙاين ۽ اهکاين کان بچڻ جو
بهترين علاج آهي، پر ان ڏانهن نڪي ڪو قوم جو
گهڻگهرو، خير خواهه ۽ مصلح ٿو توجهه ڏياري، نڪي
ماڻهو پاڻ ٿا ان سنئين سڌي ڳاله ڏانهن توجهه ڪن؛
بلڪه هڪٻئي کي تباهيءَ وارن ٻن رستن تي ڏسي پاڻ به
ٻنهي تباهيءَ وارين واٽن مان هڪ تي هلڻ ۾ خوشي
محسوس ڪن ٿا. اهي آهن اهي ٻه واٽون جيڪي جيتوڻيڪ
هڪٻئي کان بلڪل متضاد يا ابتيون آهن، پر ٻئي قعر
مذلت ڏانهن ڇڪيندڙ (بڇڙائي ۽ تباهيءَ جي اوڙاهه ۾
ڪيرائيندڙ) آهن. پر اسان جو سماج هن وقت انهن ٻنهي
واٽن تي تيز رفتاريءَ سا هلي رهيو آهي ۽ ان تي
فخر به ڪري رهيو آهي.
اهڙي ماحول ۾ ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته ٽين واٽ، جيڪا وچ
واري ۽ ڇوٽڪاري واري واٽ آهي ۽ اسلام جي روح تي
ٻڌل آهي، ان واٽ سواٽ ڏانهن ماڻهن جو ڌيان ڇڪائجي
۽ ان تي هلڻ جي لاءِ ماڻهن کي آڀارجي ته رشتا
ناتا، سڱابنديون ۽ شاديون بلولغت جي زماني ۾ گهوٽ
۽ ڪنوار جي مرضيءَ مطابق، مائٽن جي اجازت ۽ صلاح
سان، هڪ جيڏن، جوڙ جيس سان ٿين ته جيئن خداوندي
حڪم موجب ڌريون هڪٻئي لاءِ سڪون جو ذريعو ٿين ۽
منجهن محبت الله تعاليٰ سورة الروم جي ايڪيهين آيت
۾ فرمايو ته ”منهنجي نشانين مان هڪڙي اها نشاني
آهي جو مون اوهان لاءِ اوهان منجهان ازواج (زالن ۽
مڙسن جا جوڙا) ٺاهيا، جيئن اوهان انهن مان سڪون
حاصل ڪريو.“ ۽ وڌيڪ فرمايائين ته، ”مون منجهن (زال
مڙس جي دلين ۾) هڪٻئي لاءِ (پيار) ۽ رحمت وڌي
آهي.“ (جيئن هڪٻئي کي گهڻو ڀانئين ۽ هڪٻئي سان
رحمت وري انداز ۾ پيش اچن. هڪٻئي سان ظلم ۽ ڏاڍ
سان پيش نه اچن). ۽ گهوٽ ۽ ڪنوار صحيح معنيٰ ۾
هڪٻئي جو ڍڪ ۽ لباس ٿين، جيئن الله تعاليٰ سورة
البقره جي آيت 187 ۾ فرمايو ته:
”اهي (اوهان جون زالون) اوهان جو لباس (ڍڪ ۽ اوڇڻ) آهن ۽ اوهان
کي ان تي عمل پيرا ڪرائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه
ناهي. ڪو حاڪم، وزير، سفير، بيوروڪريٽ يا ڪو اخبار
وارو اول ته اهڙي واٽ ڏسيندو ئي ڪونه، پر جيڪڏهن
ڪنهن مرندي ڪسندي اهڙي ڳالهه کڻي چئي به ته پوءِ
ٻيا ماڻهو ان تي عمل ڪونه ڪندا، ڇو جو اهڙن بي عمل
ناصحن جي اهڙين نصيحتن ۾ اخلاقي اثر ۽ زور نه
هوندو. اهڙيون ڳالهيون اهڙن ماڻهن کي چوڻ جڳائين،
جيڪي ٻڌندڙن تي هڪڙو اخلاقي اثر رکندا هجن، جو
ٻڌندڙ سندن اهڙيون ڳالهيون ٻڌي نه رڳو هينئين سان
هنڊائين، پر دليئون جانئيون ان تي عمل به ڪن. اهڙا
ماڻهو روحاني پيشوا يا مرشد ئي ٿي سگهن ٿا جن جي
ڳالهه ۾ نه رڳو اخلاقي زور هوندو، پر روحاني برڪت
به هوندي. مرشدن جي زباني مريد اهڙيون ڳالهيون
ٻڌندا ته ضرور هينئين سان هنڊائيندا ۽ ان تي عمل
به ڪندا. جيڪڏهن مرشد جي ڳالهه تي نه هلندا ته
پوءِ انهن لاءِ بلاشڪ چئي سگهبو ته ”ڪوڙي دعويٰ
دوس جي ڪڄاڙي کي ڪن.“ اهڙن مريدن جون مريديءَ جون
دعوائون شڪ جي درجي ۾ داخل ٿينديون. ٻئي پاسي هادي
مرشد لاءِ به اهو ضروري آهي ته سماجي ڇڪتاڻ جي هن
ٽواٽي تي بيٺل مريدن کي تباهيءَ ڏانهن ڇڪيندڙ ٻن
اهکين واٽن کان پنهنجن مريدن کي خبردا ڪن ۽ ٽيون
نمبر وچولي واٽ، جيڪا دراصل ڇوٽڪاري ۽ ڀلائيءَ
واري واٽ آهي، ان ڏانهن ماڻهن کي سڏين هدايت جو سڏ
ڏيڻ يا هدايت ڏانهن سڏڻ، مرشد جو حق آهي. مرشد جي
معنيٰ ئي آهي اهو شخص جيڪو رشد يا هدايت واري سڌي
واٽ ڏسي ۽ ان ڏانهن سڏي ۽ ان تي هلڻ لاءِ مريدن کي
آڀاري. هادي مرشد جو فرض آهي ته پنهنجي زماني جي
احوال سارو جيڪي بڇڙائيءَ جون واٽون هجن ۽
گمراهيءَ جا پيچرا ۽ آفتون هجن انهن کان پنهنجي
مريدن يا پوئلڳن کي آگاهه ڪري ۽ انهن کان بچڻ لاءِ
سڌي واٽ ڏيکاري ۽ ان تي هلڻ جي تلقين ڪري مريد با
مراد تڏهن ٿيندا جڏهن مرشد جي ڏسيل راهه تي هلندا،
نه ته مريد بدران بي مراد ٿيندا. وڌيڪ لاءِ چئبو
ته جيڪو گس جنهن کي وڻندو پاڻهي ئي اهو گس اختيار
ڪندو ۽ جيڪڏهن اختيار ڪيل رستو سڌو هوندو ته پاڻهي
ئي مريد کي فلاح ڏانهن کڻي ويندو پر جيڪڏهن اختيار
ڪيل گس، پنڌ يا پيچرو ڏنگو هندو ته ٽوٽي ڏانهن ئي
ڇڪي ويندو.
روضي ڌڻي رح جي درگاهه جي مرشدن جو اهو دستور رهيو آهي ته دين
جي آفاقي پهلوئن تي تلقين ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي
پنهنجي زماني جي گهرجن سارو هدايت پڻ ڏيندا رهيا
آهن. پير سائين شاهه مردان شاهه اول جي زماني ۾
شادين جي ڪن بيهوده رسمن کي ختم ڪرڻ ڏانهن ڌيان
ڏنو ويو. پير سائينءَ جن وٽان حڪم يا فرمان آيا ۽
ٻين عالمن وٽان فتوائون آيون. پير سائينءَ جي
فرمان مطابق فقير محمد رحيم ولد محمد سليمان راڄڙ
پنج ڪتابڙا لکيا، جيڪي درگاهه جي طرفان 1332 هجري
مطابق 1914ع ۾ ڇپيا. انهن ڪتابڙن مان هڪڙو ڪتاب
”قاطع البدعت في انتباه الغافيلن“ هو، جنهن ۾
شادين ۾ ٿيندڙ غلط ڳالهين جو ذڪر ڪري انهن کي ڇڏي
ڏيڻ جي تلقين ڪئي وئي. ان کان سواءِ ڪتاب ”برڪات
النڪاح و آفات الزنا“ لکرائي ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو.
هندن جي رسمن مطابق اسان وٽ بيواهه عورتن جون ٻيهر شاديون ڪونه
ٿينديون هويون، ان ڪري حڪم ٿيو ته عدت جي وقت گذرڻ
کان پوءِ بيواهه عورتن جون شاديون ڪرائي ڇڏجن.
شادين ۾ هوائي فائر ڪرڻ، ڳائڻ ۽ ساز سرود وڄائڻ ۽
خصوصاً دهلن وڄائڻ جي ڳالهين خلاف گهڻو پرچار ڪيو
ويو ۽ مريدن کي همٿايو ويو ته خوشيءَ جي اهڙن
موقعن تي مولودن ۽ صوفي رهاڻين جو بندو بست ڪيو
وڃي. اهو به چيو ويو ته وليمي جون دعوتون ساديون
هجن، جن ۾ ڏيک ڏيکاءُ کان پرهيز ڪئي وڃي. آزاديءَ
کان اڳ انهن ڳالهين جو گهڻو چوٻول رهيو. اهي مسئلا
اڄ به موجود آهن. پر وقت جا حاڪم ٻين کي چون ٿا ته
دعوتن تي خرچ نه ڪريو، پر پاڻ بي پناهه ڏيکاءُ ڪن
ٿا ۽ حرام حلال جي تميز کان سواءِ، بي دريغ ۽ بي
پناهه ڏيکاءَ خرچ ڪن ٿا. انڪري حاڪمن جي بي اثر
ڳالهين ڏانهن ڌيان ڌرڻ بجاءِ ماڻهو اجاين خرچن ۾
پيسا وڃائين ٿا.
ڪتاب ”برڪا النڪاح“ جي هڪڙي باب ۾ انهن ڳالهين جو ذڪر ڪيو ويو
آهي، جن ڳالهين کي اولاد جي شادي ڪرائڻ لاءِ آڏو
رکيو وڃي. اولاد جي پسند، سندس عمر ۽ گهوٽ يا
ڪنوار جو ديندار ۽ متقي هئڻ تي گهڻو توجهه ڪيو
ويو. مثلاً بيان ٿيو ته:
ماءُ پيءُ جي مٿان لازم آهي ته جڏهن اولاد جوان ٿئي ته انهن جي
شادي ڪرائي وڃي. مگر شاديءَ لاءِ مرد ۽ عورت جو
رضامند هجڻ ضروري آهي ڇو ته اسلام ۾ زبردستي
ناهي. حضرت ابو هريره رضي الله تعاليٰ عنه کان
روايت آهي ته رسول الله جن فرمايو ته“ بيواهه عورت
جو ايستائين نڪاح نه ڪيو وڃي جيستائين ان کان
اجازت نه ورتي وڃي. اهڙيءَ طرح ڪنواري عورت جو به
نڪاح نه ڪيو وڃي جيستائين ان کان پڇيو نه وڃي...
جڏهن ٻار سورهن ورهين جو ٿئي ته ان جي شادي
ڪرايو....“ (صفحا 142 ۽ 143) |