سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :10

 

 آتم ڪهاڻي                                                        آخري قسط

منهنجي يادن جو خزانو

ڊاڪٽر سنجيده مغل

1994ع ۾ منهنجي خوشيءَ جي ڪا حد ڪونه رهي. جڏهن خبر پئي ته منهنجو هڪ پيارو ڀاڻج مسرور جوڻيجو جي لنڊن ۾ پوسٽنگ ٿي آهي. هو ته  لنڊن ۾ اسان جي گهر کان صرف اڌ ڪلاڪ جي مفاصلي تي رهندا هئا. سندس ٻه ٻار اوساما ۽ سني مون کي تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. هو اڪثر ڪري ڇنڇر يا آچر تي منهنجي گهر ايندا هئا. ڪڏهن اسان انهن وٽ هلي ويندا هئا سين ۽ ٻارڙن سان ويهي رانديون به ڪندا هئاسين. مسرور به مون کي پنهنجي ماءُ جيترو پيار ڪندو هو. ڇهه، ست مهينا ته سٺا گذريا، ان کان پوءِ مسرور جي زال ڊاڪٽر شبانا جوڻيجو کي Nothingham جتي لنڊن کان وڃڻ ۾ ٽي ڪلاڪ لڳي ويندا هئا، اتان جي اسپتال ۾ نوڪري ملي. وري به ڇنڇر  ۽ آچر جي ڏينهن اچڻ وڃڻ رهندو هو. ڪڏهن ته اسان به اتي هلي ويندا هئاسين. پر گهڻو ڪري مسرور ڇنڇر جي ڏينهن Nothingham هليو ويندو هو ۽ آچر جي ڏينهن لنڊن واپس ايندو هو.

هڪ آچر جيڪو Mothers day هو مسرور Nothingham ويل هو ۽ اسان پنهنجي دوستن سان ملڻ ويا هئاسين. اتي اسان کي ڪافي دير ٿي وئي هئي. دير سان شام جو گهر پهتاسين ته مسرور جو فون آيو مون کي چيائين ته هو Nothingham   مان واپس آيا هئا ۽ سندس وڏو پٽ اوساما مون سان ملڻ لاءِ زور پيو ڀري. مون به کيس چيو ته مون کي انهن سان ملڻ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشي ٿيندي ۽ کين چيم ته ”ڀلي هليا اچو.“ دل ۾ سوچيندي رهيس ته ايترو پري کان ٿڪجي آيا آهن. گهر ويا آهن، وري هتي پيا اچن ۽ صبح جو سندس پٽ کي اسڪول به وڃڻو هو. شابس هجين جو مون وٽ اچن پيا. هو آيا، مسرور مون کي مٿي تي چمي ڏني. سندس پٽ اوساما جي هٿ ۾ هڪ پارسل ۽ ڪارڊ هو. ان اهو ڪارڊ سوڌو پارسل منهنجي هٿ ۾ ڏنو ۽ مون کي چمي ڏئي چيائين ته Happy Mothers day  مون به کيس ڳلي لڳائي چمي ڏئي    Thank you چيو. هونءَ ته مونکي سٺو ڪونه لڳندو آهي ته ڪير مون کي سوکڙيون ڏئي ۽ مون تي پئسا خرچ ڪري. پر ان وقت منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. اهي خوشيءَ جا ڳوڙها هئا. مسرور جي چوڻ مطابق سندس ماءُ زنده ڪونه هئي ۽ هو مون کي ماءُ وانگر سمجهي رهيو هو. هن ملڪ ۾ Mothers day تي ٻار ماءُ کي خاص طور سان سوکڙيون، مٺايون، ڪارڊ وغيره ڏيندا آهن ۽ مائرن سان خاص طريقي سان پيار جو اظهار ڪندا آهن ۽ انهن جو خاص خيال رکندا آهن. ساڳئي طريقي سان مسرور، مقبول جي به عزت ڪندو هو ۽ کيس به Fathers day  تي سوکڙيون، ڪارڊ، گهڻي پيار مان ڏئي ويندا هئا. مسرور وارن جي لنڊن ۾ اچڻ ۽ سندن جو اسان سان ايترو گهڻو پيار ڪرڻ جي ڪري اسان جي زندگي بدلجي وئي هئي. اسان جي اڪيلائيءَ جا ڏينهن ختم ٿي چڪا هئا. ڏاڍو خوش هئاسين. مٿان عيد اچي وئي ۽ مسرور جي ننڍي پٽ صدرالدين جنهن کي سڀ پيار ۾ ”سني“ Sunny  چوندا آهيون. ان جي سالگره به هئي. اسان سڀ Nothingham وياسين. عيد به گڏجي ڪئيسين ”سنيءَ“ جي سالگره به ملهائيسين. ڏاڍو مزو آيو، ان کان پوءِ اسان پنهنجي دوستن سان ملڻ لاءِ اسڪاٽلينڊ طرف هليا وياسين. اتي به دوستن سان گڏ گهڻو گهميا سين ڦرياسين. پوءِ واپس لنڊن گهر آياسين.

مسرور وارن سان ۽ دوستن سان ملي گهمي ڦري لنڊن پهتي اڃا اسان کي هفتو مس ٿيو هو ته هڪ ڏينهن مقبول جيئن رات جو سمهي صبح جو ننڊ مان اٿيو ته هڪ پاسي جي ڪمزوري محسوس ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ ٿوري ٿوري ياداشت به وڃڻ لڳس. سندس مغز جي تمام ننڍي نس ڦاٽڻ جي ڪري کيس اڌ رنگو ٿي پيو هو. آءٌ ڏاڍي پريشان ٿي ويس، ڄڻ ته منهنجي مٿان پهاڙ ڪري پيو هو. آءٌ ته پهرين کان هلڻ کان مجبور هئس. اهوئي ته منهنجو سهارو هو. همت کان ڪم ورتم. پهرئين ڏينهن ته ڪنهن کي به ڪونه ٻڌايم. آءٌ پاڻ ٽئڪسي ڪري دماغ جي خاص بيمارين واري ڊاڪٽر وٽ مقبول کي وٺي ويس. ان ڊاڪٽر وٽ پهچي مون کيس چيو ته ٻه بيمار ماڻهو هڪ ٻئي جي سهاري تي آيا آهيون، جنهن تي هن مون کي جواب ڏنو ته زال مڙس ان لاءِ ئي ته هوندا آهن. ته ڏک سک ۾ هڪ ٻئي کي سهارو ڏين. هن جا لفظ هئا:

This is husband and wife are for هن ڊاڪٽر مقبول کي ڏٺو. ٻڌايائين ته سندس دل تي ڪوبه اثر ڪونه هو ۽ اميد ڏيکاريائين ته هو گهڻو ڪري ٺيڪ ٿي ويندو. پر وقت لڳندو. منهنجي به الله سائينءَ ۾ اميد هئي. دعائون گهرندي رهيس. گهر اچي مسرور کي فون ڪيم. اهو به ڀڄندو آيو، ٻئي ڏينهن تي آفيس مان موڪل به ڪيائين ۽ اسان کي پنهنجي ڪار ۾  وڌيڪ ٽيسٽن ڪرائڻ لاءِ وٺي ويو. کاڌي پيتي جي خريداري وغيره ۾ مدد به ڪندو رهيو. ان کان پوءِ پنهنجي مائٽ ڊاڪٽر اشفاق انصاريءَ کي فون ڪيم. هو اسان جي گهر کان تمام گهڻو پري رهندا آهن ۽ کين اسان جي گهر تائين اچڻ ۾ ڪلاڪ ٻه لڳي ويندا آهن. اهي به مطلب ته سندس زال، ڊاڪٽر شاهين ۽ ٻار انيل ۽ عديل سڀ ڀڄندا آيا. پر پوءِ به روزانو پنهنجي هاسٽل جو ڪم ختم ڪري، سڌو اسان وٽ ايندا هئا. اچي مقبول جو بلڊپريشر ۽ بلڊ گلوڪوز وغيره ڏسندا هئا. مقبول جي يادگيريءَ تي به اثر ٿيو هو. منهنجي منع ڪرڻ جي باوجود به ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ان ڳالهه جو مون کي ڊپ لڳندو هو ته يادگيري نه هجڻ جي ڪري گهر جو رستو ڀلجي وڃي يا ڪنهن غلط جڳهه تان رستو ڪراس ڪري ۽ ڪنهن حادثي جو شڪار نه ٿي وڃي. منهنجي منع ڪرڻ تي هو ڏاڍو چڙندو هو. آءٌ ڏاڍي پريشان ٿي وئي هئس. اها ڳالهه مون ڊاڪٽر اشفاق کي ٻڌائي ۽ ان مقبول کي سختيءَ سان منع ڪئي ۽ ان سان گڏ اهو به چيائينس ته هاڻي مان تنهنجو ڊاڪٽر آهيان، مائٽ ڪونه آهيان. جيئن چوانءِ تيئن ڪرڻو پوندءِ. ان کيس ٻاهر اڪيلي وڃڻ کان منع ڪئي ۽ مقبول کي به ڳالهه سمجهه ۾ ائي. ان کان پوءِ جيڪو به مقبول کي پڇڻ ايندو هو. ان کي منٿ ڪندي هئس ته مقبول سان ساڻ وڃو ته هو ٿورو ٻاهران پنڌ ڪري اچي. آءٌ ته پاڻ هلڻ جهڙي ڪونه هوندي هئس جو گڏ وڃي سگهان. ان کان پوءِ منهنجي ڀائٽيءَ ڊاڪٽرفرح انصاريءَ جي مڙس، ڊاڪٽر سهيل انصاريءَ کي خبر پئي، ان ڊاڪٽر فرح کي مقبول جو ٻڌايو به ڪونه جو هوءَ ان وقت ڊيوٽِيءَ تي اسپتال ۾ هئي پاڻ سڌو Ipswrtch مان اسان وٽ پهچي ويو. هو به ڪافي پري رهندا هئا. اسان وٽ اچڻ تائين ٻه ڪلاڪ لڳي ويندا هئن. انهيءَ به ڏاڍي مدد ڪئي. مقبول کي ٻاهر وٺي ويو. شاپنگ به ڪرائي آيس. ان کان پوءِ اسان کي زور ڀريائين ته اسان سندن وٽ وڃي رهون، جيئن هو مقبول جو بلڊ پريشر وغيره ڏسندا رهن. ان کان پوءِ ڊاڪٽر فرح کي به خبر پئي اها به آئي ۽ اسان کي چيائين ته اسان سندن وٽ وڃي رهون. پر اهو سوچي ته بيمار ماڻهوءَ کي پنهنجي گهر ۾ وڌيڪ آرام ملي سگهندو. اسان سهيل ۽ فرح وارن وٽ ڪونه وياسين. ان کان پوءِ پاڙي ۾ رهيل ادا علي اڪبر ميمڻ کي به خبرپئي. ان به وسان ڪونه گهٽايو، اسان جي ڏاڍي مدد ڪئي. مقبول Stroke کان پوءِ ڏاڍو بدلجي ويو هو. ڪاوڙ به حد کان وڌيڪ ٿي وئي هئس. الله سائينءَ کان سندس صحت لاءِ دعائون گهرڻ لڳس ۽ هو آهستي آهستي ٺيڪ ٿيڻ لڳو. اڃان ٺيڪ ٿي ئي رهيو هو ۽ سال کن به مشڪل سان گذريو ته کيس پيٽ ۾ سخت سور پيو ۽ کيس اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو پيو. معلوم ٿيو ته کيس ”پتي“ ۾ پٿري هئي، جنهن جو آپريشن ڪرائڻ ضروري هو. مون کي ڊپ به ڏاڍو پئي لڳو. هڪ ته مقبول کي مٺا پيشاب ۽ هاءِ بلڊ پريشر هو. ان ڪري مقبول به آپريشن ڪرائڻ لاءِ تيار ٿي ويو.

مون اها ڳالهه پنهنجي ڀاڻج جي زال ڊاڪٽر شبانا سان ڪئي، جنهن کي اسان سڀ پيار مان روبي چوندا آهيون. ان جا امتحان به هلي رهيا هئا، جنهن جي ڪري هوءَ هڪ ڏاڍي مصروف هئي، پر ان جي باوجود به مون کي چيائين ته آپريشن جي تاريخ جي خبر پوي ته آءٌ کيس ٻڌايان، جيئن هوءَ منهنجي مدد ڪري سگهي. آپريشن جي تاريخ مقرر ٿي ته مون کيس اطلاع ڏنو، پر مون کيس چيو ته هوءَ پاڻ کي امتحان ۾ Distrub نه ڪري. آءٌ پاڻ الله سائينءَ جي مدد سان منهن ڏئي وٺندس. پر هن منهنجي ڳالهه نه مڃي ۽ پاڻ موڪل ڪيائين ۽ مون سان گڏ اسپتال ۾ ويٺي هوندي هئي. مسرور به ڏينهن ۾ ٻه ٽي پيرا ايندو رهيو ۽ منجهند جي لاءِ کاڌو به کڻي ايندو هو. جڏهن ته هن ملڪ ۾ اسپتالن ۾ کاڌو به ملندو آهي. مقبول کي به ڏاڍي تسلي ٿي. ايتري قدر ته  آپريشن لاءِ وڃڻ کان پهرين روبيءَ جو هٿ پڪڙيائين ۽ اڌ هوش ۽ اڌ بيهوشيءَ جي حالت ۾ چيائين ته ”روبي، سنجيده جي پارت هجئي.“ ان وقت ته منهنجو هيڪاري هانءُ ڦاٽڻ لڳو. روبيءَ ۽ مسرور وارن رات جو به مون کي پنهنجي گهر وڃڻ کان روڪيو ۽ پنهنجي گهرن ۾ وڃي رهايائون. هن ملڪ ۾ رات جو مريض وٽ اسپتال ۾ رهڻ ڪونه ڏيندا آهن. آپريشن کان پوءِ به روبي سڄو وقت، مقبول کي جيڪا بلڊپريشر جي ڏسڻ لاءِ مشين لڳائي وئي هئي، ان تي اک وجهو ويٺي هئي ته جيئن بلڊپريشر نه وڌي ۽ وري ٻيهر Stroke نه ٿئي. اهڙيءَ طرح سان ان منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي. کيس مون ۽ مقبول تمام گهڻيون دعائون به ڏنيون ۽ الله سائينءَ جي فضل سان هوءَ پنهنجي امتحان ۾ پاس به ٿي وئي.

هن ملڪ ۾ ڪير به ڪنهن جو مذاق ڪونه ڪندو آهي. بلڪ ڪافي ماڻهو هر وقت ڪمزور ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ اڳيان وڌندا آهن. جيڪو انهن وٽ وڌيڪ وقت هوندو آهي ان وقت ۾ رضاڪارانه ڪم ڪندا آهن. آءٌ به جڏهن ٻاهر ڪٿي باغن وغيره ۾ ويندي آهيان ته ڪيترا انگريز مون سان ۽ مقبول سان اچي ڪچهريون ڪندا آهن. ۽ اسان کي کلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن اسان جي دل وندري.

 مقبول خير سان ٺيڪ ٿي واپس گهر آيو ۽ پوءِ مسرور هميشه وانگر کاڌي پيتي جي شين وغيره ۾ مدد ڪندو رهيو ۽ سندس ٻار اسان جي دل به وندرائيندا رهيا.

مسرور، فرح، روبي ۽ سندس ٻار لنڊن ۾ ٽي سال رهيا. شايد الله سائينءَ انهن کي اسان جي مدد لاءِ موڪليو هو. ٽن سالن کان پوءِ هو هتان هليا ويا. اسان انهن جي ڪمي ڏاڍي محسوس ڪري رهيا آهيون. اڪثرڇنڇر ۽ آچر تي منهنجو ڌيان ڇڪجي ويندو آهي ته هو ته هاڻي لنڊن ۾ ڪونه آهن ۽ پوءِ کين دعائون ڏيندي آهيان ته جتي به هجن خوش رهن.

مقبول به هاڻي الله سائينءَ جي فضل سان ڪافي ٺيڪ ٿي ويو آهي ۽ وقت سٺوگذري رهيو آهي. لنڊن ۾ سڪون واري زندگي گذري رهي آهي. جيڪو 1967ع وارو پهرين لکي چڪي آهيان. لنڊن جي ڪيترن حصن ۾ ڪوبه انگريز نظر ڪونه ايندو آهي. سڀ دڪان ايشين انڊين ۽ پاڪستانين جا آهن. نوڪريءَ جو طور طريقو اهو انگريزن وارو ڪونه آهي. پهرين ته کير واري جي لاءِ پيسا به دروازي جي ٻاهران ڇڏي ويندا هئاسين. گهرن کي ڪلف به لڳائڻا ڪونه پوندا هئا. اڄ ٽي ٽي تالا لڳائڻا ٿا پون. انگريز تمام گهٽ آهن، باقي ٻاهر کان آيل ماڻهو جام آهن. اونهاري ۾

ڪن ڪن هنڌن تي مون ڪجهه ماڻهن جي شڪايت يا برائي ڪئي آهي. جڏهن ته ڪوشش ڪئي ٿم ته انهن جا نالا ۽ انهن جي قوميت جو ذڪر نه ڪيان. منهنجو اهو مطلب هر گز نه آهي ته ڪنهن جون دليون ڏکويان، پر مون پنهنجي زندگيءَ جو تجربو بيان ڪيو آهي.

ساوڪ ۽ گل گلڪاري جام آهي. آءٌ به پنهنجي ويل چيئر کڻي ٻاهر باغن وغيره ۾ گهمڻ نڪري ويندي آهيان. دڪانن وارا ته پاڻ ئي wheel chair ڏيندا آهن، ان ڪري آءٌ ۽ مون جهڙا ٻيا به ماڻهو اچي خريداري پاڻ ڪندا آهن. پهرين مون کي ٿورو خراب به لڳندو هو، پر هاڻي ته خراب به ڪونه لڳيم. اها منهنجي زندگي آهي. هاڻي هري وئي آهيان. مون کان بدتر حالت ۾ به ماڻهو ويچارا خريداري ڪرڻ لاءِ ويندا آهن. Knew garden  جيڪو مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. اتي به اڪثر هليا ويندا آهيون. مون کي اتان جي ٽڪيٽ به وٺڻي ڪونه پوندي آهي ۽ هو پنهنجي طرفان مون کي Wheel chair به ڏيندا آهن.اها هتان جي گورنمينٽ جي طرفان مون جهڙن ماڻهن، جيڪي هلي نه سگهندا آهن. انهن لاءِ انتظام ڪيو آهي. هن ملڪ ۾ ڪير به ڪنهن جو مذاق ڪونه ڪندو آهي. بلڪ ڪافي ماڻهو هر وقت وڌيڪ ڪمزور ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ اڳيان وڌندا آهن. جيڪو انهن وٽ وڌيڪ وقت هوندو آهي ان وقت ۾ رضاڪارانه ڪم ڪندا آهن. آءٌ به جڏهن ٻاهر ڪٿي باغن وغيره ۾ ويندي آهيان ته ڪيترا انگريز مون سان ۽ مقبول سان اچي ڪچهريون ڪندا آهن. ۽ اسان کي کلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن اسان جي دل وندري. ڪيترا ڀيرا مدد ڪرڻ جي به آڇ ڪندا آهن. مقبول مون کي اڪثر ڪٿي نه ڪٿي گهمائڻ لاءِ ويل چيئر ۾ وٺي ويندو آهي. حالانڪ منهنجي به دل چوندي آهي ته ڪٿي وڃي ڪو به رضاڪارانه ڪم ڪيان. پر پاڻ ٻاهر ڪونه ٿي وڃي سگهان جو ڪنهن جي مدد ڪيان، پر ڪنهن کي ڪو به مسئلو هوندو آهي ته مون سان صلاح مشورو ڪندا آهن. ۽ انهن جي مدد ۽ همت افزائي ڪندي آهيان. خراب صحت جي باوجود به مون همت ڪونه هاري آهي. پاڻ کي ڪافي مضبوط سمجهندي آهيان. شايد اهو ان ڪري جو منهنجو هر وقت الله سائينءَ ۾ ڀروسو هوندو آهي. پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن جي نصيحت جي مطابق ته پاڻ کي ڏکيو سمجهو ته پاڻ کان ڏکين کي ڏسو  ته پاڻهي مطمئن ٿي ويندؤ. ان نصيحت تي به عمل ڪندي آهيان. پوءِ پاڻ کي ڏاڍو خوش نصيب سمجهندي آهيان پنهنجي عهدي ۽ تعليم لاءِ سوچيندي آهيان ته ايتري پڙهڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو ٿيو. سڀ ڪجهه ته هڪ رات ۾ هليو ويو ۽ هاڻي ته گهر ۾ خاموش زندگي گذاري رهي آهيان جا سواءِ پڙهڻ جي به گذاري سگهان ها. پر پوءِ پاڻ کي پاڻ ئي سمجهائيندي آهيان ته آءٌ ڪيترو نه غلط سوچي رهي هئس. اها ڳالهه ائين ڪونه آهي. علم نه چور ڦري ۽ نه وري باهه ساڙي، ايتري علم پرائڻ جي ڪري مون کي تمام گهڻو اعتماد اچي ويو آهي. دنيا جي تمام گهڻن پڙهيل ۽ انهن مان ڪيترن نوبل انعام کٽندڙن سان به گڏ ڪم ڪيو آهي، جنهن جي ڪري آءٌ ڪنهن سان به مختلف موضوعن تي ڳالهائي ٻولهائي بحث مباحثي ۾ حصو وٺي پئي سگهيس. Pathology سان گڏ ٻين ميڊيڪل جي شاخن جي به ڪافي معلومات هجڻ جي ڪري پنهنجي مقبول جي ۽ ٻين دوستن وغيره جي علاج لاءِ صحيح طرح سان سمجهي ۽ سوال جواب ڪري پئي سگهيس. ان مان به اسان کي ۽ اسان جي دوستن وغيره کي ڪافي فائدو ملندو  رهندو آهي. انهن کي به صلاحون ۽ مشورا ڏيندي رهندي آهيان. وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ جي ڪري ٻيا موضوع به ڏکيا ڪونه لڳن ۽ سوچڻ سمجهڻ ۾ خود ئي اضافو اچي ويو آهي. دماغ کلي ويو آهي. انهن ڳالهين جي ڪري پنهنجا، پنهنجي مڙس ۽ دوستن جا ڪيترا مسئلا حل ڪري سگهندي آهيان. مقبول بيمار ٿيندو تڏهن به ويل چيئر تي وڃي ڪري ڊاڪٽرن ۽ Consultents سان بحث مباحثو ڪري، پوِءِ ان جو صحيح علاج ڪرائي سگهندي آهيان. جيڪو علم حاصل ڪرڻ کان سواءِ منهنجي لاءِ ممڪن ڪونه ٿئي ها. دوستن کي به ڪو مسئلو هوندو آهي، چاهي اهو ذاتي به هوندو اٿن ته هميشه مون سان صلاح ڪندا آهن ۽ آءٌ انهن جي مدد ڪري خوش ٿيندي آهيان.

ميڊيڪل جي شاگردن کي سٺي نموني پڙهايو اٿم ۽ اڄ هزار نه ته سون جي تعداد ۾ منهنجا شاگرد ڊاڪٽر آهن. جيڪي ڪيترن مريضن کي مرض مان ڇوٽڪارو ڏئي رهيا آهن. ڪيترن ڊاڪٽرن کي به Ultra structural pathology ۾ ٽريننگ ڏني اٿم، جيڪي سٺي طريقي سان ڪيترن مشڪل ۽ Complicated بيمارين جي صحيح سڃاڻپ ڪري رهيا آهن. ڪئنسر تي ريسرچ جي بنياد تي ڪيترن بيمارين جي ڪئنسر جي شروعات ۾ علاج ٿي رهيو آهي. جنهن جي ڪري ڪيتريون جانيون بچي رهيون آهن. منهنجي ريسرچ جي پيپرن ڇپجڻ جي ڪيترن دنيا جي ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل جي شاگردن کي ڪافي معلومات حاصل ٿي چڪي آهي. ڪيترن بيمارين جي سڃاڻپ جي لاءِ ڪيتريون ٽيڪنڪس به ايجاد ڪيون اٿم. جيڪي اسپتالن ۾ استعمال ٿي رهيون آهن ۽ بيمارين جي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي.

منهنجا اڻڇپيل ڪتاب، ريسرچ پيپر جيڪي ڪويت ۽ عراق جي جنگ ۾ چوري ٿي ويا، اهي به ڪنهن پنهنجي نالي تي ڇپايا هوندا، جن مان به شاگردن ۽ ڊاڪٽرن کي فائدو ملندو هوندو. Research and teaching به جنهن کنيا هوندا، انهن کي انهن مان ڪافي معلومات ملي هوندي ۽ پاڻ پڙهائڻ ۽ ريسرچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندا، جيڪا به وري انسان کي ئي ڪم ايندي. انسانن کي ئي فائدو ملندو.

آخر ۾ آءٌ ان نتيجي تي پهتي آهيان ته جيڪا به محنت ڪيم ۽ علم حاصل ڪيم، اهو اجايو ڪونه ويو اڃان تائين به هتان جي لائبريرين ۾ وڃي مختلف موضوعن تي ڪتاب پڙهندي آهيان. T.V تي به گهڻو ڪري اهڙي قسم جا پروگرام ڏسندي آهيان، جن مان منهنجي معلومات ۾ اضافو ٿئي. اهڙي طريقي سان آءٌ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪافي مطمئن آهيان ۽ هميشه پاڻ کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان.

مون ڪيترين هنڌن تي پنهنجي هن مختصر ڪهاڻي لکندي لکندي مغربي ملڪن جي ماڻهن جي ۽ خاص طور سان انگريزن جي تعريف ڪئي آهي اهو ان ڪري ته انهن ۾ واقعي اهي خوبيون آهن، جيڪو مون کي ٽيهن سالن کان وڌيڪ تجربو آهي. اسان سڀني کي انهن جون سٺيون ڳالهيون سکڻ کپن.

ڪن ڪن هنڌن تي مون ڪجهه ماڻهن جي شڪايت يا برائي به ڪئي آهي، جڏهن ته ڪوشش ڪئي اٿم ته انهن جا نالا ۽ انهن جي قوميت جو ذڪر نه ڪيان. منهنجو اهو مطلب هر گز نه آهي ته ڪنهن جون دليون ڏکويان، پر مون پنهنجي زندگيءَ جو تجربو بيان ڪيو آهي. جيڪڏهن هن دنيا ۾ هر ڪو ايمانداريءَ ۽ انصاف سان هلي ۽ هر ڪنهن کي انهن جي محنت جو اجورو ملي ته ماڻهو خوشِيءَ سان وڌيڪ محنت ڪري سگهي ٿو ۽ اهڙي طريقي سان ملڪ ۾ وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي ٿي سگهي ٿي. جيڪر سڀني ماڻهن جي لاءِ دنيا هڪ جنت ٿي پوي.

آخر ۾ آءٌ پنهنجي زندگيءَ جو مختصر احوال پنهنجي پياري ڀاڻيجي تنوير جوڻيجو جي چوڻ تي لکيو آهي، جنهن جي لاءِ آءٌ ان جي تمام گهڻي شڪر گذار آهيان. اصل ۾ منهنجو هن ڪتاب لکڻ جو مقصد صرف پنهنجي سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي همٿائڻ آهي. ڪڏهن به همت نه هارجي ۽ هميشه ڪوشش ۽ محنت سان اڳيان وڌجي ته ڪاميابي پاڻ ئي حاصل ٿيندي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com