سنڌيڪار: طلسبي
ملڪي معيشيت ۾ عورتن جو ڪردار
اڄوڪي دنيا ۾ ترقيءَ جي باعث هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي صورت اختيار ڪئي
آهي، جنهن کي ماڻهو ”گلوبل وليج“ جو نالو ڏين ٿا.
هن دنيا ۾ ترقيءَ ۽ تبديليءَ جي رفتار نهايت تيز
آهي. ماڻهن جي سوچ ۾ پڻ تبديلي اچي رهي آهي. ڪالهه
جيڪا عورت رڳو گهر کي سنڀاليندي هئي، اها اڄ گهر
کان ٻاهر آهي. جيڪڏهن گهر ۾ آهي تڏهن به آمدنيءَ
جي واڌاري ۾ اهم ڪردار اد ا ڪري رهي آهي. هڪ عورت
جيڪا آفيس ۽ اداري ۾ ڪم ڪري ٿي. جڏهن ته ٻي عورت
ان کي سهوليت ڏيڻ لاءِ به گهر ۾ ڪم ڪري مارڪيٽ ۾
شيون اماڻي ٿي. سبيل ڪپڙن کان وٺي کاڌي پيتي جو
سامان، جيئن ڪوفتا، ڪباب وغيره ٺهيل ملندا، مصالحن
جاپاڪيٽ ٺهيل ٺڪيل صورت ۾ بازار ۾ موجود آهن ۽ اهو
ڪم گهر ۾ ويٺل عورت سرانجام ڏئي ٿي. ان کان سواءِ
بيوٽي پارلر ذريعي پڻ پنهنجي آمدني وڌائي ٿي. عام
طور عورتن جي آباديءَ کي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو.
شهري آبادي ۽ ڳوٺاڻي آبادي. شهري آباديءَ ۾ به
عورت مختلف طبقن ۾ ورهايل آهي. هڪڙيون عورتون
اعليٰ تعليم حاصل ڪيل آهن ۽ ملڪي ۽ قومي ڌارا ۾
نمايان ۽ اهم مقام رکن ٿيون ۽ ملڪي ۽ عالمي سطحن
تي ڄاتل سڃاتل آهن. مليحه لوڌي، مس اڪرم سلطانه،
سلطانه صديقي، مهتاب راشدي کان وٺي ڊاڪٽر حميده
کهڙو ۽ محترمه بينظير ڀٽو تائين باوجود انهيءَ
پرچار جي، ته هت عورتن کي حق نه ٿا ملن، پر
ڪيتريون عورتون نه رڳو اعليٰ عهدن تي فائز آهن، پر
وزارتن ۽ سياست ۾ به شامل آهن ۽ ملڪي ۽ قومي ڌارا
۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. خاص طرح تعليمي
شعبي ۾ عورتن جو وڏو انگ ملڪي اقتصادي ترقيءَ ۾
ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان کان سواءِ صحت ۽
تندرستيءَ وارن شعبن ۾ هڪ پاسي عورتن جو وڏو انگ
ڊاڪٽر آهي، ته ان کان به وڏو انگ نرسن جي روپ ۾
مسيحائيءَ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
شهري عورتن جو هڪ اهم انگ جيڪو گهٽ تعليم يافته آهي اهو پڻ
پنهنجي آمدنيءَ جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري
رهيو آهي. هڪ طرف فيڪٽرين ۾ اهي عورتون ڪم ڪري
رهيون آهن، ٻئي پاسي گهر ويٺي هٿ جي هنرن يا ٻين
ڪمن ذريعي پنهنجي روزگار ۾ واڌارو ڪري رهيون آهن.
ملڪ ۾ خواتين جي آباديءَ جو وڏو انگ ٻهراڙين سان وابسته آهي. جن
جي حيثيت قومي معيشيت ۾ ڪرنگهيءَ جي هڏيءَ سمان
آهي. پر افسوس جو انهن کي اها مڃتا ڪانهي، جيڪا
هئڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سندن ڪمن جي ڪڏهن به پذيرائي
ناهي ٿي. ان کان سواءِ اسان جي عورتن جو وڏو انگ
پوءِ توڙي اهو شهرن ۾ رهندڙ هجي يا ڳوٺن ۾، ان جو
گهر ڌياڻيءَ وارو ڪردار پڻ مڃتا ماڻي نه سگهيو آهي
۽ سندس انهيءَ ڪم کي به ڪا حيثيت ناهي ملي.
خواتين ليبرز فورس جو ستر سيڪڙو انگ زراعتي شعبن سان لاڳاپيل
آهي، جڏهن ته ٽيهه سيڪڙو غير زرعي شعبن سان وابسته
آهي. ڪيتريون عورتون فيڪٽرين ۾ ڪيميڪلز ۽ ڊائز ۾
ڪم ڪن ٿيون، ڪي وري ٽيڪسٽائل ملن ۾، خوراڪ ٺاهڻ
وارين فيڪٽرين ۾ ڪم ڪري رهيون آهن.
پاڪستان ۾ عورتن جي ڪمن جو جائزو وٺبو ته هڪڙو وڏو انگ غير رسمي
فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندو نظر ايندو. جهڙوڪ بٺن تي سرون
پچائيندي، روڊ رستا ٺاهيندي، تغاريون ڍوئيندي.
اهڙين عورتن جو نالو عام طور رجسٽر ناهي هوندو. ان
کان سواءِ عورتن جو وڏو انگ گهرن ۾ پورهيو ڪري ٿو.
رسمي سيڪٽر ۾ عورتون لباس وارين فيڪٽرين، پلاسٽڪ جي سامان وارين
فيڪٽرين کان علاوه دوائون ٺاهيندڙ ادارن ۾ به ڪم
ڪري رهيون آهن.
عورتن جي انهيءَ ڪم باعث عورتن کي ڪيترين يونين ٽيچر، ڊاڪٽر ۽
فيڊريشن ۾ به نمائندگي ملي رهي آهي. ڪيتريون
تنظيمون ته فقط عورتن لاءِ ئي ٺهيون آهن. جيئن
وڪيل عورتن جي تنظيم، نرسن جي ايسوسيئيشن ورڪنگ
ويمنز سينٽر، ملتان ۾ ورڪنگ ويمنز فيڊريشن پنجاب ۾
ورڪنگ ويمنز آرگنائيزيشن وغيره. ان کان سواءِ غير
سرڪاري تنظيمن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ به عورتن جي
شموليت ۾ واڌارو اچي رهيو آهي. ڪيتريون عورتون
اخباري دنيا ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.
اهڙين حالتن کي ڏسندي اڃا به ضرورت انهيءَ ڳالهه
جي آهي ته تعليم سان گڏ عورتن کي فني ۽ هنري سکيا
ڏني وڃي ته جيئن عورتن جي صلاحيتن ۾ نکار اچي ۽
اهي اڃا به بهتر طريقي سان پنهنجو ڪم سر انجام
ڏيئي سگهن ۽ مڃتا ماڻي سگهن. ان لاءِ اهڙن ادارن
جي ضرورت آهي، جيڪي عورتن جي صلاحيتن کي نکارڻ
لاءِ سکيا جا پروگرام ترتيب ڏين ۽ نه رڳو تعليم
يافته، پر گهريلو عورتن کي به تربيت ۽ سکيا ڏئي
وڌيڪ ڪار آمد بنائي ملڪي ۽ قومي ڌارا ۾ شامل
ڪرائن.
***
|