سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري 2006ع

 

صفحو :8

رابعه سهارڻ

بيوٽي ٽپس

سَڻڀي چمڙيءَ لاءِ

1. بيضي جو ماسڪ (Egg Mask)

بيضو هڪ عدد فقط اڇاڻ ۾ چند ڦُڙا ليمن جُوس ملايو ۽ ايتريقدر مڪس ڪريو جو اُن ۾ گج ٺهي وڃي، پوءِ پنهنجي سڄي چهري تي هڻو. جڏهن ماسڪ خشڪ ٿي وڃي ته منهن ڌوئي ڇڏيو. هي ماسڪ سَڻڀي چمڙيءَ (Oily Skin) لاءِ بهترين ثابت ٿيندو.

2. ليمن جوس، ڪچو کير، عرق گلاب، ميٽ، صندل جو ٻُورو ۽ نارنگي Orange جي کلن جو سفوف:

سڀني شين کي هم وزن مِڪس ڪري پنهنجي چهري تي 15 کان 20 منٽن تائين هڻي ڇڏيو ۽ پوءِ ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏيو. هيءُ ماسڪ به سڻڀي چمڙيءَ، خاص ڪري داڻن واري چمڙيءَ لاءِ بهترين آهي. هن ماسڪ سان اوهان جي چهري تي تازگي (Freshness) ايندي ۽ داڻا پڻ ختم ٿي ويندا.

3. ڪيلي جو ماسڪ (Banana Mask)

ڪيلو هڪ عدد، خشڪ کير هڪ چمچو، ماکي هڪ چمچو. ڪيلي کي ميش ڪري وٺو. خشڪ کير Dry Milk ۽ ماکيءَ Honey کي مِڪس ڪري پيسٽ ٺاهيو ۽ پنهنجي چهري تي لڳايو. پوءِ سئنڊوچ پيپر يا ململ جي سنهي ڪپڙي سان چڱيءَ طرح ڍڪي ڇڏيو. 15 منٽن کان پوءِ منهن ڌوئي ڇڏيو. هيءُ ماسڪ خشڪ چمڙيءَ (Dry Skin) لاءِ بيحد ڪارائتو آهي، Skin کي نَمِي ۽ موئسچرائزر فراهم ڪندو.

4. ماکيءَ جو ماسڪ (Honey Mask)

ماکي چهري تي لڳائي ڪجهه دير کان پوءِ آهستي آهستي مساج ڪري تازي پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏيو. هي ماسڪ نارمل ۽ خشڪ چمڙيءَ واريون خواتين هڻي سگهن ٿيون.

5. داڻا (Pimples)

داڻا ختم ڪرڻ لاءِ: جيڪڏهن توهان پنهنجي چهري جي Pimples داڻن کي Tuch up ڪرڻ چاهيو ٿا ته Clinic جي ڊيپِ ان سپاٽ لوشن سان چهري جا داڻا ختم/خشڪ ڪري سگهو ٿا. (پينسل ۾ دستياب آهي).

 

ڊاڪٽر نور افروز خواجه

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن ۾ پنهنجو خاص مقام حاصل ڪيو آهي. سندس علمي مرتبو نه صرف سنڌ جي لاءِ پر ننڍي کنڊ جي فڪري دنيا جي لاءِ پڻ اهم رهيو آهي. پير علي محمد راشدي صاحب هڪ هنڌ لکي ٿو ته:”جنهن ٻوليءَ ۾ هن قسم جو قلم آهي، اها ٻولي نه مرندي.“ سندس انهيءَ راءِ جي روشنيءَ ۾ جڏهن جائزو ورتو ويندو ته معلوم ٿيندو ته ڊاڪٽر صاحب هن ٻوليءَ کي نه صرف سنڌ پر هند ۽ ٻين علائقن جي ٻولين ۾ زنده رکڻ لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي آهي، محنت ڪئي آهي، تحقيق ڪئي آهي ته تخليق به ڪئي آهي. ڊاڪٽر الانا صاحب، ڊاڪٽر بلوچ صاحب لاءِ لکي ٿو ته:”ڊاڪٽر صاحب علم التعليم، ادبيات، لسانيات، علم اللغات، سنڌي ادب، سنڌ جي ثقافت، آثار شناسيءَ، لطيف شناسيءَ، لوڪ ادب ۽ سنڌ شناسيءَ تي وڏو دسترس رکندڙ، بين الاقوامي دانشور هجڻ جي حيثيت رکندڙ، سنڌ جو اهو فرزند آهي، جنهن تي سنڌ وارا جيترو فخر ڪن اهو ٿورو آهي.“(1)

ڊاڪٽر بلوچ، سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف مضمونن ۽ موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادب تي به ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. سندن وڏو ڪارنامو شاهه لطيف جو رسالو ۽ لوڪ ادب آهي. ڊاڪٽر بلوچ لوڪ ادب جي سڀني صنفن تي تحقيق ڪري ڪتاب شايع ڪرايا آهن، ڊاڪٽر الانا لکي ٿو ته: ”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پهريون پاڪستاني عالم ۽ مفڪر آهي، جنهن ڳوٺ ۾ رائج عوامي ادب کي پهريون ڀيرو، (لوڪ ادب) جي نالي سان سڏيو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جي وصف مقرر ڪئي.“(2)

لوڪ ادب مان مراد آهي، عام ماڻهن جو ادب، يعني اهو ادب جو تصنع، هٿ ناٽ ۽ جڙتو ڪاريگرين ۽ صنعتن ۽ سينگار کان پاڪ ۽ صاف هجي. انسائيڪلو پيڊيا آف امريڪانا ۾ لوڪ ادب جي وصف هن ريت بيان ڪيل آهي:

”هي اهو علم آهي، جو عام ماڻهن جي قديم مڃتائن، ريتن رسمن، ڀرمن، وهمن، قديم روايتن ۽ اعتقادن تي مشتمل هوندو آهي.“ (3)

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لوڪ ادب جي وصف هن ريت بيان ڪري ٿو ته:

”لوڪ ادب کي نج دهقاني ادب به چئي سگهجي ٿو. اهو لوڪ ادب ئي آهي، جنهن ۾ عوام جي عين بين تصوير ڇڪيل آهي، جا ڪنهن به وقت انهن ئي انگن اکرن ۾ ڏسي سگهجي ٿي. هيءُ عوام جي احساسن ۽ جذبن، امنگن ۽ اڌمن جي پونجي آهي. ان جو سرچشمو عوام آهي، جنهن جا سينا انهن املهه ۽ اڻلڀ خزانن جا امين آهن. عوام جي زندگي سادي، تنهنڪري سندن ٻول به سادا، عوام جو ماحول سادو، تنهنڪري سندن خيال به سادا. پر انهن سادن ٻولن ۽ خيالن ۾ جا بلندي رهي ٿي، سا سندن ٻڌ جو قوي دليل آهي، جيڪو به ٻول ٻوليندو سو چَٻي چِٿي، وهڃائي، ويچاري، ڳڻي پَهي ۽ ٽلي سَلي، جنهن ۾ سندن روشن خيالي ۽ قوت مشاهده عالي پئي للڪاريندي. اهي پٺن اگهاڙا، پيرين پيادا، کڙيءَ کهه لڳل، لٿرن پيٽيل، سادي قوت قرار، جڏهن به صدري خزاني وارا موتي هاريندا، تڏهن ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا ته سادي سودي سيني مان ڪهڙا نه ملهه مهانگا موتي ملن ٿا.(4)

هر ملڪ جو سينگار اهي ئي لوڪ ادب جا ماڻڪ موتي لعل آهن. سنڌي قوم جي قديم تاريخ جو سرچشمو به لوڪ ادب ئي آهي. سنڌ جي قديم تهذيب ۽ تمدن، رسم و رواج، زندگيءَ جا لاها چاڙها، ماڻهن جي دلين جون امنگون، جذبا، سندن خواهشون ۽ اميدون ۽ سندن روز مره جي معاشي ڪشمڪش ۽ سماجي جدوجهد جا اڀاريندڙ داستان سڀ لوڪ ادب ۾ موجود آهن. انهن ڳالهين سبب لوڪ ادب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي عمارت جي بنهه پيڙهائتي پٿر مثل آهي. خود ٻوليءَ جي حسن بياني ۽ ذاتي تاثر جو تقريباً سمورو دارومدار لوڪ ادب تي آهي. پروفيسر ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي سنڌي لوڪ ادب جي باري ۾ لکي ٿو ته:

”حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌ جو لوڪ ساهيته ايترو ئي آڳاٽو آهي، جيتري آڳاٽي آهي اسان جي سنڌي ٻولي. سنڌي لوڪ ساهتيه ۾ ڪيترائي اهم جزا به آهن، جن جو بڻ بنياد ويدن ۽ اُپنشدن جي ڪٿائن توڙي ٻئي سنسڪرت ساهتيه ۾ ملي ٿو. رامائڻ، مهاڀارت، پراڻ، برهت ڪٿا، منجري، ڪٿا سُرت، ساگ، پنجنتر، هتوپديش ويتال، پنج وئشتي وغيره سنسڪرت ۾ لکيل اهڙا سرچشما آهن جن مان نه فقط سنڌي پرڀارت جي ڪيترين ٻين ٻولين جي به ڪن لوڪ ڪٿائن، لوڪ گيتن ۽ پهاڪن وغيره جو جنم ٿيو آهي.“(5)

سنڌي لوڪ ادب، تهذيب ۽ تمدن جو هڪ اهڙو مرڪز آهي، جنهن جي محور ۾ مختلف عام ماڻهن جون رهڻيون ڪهڻيون، ٻوليءَ جو معيار، ٻوليءَ جا مخصوص محاورا، مخصوص قومي ڪردار ۽ واقعا چٽا پٽا گردش ڪندي نظر ايندا آهن.

مطلب ته سنڌي لوڪ ادب، سنڌي عوام جي مزاج جو آئينو آهي. سنڌ جو لوڪ ادب سنڌ جي عوام جي تهذيب، تمدن، ريتن، رسمن ۽ ثقافت جو دفتر آهي. ان ۾ عوام کي خطاب ڪيل آهي. عوامي زندگي، عام ماڻهن سان روزانو واسطو رکندڙ جاندارن ۽ ٻين شين سان ئي هوندو آهي. لوڪ ادب سنڌ جي زندگيءَ جو ڄڻ حصو آهي. ۽ ان جو سڄو ذخيرو سگهڙن ۽ سڄاڻن جي سينن ۾ سانڍيل آهي.

ڊاڪٽر بلوچ جيئن ته لوڪ ادب ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. لوڪ ادب هڪ اهڙو ڪشادو موضوع آهي، جنهن تي جيترو ڪم ڪجي، گهٽ نظر ايندو. ”ڀلا صدين جو لَٽيل دفتر پٽڻ ۽ سينگارڻ ۽ سنوارڻ ڪا رواجي ڳالهه ته نه آهي. هت پهڻين مان لعل ڳولڻو آهي. مَٺ ملايل سون کي ادبي ڪوٺاريءَ ۾ ڳاري، اصل ۽ نقل کي جدا ڪرڻو آهي.“ اتي ڊاڪٽر صاحب اهڙي سخت محنت، جاکوڙ واري ڪم ۾ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو آهي. پاڻ لوڪ ادب جي مختلف صنفن تي چوئيتاليهه جلد ڇپايل اٿس، جن ۾ لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ گيت، ڳيچ، ڳجهارت، سينگار، جنگناما، ڪافيون، بيت وغيره شامل آهن.

ابراهيم جويو صاحب هڪ هنڌ لکي ٿو ته:

”چڱن کي ياد ڪبو آهي ۽ چڱن جي چڱاين کي ياد ڪبو آهي، انسان پنهنجي سک ۽ سلامتيءَ لاءِ جو معاشرو ايجاد ڪيو ان لاءِ هن چڱائيءَ جي هڪ ئي ڪسوٽي ٺاهي ۽ اها آخر تائين قائم رهڻي آهي ۽ اها آهي گهڻن جو ڀلو، ۽ جنهن ۾ گهڻن جو ڀلو چاهي ٿو ۽ پنهنجي ڀلي کان به پهرين، بلڪه پنهنجو ڀلو ڇڏي، ڏک سهي به ٻين جو ڀلو ڪري ٿو، اهو ئي چڱو آ، ادب ۽ علم ۾ به اهو چڱو آهي، جيڪو ان ڪسوٽيءَ تي پورو ٿي بيهي، يعني جيڪو انسان لاءِ انسان جي انهيءَ چڱائيءَ جي جذبي کي اڀاري ٿو.“(6)

ڊاڪٽر صاحب علم و ادب جي دائري ۾ خاص طور ان چڱي ۾ اسان جو ساٿي آهي، هن انهيءَ ڪم جي لاءِ سنڌ جو ذرو پرزو، جهرجهنگ، ٿربر، وستيون واهڻ، گشٽ ڪري، سگهڙن، سڄاڻن سان ڪچهريون ڪري اهو لوڪ ادب جو ذخيرو قلمبند ڪيو آهي. اها سندس محبت، جذبو، همت ۽ جاڳرتا هئي ۽ آهي، جو هو هر وقت سنڌ جي لاءِ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ، سنڌي ادب لاءِ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ڪم ڪندو نظر اچي ٿو. سنڌي قوم ڊاڪٽر صاحب جي انهيءَ تحقيق ۾ جا محنت، جاکوڙ ۽ جستجوءَ سان هٿ ڪيل سرمائي لاءِ ڊاڪٽر صاحب جو نالو وٺندي فخر محسوس ڪندي آهي. شيخ محمد اسماعيل نئين زندگيءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي انهن خدمتن جي جاکوڙ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

”هيءَ رٿا سنڌي ادبي بورڊ جي هئي، پر ان جو روح روان اڪيلو ڊاڪٽر بلوچ هو، جنهن پنهنجي ذاتي دوستن جي مدد سان سڄي سنڌ، صادق آباد، سبي، لس ٻيلي ۽ ٿر ۾ ڪچهريون ڪري سنڌي ٻوليءَ جو قيمتي سرمايو گڏ ڪري نموني طور 44 جلدن ۾ شايع ڪيو. انهيءَ ذخيري ۾ عوامي ادب توڙي معياري ادب جون ٻه نادر جنسون هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويون.“(7)

هن تجويز موجب سنڌي ٻوليءَ جي علم و ادب جون اهي جملي جنسون جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج آهن، تن کي لوڪ ادب جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري جنسون پڻ شامل آهن.(8)

اسان جي شهري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نه ڪئي آهي جو اها خواص جي زندگي ۽ تمدن جو يا معياري ادب جو سرچشمو بڻجي. سنڌي زندگيءَ جو مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهن ۽ انهيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اهو ئي آهي جو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي لوڪ ادب تي جيترو ڪم ڪيو آهي، اهو ٻي ڪنهن به عالم نه ڪيو آهي. سندن اهو ڪم واقعي تعريف لائق آهي. سنڌي قوم ڊاڪٽر صاحب جي انهيءَ تحقيق تي ناز ڪري ٿي جيتوڻيڪ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي عالمن، محققن، سنڌي لوڪ ادب تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، انهن ۾ ڪوڙو مل چندن مل کلڻاڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، عطا حسين شاهه موسوي، ڀيرومل، ماستر الهه بچايو سمون، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اچي وڃن ٿا پر انهيءَ ڪم کي مڪمل ڊاڪٽر بلوچ صاحب ئي ڪيو.

ڊاڪٽر صاحب جو لوڪ ادب تي ايترو ته هٿ ڪيل سرمايو ملي ٿو جو هر هڪ ڪتاب تي تحقيق ڪري جدا جدا مقالا لکي سگهجن ٿا. ڊاڪٽر صاحب لوڪ ادب تي جيڪي ڪتاب لکيا آهن، اهي ٻن ڀاڱن لوڪ شاعري ۽ لوڪ ڪهاڻين تي مشتمل آهن. هتي آءٌ صرف لوڪ ڪهاڻين جي باري ۾ لکنديس. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر صاحب جهڙي عالم تي لکڻ هر ماڻهوءَ جي وس ۾ نه آهي، پر هيءَ منهنجي هڪڙي ننڍڙي ڪاوش آهي.

لوڪ ڪهاڻيون به لوڪ ادب جو هڪ حصو آهن ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ ”ساڳئي ئي وقت تي سمجهه، سياڻپ ۽ نصيحت جو بي بها خزانو پڻ آهن. انهن ۾ عقل ۽ سمجهه جا معنيٰ خيز نڪتا سمايل آهن، جن کي تمثيلي نموني ۾ نهايت ئي شاندار طريقي سان پيش ڪيو ويو آهي.“ لوڪ ڪهاڻيون لوڪ ادب جو اهم ڀاڱو آهي، جن ۾ هر انساني گروهه جون ۽ مجموعي طور تي سڀني دنيا جي قومن جي پراڻن آثارن جا داستان ۽ دستاويز آهن. ڇاڪاڻ ته انهن سان انسان ذات جي ڪهني زماني جي ريتن رسمن، رواجن، ڀرمن، وسوسن ۽ نفسياتي لاڙن ۽ انهن جي ذهني ارتقا جي تاريخ جي خبر پوي ٿي.

ڊاڪٽر صاحب خود لکن ٿا ته:”لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ ادب جو نهايت ئي اهم ڀاڱو آهن، ڇاڪاڻ جو نه رڳو اهي لوڪ ادب جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو نمونو آهن، پر اهي انساني توهمات، نفسيات ۽ ابتدائي اعتقادات جي آثارن جو آئينو آهن. هر انساني گروهه جون لوڪ ڪهاڻيون ان گروهه جي ننڍپڻ جون وسريل يادگيريون آهن ۽ مجموعي طور سان مڙني قومن جون لوڪ ڪهاڻيون ڄڻ انسان ذات جي ننڍپڻ واري دور جا داستان ۽ دستاويز آهن.“(9)

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ لوڪ ڪهاڻين جي باري ۾ هن ريت لکي ٿو ته:”لوڪ ڪهاڻين ۾ نه رڳو عشق ۽ الفت جا داستان سمايل آهن، پر منجهن سُور ويرتا ۽ شجاعت، همت ۽ همدرديءَ جا سوين مثال ملندا. اهي نه رڳو ريجهه رهاڻ ۽ واندڪائيءَ جي وندر جو سهائيندڙ سامان آهي، پر پس پرده، سمجهه ۽ سياڻپ جا سبق آهن.“ (10)

لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ ادب جو پراڻي ۾ پراڻو مواد آهي، جنهن جي اهميت، لوڪ ادب جي مڙني صنفن کان مٿانهين آهي. اهي انسانذات جي ڄمڻ کان مرڻ تائين، سندس هنر حرفت، اٽڪل استادي، لياقت ۽ طاقت جا پراڻا دستاويز آهن، جنهن ۾ انسانن جا وهم وسوسا، ڀرم، رسمو رواج، جادو، منتر، ٽوڻا ڦيڻا، سڳا ڌاڳا، عشق و محبت، خوشيون، خوف، مرادون ۽ مقصد، حڪمتون ۽ حيلا وسيلا، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون هر شيءِ واضح ٿئي ٿي. ڊاڪٽر صاحب خود به لوڪ ڪهاڻين جي ترتيب ڏنل ڪتاب جي مقدمي ۾ لکن ٿا ته:

”لوڪ ڪهاڻين ۾ انسان ذات جي ٻالاپڻ جا اهڃاڻ موجود آهن. عقل جي بلوغت ۽ جوانيءَ کان اڳ واري دؤر ۾، وهم ۽ وسوسا، سوڻ ۽ ....، منڊ ۽ منتر، سڳا ۽ ڌاڳا، ديو ۽ پريون، جن، ڏائڻيون، انسان جي ڪائنات جا اهم اسباب هئا. انهن کي سندن عملي زندگيءَ ۾ وڏو دخل هو. جهڙيءَ طرح جهونن دڙن ۽ ڀَڙن ۾ آڳاٽين تهذيبن ۽ تمدنن جا آثار محفوظ آهن، اهڙيءَ طرح لوڪ ڪهاڻين ۾ آڳاٽي نفسياتي رجحانن ۽ ذهني لاڙن جا آثار محفوظ آهن.“ (11)

ڊاڪٽر سنديلو صاحب لوڪ ڪهاڻين بابت لکي ٿو ته: ”لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ ادب جي گويا آڳاٽي اکر ......(Dictionary) آهي، جنهن ۾ هرهڪ موقعي مهل جي پوري وضاحت ڪيل آهي. لوڪ ڪهاڻيون جن ۾ تر توڙي بر جي تصوير ڇڪيل پر ڍڪيل آهي.“(12)

لوڪ ڪهاڻيون ڪڏهن ٺهيون، ڪنهن ٺاهيون، ڪهڙي علائقي ۾ ٺهيون، اهو معلوم ڪرڻ ڏکيو آهي. البته ايترو چئي سگهجي ٿو ته ”جيئن ئي انسان جي پيدائش ٿي ۽ منجهس سمجهه، سوچ ۽ تميز جي طاقت تيز ٿي، تيئن ئي هن ٻاهرئين ماحول کان متاثر ٿي، پنهنجي اندر ۾ ويچاري، انهن ڳالهين کي عقلي رندو هڻي، صاف ڪري پيش ڪيو. ٻاهرين ماحول جو اثر هو، جهيڙا جهٽا، ويڙهه جهيڙ، پرين، جنن، ڀوتن جا ڀؤ، هوا، طوفاني، پاڻيءَ جي طغياني، کنوڻ جي کنواٽ، ڪڪرن جي ڪڙڪاٽ وغيره ۽ فرحت بخش چيزون، جن ۾ چرچو گهٻو، کل مسخري، ناچ گانو وغيره اچي وڃي ٿو.(13).

ڪهاڻين جي شروعات به ڪن ٿورن اکرن سان ٿي هوندي، پوءِ ان ۾ ماحول ۽ حالات کان متاثر ٿي ڪنهن ڪجهه چيو، ڪنهن ڪجهه چيو، اهڙيءَ طرح ٻڌندڙ ان کي وڌائي، مرچ مصالحا ملائي، ڪنهن ان کي مزيدار طريقي سان، ڪي ذهانت جا نقطا ملائي شامل ڪري وڏو ڪري پيش ڪيو هوندو، اهڙيءَ طرح اها مختلف ماڻهن کان وڌندي، نسل درنسل هلندي آئي. ڊاڪٽر صاحب مقدمي ۾ انهيءَ جي وضاحت هن ريت ڪري ٿو ته: ”البت ايترو چئي سگهجي ٿو ته اهي انساني تاريخ واري ساري گذريل دؤر ۾ ئي سرجيون ۽ سامايون آهن ۽ عوام انهن جي سٽاءَ سڄي ڪرڻ ۾ حصو ورتو آهي. لوڪ ڪهاڻيون اتفاق سان ڪنهن وهم ۽ وسوسي، سماجي سلسلي، ذاتي ڪارنامي يا ڪنهن خاص واقعي سببان، ڳالهه جو ٻج پيو، ٿڏو لڳو ۽ سلو انگوريو، پوءِ ڪنهن هڪڙي ان جي چوڌاري صفائي ڪري، ان سلي کي نروار ڪيو، ڪنهن ڀاڻ جي ٻڪي ڏني ته ڪنهن ان کي پاڻي ڏنو، اهڙيءَ طرح مختلف ماڻهن جي مدد سان اهو سلو ويو ڏينهون ڏينهن وڌندو وڻ ٿيندو. انهيءَ عرصي ۾ ڪنهن ان جو ڪو ڏار ڪپيو، ته وري ٻيا نوان گونچ ٿيا ۽ نوان ڏار نڪتا.“ اڃا به ٻيا مثال ڏجن ته چئجي ته لوڪ ڪهاڻي هڪ فقير جي گودڙي آهي، جنهن ۾ پنج ڪڻي پئي پوي ۽ هر قسم جو اناج توڙي مانيءَ جا ڀور پيا گڏ ٿين، يا لنگر جي ديڳ آهي جا چڙهي پئي آهي، جنهن ۾ جنهن کان جيڪي پڄي سو اچي وجهي. جوئر، ٻاجهري، مڱ، مٽر، ڪڻڪ، تر، چانور، چڀڙ، دال، بصر ۽ کاڌي جي ٻي هر ڪچي جنس، جنهن جيتري ان ۾ وڌي، اوتري پئي پچي، ڪنهن پاڻي وڌو، ڪنهن ڪاٺيون سيريون، ڪنهن ڳن ڏنو ته ڪن ونڊيو ۽ ورهايو. اهڙيءَ طرح قندوري قائم آهي، پر اهو ڪنهن کي معلوم نه آهي ته ديڳ ڪنهن چاڙهي، ڪڏهن چڙهي ۽ ان ۾ هر جنس ڪيتري پئي ۽ ڪنهن ملائي. (14).

شروعاتي ڪهاڻيون ساديون سُوديون هيون، پوءِ دانائن ۽ عالمن، انهن ۾ ڪي حڪومت جا نقطا شامل ڪيا، ڪيترائي ڪردار انهن دليون جوڙيا ۽ ان ۾ ڪيترائي عالمانا خيال شامل ڪيا. مثلاً باطل تي حق کي ترجيح ڏيڻ، بدي ۽ بڇڙائي ختم ڪرڻ، نيڪيءَ جي تبليغ، هنن، جنن، پرين، ديون، انسانن ۽ جانورن جي ڪردارن جي عڪاسي پيش ڪئي.

لوڪ ڪهاڻين ۾ ڪي ڪردار اهڙا آهن، جن جي تخيل جي ابتدا کي دورن وار تقسيم ڪيو ويو. ديو، پريون، جن وغيره ڪردار انساني تاريخ جي نسبتاً اوائلي دور جا يادگار آهن. اهو انسان جي محدود علم ۽ تجربي وارو دور هو، جڏهن اڃا هو فطرت جي طبعي واقعن ۽ فطري مشاهدن جي ماهيت کان بي خبر هو، سج، چنڊ، باهه ۽ پاڻي، سندس واسطي ديوتا هئا، گوڙ، مينهن ۽ طوفان کي ديون جي اچڻ سان تعبير ٿي ڪيائين ۽ سهڻي سهائي رات کي پرين جي آمد جي تياري تصور ٿي ڪيائين.(15)

جڏهن انساني دماغ ترقي ڪئي ته هنرمند انسانن پنهنجون تجويزون سٽيون ۽ اٽڪلون رٿيون، اهي تجويزون ۽ اٽڪلون عام سمجهه کان مٿي هيون ۽ انهيءَ ڪري اهو ويساهه پيدا ٿيو ته انهن انوکين اٽڪلن ذريعي انسان، ديون، پرين ۽ جنن جو مقابلو ڪري سگهن ٿا. اهي ڪردار جادوگر، جادوگرياڻيون ۽ ڏائڻيون وغيره هئا جيڪي جادوءَ جي نالي سان منڊ منتر، ڇنڊا ڦيڻا ۽ ٻيا ساٺ سنؤڻ ڪري سگهندا هئا. اهي جادو انسان لاءِ مدافعت توڙي مقابلي جو اهم اوزار هئا.

انساني تاريخ جي بلڪل هن پوئين دور جا ڪردار بادشاهه، راڻيون، شهزادا، شهزاديون ۽ وزير هئا. اهڙيءَ طرح جانور به لوڪ ڪهاڻين جا اهم ڪردار رهيا آهن. جانورن جا ڪردار انهيءَ آڳاٽي دور جا يادگار آهن، جڏهن انسان ٻي مخلوق وانگر صحيح معنيٰ ۾ اڃا ڌرتي ماتا جو نيپاج هو.

ڊاڪٽر صاحب جي ترتيب ڏنل لوڪ ڪهاڻيون ستن جلدن تي مشتمل آهن جن ۾ 339 ڪهاڻيون شامل آهن. هن مقالي ۾ انهن ستن جلدن تي ٿورو تبصرو ڪجي ٿو. لوڪ ڪهاڻيون جلد پهرين ۾ انساني ڪردارن ۾ بادشاهه، شهزادا، شهزاديون، امير، وزير، سوداگر ۽ عام ماڻهو اچي وڃن ٿا. غيبي ڪردارن ۾ ديو، جن ۽ پريون اچي وڃن ٿا. جادوگر ۽ جادوگرياڻيون، ڏائڻيون ۽ راڪاس پڻ ڪهاڻين جا ڪردار آهن جتي غيبي ڪردار پنهنجن ڪمن ۾ مصروف آهن، اتي سندن مقابلي ۾ انساني طاقتون پڻ پنهنجي پوري قوت آهن. نيڪي ۽ بديءَ جي اها جنگ تڏهن کان هلندڙ آهي، جڏهن کان انسان ۾ غور ۽ ويچار جو مادو پيدا ٿيو.

ديون، پرين، جنن، ڏائڻين ۽ جادوگرن جي جيڪا تصوير ملي ٿي، ان جا ٻه پهلو آهن. هڪڙو ته انهن ڪردارن بابت قديم وهمن ۽ وسوسن وارو تخيل آهي. مثلاً ديو ماڻهوءَ کي اڪيلو ڏسي کڻي ويندا آهن، ديو اڏامندا آهن، ديو پنهنجي صورت بدلائي ٻي صورت اختيار ڪندا آهن. ٻيو ته انهن ڪردارن جي عملي تصوير تي انساني سماج جو رنگ چڙهيل آهي. مثلاً سنڌ ۾ عوام جي نظريي موجب ديو ۽ جن حضرت سليمان جي هٿ ۾ هئا. ۽ ان جا تابع هئا. انهيءَ آڳاٽي نظريي جو عڪس سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين ۾ نظر اچي ٿو جو ظاهر آهي ته سنڌي سماج جو اثر آهي.

هن مجموعي ۾ ڪل ٻاويهه ڪهاڻيون شامل آهن جن ۾ گل انداز، بادشاهه گل بادشاهه ۽ شوق شهزادو، ڍول شهزادو، سونن وارن واري شهزادي، بادشاهه ۽ ٻڪرار، ڪوڙهيو بادشاهه، ڪدو شهزادو وغيره ڪهاڻيون شامل آهن، هن جُلد جي مقدمي ۾ ڊاڪٽر صاحب لوڪ ڪهاڻين جي علمي اهميت، لوڪ ڪهاڻيءَ جي ابتدا، لوڪ ڪهاڻين جا ڪهنا ڪردار، ڪهاڻين جي اوسر جو تاريخي پس منظر ۽ ڪهاڻين جا تر ۽ بر تفصيلي طور تي بيان ڪيا آهن، جيڪي تعريف جي قابل آهن. ڊاڪٽر صاحب هن مقدمي ۾ لکن ٿا ته:

”لوڪ ڪهاڻيون ڄڻ لفظن ۽ بيانن جي صورت ۾ جهونا کنڊر آهن، جن کي ولڻ ۽ ويچارڻ سان انسان جي آڳاٽن وهمن ۽ ويچارن، خوشين ۽ خوفن، مرادن ۽ مقصدن، حڪمتن ۽ حيلن، ڪاميابين ۽ ناڪامابين جي نوعن ۽ نمونن جا اندازا لڳائي سگهجن ٿا.“ (16)

لوڪ ڪهاڻيون جلد ٻئي ۾ جيڪي ڪهاڻيون شامل آهن انهن ۾ همتون ۽ ڪشالا، وعدي خلافيءَ جي سزا، ڏندڪٿا، سڀاڳ ۽ نڀاڳ، تڪڙ ڪم شيطان جو، مرد جو عقل، عورت جو عقل، دوستيءَ جو ننگ، عشق ۽ محبت، بيوقوفي ۽ نصيحتون وغيره شامل آهن. هنن ڪهاڻين جا مرڪزي ڪردار بادشاهه، وزير ۽ سوداگر وغيره آهن. هن جلد جون مرڪزي ڪهاڻيون شهزادو گل منير، شهزادي ۽ جادو جي منڊي، ڪوڙهيو بادشاهه ۽ وفادار طوطو، بادشاهه ۽ ٽرڙڪان، يانصيب، صبر شهزادو، ٿالهي، گدرو ۽ ڪاتي، عقلمند ڇوڪري، سچ ڇوڪرو وغيره  ڪل ٻاويهه ڪهاڻيون شامل آهن.

لوڪ ڪهاڻيون جلد ٽيون جيڪو بلوچ صاحب 1963ع ۾ ترتيب ڏنو، هن مجموعي ۾ ٽيويهه ڪهاڻيون شامل آهن. جن مان اڪثر ڪهاڻين جو مرڪزي خيال همت ۽ ڪشالا ڪڍڻ آهي. انهيءَ کان سواءِ ٻيا موضوع مثلاً: حق جي فتح، بخت جي بازي، عورت جو عقل، جادوگري، جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي وغيره آهن ۽ هن ڪتاب ۾ جيڪي ٻه ڪهاڻيون شامل آهن، انهن جا ڪردار پريون، ديو ۽ راڪاس، غيبي ۽ غير انساني طاقتون آهن. جادوگر ۽ جادوگرياڻيون، ڏائڻيون ۽ ڌُوتيون، انساني گروهه سان تعلق رکن ٿا. انهن سڀني جا فعل ۽ عمل مختلف آهن. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته: ”هن مجموعي ۾ شامل مڙيئي ڪهاڻيون، ڪلاسيڪي قالب واريون آهن جن جا بنيادي ڪردار، جن، پريون، ديو، ڏائڻيون، جادوگر ۽ جادگرياڻيون آهن ۽ سندن مقابلي ۾ عام معاشري جا انسان آهن. انساني طاقتن جو غيبي طاقتن سان مقابلي جو خيال انساني ارتقا جي نسبتاً پوءِ واري دور ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي دور ۾ اهڙي مقابلي جي خيال جو اُسرڻ ناممڪن هو جيئن جيئن انساني معاشرو ترقي پذير ٿيو ۽ انسان جو علم وسيع ٿيو ته وهم ۽ گمان زائل ٿيڻ لڳا. انهيءَ لحاظ سان قصه خوانن پڻ ڪُهنن ڪردارن جي مقابلي ۾ انسان آڻي بيهاريو ۽ ٻنهي جو مقابلو ڪرايو، جنهن ۾ اڪثر فتح انسان جي ٿي.“

غيبي طاقتن تي انسان جو غالب پوڻ وارو خيال غالباً تڏهن اُسريو جڏهن انساني معاشري ۾ سماجي گروهه بندي ٿي. جدا جدا قبيلا ٺهيا، قومي شعور جاڳيو ۽ پنهنجي قبائلي ۽ قومي بچاءَ ۽ تحفظ جو جذبو جاڳيو. انهيءَ جذبي پيدا ٿيڻ کان پوءِ هر قبيلي جي سڄاڻ ۽ ذهين پنهنجي مخالف قبيلي يا قوم جي ماڻهن کي، جن سان سندن جنگ هئي، تن کي جنن، ڀوتن، ديون ۽ راڪاسن سان تعبير ڪري پنهنجي سربلنديءَ خاطر، پنهنجي قبيلي جي ننڍڙي کان ننڍڙي فرد کي سورمو بڻائي سندن مقابلو ڪرايو ۽ فتح پنهنجي مانجهيءَ جي ئي ثابت ڪئي. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون انساني معاشري جي انهيءَ ارتقاءِ پذير فڪر جو چٽو عڪس آهن.“(17)

لوڪ ڪهاڻيون جلد 4، ڊاڪٽر صاحب 1961ع ۾ ترتيب ڏنو. هن ۾ ايڪويهه ڪهاڻيون آهن، جن ۾ بادشاهن، شاهوڪارن، غريبن، اميرن، ڏاهن ۽ ٺڳن جون ڳالهيون شامل آهن. هنن ڪهاڻين ۾ جن، پريون، ديو يا ڏائڻيون وغيره جي ڪردارن جي حيثيت ۾ شامل نه آهن. بلڪه هنن جا ڪردار مختلف طبقن ۽ طبيعتن جا انسان آهن جن سان اسان جي پوري واقفيت آهي ۽ جن جون تمنائون، ناڪاميون، عقل، دانائيون، حيلا، وسيلا، حرفتون، وفاداريون ۽ شرافتون، نصيحتون ۽ هدايتون، ڪوششون ۽ ڪاميابيون، هنن ڪهاڻين ۾ نمايان طور تي پيش ڪيل آهن. هنن ڪهاڻين جا موضوع خاص طور تي بخت، سياڻپ، هنر ۽ علم، جادو، فريب، چالاڪي، حرفت، خيرات جي برڪت، نيڪيءَ جو عيوض، دوستي، نانگ جو عقل، پکيءَ جو عقل وغيره آهن. هن جلد جون سڀ ڪهاڻيون زندگيءَ جي شعبن جي وڌيڪ ويجهيون ۽ عام سماجي ڪردارن تي شامل، هن قسم جون ڳالهيون، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عام مروج ۽ مشهور آهن. هن جلد ۾ روپ بسنت، ماٽيجي ماءُ، وفادار ڪاٺير، وڏڙن جو عقل، دوستيءَ جو ننگ، مڻ جي مڻيا، چاندو ۽ چڪور، مکڻ جي ماڙي، بازيگر ۽ درويش، نيڪيءَ جو بدلو وغيره شامل آهن.

لوڪ ڪهاڻيون جلد پنجين ۾ آکاڻيون ڏنل آهن. ڊاڪٽر صاحب ڪهاڻين، ڳالهين ۽ آکاڻين جا جدا جدا نالا عمداً ۽ اراداتاً استعمال ڪيا آهن. انهيءَ ڪري ته جيئن سنڌي لوڪ ڪهاڻين جو تدريجي سلسلو ذهن نشين ٿي سگهي. ڊاڪٽر صاحب هن جلد جي مقدمي ۾ انهن ٽنهي جي وضاحت ڪئي آهي. ”عام اصطلاح موجب (ڪهاڻي) ۽ ڳالهه ۾ ڪو فرق ڪونهي، مگر محض علمي نظريي خاطر ”ڪلاسيڪي“ يا ”ڪهني“ قالب وارين حڪايتن کي ڪهاڻيون سڏيو ويو آهي. جن ۾ ديون، پرين، جنن وغيره غيبي ڪردارن کي خاص دخل آهي، اهي حڪايتون جن ۾ بادشاهه، راڻيون، شهزادا، سوداگر وغيره انساني ڪردارن جو نمايان حصو آهي، انهن کي سهوليت خاطر ”ڳالهيون“ سڏيو ويو آهي ۽ اهي ننڍيون حڪايتون جن ۾ انساني معاشري جي مختلف شعبن جا ننڍا وڏا فرد شامل آهن ۽ جن جو مکيه مقصد ٻارن جي وندر آهي، تن کي آسانيءَ خاطر ”آکاڻيون“ سڏيو ويو آهي.“ (18)

آکاڻيون خاص طور ٻارن لاءِ ”وندر ۽ نصيحت“ طور لکيون ويون آهن، هي بلڪل پوئين دور جون آهن ۽ هنن جي سٽا سادي آهي. هي آکاڻيون ننڍيون ۽ مختصر هونديون آهن پر هنن جو واسطو زندگيءَ جي مختلف شعبن سان هوندو آهي. هن مجموعي ۾ جيڪي ڪهاڻيون شامل آهن، انهن ۾ نصيحتون، هدايتون، کل خوشي، برن جا عمل ۽ نتيجا، چڱن ۽ سٺن کي انهن جي چڱائيءَ جا ڦل، سچار ۽ ايماندار جي ڪاميابي، بخت، خيرات جي برڪت، همت ۽ ڪشالا، اياڻپ ۽ ڀورڙائي وغيره خاص موضوع تي پيش ڪيل آهن.

هن مجموعي جون خاص ڪهاڻيون ڪاٺير مان بادشاهه، ٻڪرار مان بدشاهه، بخت ۽ عقل، چورن مٿان مور، حرامي حلالي، بودلو ڇوڪرو، اڍنگ، عقل جو انڌ، اياڻي زال، بيوقوف ۽ گهيٽو، چرين ۽ رڍن جي ويڙهه، نيت بري، ٿوري برڪت، حاڪم ظالم برڪت ختم وغيره ڪهاڻيون شامل آهن.

هن جلد ۾ شامل آکاڻين ۾ ٻاراڻا ٻول، موزون چوڻيون، نظميه فقرا، ڳجهارتون ۽ ڳاهون پيش ڪيل آهن، جن کي سگهڙن، ٻارن لاءِ دلچسپيءَ خاطر شامل ڪيون آهن. مثلاً پوپٽ نجومي واري آکاڻيءَ ۾ بادشاهه، پوپٽ کي جواب ۾ چوي ٿو ته:

”بک ٻڌو گهوڙو، جندڙي ڪارڻ هار،

پوپٽ ڀلا ڇا ڪري، ڇڏ ڌڻي پچار.“

هن جلد ۾ ڪل اٺاسي آکاڻيون شامل آهن، جيڪي سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن مان حاصل ڪيون ويون آهن، جن ۾ سکر، دادو، حيدرآباد، ميرپور ماٿيلو، سانگهڙ، پنوعاقل، شهدادپور، ٽنڊوالهيار، ٺٽو، گوني، روهڙي، لاڙڪاڻو، عمرڪوٽ، ماتلي، هالا، ڇاڇرو، بدين وغيره آکاڻيون شامل آهن.

لوڪ ڪهاڻيون جلد ڇهين ۾ جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون پيش ڪيل آهن. هي جُلد ڊاڪٽر صاحب 1964ع ۾ ترتيب ڏنو. هن جلد جون آکاڻيون پنجين جلد جي آکاڻين جي ڪڙي آهن. هي به سڀ آکاڻيون وندر ۽ نصيحت خاطر لکيون ويون آهن. هن جي قدامت جي باري ۾ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته: ”قدامت جي لحاظ سان هن قسم جون آکاڻيون غالباً سڀ کان آڳاٽيون آهن. جانور ۽ پکي انسان کي سڀ کان ويجها آهن. جن کي ڏسندي ۽ ساڻن گڏ گهاريندي، ويچارَ وارن انهن بابت پنهنجا مشاهدا ۽ تجربا هڪ ٻئي کي ٻڌايا، جڏهن انسان جو عقل جوان ٿيو ته هنن پنهنجا دانائيءَ جا قول ۽ نصيحتون، جانورن ۽ پکين جي زباني ادا ڪيا. انهيءَ لاءِ ته اهي سرڪش ماڻهو جي پنهنجن عملن ۽ افعالن بابت نڪته چيني ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن، سي هن قسم جي حڪايتن مان نصيحت پرائين. ٻڌ ڌرم جي دانائن ۽ ايران جي عاقلن انهيءَ تدبير مطابق هن علمي شاهڪار ”ڪليله و دمنه“ ذريعي دنيا جي دانائيءَ جو هڪ مکيه باب بڻيون.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب لکي ٿو ته ”هي جانورن جون ڪهاڻيون سوين سال اڳ شڪارين ٺاهيون ۽ هي نتيجو ڪڍيائون ته هر جانور کي پنهنجو ڪردار ۽ پنهنجي شخصيت آهي.“

هن جلد ۾ ڇاهٺ آکاڻيون شامل آهن، جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان دستياب ٿيون آهن، جن ۾ سکر، سانگهڙ، حيدرآباد، روهڙي، نوابشاهه، بدين وغيره مان مليون آهن. هنن سڀني آکاڻين ۾ جيڪي پکين ۽ جانورن جون آهن، نصيحت ۽ وندر طور پيش ڪيل آهن. انهن ۾ ڪو نه ڪو نصيحت ڀريو نقطو پيش ڪيل آهي. هٻڇ، لالچ، بيوقوفي، خود ثنائي وغيره کان علاوه ڪي آکاڻيون، محض سگهڙپائي جي سهڻن گفتن ۽ خيالن تي مبني آهن، جن ۾ سگهڙن، جانورن ۽ پکين جي شان جو اعتراف ڪيو آهي. جانورن ۾ گدڙ جون ستاويهه ڪهاڻيون پيش ڪيل آهن، گدڙ سڀني جانورن کان ڄڻ چالاڪيءَ ۾ چؤڻو ۽ ڏاهپ ۾ ڏهوڻو آهي. ان جي خودي ۽ خود اعتمادي، حرفت ۽ حيلو، دوستي ۽ دشمني، هٻڇ ۽ لالچ وغيره تي ڪيتريون ئي آکاڻيون ملن ٿيون. انهيءَ کان سواءِ شينهن، بگهڙ، اٺ، گابا، هرڻيون ۽ پکين ۾ طوطو، ڪڪڙ، ڪانءُ، جهرڪي، هيڙهو، تتر، ڪٻر وغيره ڪردار پيش ڪيل آهن. هن جلد ۾ سلطان گدڙ، ڪڪڙ، قاڙهو، شينهڻ ۽ شينهن، هرڻي ۽ ٻچا، ڏاهو ڇيلو، ڪنگ ۽ ناني، ڏيڏري ۽ اٺ، جهرڪي ۽ ڪُئي، ڪانءُ ۽ ڪٻر وغيره آکاڻيون شامل آهن. انهيءَ کان سواءِ هن جلد ۾ اٺاويهن آکاڻين ۾ ٻاراڻا ٻول، موزون چوڻيون، نظميه فقرا ۽ ڳاهون پڻ سمايل آهن جيڪي خاص طور تي آکاڻين ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل آهن. مثلاً هڪ آکاڻيءَ ۾ لکيل آهي ته:

”ڪچي پڪي ٻير کاڌم،

ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم،

ڪڪڙ جي کنڀڙاٽي کاڌم،

ڇيڻن چونڊيندي ڇوڪري کاڌم،

باقي توکي نه کان.“

ڪنگ جي ناني، ڪنگ کي ڳولڻ وقت هيئن ٿي چئي ته:

”لوهار ڙي لوهار، تو ڪو ڪنگ ڏٺو؟

منهن موڙيندو، چپ چوريندو،

ناني گهوري، ڪنگ نيرانو ويو نڪري.“ وغيره.

لوڪ ڪهاڻين جو ستون ڪتاب ”مشهور سنڌي قصن ۽ عشقيه داستانن“ تي مبني آهي. هن جلد ۾ جيڪي ڪهاڻيون پيش ڪيل آهن انهن کي مضمون ۽ مقصد جي لحاظ کان پنجن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائجي ٿو. (1) ڪهاڻيون، (2) عشق و محبت جون حڪايتون (3) ڪن مشهور ڪردارن بابت روايتون (4) پوڻ درياء جون يادگيريون ۽ (5) نيم تاريخي حڪايتون.

هن جلد ۾ ڊاڪٽر صاحب جيڪي به ڪهاڻيون ڏنيون آهن، انهن جون مختلف روايتون جيئن مليون آهن، اهي ائين ئي بيان ڪيون ويون آهن. مثلاً: سونل جون ٽي روايتون، ڏمڻ سوناري جون ٻه روايتون ۽ گامون سچار جون ڇهه روايتون. هرهڪ روايت پنهجي سٽاءَ جي لحاظ کان مستقل درجو رکي ٿي. انهن ۾ جيڪي ڳالهيون پيش ڪيون ويون آهن، انهن ۾ اتر سنڌ ۾ ٽي، لاڙ ۾ ٻه ۽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ اٺ رائج رهيون آهن. باقي اوڻيهه سنڌ جي تاريخ يا سڄي سنڌ جي مجموعي روايتن ذريعي معلوم ۽ مشهور آهن. هن جلد ۾ سونل، ڏمڻ سونارو، بوبنا جراڙ، وڪيو ڏاتار، گامون سچار، پڊاماڻي پنرو، انڙ انڙاڻي،. سونل پري، ڄم پونئرو، جسوڌن بادشاهه، همير سومرو، عمر ۽ گنگا وغيره شامل آهن جيڪي تاريخي لحاظ کان اندازاً ڏهين يا يارهين صدي عيسويءَ سان تعلق رکندڙ آهن.

لوڪ ڪهاڻين جي انهن ستن جلدن ۾ جيڪي به ڪهاڻيون شامل آهن، اهي سڀئي ڊاڪٽر صاحب جي محنت ۽ ڪاوش جو نتيجو آهن. انهيءَ کان علاوه انهن ڪتابن جا پيش لفظ ۽ مقدما جيڪي ڊاڪٽر صاحب لکيا آهن، جن ۾ هر جلد ۾ آيل ڪهاڻين، آکاڻين ۽ ڳالهين جي باري ۾ سڄو تفصيل ڏنو آهي ۽ انهن ڪهاڻين جي ڪردارن تي به تفصيل سان لکيل آهي. انهن ڪهاڻين جي تاريخي ۽ سماجي پس منظر جي باري ۾ لکيل آهي. انهيءَ کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب ٻيا به ڪيترائي ڪتاب جن ۾ سنڌي لوڪ ڪهاڻيون ۽ عشقيه داستان ترتيب ڏنا آهن، اهي سڀئي ۽ اهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي خدمتون جيڪي ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيون، ڪڏهن به نه ٿيون وساري سگهجن.

حوالا

(1) الانا، غلام علي، (ڊاڪٽر: ”هڪ ٻهڳڻو دانشور“)، مقالو، نئين زندگي حيدرآباد، ڊسمبر 2000، ص 7.

(2) ايضاً.

(3) ايضاً.

(4) سنديلو، عبدالڪريم ڊاڪٽر (سنڌي لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1973ع، ص 2. ۽ مهراڻ 4، 1991ع، ص 69، 70 سنڌي ادبي بورڊ.

(5) حوالو، ص نمبر 1، نارائڻ ڀارتي، سنڌي لوڪ ساهت، سنڌي ٽائمس، الهاس نگر 3، 1988ع، ص 9، 10.

(6) ابراهيم جويو، مهراڻ 1976ع ص 79،  سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.

(7) شيخ محمد اسماعيل سگهڙن جو سرواڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نئين زندگي حيدرآباد، ڊسمبر 2000ع ص 29.

(8) ايضاً ص 29.

(9) بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: لوڪ ڪهاڻيون جلد پهريون، مقدمو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.

(10) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر:سنڌي لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، ص 2، 1973ع.

(11) حوالو نمبر 9.

(12) حوالو نمبر 10 ص 427.

(13) ايضاً.

(14) ايضاً.

(15) بلوچ، نبي بخش خان: لوڪ ڪهاڻيون جلد(1) سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.

(16) ايضاً لوڪ ڪهاڻيون جلد (3) سنڌي ادبي بورڊ.

(17) ايضاً لوڪ ڪهاڻيون جلد (3) سنڌي ادبي بورڊ.

(18) ايضاً لوڪ ڪهاڻيون جلد (5) سنڌي ادبي بورڊ.

(19) ايضاً لوڪ ڪهاڻيون جلد(6) سنڌي ادبي بورڊ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com