روزينه جوڻيجو
انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن جو دورو
ڪجهه ڏينهن پهريان، چرچ ورلڊ سروس پاڪستان
افغانستان طرفان، هڪ ليٽر آيو ته سندن ادارو هڪ
ايڪسپوير وزٽ جو بندوبست ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن ۾
جيڪڏهن توهان جي آرگنائيزيشن ٽي آر ڊي حصو وٺڻ
چاهي ته اسان کي خط لکي ٻڌايو.
اهو، ياد رهي ته سي ڊبليو ايس پاران، سيد معظم
ترتيب ڏئي رهيو هو. جڏهن اسان جي ڊائريڪٽر ظفر اها
ڳالهه مون سان ڪئي ته مون چيو ته مان ته ضرور
وينديس هن وزٽ تي، ڇو ته اهو سکڻ جو سٺو موقعو
آهي. هونئن به مان مختلف آرگنائيزيشنز ڏسڻ ۽ انهن
جي ڪم ڪرڻ جي طريقي کي سمجهڻ ۾ دلچسپي رکان ٿي.
انڪري مون سوچيو ته موقعو نه وڃائڻ گهرجي. پوءِ
ٻين ساٿين سان به مشورو ڪيو ويو ته ڪير هلڻ چاهي
ٿو، ٽن ماڻهن پنهنجو شوق ڏسيو، مان، زڪيه جوڻيجو ۽
نجمه بالادي. معظم صاحب وزٽ پروگرام ڏاڍو سٺو
ترتيب ڏنو هو. اسان سوچيو ته سکڻ سان گڏ ڏاڍو مزو
به ايندو. پروگرام جي ترتيب هن ريت هئي ته 15
نومبر 2005ع تي اسان کي ڪراچيءَ پهچڻو هو، پر اسان
پهتاسين 2005/11/14 تي. اتي جو وڃون ته ڪا ڳالهه
ئي نه ۽ نه ئي ٻيا شرڪت ڪندڙ ساٿي اتي موجود هئا.
پوءِ اسان معظم صاحب ڏي فون ڪئي ته معلوم ٿيو ته
پروگرام ته 16 تاريخ کان آهي ۽ اسان کي 15 تاريخ
تي اچڻو هو. خير اسان کان غلطي ته ٿي ويئي، هاڻي
اسان معظم صاحب کي چيو ته اسان کي گيسٽ هائوس
کولائي ڏي ته رات ته رهون، پورن ٻن ڪلاڪن کان پوءِ
گيسٽ هائوس کليو. ان کان پوءِ اسان اندر داخل
ٿياسين، ڏاڍو خوبصورت گيسٽ هائوس اسان جو منتظر
هو. ڏک به ٿيو ته هڪ ڏينهن اڳ گهر ڇڏي آيا آهيون،
پوءِ اسان ٽنهي ڏاڍي ڪچهري ڪئي ۽ وقت کي وڃائڻ نه
ڏنو. بهرحال سٺو ٽائيم پاس ٿي ويو. آخرڪار اهو
ڏينهن به آيو جنهن جو اسان کي انتظار هو. اسان جي
وزٽ جي تياري ٿي. اڄ 2005/11/16 تي صبح جو 10:00
وڳي معظم صاحب ۽ ٻه ٻيون اديون ارين خان ۽ جانيٽ
ڊيسوزا آيون.
پروگرام جي شروعات ٿي ته معظم صاحب سڀني
آرگنائيزيشن کي وزٽ جو شيڊول ڏنو. ٻن ڏينهن جو
يعني 16 ۽ 17 تاريخ جو. ٽوٽل ڇهه آرگنائيزيشنز
هيون، جن هن وزٽ ۾ حصو ورتو، انهن جا نالا هي آهن:
(1) Bhittai Development Organization (Dadu).
(2) Lower Sindh Rural Development Association (LSRDA)
Mirpurkhas.
(3) Participatory Village Development Program (PVDP)
Hyderabad.
(4) Trust for Rural Development (TRD)
Hyderabad.
(5) Poverty Eradication Network (PEN) Khairpur.
(6) Personers and Orphans Welfare Association
Khairpur.
معظم صاحب شيڊول ڏيڻ کان پوءِ سڀني جو تعارف ٿيو.
ان کان پوءِ اسين خوبصورت گيسٽ هائوس ڇڏي گاڏيءَ ۾
ويهي وزٽ تي نڪتاسين. اڄ 2005/11/16 تي اسان جي
شيڊول مطابق ٻن
Ngos
جي وزٽ هئي. جنهن ۾ پهريان
اسان لايرس فار هيومن رائيٽس ۽ ليگل ايڊ
Lawyers For Human Rights and Legal Aid
وياسين. اسان سڀني آرگنائيزيشن جو تعارف ٿيو. ان
کان پوءِ (LHRLA)
مددگار هيلپ لائين پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ محمد
عليءَ ٻڌايو ته هيءَ پهرين چائلڊ هيلپ لائين آهي،
جنهن ۾ اسان مختلف زيادتين جا ڪيس کڻندا آهيون، جن
۾ ٻارن تي تشدد، ٻارن جي تجارت، جنسي ڏاڍائي ۽
اهڙا کوڙ ڪيس اسان وٽ آهن. هنن ٻڌايو ته اسان هن
وقت تائين 20،000 کان وڌيڪ ڪيس ڪڍي چڪا آهيون ۽
200 کان وڌيڪ ادارا اسان سان ڪم ڪن ٿا. هنن ٻڌايو
ته مددگار ڊيٽابيس ڊپارٽمينٽ اخبار ۾ اغوا ٿيل
ٻارن جو تفصيل ڏسي انهن جي مالڪن سان رابطو ڪندا
آهيون. مس تهمينه ٻڌايو ته اسان روزانو ٽوٽل 26
اخبارون وٺندا آهيون، جن ۾ اردو، سنڌي ۽ انگريزي
اخبارون شامل آهن. ان کان پوءِ اسان کي هڪ ٻار
بابت فلم ڏيکاري ويئي ۽ مددگار هيلپ لائين پنهنجي
پوري آفيس وزٽ ڪرائي، جيڪا تمام سهڻي نموني ترتيب
ڏنل هئي. خاص ڪري فائيل سسٽم ۽ ميٽنگ هال ڏاڍو سٺو
هو. ان کان پوءِ انهن کان اجازت وٺي اچي لنچ
ڪئيسين ۽ وري اسان کي ٻيءَ تنظيم وٽ به وڃڻو هو.
اسان وري هاڻي وياسين پناهه وومين شيلٽر
(Panah Woman Shelter).
اتي اسان جي ملاقات ايڊووڪيٽ انيلا انصاريءَ سان
ٿي. اسان جو تعارف ٿيو. ان کان پوءِ مس انيلا اسان
کي ٻڌايو ته اسان جي شيلٽر هوم ۾ ٽوٽل 10 روم آهن،
جن ۾ هڪ عورت کي پناهه ڏني ويندي آهي. جيڪڏهن عورت
پرڻيل آهي ته ان جي ڌيءُ به رهي سگهي ٿي، عمر جو
ڪو به قيد نه آهي، باقي جيڪڏهن ڇوڪرو آهي ۽ عمر 10
سالن کان مٿي اٿس ته اسان ان کي شيلٽر هوم ۾ رهڻ
جي اجازت نه ڏينداسين. انيلا صاحبه وڌيڪ ٻڌايو ته
هتي پوري پاڪستان کان عورتون اينديون آهن. اسان جي
گهڻي کان گهڻي ڪوشش هوندي آهي ته 3 مهينن ۾ اسان
ان عورت جو ڪيس هلائي فيصلو ڪرائي ختم ڪريون ته
جيئن اها عورت
ٽن مهينن کان پوءِ هتان هلي وڃي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪيس ۾ اسان
کي سال به لڳي ويندو آهي. شيلٽر هوم ۾ انيلا صاحبه
اسان کي وٺي ويئي، پر اسان سان گڏ جيڪي مرد هئا،
انهن کي شيلٽر هوم ۾ وڃڻ جي اجازت نه ملي. اتي
اسان ٽوٽل 4 عورتن سان ملياسين. جن مان هڪ جو ڪيس
هو ته سندس مڙس گم آهي ۽ سندس ڏير هن کي تنگ ڪري
ٿو ۽ ٻي عورت جو مسئلو هو ته هن جو ڀاءُ هن کي
پئسن جي خاطر کپائڻ چاهي ٿو ۽ هوءَ شادي شده هئي.
هن جو مڙس دبئيءَ ۾ هو، جيستائين هن کي گهرائي
تيستائين هوءَ هتي رهڻ پئي چاهي. هن جي ماءُ هن کي
هتي رهايو هو پٽ کان لڪائي. انهن تفصيلن دوران
انيلا وڌيڪ ٻڌايو ته ڪي ڪيس اهڙا ته خطرناڪ هوندا
آهن، جو اسان کي ڌمڪيون ملنديون آهن. ماڻهو گاڏيون
ڀري هتي اچي اسان کي ڌمڪائيندا آهن. اسان کي
پنهنجي جان جو خطرو هر وقت هوندو آهي، پر اسان
ڪڏهن به پنهنجو ڪم نه روڪيو آهي.
”پناهه“ جي وزٽ کان پوءِ اسين واپس گيسٽ هائوس
آياسين ۽ اسان موٽي وري معظم صاحب کي وزٽ بابت
بريفنگ ڏني. ان کان پوءِ چانهه پي ٿورو آرام
ڪيوسين. اسان جي دل ۾ پهرئين ڏينهن کان خواهش هئي
ته
CWS
وارن جو گيسٽ هائوس چرچ ۾ آهي، انڪري اسين ڇو نه
چرچ ڏسون. پوءِ مون، نجمه ۽ زڪيه اهو فيصلو ڪيو ته
اسين چرچ ضرور ڏسنداسين. جڏهن اسان گيسٽ هائوس جي
چوڪيدار کان پڇيو ته ڇا اسان کي چرچ ڏسڻ جي اجازت
آهي؟ هن چيو ته:”نه“ خير اسان همٿ نه هاري. وري
اسان هڪ ٻئي ماڻهوءَ کان پڇيو ته هن چيو ته چرچ
اربع ۽ آچر تي کُلندو آهي. ان ڏينهن توهين ڏسي
سگهو ٿيون. اربع تي چرچ ٻه ڪلاڪ 7 کان 9 وڳي تائين
کليل هوندي آهي. اڄ اربع آهي ۽ اسين 7 وڳي تيار ٿي
چرچ جي اڳيان ويهي رهياسين ته دروازو کلي ته اسين
اندر وڃون. اسان پنهنجي خاطريءَ لاءِ هڪ ٻن ٻين
ماڻهن کان به پڇيو ته اسين مسلمان آهيون، چرچ ۾
وڃڻ کان ڪير روڪيندو ته ڪونه؟ اسان چرچ ڏسڻ چاهيون
ٿا؟ عبادت ڏسڻ چاهيون ٿا؟ ڇا اسان کي اجازت آهي؟
هنن چيو ته ڪا ڳالهه نه آهي. پوءِ اسين انتظار
ڪندا رهياسين، چرچ 7 وڳي بدران 8 وڳي کُلي ۽ رات
10 وڳي تائين انهن جي عبادت هلي ۽ اُتي اسان کي
ايترو ته سڪون مليو جو شايد پهرين ڪڏهن به نه مليو
هجي ۽ اهي ٻه ڪلاڪ ڪيئن گذري ويا؟ خبر به نه پئي!
بهرحال پوءِ اسان وڃي پنهنجي گيسٽ هائوس ۾ ڊنر ڪئي
۽ ٿوري ڊاڙ ٻٽاڪ ڪري سمهي پياسين، جو صبح جو وري
ٻي وزٽ هئي ۽ صبح جو سويل اٿڻو هو.
17 تاريخ نيم پٽاندر اسين صبح جو سوير اٿياسين،
تيار ٿياسين، ناشتو ڪيوسين ۽ پوءِ معظم صاحب به 10
وڳي تائين اچي ويو ۽ اسين هڪ روم ۾ گڏ ٿياسين.
شيڊول تي بحث مباحثو ٿيو. پوءِ وري وڃي گاڏيءَ ۾
ويٺاسين. اڄ جنهن آرگنائيزيشن جي وزٽ هئي، اها
هئي:
Human Rights Commission of Pakistan (HRCP).
روز وانگر پهرين اسان سڀني جو تعارف ٿيو ۽ پوءِ
اتي موجود اختر بلوچ صاحب ۽ امرناٿ ڪائونسلر اسان
کي ٻڌايو ته اسين حڪومت سان گڏ به ڪم ڪندا آهيون ۽
پنهنجي طور تي به ڪندا آهيون. اسان پهرين شروعات
ڪئي هئي حيدرآباد کان ۽ هاڻي اسين ڪراچيءَ ۾ ڪم
پيا ڪريون. پر اسان جو لِنڪ پوري سنڌ سان آهي. هنن
جي پنهنجي انگن اکرن مطابق رپورٽ هيءَ آهي ته
جنوري 2005ع کان آڪٽوبر 2005ع تائين 74 ماڻهن
خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ 45 مرد ۽ 29
عورتون آهن. اهڙيءَ طرح انهن ٻڌايو ته جنوري 2005ع
کان آڪٽوبر 2005ع تائين 32 مرد ۽ 11 عورتون ۽ 25
ٻار اغوا ٿيا آهن. اهڙيءَ طرح جنوري 2005ع کان
آڪٽوبر 2005ع تائين ٽوٽل 94 قتل ٿي چڪا آهن.
ان کان پوءِ اسان انهن کان اجازت ورتي ۽ لنچ
ڪئيسين. پوءِ وري اسان جي اڄ ٻِي وِزٽ هئي ”Pawla“
۾
Pakistan Women Lawyer's Association. ”پاولا“ ۾ اسان جي ملاقات مس شمين بخاري، عابده محمود ۽ نور
ناز آغا سان ٿي، جتي ڪجهه ٻيون ايڊووڪيٽ به هيون.
پهرين اسان جو تعارف ٿيو، پوءِ انهن اسان کي
پنهنجي ڪم جي حوالي سان ٻڌايو ته ”پاولا“ 80 جي
ڏهاڪي ۾ ان مقصد لاءِ عمل ۾ آئي ته پوري پاڪستان ۾
خواتين تائين ڄاڻ پهچائجي ۽ انهن کي درپيش ازدواجي
۽ معاشي، قانوني مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مشورا ڏنا وڃن.
”پاولا“ مختلف اين جي اوز ۽ حڪومت سان گڏجي وسيع
بنيادن تي قانوني آگاهي فراهم ڪندي آهي ته جيئن
خواتين جا مسئلا حل ڪري سگهجن ۽ امتيازي قانونن جي
خلاف جدوجهد ڪري سگهجي. ”پاولا“ جو مقصد مشڪل
حالات ۾ خواتين جي ڪائونسلنگ ڪرڻ ۽ قانوني امداد
فراهم ڪرڻ ۽ خواتين ۾ قانوني آگاهي پيدا ڪرڻ آهي
ته جيئن انهن جو مستقبل محفوظ رهي. هن ٻڌايو ته
پروگرام کي هلائڻ لاءِ سيمينار ڪندا آهيون، ماڻهن
کي جاڳرتا ڏيڻ لاءِ ۽ اسان ڪجهه ڊراما به رڪارڊ
ڪيا آهن، اهي سچين ڪهاڻين تي ٻڌل آهن. هنن ٻڌايو
ته ماڻهن کي باخبر ڪرڻ لاءِ اداري جا ڪجهه ڪتاب پڻ
ڇپايل آهن. هن چيو ته اسان کي پاڪستان مان ڪنهن به
Ngos
عورتن جي سهائتا جي حوالي سان
اسان سان رابطو ڪيو ته اسين ساڻن گڏجي ڪم ضرور
ڪنداسين ۽ پوءِ اسان انهن کان اجازت ورتي ۽ پوءِ
گيسٽ هائوس ۾ واپس آياسين. اتي وري آخري بريفنگ
سڄي وزٽ جي پروگرام جي ٿي. جنهن ۾ معظم صاحب چيو
ته توهان کي ڪيئن لڳي هيءَ وزٽ؟ ۽ توهان جو رايو
ڇا آهي؟ مان پنهنجو رايو اهو ٻڌايو ته پنهنجي
پنهنجي حساب سان سڀ ڪم سٺو آهي، پر خدا ڪري جن جي
لاءِ هي ڪم ٿي رهيو آهي انهن کي سٺو فائدو ملي. پر
مون کي ”پناهه“ جو ڪم وڌيڪ سٺو لڳو ۽ ٻئي نمبر تي
”مددگار“ جو ڪم. ان کان پوءِ معظم صاحب چيو ته ڀلا
توهان کي رهائش ڪيئن لڳي؟ جنهن تي سڀني شرڪت ڪندڙن
چيو ته هونئن ته سڀ ٺيڪ هو، پر توهان کي واش روم
تي ٿورو توجهه ڏيڻ گهرجي. مسئلو هي هو ته
CWS
وارن هڪ روم ڏنو ڇوڪرين کي ۽ هڪ روم ڇوڪرن کي. روم
ته وڏا هئا. هر ڪنهن کي سنگل بيڊ ڌار هو، ليڪن
ٻنهي رومن ۾ واش روم هڪ هڪ هو، يعني ڇوڪرن جو ڌار
۽ ڇوڪرين جو ڌار. اسين جڏهن صبح جو اٿندا هئاسين
ته لائين لڳي پئي هوندي هئي. هر ڇوڪريءَ جي اها
خواهش هوندي هئي ته پهرين مان واش روم ۾ وڃان، ته
جيئن سڀني کان پهريان تيار ٿيان. انهن ڏينهن اسان
کي پنهنجي هاسٽل جي ياد تازي ڪرائي ڇڏي. اتي به
جڏهن صبح جو ڇوڪريون يونيورسٽيءَ وڃڻ لاءِ تيار
ٿينديون هيون ته ائين ئي واش روم جا دروازا ٺڙڪائي
چونديون هيون، ڪير آهي اندر؟ پليز جلدي ڪر، مون کي
به وهنجڻو آهي.
بهرحال هڪ واش روم هوندي به اسان گيسٽ هائوس ۾ به
مزو ورتو ۽ وزٽ ۾ به. ۽ پوءِ اوچتو ظفر جي فون آئي
ته منهنجي اڄ ميٽنگ آهي هتي ڪراچيءَ ۾، واپسيءَ تي
جيڪڏهن توهين هلو ته کڻي هلانوَ! اسان جو به ڪم
ختم ٿي چڪو هو، سو سوچيوسين ته رهي ڇا ڪبو؟ هلجي.
۽ ائين اسان سڀني کان موڪلائي، گاڏيءَ ۾ سوار ٿي،
پنهنجي منزل طرف روانا ٿياسين.
رشمي راماڻي
هوا
ڌيري سان ايندو
هوا جو هڪ جهوُٽو
جلد ئي پتو پئجي ويندو تو کي
شايد
بدلجي وئي آهي موسم
تنهنجي بيحد قريب کان لنگهندي جڏهن جڏهن هوا
ته
محسوس ڪندين تون
ٻنين ۾ تيار فصل جي خوشبوءِ
سمنڊ جي ڪناري
جڏهن نهاريندي تون افق ڇولين ڏانهن
سوچيندي سمنڊ جي باري ۾
تڏهن
اچانڪ لوڻياٺي هوا ڇهندي تنهنجا چپ
جلد ئي ڄاڻي وٺندين تون هوا ۽ سمنڊ جو
رشتو.
* * *
ٽُٽڻ ۽ جُڙڻ
ٽٽڻ ۽ جُڙڻ جو احساس
انڌيري رات
سرڪي رهي آهي
صبوح جي روشنيءَ ڏانهن
اُجهامي رهيو آهي
منهنجي زندگيءَ جو پرڪاش
تيزيءَ سان گذرندڙ هن رات جي باقي گهڙين
۾
سميٽي وٺ واريءَ جهڙو منهنجو وجود
پنهنجي ٻُڪ ۾
صرف هڪ رات جي لاءِ ئي
هر – هر ٽُٽي ڪري جُڙندي رهيس مان
ٽُٽڻ ۽ جُڙڻ
شايد، تون سمجهي نه سگهندين.
سوالنامو: وشنو ڀاٽيا
سوالن جي سلسلي مان اڀرندڙ اِميج
پوپٽي
هيراننداڻي جي
شخصيت
اڪثر ائين ٿيو آهي ته ڪنهن به شخص کان انٽرويو
وٺندي جوابن ۾ انٽرويو وٺندڙ لاءِ رچناڪار جو لهجو
پڪڙڻ ڏکيو بڻجي پوندو آهي. اِنڪري جئن ليکڪا جي
شخصيت سان گڏ، ليکڪا جي ئي ڀاشا ۽ نوع اُن ۾ اَچي.
ان لاءِ پوپٽي هيراننداڻيءَ اڳيان مون سوالن جو
سلسلو پيش ڪيو، جن جي جوابن مان ليکڪا جي مخصوص
سلسلي ۽ شخصيت اڀري آهي.
پاٺڪن جي دلچسپيءَ لاءِ مون کانئس سندس خانگي
زندگي ۽ ساهت بابت اڻ واسطو رکندڙ سوال پڇيا.
خانگي زندگيءَ بابت سندس جنم، تعليم، ڪنواري رهڻ
پٺيان ڌارڻا، اڪيلي رهڻ پٺيان مجبوري، ياترائن،
شاگرد ۽ پروفيسر جي رشتي، گهر، سندس رشتي، گهر ۽
ٻاهرين رشتن جي ميزان، سندس شونقن، ڊيلي روٽين،
سندس سڀاءَ، سندس سپنن، سندس مشغولين، ڪَوڙين
مِٺين يادگيرين، لَوِ اَفيئر ۽ ان بعد ساهتڪ سطح
جا سوال پيش ڪيا. سلسليوار سوالن ۽ جوابن معرفت
اِنٽرويو پيش آهي.
سوال: وشنو ڀاٽيا جا:
1. ساهت جي لڳ ڀڳ هر شاخ تي قلم آزمائي ڪندي،
ڪنهن به شاخ ۾ اسپيشلسٽ بڻجڻ بدران پنهنجي شخصيت
کي ورهائي ڇڏڻ ۾ توهان کي اِئين نه لڳو ته توهان
سنڌي ساهت ۾ پنهنجو مخصوص اِميج ٺاهي نه سگهيا
آهيو؟
2. اڪثر مخصوص اِميج جي عدم موجودگيءَ ۾
اوهان سنڌي ساهت ۾ خود کي ڪٿي ٿا چاهيو؟
3. لکڻ جو اتساهه توهان کي ڪنهن ڏياريو؟ يا
توهان جو عقيدو آهي ته اُهو توهان ۾ خود سمايل هو.
توهان ان کي ڪوشش وٺي اجاگر ڪيو؟
4. ساهٿ ۽ اوهان جو نظريو؟
5. وچ ۾ توهان لنبين ڪهاڻين لکڻ جو سلسلو چالو ڪيو
هو. جن مان ”ڪانتا“ ۽ ”داغ“ ڪهاڻين پاٺڪن جو چڱو
ڌيان ڇڪايو هو. ان بعد توهان جون لنبيون ڪهاڻيون
پڙهڻ لاءِ نه مليون آهن، ڇو؟
6. سير سفر بابت لکندي اوهان جا ليکه محض
اِنفرميٽو ۽ بياني بڻجي ٿا وڃن. اتي جي شخص جي
جيون جي گهرائي نٿي ملي. ان جو ڪارڻ وقت جي
محدودگي آهي يا اوهان جي آبزرويشن جي ڪوتاهي؟
7. توهان جي اڪثر ليکن ۾ عورت جي طرفداري ڪٿي
ڪٿي تمام نعريبازي کان ڪم ورتو ٿو وڃي. ۽ مرد جي
ڪردار کي لوئيو ٿو وڃي؟ ڇا اِهو ڪنوينشنل نظريو
ڪونهي جڏهن ته اڄ هر کيتر ۾ عورت مرد جي برابر ٿي
بيٺي آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ته هوءَ مرد کان تمام اڳيان
نڪري ٿي وڃي؟
8. عورت ۽ مرد هڪٻئي جا پورڪ آهن. جيتوڻيڪ
ماضيءَ ۾ اسان وٽ بدنام اِتهاس پئي رهيو آهي. عورت
کي پيڙيو ويو آهي. عورت ۽ مرد جي رشتي کي کڻي
توهان وٽ نئون نظريو آهي؟
9. شاديءَ جي سنسٿا بابت توهان جا ويچار؟
شاديءَ بنان عورت ۽ مرد جي گڏ رهڻ سان سماج جي روپ
ريکا؟ انسان خود ۾ ”اڪيلائپ جو آئلئنڊ“ ڪونهي؟ پر
ستل زندگيءَ ۾ ”ٻئي“ کي اڪوموڊيٽ ڪرڻ ڇا ممڪن آهي؟
10. ڌرم ۽ اَڌياتم، زندگيءَ لاءِ ڪارگر ٿي سگهن
ٿا؟
11. سڀ فلسفا جڏهن زندگي اڳيان هارائي ويهن ٿا
۽ ڌرم کي آڌار بڻائي جنگيون لڙيون ويون ۽ مهنتن
گاديون آباد ڪيون. تڏهن ڇا اِن جا ٺيڪيدار، انسان
کي ڪا راهه ڏيکاري سگهن ٿا؟
12. ويدانت ڇا زندگيءَ کان فراريت ناهي؟ جڏهن
ته مان سمجهان ٿو زندگي بهتر نموني جيئڻ ۽ ماڻڻ
لاءِ آهي. اتي مڪتيءَ لاءِ هدايتون محض دنيا کان
ڀڄڻ لاءِ نصيحت ناهي؟
13. سٺي ۽ خراب جي ويچار ڌارا تي جنگيون لڙيون
ويون آهن. انسان ماڪوڙين جيان ماريا ويا آهن. جنگ
شروعات کان غير انساني ائڪٽ نه رهيو آهي؟ سٺي ۽
خراب جي ڌارڻا جي بنياد تي ئي پراڻي ساهت جو آڌار
آهي؟ ان ۾ تبديليءَ جي گنجائش ڇا توهان محسوس نٿا
ڪريو؟
14. نئين ساهت ۽ ساهتيڪار بابت توهان جو رخ؟
15. ترقي پسندن جي ساهتڪ دين کي ريٽيندي مان
پڇڻ چاهيندس ته ساهتڪار سميلن ۾ ساهتڪارن کي پريان
رکي واپارين کي ترجيح ڏيڻ پٺيان مجبوري آهي يا
ڪرسيءَ سان چنبڙي رهڻ جي منورتي؟
16. ديوناگريءَ جي حمايتن ڦڙتي ڏيکاري هر هٿ
آيل موقعي جو ناجائز فائدو ورتو آهي، جڏهن ته اسان
پنهنجن جائز حقن ڏانهن به سجاڳ ناهيون؟
17. پئسي بابت توهان وٽ ڪو حل؟ سنڌيءَ جي پرچار
لاءِ مشنري اسپرٽ سان ڪم ڪرڻ لاءِ ڪهڙيون ڪوششون
ورتيون ويون آهن؟
18. سماجي ڪمن ۾ بهرو وٺندي ساهتڪار جي رچنا
شڪتي ڌيري ڌيري ناس ٿئي ٿي يا وڪست؟
19. پاٺڪن جي کوٽ پٺيان توهان کي لڳي ٿو ته
سنڌي ٻولي اڳتي هلي سروائيو ڪري سگهندي؟
جواب پوپٽي هيراننداڻي جا:
** جنم: حيدرآباد سنڌ، 17 سيپٽمبر 1924ع ۾.
** تعليم: بي- اي. (سيڪنڊ ڪلاس) بنارس هندو
يونيورسٽي سنسڪرت ۽ هندي اسپيشل سبجيڪٽس.
** ڪنواري رهڻ پٺيان ڌارڻا: پنهنجي شاديءَ جي
باري ۾ هڪ ٻن هنڌ سوديبازي ٿيندي ڏسي دل بغاوت
ڪندي فيصلو ڪيو ته اهڙي ملهه تي شادي ڪرڻ جي ضرورت
ناهي.
** اڪيلي رهڻ پٺيان ڌارڻا ياترائون: جواب
مٿيون ساڳيو آهي. پيار جي شاديءَ جو رواج تن ڏينهن
۾ هو ئي ڪين يا ائين چئجي ته اسان جي ڪٽنب ۾ اهو
رواج نه هو.
منهنجو پتا فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ۾ گشتي نوڪري ڪندو
هو. مون پنهنجي پتا سان گڏ سنڌ جا ڳوٺ ڏٺا هئا.
مئٽرڪ کان پوءِ ڪندنمل اسڪول جي ماسترن،
ماسترياڻين سان گڏ پڪنڪ ڪندي حيدرآباد جون
پسگردايون يعني ٽنڊا (ٽنڊو آدم، ٽنڊو قيصر وغيرهه)
۽ باغ (جي جهجهائي هئا) ڏٺم. هڪ دفعو سنڌ جي سير
تي نڪتاسين ۽ دادو، سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ موهن
جو دڙو پڻ گهمياسين. اسڪولي جيون ۾ ڪوئٽيا، چمن ۽
زيارت گهمڻ ويئي هيس. بنارس ۾ امتحان لاءِ وڃڻ ۽
موٽڻ وقت لاهور، امرتسر، دهلي، هردوار ۽ مسوري ڏٺي
هيم. هندستان ۾ اچڻ بعد گانڌيڌام، راجڪوٽ، ويراول،
جهوناڳڙهه، انڊور، اجين، ڀوپال، مئسور، بئنگلور،
اُوٽي، مئٿران، مهابليشور، پونو، لوناوالا،
ڪانپور، لکنو، ڪلڪتو، احمد آباد، بڙودو ۽ ٻيا شهر
ڏٺا اٿم. هندستان کان ٻاهر اوڀر ۾ سينگاپور،
مليشيا، انڊونيشيا، هانگ ڪانگ، جپان، ڪوريا، تائپي
۽ اولهه ۾ لنڊن، پئرس ۽ ڪئنري آئلنڊس (اسپين) گهمي
آهيان. يعني ڌڪ گهٽ اڌ دنيا باريڪيءَ ۽ تفصيلن سان
ڏٺي اٿم.
** شاگرد ۽ پروفيسر جو رشتو: اسڪول جي
ماسترياڻي هوندي نهايت ضابطي ۽ محڪمتا سان ورتاءُ
ڪندي هيس، جنهنڪري شاگردياڻيون مون کان ڏاڍو
ڊڄنديون هيون. پر اڄ منهنجا شاگرد ڪاليجي آهن،
انڪري انهن سان مترن جهڙو ئي وهنوار ڪندي آهيان.
ان جا ٻه سبب آهن: (1) شروعاتي وقت وارو غصي ٿيڻ
وارو سڀاءُ تياڳي ڇڏيو اٿم. (2) زمانو گهڻو بدلجي
چڪو آهي.
** گهر ۽ منهنجو رشتو: منهنجو پتا سرڳواس ڪري
ويو. ان وقت منهنجي ماتا جي عمر 32 سال هئي. هن جي
پيءُ جي سختي ۽ ماءُ جي نرمي گڏي اسان ستن ڀائرن
ڀينرن جي پالنا ڪئي. پر بعد ۾ منهنجي ڀيڻ جي
ديهانت هن جي صحت ۽ همٿ ٻئي ٽوڙي ڇڏيون. منهنجي
وڏي ڀاءُ ۽ مون 14 ورهين ۾ ئي ڪمائڻ شروع ڪيو. مون
ماستري ڪئي ۽ هن ڪلارڪي. ان طرح سڀ پڙهي لائقيءَ
رسياسين. هن وقت منهنجا ڀائر مون سان ويجهي متر
جيان ۽ ڀاڄايون ساهيڙين جيان ئي هلنديون آهن.
** گهر ۽ ٻاهرين رشتن ۾ ميزان: اَميءَ سان
منهنجو نهايت گهرو سنٻنڌ هو. هن جي هلي وڃڻ بعد
مان گهر کي گهر ئي نه سمجهندي آهيان. جڏهين هوءَ
حيات هئي، منهنجي ميٽنگن تي وڃڻ تي هوءَ ڏاڍو
ناراض ٿيندي هئي. گهر ۾ ويهڻ وقت به مان ڪتاب منهن
۾ يا هٿ ۾ قلم کڻي ويهندي هيس ته هوءَ ڏاڍو
ڇنڀيندي هئي، پر انهن ڳالهين کي ”نه“ ڪرڻ جو ته
سوال ئي نه ٿي اٿيو. ٻيءَ ڪنهن ڳالهه ۾ گهر جي
ڀاتين کي ناراض ٿيڻ جو ڪارڻ ڪڏهن به نه مليو آهي.
رڌڻ، سبڻ، گهر جو ڪم پوريءَ طرح سان نڀائجي ته
گهرُو ۽ ٻاهرين رشتن ۾ ميزان رکي سگهجي ٿو. گهرُو
ڪم ڪرڻ ۾ زال جو قدرتي طرح چاهه رهي ٿو. دلپسند
کاڌو تيار ڪري کارائڻ ۾ هوءَ عجيب سنتشٽي حاصل ڪري
ٿي. مون کي ڪم ڪرڻ ۾ ڪا به دقت محسوس نه ٿيندي
آهي. لکڻ ۽ رڌڻ جي وچ ۾ سمجهوتو ڪري ڇڏيو اٿم.
** منهنجا شونق: ننڍي هوندي ٽي شونق هئم:
باغات، ڊانس ڪرڻ ۽ شاعره ٿيڻ. پويان پورا ٿي نه
سگهيا. انڪري منهنجو لاڙو ڳائڻ ڏانهن وڌيو. باجو،
بئنجو ۽ دلربا وڄائڻ سکيس. حقيقت ۾ 14 ورهين ۾
نوڪري ڪيم ته
Music Teacher ئي بڻي هيس! پر پوءِ پڙهڻ پاڙهڻ جو ڪم ڪندي ان شونق
پالڻ لاءِ گهربل سهوليت نه ملي. هاڻ ڪجهه سهوليت
اٿم، ان ڪري غزل، دادرا ۽ ٺُمري سکندي آهيان.
جيتوڻيڪ سبڻ ۽ ڀرت جا امتحان پاس ڪيل اٿم، پر سبڻ
سان ايتري دل نه اٿم جيتري رڌڻ سان. باقي گهمڻ ۽
لکڻ منهنجن شونقن ۾ ضرور شمار ٿيندا.
** ڊيلي رُوٽين: صبوح جو ساڍي 5 بجي اٿي، يوگه
آسڻ ڪري، پنڌ ڪندي ڪاليج وڃان. اتان موٽي 3 کان 6
تائين هر روز سڀا جي آفيس ۾ ڪم ڪريان، جتان سڌو ئي
ريڊيو - ڪلب جي لائبريريءَ ۾ وڃان. جن ڏينهن تي
ڪاليج دير سان هجي، انهن ڏينهن تي استاد صبوح جو
سنگيت سيکارڻ ايندو آهي ۽ مان ڪجهه رڌي به وٺندي
آهيان. ڪاليج ۾ هڪ ليڪچر ۽ ٻئي جي وچ ۾ جهجهو وقت
ملندو آهي جنهن ۾ لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪري سگهبو آهي.
ڪجهه خاص لکڻو پڙهڻو هجي ته صبوح جو اڃا به وڌيڪ
سويل اٿندي آهيان. رات جو مان دير تائين جاڳي نه
سگهندي آهيان.
** منهنجو سڀاءُ: ننڍي هوندي کان وٺي جوابدار
ڪم سنڀالڻ ڪري ۽ 14 ورهين ۾ ماستري ڪرڻ ڪري منهنجي
سڀاءَ ۾
Bossism
جو انگ پئجي ويو آهي. ان
Element of domination
ڪري منهنجي سڀاءَ ۾ هڪ ٻي
خرابي پيدا ٿي هئي جا هئي ”جلد ئي غصي وچان تپي
باهه ٿي وڃڻ.“ ان خرابيءَ تي هينئر ضابطو پائي
ويئي آهيان، مگر پهرين خرابيءَ تي غالب پئجي نه
سگهي آهيان. پنهنجي ماءُ جي خاندان وٽان ورثي ۾
سڀاءَ جي هڪ خوبي به مليل اٿم جا آهي ٽهڪ ڏيڻ.
خوشيءَ وقت ته مڪت ۽ بيباڪ ٽهڪ ڏيندي آهيان. بس،
منهنجي سڀاءَ ۾ ان طرح جون مخصوص خوبيون - خاميون
اهي ئي آهن.
** سپنا: منهنجو هڪ ئي سپنو آهي ته اسان کي
پنهنجي پرانت (State)
هجي جيڪر! پرانت نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ گهر (Home Town)
ته ضرور هجي اسان کي!
** منهنجون خانگي مشغوليون: منهنجي زندگيءَ جو
ڪتاب بلڪل ئي کليل آهي. ان ۾ لڪل يا ڍڪيل ڪجهه به
ڪينهي. گهر، ڪاليج ۽ سڀا اِسٿولي مشغوليون ۽ لکڻ،
ڳائڻ، پوکڻ ۽ رڌڻ سوکيم مشغوليون اٿم.
** ڪَوڙيون مٺڙيون يادگيريون: ”مٺي ياد ”سنڌ“
آهي. هڪ ڇو؟ ان سان انيڪ مٺيون يادگيريون ڳنڍيل
آهن. ڪهڙيون ٻڌائي ڪهڙيون ٻڌايان؟“
ڪوڙيون يادگيريون ٻه ئي آهن. منهنجي ڀيڻ ۽
منهنجيءَ ماتا جو ديهانت.
** لَوِ
Affairs:
پيار هڪ جذبات جو نالو آهي. ان جذبات لاءِ عمر ۽
فرصت ”رڪاوٽ ۽ سهوليت“ يا ملڻ ۽ وڇوڙي جو هڪ قسم
جو سلسلو، اهي ٽي ڳالهيون ضروري آهن.
منهنجيءَ جذباتي عمر ۾ نه فرصت هئي مون کي ۽ نه
سهوليت. گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي پابندي، گهر ۾ زنانا
ڪم ۽ گهر کان ٻاهر ماستري. ان حالت ۾ پيار ڄمي به
کڻي ها ته پلجي نه سگهي ها.
عمر چڙهي وڃڻ بعد پيار ڪرڻ ائين آهي، جيئن سمنڊ ۾
پراڻي ٻيڙي هلائڻ. غير جذباتي عمر ۾ ايتري تڪليف
کنئي نه ٿيندي آهي، يعني جذبات جي صدقي رنڊڪن جي
سامهون ٿيڻ جو چاهه نه هوندو آهي.
** جنس بابت: جنس بابت پهرين ڪاليداس جي
رچنائن ۾ ۽ بعد ۾ ٻين سنسڪرت ڪوين جي لکڻين ۾
پڙهيو هئم. ان کان پوءِ ڪام سوتر، ڪام شاستر پڻ
پڙهيو اٿم، ڏٺو به گهڻو اٿم. پئرس جون نائيٽ
ڪلبون، لنڊن ۾
"Oh! Calcutta"
وارو شو ۽ جپان ۾ ڪي خاص فلمون. پر ان بابت چوڻو
ڇا آهي.
1. سنڌي ليکڪ جي اسٿتي ٻين ٻولين جي ليکڪن
جيان نه آهي. انڪري سنڌيءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ ليکڪ هڪ
کان وڌيڪ ساهتڪ صنفن تي قلم آزمائي ڪن ٿا. هونئن
به انسان جي شخصيت يڪ - رنگي نه آهي. انڪري جي
ليکڪ ساهت جي ٻن شاخن تي قلم - آزمائي ڪري ٿو ته
ڪا اَسڀاويڪ ڳالهه ناهي. ٽئگور مکيه طور ڪوي مڃيو
وڃي ٿو پر هن سڦل ڪهاڻيون ۽ ناٽڪ ۽ ناول پڻ لکيا
آهن. ليکراج عزيز بنيادي طرح شاعر هو پر هن جا
لکيل مضمون، سنڌيءَ جي هر مضمون نويس لاءِ هڪ قسم
جي للڪار آهن.
منهنجي سمجهه موجب ليکڪ هڪ احساس جيو آهي جو
پنهنجي احساس جو گيت پني تي پلٽي ٿو. جنهن صنف
لاءِ کيس گهڻي رچي ٿئي ٿي يا جنهن ۾ گهڻيون
رچنائون اٿس، ان سان ئي پاٺڪن وٽ هُو پرسڌ ٿئي ٿو.
2. اڄ جي آلوچڪن ۽ تبصرا لکندڙن جي منورتيءَ
مان اسان کي ”مان ڪٿي آهيان“ جو صحيح جواب ملڻ
مشڪل آهي. هرڪو آلوچڪ ڪنهن کينچيل لکشمڻ - ريکا جي
اندر ئي ڦري ٿو، ان کان ٻاهر سوچي به کڻي تڏهن به
ويوسٿا کان ڊڄي عمل ۾ اُهو سوچيل قدم نه ٿو کڻي.
ان حالت ۾ انهن مان سچ ۽ صداقت جي مون کي به اميد
ئي ڪينهي! (مثال ڏيان ڇا؟ نالا کڻنديس ته ٻار رسي
ويندا!)
3. شروعات ۾ مان هنديءَ ۾ ئي لکندي هيس. بعد
۾ هندي ڪهاڻين مان
Adopt
ڪري ڪي ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ لکيون
هئم. انهن لکڻين کي ڇپجڻ جو موقعو ملي ويو هو
انڪري مان انهن جي ڪري سڃاڻپ ۾ آيس. نه ته مان شعر
لکي پاڻ ئي پڙهندي هيس. گهر جي ڀاتين مان ڀيڻ کي
ڇڏي باقي ٻين کي ته منهنجين لکڻين جي ڄاڻ به
ڪينهي. صرف خبر اٿن ته مان ڪتاب لکندي آهيان! انهن
وٽان اتساهه ملڻ جو ته سوال ئي نه ٿو اُٿي.
4. مون وٽ به ڪو به نظريو ڪينهي. چؤطرف ڦهليل
زندگيءَ ۾ ڪجهه سهڻو يا نهايت ئي ڪجهه ڪؤڙو محسوس
ٿيندو آهي ته قلم کڻندي آهيان.
5. منهنجا ننڍڙا ناول ”منجو“ ۽ ”جيءَ ۾ جهوري
تن ۾ تات“ وڏيون آکاڻيون ئي آهن. ان کان پوءِ
”ڪانتا“ پڻ هڪ وڏي آکاڻي ئي آهي. (ڪانتا کان اڳ
مون هڪ ”سماج جو سئر“ نالي لنبي ڪهاڻي لکي هئي جا
”جاڳرتي“ اخبار ۾ قسطن ۾ ڇپي هئي) پر هاڻي جيڪي به
ايڊيٽر ڪهاڻي گهرندا آهن سي ”ننڍي“ موڪلڻ جي ئي
هدايت ڪندا آهن. سنڌي پبليشرن جي مجبورين ۽
سينيمائن کي خيال ۾ رکي آکاڻيءَ کي ننڍو ڪرڻو ئي
پوندو آهي.
6. سير سفر ڪندي جيون جي گهرائيءَ کي ڏسڻ يا
محسوس ڪرڻ جو وقت نه ملندو آهي. جيون کي
ويجهڙائيءَ تان ڏسڻ لاءِ صحبت جي ضرورت پوي ٿي.
هونئن به سير سفر جي لکڻين ۾ گهڻي ڀاڱي انفرميشن ۽
بيان ئي اچي سگهي ٿو. جيون جي گهرائيءَ کي پيش ڪرڻ
لاءِ ساهت جي ٻي ڪا صنف کپي.
7. 15- 20 سال اڳ مون ست اٺ اهڙا ليک لکيا
هئا، جن ۾ مرد جي ڪن خاص وهنوارن جي نمونن جي نندا
ڪيل هئي. ساڳئي وقت زال جي وهنوار کي نندڻ لاءِ به
مون چڱيون ئي ڪهاڻيون لکيون هيون: ”برهما جي ڀل“،
”ڦتن چريو“، ”عادت جو علاج“، ”موتين جو ملهه“
وغيرهه. اڄ تائين مون سَو - سوا ڪهاڻيون ۽ ٻه -
اڍائي سَو مضمون لکيا آهن. پر خبر ناهي ڇو منهنجين
سمورين لکڻين تي انهن ستن اٺن ليکن جو ئي ٺپو هنيو
ويندو آهي.
تنهنجي سوال جي جواب ۾ مان جيڪر پڇان ته منهنجن
17 ڇپيل ڪتابن مان گهڻين ۽ ڪهڙين لکڻين ڏانهن
تنهنجو اشارو آهي؟
هندستاني سماج ۾ عورت ۽ مرد جي رشتي کي صرف هڪ ئي
ڦيٿ سان ماپيو ويندو آهي. انهن جي اڳيان ڪو نئون
نظريون کڻي اچجي ته اهو انهن کي هضم ئي نه ٿيندو
آهي. خود اسان جا ساهتڪار، جن منجهان ڪي دانشور به
آهن، پنهنجين لکڻين کان ٻاهر هر انسان لاءِ پراڻي
ڦيٿ ئي استعمال ڪندا آهن.
منهنجيءَ سمجهه موجب جيئن ڪو ميڌاوي شخص ٻئي ڪنهن
ذهين شخص جو دوست ٿي سگهيو ٿي، تيئن ڪا ذهين استري
ذهني سطح تي ڪنهن شخص جي دوست ٿي سگهي ٿي. ان رشتي
کي لازمي طرح اسين جسماني لاڳاپي سان ڳنڍي نه ٿا
سگهون.
پوءِ به هر هڪ انسان جو ”نجي شخص“ نج پنهنجو آهي ۽
ان کي مخصوص ريت اظهار ڏيڻ جو هن جو پنهنجو طريقو
آهي. سماج کڻي ڪيتريون به لکشمڻ - ريکائون کينچي،
پوءِ به جنهن مرد يا جنهن عورت کي پنهنجي رشتي
نڀائڻ جو طريقو پسند اچي ٿو هُو يا هوءَ نڀائي ٿي.
اُن رشتي جي پريڀاشا ٺاهڻ جي مون کي ڪا ضرورت نه
ٿي لڳي.
9. شادي جهوني ۾ جهوني سنسٿا آهي، پوءِ به ان
سنسٿا ۾ پهريون دفعو شامل ٿيندڙ کي اِها سنسٿا لڳي
ٿي. عورت ۽ مرد شاديءَ بنان گڏ رهن ته ٻنهي لاءِ
سماج لاءِ ڳالهه خراب آهي. بنيادي طرح مرد آزاد ۽
نرموهي آهي. سماجڪ ليڪو ئي هن جي زندگيءَ کيPurpose
ڏئي ٿو ۽ کيس ڪا راهه پڪڙڻ
لاءِ آمادهه ڪري ٿو. زال کي هڪ قسم جي
Security
کپي. جيڪڏهن شادي نه ٿي ٿئي ته
مرد کيس اها
Security
ڏيڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل نه ٿو
سمجهي. ان حالت ۾ هوءَ نهايت دکي ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته
پوءِ هوءَ رات جو محض هڪ وئشيا ۽ ڏينهن جو
نوڪرياڻي ئي بڻجي وڃي ٿي! گڏ رهندي به اهڙيءَ زال
لاءِ مرد کي عزت نه ٿي ٿئي.
انسان لاءِ اولاد هن جي شخصيت جو
Extension
آهي. مرد اولاد کي پنهنجي آئيندهه جي نشاني ۽
پنهنجي ڪمائڻ جو مقصد ٿو سمجهي. زال ته ممتا سان
ڀريل هڪ ٿانءُ ئي آهي. هوءَ اِها ممتا هارڻ لاءِ
هميشه آتي رهي ٿي.
مٿين سببن ڪري زال ۽ مرد لاءِ جيئڻ جو سولو ۽
سڀاويڪ طريقو آهي شادي ڪري گڏ گذارڻ. ائين برابر
آهي ته انسان خود ۾ هڪ آئرلئنڊ آهي پر ان آئرلئنڊ
تي جي ٿوري وقت لاءِ ئي ڪي ماڻهو اچي رهن ته ان
آئرلئنڊ ۾ ”جان“ اچي وڃي ٿي.
شاديءَ ۾ اڪوموڊيٽ ڪرڻ جي نه بلڪ هڪٻئي سان
ائڊجسٽمينٽ ڪرڻ جي ڳالهه آهي (ائڊجسٽمينٽ ٻنهي کي
ڪرڻي آهي).
تون پاڻ مٿي چئي آيو آهين ته عورت ۽ مرد هڪٻئي جي
پورتي ڪندڙ آهن. ته پوءِ اهو ڪيئن ٿو پڇين ته
پرسنل زندگيءَ ۾ ٻئي کي اڪوموڊيٽ ڪرڻ ممڪن آهي يا
نه؟
10. ڌرم جو صحيح ارٿ ”فرض“ آهي. ڌرم کي
In the broad sense of the term
ڪري وٺبو ته اُو اڌياتمڪ
زندگيءَ لاءِ به اهڙو ئي ڪارگر آهي جهڙو وهنواري
زندگيءَ لاءِ.
11. ڌرم ۽ مهنت لفظن جو پاڻ ۾ لڳ لاڳاپو ئي
ڪينهي. جڏهين ڪن ڌنڌوڙي ماڻهن ڌرم جو ارٿ ”وڌيون“
(طريقا يا ليڪا) ڪڍيو تڏهين مهنت جي ضرورت پيئي.
جڏهين مهنت ۽ ليڪا پاڻ ۾ گڏجندا آهن تڏهين صرف
کلون ئي وڃي بچنديون آهن. ان حالت ۾ انسان کي راهه
ڏسڻ جو ته ڪو سوال ئي نه ٿو اُٿي.
12. ويدانت ۽ فراريت ٻئي اڻ ٺهڪندڙ لفظ آهن.
مڪتي ڇا مان حاصل ڪرڻي آهي؟ نه دنيا مان بلڪ اڻ
ڄاڻائيءَ مان. ۽ اڻ ڄاڻائيءَ کان پري ڀڄي اچڻو
ناهي بلڪ ڄاڻ سان اڻڄاڻائي ائين دُور ڪرڻي آهي،
جيئن بتي ٻارڻ سان اوندهه دُور ڪبي آهي. انڌڪار کي
ٻهاري پائي يا ٻاٽيون ڀري ٻاهر نه ڪڍبو آهي نه ئي
ان کان پري پري ڀڄي وڃبو آهي بلڪ اتي ڏيئو ٻاربو
آهي. ويدانت جو ارٿ به اِهو ئي آهي ته پاڻ سڃاڻ يا
ڄاڻ.
13. سٺو ۽ خراب، هر ملڪ جي ان خاص وقت جي خاص
سماجڪ نيم ۽ حالتن مان پيدا ٿيل ماڻهوءَ جي نقطئه
نظر تي مدار رکي ٿو.
ڪنهن به وقت هڪ ملڪ جي سموري قوم ۾ انسانيت موجود
نه پئي رهي آهي. جيئن اڳي تيئن هاڻي به صرف ڪي ڇڊا
ماڻهو ئي ”انسان“ هئڻ جي دعويٰ ڪري سگهن ٿا ۽ انهن
ٿورن جي بدولت ئي اسين انسانيت جي ڪٿ ڪري پئي
سگهيا آهيون.
تبديلي ته ايندي ئي رهي ٿي. اسان جي چاهڻ يا نه
چاهڻ تي ان جي اچڻ يا نه اچڻ جو مدار ڪونهي. ڪجهه
وقت لاءِ ڪي چيزون ”نئون“ جو نعرو هڻي اچن ٿيون ۽
انهن کي ”نئون“ سمجهي پراڻي جي دروازي تي بيهاريو
وڃي ٿو. پر پوءِ اهي نعرو هڻڻ ڇڏي ڏين ٿيون ۽ انهن
کي اڳيون پنهنجي گود ۾ کڻي وٺن ٿيون. هر زماني ۾
هر چيز سان ائين ئي پئي ٿيو آهي.
14. (1) نئون ساهت پيدا ڪندڙ ليکڪ پاڻ ڏانهن
ايماندار آهن (2) ڪنهن نظريي يا گروپ سان
Committed
نه آهن (3) ڪهاڻي لکڻ يا ڪوتا جي روپ سنوارڻ لاءِ
تجربا ڪن ٿا (4) ڪنهن دوست کي راضي ڪرڻ جي خيال
کان نه ٿا لکن (5) پنهنجيءَ لکڻيءَ جي طرز تي ڪا
به پابندي وجهڻ نه ٿا چاهين.
مٿيون ڳالهيون ايشور چندر، هريش واسواڻي، موهن ديپ
يا تو جهڙي ليکڪ سان لڳن ٿيون. مگر ڪي اهڙا به
نئون ساهت پيدا ڪندڙ ليکڪ آهن جي ترقي پسند ليکڪن
جي وهنوار کي نندڻ لاءِ ئي قلم کڻن ٿا ۽ ان لکڻيءَ
کي تبصرو يا آلوچنا جو نالو ڏين ٿا! ڪنهن به قسم
جو
Obsession
رکي ڪير لکي ته ان کي صحيح
معنيٰ ۾ دانشور مڃي نه سگهبو.
اهڙن
Obssessed
ليکڪن کي ڇڏي باقي ٻين نئون ساهٿ سرجڻ ڪندڙن لاءِ
مون کي عزت آهي. جيتوڻيڪ ڪٿي ڪٿي ائين لڳندو اٿم
ته هن جون ڪي لکڻيون ڏڌ جي رُوپ ۾ ئي پيش ڪيل آهن.
مون کي قوي اميد آهي ته اڳتي هلي اهي مکڻ ئي اڳيان
وڌائيندا.
مان سمجهان ٿي ته ترقي پسند دور بعد نئين ساهت جو
دَور ئي مڃڻ کپي. ڇاڪاڻ ته انهن هڪ کان مٿي شاخن
تي قلم آزمائي ڪئي آهي. ۽ ليکڪن توڙي لکڻين جي
لحاظ کان ان کي صحيح معنيٰ ۾ دَور سڏي سگهجي ٿو.
15- ان سوال جي جواب ۾ ”سڀا ۽ هلچل“ جو پورو
اتهاس، سڀا جو مقصد ۽ هلچل جو صحيح روپ وغيره تي
بحث ڪرڻو پوندو.
(a)
بهرحال مان پڇڻ چاهينديس ته سڀا ۾ ڪهڙا ڪهڙا
”واپاري“ آهن؟ ڪهڙن ”واپارين“ کي ترجيح مليل آهي؟
(b)
ترقي پسندن کان سواءِ سڀا ۾ ٻيا به گهڻيئي هئا ۽
آهن. اهي سڀا ۾ رهندي تپوسنڪ بڻيا رهيا آهن. انهن
جي نپوسنڪتا بابت قلم ڇو ڪونه ٿا کڻو؟
(c)
سڀا جي ”ڪرسيءَ“ ۾ ڪهڙو ”ڳڙ“ يا ”سون“ آهي؟
(d)
ڀارت جي هر ٻوليءَ کي سندس راجيه سرڪار جي سرپرستي
مليل آهي. جيڪا ٻولي راجيه - ٻولي ناهي جيئن
انگريزي، اردو يا سنسڪرت، ته ان کي وري ڪنهن نه
ڪنهن سبب ڪري مرڪزي سرڪار اپنايو آهي. پر سنڌي
ٻوليءَ کي نه ڪا راجيه سرڪار ٿي اپنائي ۽ نه ئي
مرڪزي سرڪار. ان حالت ۾ سنڌي - ليکڪن کي سرپرستي
ڪٿان ملي؟ اڻڄاڻائي، ضد، تيسي ۽ سوارٿ جا مالڪ ڪي
ليکڪ، ان نموني جي سرپرستي ”سڀا“ وٽان حاصل ڪرڻ جي
اميد رکن ٿا. اميد کي رکندي هو تضادي رايا ۽
وهنوار رکن ٿا. سڀا ۾ ڪم ڪندڙن کي نيم - ليکڪ سڏين
ٿا ۽ اهڙن نيم - ليکڪن وٽان ئي کين سرپرستي کپي!
هيءَ هڪ ڀُول ڀُولينئان آهي جا ڪن شخصن، ليکڪن کي
جدا جدا زونس ۾ ورهائي کين مقصد تان هٽائڻ لاءِ
کڙي ڪئي وئي آهي.
(e)
سنڌي وڏيءَ پکيڙ ۾ پکڙيل آهن. هر راجيه ۾ سندن
تعليمي مسئلا الڳ آهن، سندن ساهتڪ ۽ سانسترڪ وڪاس
لاءِ ڪٿي به ڪي اُپاءَ ورتا نه ٿا وڃن. ان حالت ۾
هڪڙي سڀا. ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ٻه، ايڏي اٿاهه ڪم
ڪندي ايڏي پئماني تي ٿيندڙ خرچ کي ڪيئن منهن ڏين؟
ڪم ڪندڙ اُهي ٻه، پئسا گڏ ڪندڙ اُهي ٻه، لکپڙهه
هلائيندڙ اُهي ٻه، اتسوَ جو بندوبست ڪندڙ اُهي ٻه،
ان طرح ڪم آخر ڪيئن ٿو هلي سگهي؟
(f)
(1) ديوناگري وارن جو مقصد ”ڀڃ -ڊاهه“، ”گمراهه ڪر
۽ ويڙهاءِ“ آهي. (2) انهن جي آقا جي پهچ مٿي آهي.
(3) انهن وٽ ان پهچ - دواران اندروني خبرن جي ڄاڻ
آهي. (4) انهن وٽ پئسي جي ڪمي ڪينهي. (5) اهي سڀ
جو سڀ هڪ ئي شخص کي
Boss
سمجهي هن جي حڪم هيٺ هلن ٿا. (6)
هڪ شخص جي چئي موجب هلڻ ڪري کين پئسا ۽ عهدا ملن
ٿا.
ان جي ابتڙ (1) سنڌي لپيءَ وارن ۾ هرڪو پنهنجو آقا پاڻ آهي. (2) پئسي
عهدي جي ”ڀيتي“ اتي ملي نه ٿي سگهي. (3) انهن جي
راجيه - سرڪار يا مرڪزي سرڪار وٽ پهچ ڪينهي. (4)
انهن کي سنڌي - واپارين يا ڌنوان پئسو نه ٿا ڏين
ڇاڪاڻ ته اسان جي جاتي ساهت يا سنسڪرتيءَ جو قدر
ڪرڻ سکي ئي ناهي.
17 - 18 ۽ 19: مان سڀا سان ڳنڍجي ڪم ڪريان ٿي.
ڇاڪاڻ ته ٻئي ڪنهن به هنڌ جاتيءَ جي آئيندي لاءِ
(آئيندو جنهن ۾ صرف آجيوڪا جو ويچار ناهي) ڪم ڪيو
نه ٿو وڃي. سڀا ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ شخص آهي. ڪيرت
ٻاٻاڻي، جنهن جي صداقت ۾ منهنجو وشواس آهي.
جاتيءَ لاءِ پنهنجي وت - آهر ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ مان
پنهنجو ڌرم ٿي سمجهان. حالتون ڏکيون آهن، اميدون
جهڪيون آهن، دوستن وٽ غلط فهميون آهن ۽ دشمنن وٽ
چالبازيون آهن، پوءِ به انسان هئڻ جي ناتي جنهن کي
مان فرض سمجهان ٿي، ان کي نڀائڻ پنهنجي زندگيءَ جو
مقصد سمجهان ٿي. فرض کان مون ڪڏهين به منهن ڪين
موڙيو آهي. هن ڌرم کي به مُور ڪين ڇڏينديس.
باقي ڳالهيون وڃي ٻيا سوچين. دماغ جي پيچن لڙائڻ
جي مون کي عادت ڪينهي. منهنجي گلا ڪرڻ لاءِ،
منهنجي ڪم ۽ لکڻ جي نقط چيني ڪرڻ لاءِ به ڪي ماڻهو
مقرر ٿيل ئي آهن، پوءِ مان چنتا ڇو ڪريان؟
”ڪونج“ رسالي تان کنيل. |