سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري 2006ع

 

صفحو :7

 

شگفته شاهه                                  ناول قسط  - 13

 

ٽِڙي پوندا ٽاريئين......

 

ٻئي ڏينهن جڏهن سندس ڪاوڙ به گهٽ ٿي چڪي هئي ته کيس عادت مطابق وري فيضان سان سندس ڪالهوڪي رويي تان شرمندگي محسوس ٿي. هن کيس فون ڪئي ۽ سندس آواز ٻڌندي ئي چيائين:

آءِ ايم ساري، ساري ساري ساري   “and that'll all”

فيضان پڇيو: "Sorry for what"

رابيل حيران ٿي پڇيو:”هيءُ جو ڪالهه پاڻ ۾ وري ايڏو جهيڙو ٿيو؟“

فيضان ٽهڪ ڏيندي چيو:”جهيڙو آءٌ ته نه ڪندو آهيان هميشه تون ئي ڪندي آهين، زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪنهن سان مِٺي لهجي ۾ پيار سان به ڳالهايو اٿئي؟“

رابيل سڪون جو هڪ ساهه کڻندي چيو:”ان جو مطلب ته تون ناراض نه آهين؟ منهنجي دل تي ته الاهي بار هو.“

فيضان چيو:”تو سنڌي گرامر پڙهي آهي؟“

”اسڪول ۾ پڙهي هئي ڪنهن زماني ۾... ڇو...!؟“ رابيل حيران ٿيندي پڇيو.

فيضان:”پوءِ سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ جا لفظ ته پڙهيا ئي هوندا.“

رابيل:”ها... ڇو؟“

فيضان:”ڳالهائڻ جي لفظن مان پنجون نمبر لفظ ڪهڙو آهي؟“

رابيل حيران ۽ پريشان ٿيندي چيو:”ڪهڙو آهي؟“

فيضان چيو:”اسم، ضمير، صفت، فعل... ۽ ...“

”ظرف؟“ رابيل هڪدم چيو.

”هون.“ فيضان چيو ”ماڻهوءَ ۾ ظرف هئڻ گهرجي.“

رابيل چيو:”مڃان ٿي ته تون اعليٰ ظرف آهين. مون وٽ ٿي سگهي ٿو ته ظرف نه هجي پر ڳالهائڻ جو ٻيو لفظ ”ضمير“ ضرور آهي. هينئر ضمير جي آواز کان ئي مجبور ٿي توکان پنهنجي ڪالهوڪي رويي جي معافي وٺان پئي.“

فيضان چيو:”تنهنجي ضمير توکي هروڀرو ڊسٽرب ڪيو آهي، ان لاءِ بهتر آهي ته ان کي ڊراپ ڪري ”صفت“ کي کڻي وٺ.“

ٻئي کِلڻ لڳا ۽ پوءِ رابيل چيو:”پر... اهو وري ڇو؟“

فيضان چيو:”اهو انڪري جو مون کي تنهنجي ڪا به ڳالهه خراب نه لڳندي آهي. اڪثر ته دل چوندي آهي ته خاص طور تي فون ڪري توکان ”تنهنجا سُر“ ٻڌان. هونئن جيڪڏهن تون منهنجي زال هجين ها ته منهنجو ته جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏين ها.“

رابيل چيو:”آءٌ تنهنجي زال هجان ها ته توکي سڌاري ڇڏيان ها. باقي رهيو منهنجا سُر ٻڌڻ جو شوق ته ان جي ته مون وٽ ڪمي ڪانهي. ڇيڙي ته ڏس.“

فيضان پوءِ سنجيده ٿيندي چيو:”چڱو هاڻي آءٌ توکي هڪ اهم خبر ٻڌايان ٿو، دل وڏي ڪري ٻڌجانءِ.“

رابيل پريشان ٿي پڇيو:”اهڙي آخر ڪهڙي ڳالهه آهي؟“

فيضان چيو:”اڳئين هفتي آءٌ آمريڪا پيو وڃان.“

رابيل جي ڪنن ۾ ڄڻ هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو. هن ڏاڍي مشڪل سان همٿ ڪري پڇيو:”ڇو... ڇو...پيو...وڃين؟ اهو به اوچتو. تو ته ڪڏهن اهڙي ڳالهه جو ذڪر به نه ڪيو؟“

فيضان چيو:”اها منهنجي عادت آهي. آءٌ هر ڳالهه اڳ ۾ نه ٻڌائيندو آهيان. جڏهن سمجهندو آهيان ته صحيح وقت پهچي چڪو آهي، تڏهن ٻڌائيندو آهيان.“

رابيل جي ڪنن ۾ ڄڻ زوزاٽ پئي ٿيا. هن ذري گهٽ روئندي چيو:”فيضان! تون مون کي ائين ڇڏي هليو ويندين؟ توکان سواءِ منهنجي زندگيءَ ۾ رکيو ئي ڇا آهي؟ آءٌ ڪنهن جي سهاري جيئندس.“

”رابيل توکي منهنجي سهاري کان سواءِ جيئڻ جو حوصلو پاڻ ۾ پيدا ڪرڻو آهي.“ فيضان چيو.

رابيل پڇيو:”ڪيتري عرصي لاءِ پيو وڃين؟“

فيضان ڄڻ خوابناڪ لهجي ۾ چيو:”خبر ناهي ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ان کان به اڳتي وڃان ۽ پوءِ اهو سفر ڪٿي ختم ٿيندو ان بابت آءٌ ڪجهه چئي نه ٿو سگهان.“

رابيل اداسيءَ مان چيو:”ها! تو مون کي ٻڌايو هو ته تون هڪ هنڌ گهڻو عرصو ويهي نه سگهندو آهين وري نڪري پوندو آهين ڪا نئين دنيا ڏسڻ. پر... آخر اهي سفر ڪڏهن کٽندا ۽ کٽندا به يا نه. ۽ منهنجي پوءِ تنهنجي زندگيءَ ۾ ڇا حيثيت آهي؟“

فيضان هڪ گهرو ساهه کڻندي چيو:”ماڻهوءَ جي پوري زندگي هڪ سفر ئي ته هوندو آهي ۽ هر مسافر کي ان سفر دوران ڪيترين ئي اسٽيشنن تي لهڻو پوندو آهي. ڪيترائي مسافر ڪجهه وقت لاءِ هن جا همسفر بڻبا آهن. پاڻ به ان سفر ۾ ٿوري عرصي لاءِ همسفر بڻياسين پر اسان جو هڪٻئي سان تعلق ڪڏهن به ٽُٽي نه ٿو سگهي. اڳتي پاڻ سان ڇا ٿيڻو آهي. اها مون کي خبر ڪانهي. في الحال ته توکي ان سفر ۾ اڪيلو ڇڏي مون کي هڪ نئون سفر اختيار ڪرڻو آهي.“

رابيل چيو: ”پوءِ ... هي سڀ تنهنجا خواب!؟.... هڪ معياري ڪتابي سلسلو، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون ۽ ڏکويلن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ هڪ ٽرسٽ جو قيام!؟“

 فيضان چيو:”ها!... اهي سڀ منهنجا خواب آهن ۽ مون هڪ ڏيئو ٻاري ڇڏيو آهي ۽ ان ڏيئي مان ڪيترائي ماڻهو ٻيا ڏيئا ٻاريندا. آءٌ ويندس ته ڪو ٻيو منهنجي آفيس سنڀاليندو. آرٽ سيڪشن لاءِ ته تون موجود آهين.“

رابيل چيو: ”۽ ... هُو عملي طور تي ڪم ڪرڻ وارو پروگرام ان جو ڇا ٿيندو؟“

فيضان چيو:”ايڏا ڏينهن آءٌ ان سلسلي ۾ ئي ته مصروف هئس. اهو ٽرسٽ قائم ٿي چڪو آهي ۽ منهنجي غير موجودگيءَ ۾ تون ان ٽرسٽ جي چيئرپرسن هوندينءَ. هر مهيني ٽرسٽ کي منهنجي اڪائونٽ مان مخصوص رقم ملندي رهندي.“

رابيل پريشان ٿي چيو:”آءٌ... آءٌ.. اهو سڀ ڪيئن سنڀالي سگهنديس؟ اها ته تمام وڏي ذميواري آهي.“

فيضان مضبوط لهجي ۾ چيو:”تون ان ذميواريءَ کي کڻڻ جي اهل آهين. مون کي توتي پورو اعتماد آهي.“

”پر...فيضان!... آءٌ هڪ اڪيلي عورت... اهو بار ڪيئن کڻي سگهنديس.“

فيضان چيو:”رابيل! پليز هاڻي نڪري اچ ان هيڻائپ، ڪمزوري ۽ بداعتماديءَ جي خول مان. عورت ڪمزور ڪانهي. تون اهو يقين ڇو نٿي ڪرين ته تون ڪمزور ناهين نه ئي تون اڪيلي آهين. روحاني طور آءٌ توسان هر قدم تي گڏ هوندس ۽ پوءِ جڏهن تون ڏکويل انسانيت جي مدد ڪرڻ لاءِ جيئن ئي قدم ٻه قدم اڳتي وڌندينءَ ته هر قدم تي ڪيترائي ماڻهو پڻ توسان گڏ ان سفر ۾ شامل ٿيندا ويندا. تون فقط پنهنجي دل ۾ عزم ۽ پڪو يقين رک.“

رابيل ڏڪندڙ آواز ۾ چيو:”تو بلڪل اوچتو مون کي اهو سڀ ٻڌائي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.“

فيضان کيس آٿت ڏيندي چيو:”پاڻ کي بلڪل پريشان نه ڪر. پاڻ پوءِ آرام سان ان بابت ڳالهائينداسين.“

پوءِ ٻنهي موڪلائي فون رکي ڇڏي.

***

رابيل ته فيضان جي آمريڪا وڃڻ بابت ٻڌي بلڪل اداس ٿي وئي. هوءَ سوچي به نه ٿي سگهي ته سندن ڪهاڻيءَ جو ڊراپ سين ايڏو اوچتو ۽ دکدائڪ ٿيندو. هن جي اکين ۾ ته فيضان جي خوبصورت ساٿ جا سپنا لهي آيا هئا. اڄ کيس به احساس ٿيو ته هن شادي نه ٿيڻ سان هوءَ ايڏي هرٽ نه ٿي هئي جيترو هن جي پري وڃڻ جو ٻڌي ٿي هئي. بيشڪ هو سندس جيون ساٿي نه بڻجي پر اکين جي اڳيان ته هجي. هو ڳالهائي ته سگهن. مون هن سان ڪيڏا جهيڙا ڪيا، پر سندس چپن تي ڪا به شڪايت نه هوندي هئي.“

اڃا هوءَ ان اوچتي اطلاع تي ئي حيران ۽ پريشان هئي ته فيضان وري کيس هڪ سرپرائيز ڏني. هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ ويٺل هئي ته بابا پِيروءَ کيس ٻڌايو ته فيضان هن سان ملڻ آيو هو ۽ بابا پِيرو کيس سِٽنگ روم ۾ ويهاري آيو هو. هوءَ بي اختيار اٿي ان ڪمري ڏانهن وئي. ماسي اتي ويٺل هئي ۽ فيضان کان حال احوال وٺي رهي هئي. ۽ پوءِ رابيل کي ڏسي اٿي وئي. رابيل حيران ۽ پريشان فيضان جي اڳيان بيٺي رهي. هو ته کيس ڏسي عادت جي مطابق اٿي بيٺو هو ۽ پوءِ پاڻ سان گڏ آندل ڪيڪ رابيل کي ڏنائين ته هن پڇيو:

”هي ڇا آهي؟ ڪهڙي خوشيءَ ۾؟“

فيضان چيو:”هي ڪيڪ آهي اڄ منهنجو Birthday آهي.“

”اوهه“ رابيل هن کان ڪيڪ وٺي ٽيبل تي رکيو ۽ پاڻ به هڪ صوفي تي ويٺي ته فيضان به ويهي رهيو. رابيل کيس چيو:

“Happy birthday to you!”

"Thanks!" فيضان چيو.

ايستائين بابا پِيرو چانهن کڻي آيو ته رابيل هن کي ڪيڪ جي ڪٽڻ لاءِ ڇري کڻي اچڻ لاءِ چيو ۽ جڏهن هو ڇري ڏئي هليو ويو تڏهن رابيل اٿي ڪيڪ کڻي ڪٽيو ۽ هڪڙو پيس کڻي فيضان ڏانهن وڌايو ته فيضان ان پِيس جا ٻه اڌ ڪيا ۽ اڌ پِيس کيس ڏنو ۽ پوءِ ٻنهي ڪيڪ پِيس کاڌو ۽ پوءِ چانهن پيئڻ دوران رابيل هن کي چيو:

”برٿ ڊي جو گفٽ تون منهنجي پسند تي وٺندين يا پنهنجي پسند تي؟“

فيضان هن ڏانهن گهرين نظرن سان ڏِسندي چيو:”ٻيو ڪو گفٽ نه پر جيئن تو پنهنجي جنم ڏينهن تي مون کان ڪجهه گهريو هو تيئن اڄ آءٌ به ڪجهه گهرڻ چاهيان ٿو.“

”مون وٽ آهي ئي ڇا؟“ رابيل اداسيءَ مان پڇيو.

”مون سان اڄ تون اهو واعدو ڪر ته منهنجي وڃڻ کان پوءِ تون وري اڳي جيان نه ٿيندينءَ پر همٿ ۽ حوصلي سان زندگيءَ جي مسئلن کي منهن ڏيندينءَ.“

رابيل جي اکين ۾ وري آلاڻ جمع ٿيڻ لڳي. هن چيو:”آءٌ تو بنان ڪيئن جي سگهنديس؟ تون ته منهنجي زندگيءَ جو لازمي حصو بڻجي چڪو آهين. ڇا توکي جدائيءَ جو ڏک نٿو ٿئي؟“

”بلڪل ٿئي ٿو.“ فيضان به ڏک سان چيو.

رابيل هن ڏانهن ڏسندي چيو:”... ۽ پوءِ به...وڃين ٿو؟“

”مجبوري آهي.“ فيضان چيو.

”ڪهڙي مجبوري؟“ رابيل پڇيو.

فيضان هڪ گهرو ساهه کڻي چيو:”ائين کڻي سمجهه ته تنهنجي زندگيءَ جي خوشي ڳولهڻ ٿو وڃان. منهنجي وڃڻ کان پوءِ پريشان نه ٿجانءِ، پاڻ انٽرنيٽ تي رابطو رکنداسين. اڄ مون کي اهو واعدو گفٽ ۾ ڏي ته اڳتي جيڪي به حالات تنهنجي زندگيءَ ۾ ايندا انهن جو همٿ سان مقابلو ڪندينءَ. اهو ياد رکجانءِ جيڪڏهن تون روئيندينءَ يا وکرندينءَ ته آءٌ ڪٿي به هوندس ته بيچين ٿي پوندس. جيڪڏهن پنهنجو رابطو نه به رهي سگهيو ته پريشان نه ٿجانءِ ۽ دعا ڪجانءِ ته آءٌ توکي تنهنجي زندگيءَ جي هڪ وڏي خوشي ڏئي سگهان.“

”ڪهڙي خوشي؟“ رابيل پڇيو.

فيضان چيو:”وقت اچڻ تي توکي سڀڪا خبر پئجي ويندي.“

رابيل اداسيءَ مان پڇيو:”فيضان! هڪ ڀيري مون توکان پڇيو هو ته هن اڻ ڄاتل منزل جي سفر ۾ آخر منهنجو مستقبل ڇا ٿيندو. تڏهن تو جواب ڏنو هو ته ان جو فيصلو وقت ڪندو، پوءِ وقت جو هن وقت فيصلو ڇا آهي؟“

فيضان چيو:”في الحال ته وقتي جدائي آ، پوءِ جي ڪا خبر ڪانهي. وقت پاڻهي ٻڌائيندو.“

رابيل چيو:”تون ته منهنجي خزان رسيده زندگيءَ ۾ ايندڙ واحد شخص آهين جنهن منهنجي زندگيءَ جي ويران موسم کي بهار ۾ بدلايو... پوءِ ڇا بهار جي موسم ايڏي ئي مختصر هوندي آهي؟“

فيضان چيو:”هون... شايد. رابيل پرينهن صبح جو منهنجي فلائيٽ آهي آمريڪا جي، اسان وٽ باقي هڪ ڏينهن آهي، سڀاڻي شام جو منهنجي هڪ دوست جي فارم هائوس جي خوبصورت لان تي فورم جي سوشل وِنگ پاران قائم ڪيل ٽرسٽ جي افتتاح جي تقريب آهي، جنهن ۾ توکي ان ٽرسٽ جي چيئرپرسن طور پڻ متعارف ڪيو ويندو ۽ فورم جي ميمبرن پاران منهنجي مانَ ۾ ڊنر پڻ رکي وئي آهي، اڄ ڏينهن تائين مون تنهنجي مرضي رکي ۽ ڪڏهن به توکي مجبور نه ڪيو ته تون مون سان ٻاهر ڪٿي ملين. پاڻ وٽ فقط سڀاڻي جي شام ئي آهي، جنهن کي پاڻ گڏجي گذاري هميشه لاءِ يادگار بڻائي سگهون ٿا.“

رابيل اداسيءَ مان مرڪي چيو:”يقين ڪر فيضان منهنجي پنهنجي شديد خواهش آهي ته پاڻ ڪجهه وقت گڏجي گذاريون. مون ڪيتري ئي عرصي کان پنهنجي ئي زندگي ڊڄي ڊڄي گذاري آهي. آخر منهنجو به ته زندگيءَ تي ڪجهه حق آهي. آءٌ به انسان آهيان. صرف هڪ شام، ... ها هڪ شام ته منهنجي به نصيب ۾ هجي جنهن ۾ آءٌ پنهنجا سڀئي خوف ۽ انديشا هڪ پاسي رکي ۽ سماج جي ٺاهيل اصولن کي لنوائي پوري اعتماد سان توسان گڏ هلان ڇو ته تو هميشه مون کي محبت ئي نه پر عزت به ڏني آهي.“

فيضان چيو:”مون کي تنهنجي مسئلن جو احساس هميشه کان رهيو آهي ۽ مون ان ڳالهه جو به خاص ڌيان رکيو ته تنهنجو مقام ۽ عزت ڇا آهي. مون کي خبر آهي ته تون به هن ڌرتيءَ جي ڄاتل سڃاتل شخصيت آهين ۽ انڪري مون توکي ڪڏهن به مجبور نه ڪيو هو، ڇو ته ڪنهن پبلڪ مقام تي اسان کي گڏ ڏسي ڪيئي چوٻول ٿي سگهيا ٿي. پر سڀاڻي جي شام اسان جي آهي. اهو پروگرام آهي ئي تنهنجي ۽ منهنجي مانَ ۾، منهنجي هميشه کان خواهش رهي ته پاڻ گڏجي لانگ ڊرائيو تي وڃون. قسمت اسان کي ازخود اهو موقعو ڏئي رهي آهي. منهنجي دوست جو فارم هائوس شهر کان ٻاهر هڪ خوبصورت، سرسبز ۽ فطري حسن سان ڀرپور جڳهه تي آهي. لانگ ڊرائيونگ به ٿي ويندي ۽ هڪ خوبصورت يادگار شام به گڏجي گذارينداسين.“

رابيل چيو:”يقين ڪر فيضان اها ئي منهنجي به هڪ وڏي خواهش رهي آهي.“

فيضان چيو:”تڏهن ئي ته چوندو آهيان ته محبت هڪ روحاني تعلق آهي. جڏهن تون ڪجهه سوچين ته آءٌ سمجهي وڃان ۽ آءٌ ڪجهه سوچيان ته تون سمجهي وڃين.“

پوءِ فيضان هن سان ٻي شام جي پروگرام بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ هليو ويو.

***

ڪار شهر جي رونقن کان نڪري هاڻي هاءِ وي تي ڊوڙي رهي هئي. فيضان ڪار ڊرائيو ڪري رهيو هو ۽ رابيل سندس ڀرسان ويٺل هئي. ٻئي شاندار لڳي رهيا هئا. فيضان نيوي بليو سوٽ ۾ انتهائي هئنڊسم پئي لڳو ۽ رابيل کي پڻ هڪ خوبصورت سائي ۽ بلو ڪامبينيشن تي هلڪي خوبصورت ڀرت تي سُوٽ پيل هو. ڪنن ۾ سونيون واليون ۽ گلي ۾ خوبصورت چين، کيس پرڪشش بڻائي رهي هئي. ٻئي خاموش هئا. ٻنهي جي گڏ سفر ڪرڻ ۽ هڪ شام گڏجي گذارڻ جي خوشيءَ ۽ ٻئي ڏينهن کان جدا ٿيڻ جي غم جي گڏيل سڏيل ڪيفيتن مان گذري رهيا هئا. شام جا پاڇا آهستي آهستي گهرا ٿي آسمان تي خوبصورت رنگ پکيڙي رهيا هئا. روڊ جي ٻنهي پاسن کان وڻن ۽ ٻنين جو سلسلو شروع ٿي چڪو هو. انهن جي وچ ۾ ڪڏهن هاري ناري گهرن ڏانهن موٽندي نظر ٿي آيا ته ڪٿي وري ڳوٺاڻيون عورتون ۽ ٻار به نظر ٿي آيا. حد نظر تائين فطرت جا خوبصورت رنگ نظر اچي رهيا هئا. رابيل انهن خوبصورت رنگن کي ڏسڻ ۾ محو هئي ته اوچتو فيضان کيس مخاطب ڪيو:

”رابيل! تو ڪڏهن گلابن جو فصل ڏٺو آهي؟“

”نه“. رابيل جواب ڏنو.

فيضان چيو:”جنهن دوست جي فارم هائوس ڏانهن اسين وڃي رهيا آهيون اهو گلابن جي فارمنگ به ڪندو آهي. ٿورو اڳتي کان گلابن جو فارم آهي ۽ پوءِ اڳتي هلي سندس فارم هائوس آهي، ڇا خيال آهي؟ فارم تي هلڻ کان اڳ توکي گلابن جي فصل جو سير ڪرايان؟“

رابيل مرڪي هن ڏانهن ڏسي چيو:”هون، ضرور شايد اتي پکڙيل فطرت جو حسن منهنجي زندگي جي فنڪار ۾ ٻيهر هڪ نئون روح ڦوڪي هن کي نئين زندگي ڏي.“

ڪجهه دير کان پوءِ فيضان ڪار کي ڪچي ڏانهن ويندڙ هڪ رستي ڏانهن موڙيو ۽ پوءِ اڳتي هلي هڪ هنڌ ڪار بيهاري رابيل کي چيو:

”هاڻي اڳتي پنڌ هلڻو پوندو.“ هو ٻئي ڪار مان هيٺ لٿا ته رابيل کي پنهنجي ڪنن ۾ خوبصورت ٽليون وڄندي محسوس ٿيون. هن مڙي ڏٺو ته پريان هڪ ڌراڙ ڌڻ ڪاهي موٽي رهيو هو ۽ مال جي گلي ۾ ٻڌل مختلف سائيز جي ننڍين وڏين ٽَلين جي آواز عجيب سهڻي موسيقي پيدا ڪري ماحول کي وڌيڪ سحر انگيز بڻائي ڇڏيو هو. پري کان ۽ ويجهو کان ايندڙ ڪوئل جي ڪُوڪُو ۽ پکين جا مختلف آواز فطرت جي خاموش فضا ۾ خوبصورت ارتعاش پيدا ڪري رهيا هئا. رابيل آسمان ڏانهن نهاريو. لهندڙ سج جا سهڻا رنگ ۽ گهرن ڏانهن موٽندڙ پکين جا ولر ۽ زمين تي وري ٿورو اڳتي کان حدِ نظر تائين پکيڙيل گلابن جي ٻوٽن رابيل کي ڄڻ سحرزده ڪري ڇڏيو. هو وري اڳتي هليا ته فضا ۾ پکڙيل گلابن جي خوشبوءَ سان سڄو ماحول خوابناڪ ٿي ويو. فيضان هلندي هلندي بيهي رهيو ۽ آسمان تي اڏامندڙ اڇن پکين جي ولر ڏانهن ڏسي چوڻ لڳو:

”رابيل! ڏس، هي سڀئي پکي پنهنجن پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽي رهيا آهن. ڪڏهن منهنجي به دل چاهيندي آهي ته آءٌ به ڌرتيءَ جي حدن مان نڪري آسمان جي پراسرار وسعتن ۾ گم ٿي وڃان ۽ ڪي نيون دنيائون ڳولهيان.“

”مون کي ته تنهنجون ڳالهيون سمجهه ۾ ئي نه ٿيون اچن.“ رابيل چيو.

فيضان چيو:”توکي اهي ڳالهيون سمجهه ۾ اينديون به نه. بهرحال ڪڏهن نه ڪڏهن تون هي خوبصورت منظر ضرور Paint ڪجانءِ. رابيل! هاڻي اهو وقت به اچي ويو آهي جو تون پنهنجي ذات جي دائري مان نڪري ٻين لاءِ به ڪم ڪرين. فقط پاڻ لاءِ جيئڻ ڪو ڪارنامو نه آهي. بلڪه ٻين لاءِ جيئڻ عظيم ڪم آهي. الله تعاليٰ انسانن جي دلين ۾ رهي ٿو ۽ انسانن کي خوشيون ڏيڻ سان ئي اسين پنهنجي رب کي راضي رکي ٿا سگهون. توکي ڀرپور صلاحيتن ۽ همٿ ۽ حوصلي سان ٽرسٽ کي هلائڻو آهي. فقط لکڻ ۽ تصويرڪشي ڪرڻ سان اسان جون ذميواريون ختم نه ٿيون ٿي وڃن. اسان کي ماڻهن جا ڏک درد ونڊڻا آهن.“ فيضان جهٽ لاءِ چپ رهي، وري ڳالهه جي تند جوڙي. ”اسپتالن ۾ ڏس ته ڪيئن نه غريب ۽ لاچار مريض زندگيءَ آڏو هارائيندا نظر ايندا آهن. معصوم گلن جهڙا ٻارڙا روڊن تي پنڻ لاءِ مجبور آهن. ڪينسر ۽ ٽي بيءَ جا مريض علاج مهانگو هئڻ سبب ۽ سهولتون نه هئڻ سبب ڪيئن نه بي وسيءَ سان تڙپي تڙپي مري رهيا آهن. ماڻهو غربت جي ڪري پنهنجا گُڙدا وڪڻڻ تي مجبور آهن. عدالتن ۾ وڃي ڏس، ڪيترا بي ڏوهي سيخن جي پٺيان ڦاسيءَ جي ڦندي آڏو بيٺا آهن، ڪيترا ئي غريب ۽ لاچار انصاف جي تلاش ۾ آهن. ڳوٺن ۾ وڃي ڏس ته ڪيئن نه غيرت جي نالي بي گناهه عورتن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويندو آهي.

(هلندڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com