پارس راڻي
آڱريون
جڏهن چهري تنهنجي کي ڇُهن ٿيون آڱريون،
رات جي راڻيءَ جيان مهڪن ٿيون آڱريون.
جڏهن دردن جا گيت لکن ٿيون آڱريون،
گهري زخم جيان ڏکن ٿيون آڱريون.
ڪوري ڪاغذ تي ٻرندڙ لکيم جذبا،
لفظ ٺهي ويا ٽانڊا ٽهڪن ٿيون آڱريون.
ايترا رنا آهيون جو جسم رُنو سارو،
هٿن لڙڪ وهايا ۽ سڏڪن ٿيون آڱريون.
آءٌ ڪيئن تنهنجو نانءُ پڪاريان؟
دنيا جون مون ڏانهن اُٿن ٿيون آڱريون.
مان مان آهيان، تون آهين ڇا؟
هڪٻئي ڏانهن ڇو کڄن ٿيون آڱريون.
ٽيڙو
ڪاغذ تي يا ڌرتي تي لکي رهيون آهن،
ڪيڏيون نه ڪاراٺجي ويون آهن،
آڱريون زهر ڄڻ چَکي رهيون آهن.
عادت
تنهائيءَ سان محبت ٿي وئي آهي،
چُپ رهڻ پنهنجي عادت ٿي وئي آهي!
خود تماشو ۽ خود تماشبين آهيون،
پنهنجي هيءَ ڪهڙي حالت ٿي وئي آهي!
هوش وارن بڻايو آ بيهوش،
مدهوشيءَ سان چاهت ٿي وئي آهي!
ڪنڊن پنهنجا زخم اُگهندي چيو،
هاڻ گُلن کان نفرت ٿي وئي آهي!
دشمنن جو خدا خير ڪري شل،
دوستيءَ ۾ ملاوت ٿي وئي آهي!
پنهنجا هٿ آهن پنهنجي ڳچيءَ ۾،
خودڪشي هاڻ راحت ٿي وئي آهي!
گهڻو ڊهيو آ گهڻو ٽُٽو آهي،
دل تان هر آفت ٿي وئي آهي!
وڏي چاهه سان بڻايم پئي گهر،
سا جاءِ پنهنجي تربت ٿي وئي آهي!
هاڻ مون وٽ آيو آهين ته ڇا،
جڏهن چانڊاڻ رخصت ٿي وئي آهي!
محبتن جي موت کان پوءِ اي دوست،
نفرتن ساڻ الفت ٿي وئي آهي!
تنهنجي ظلمن ڏنو آ نئون جنم،
پيدا دل ۾ بغاوت ٿي وئي آهي.
امرتا پريتم / گؤري ولڀ
هڪ حسرت هڪ آهه
ڪرمو لوٽي ۾ لسي وجهرائي ۽ پوءِ اڌ کان به وڌيڪ
ڀريل لوٽي ڏانهن نهاريندي چوڻ لڳي. ”اڄ وڏي سردارڻ
ڏسڻ ۾ نٿي اچي. هوءَ ٺيڪ ته آهي نه؟“
سردارڻ نهال ڪؤر، جيڪا ڪجهه منٽ اڳ رڌڻي ۾ آئي
هئي. چُلهه تي چڙهيل کيرڻيءَ جي هيٺان باهه جو
ڀنڀٽ ڏسندي، ڪاٺيون پويان سوري ورتيون
هيون.”ويروُ، کيرڻي ڪڏهن ايتري باهه تي به پچندي
آهي؟ کيرڻيءَ جي هيٺان ته تمام ڌيمي باهه ڏبي
آهي.“ هوءَ ائين چئي، پوءِ چلهه جي ڀرسان ڪاٺ جي
صندلي رکي، مٿانئس ويهي کيرڻيءَ جي ديڳڙيءَ ۾
ڪُڙڇي گهمائڻ لڳي هئي. صبح جو هُن ڏهيءَ جي چاڏي
پاڻ ولوڙي هئي، پر لسيءَ کي ڇاڻڻ لاءِ ويرؤ کي چيو
هئائين، ڇاڪاڻ جو هن هاڻي ڪجهه دير ساهي پَٽڻ ٿي
چاهي. ڪو غريب غربو آيو ٿي ته ويروُ کين لسي ڏيئي
ڇڏي ٿي.
ڪجهه ٻين غريبن به سوال ڪيو هوندو، پر نهال ڪؤر کي
انهن جي خبر نه هئي. هو اندر ڪمري ۾ هئي، پر هن
ڀيري جڏهن هوءَ رنڌڻي ۾ ويٺي هئي ته چانئٺ کان
ٻاهر ويٺل ڪرمو جو آواز هن پاڻ ٻُڌو.
”ٺيڪ آهيان، ڪرمو. تون ته خوش آهين نه؟“ نهال ڪؤر
اندران ئي وراڻي ڏني. ڪرمو تيزيءَ سان چانئٺ جي
ويجهو اچي اندر جهاتي پاتي ۽ پنهنجي هڪ هٿ سان نرڙ
کي ڇهندي چيائين، ”سردارڻ خير هجيئي، سلامت هجين.
اڄ تون ڏسڻ ۾ نه آئينءَ ته مون سوچيو ته سردارڻ
خيريت سان هجي.“
نوڪر چاڪر ۽ ڪمي ڪاسبي سڀ سردارڻ نهال ڪؤر تان
گهور ويندا هئا ۽ صدقي ٿيندا هئا. اها ڪا نئين
ڳالهه ڪانه هئي پر پوءِ به نهال ڪؤر کي ائين محسوس
ٿيو ته ڪرمو لسي وٺندي ياد ڪيو هو، ان ۾ ضرور ڪا
ڳالهه آهي. نهال ڪؤر جڏهن ڏانهس ڏٺو ته ڪرمو لوٽي
جو منهن ڏانهس ڪري رکيو هو. نهال ڪؤر سمجهي ويئي ۽
ويرو ڏانهن ڏسندي چوڻ لڳي، ”ٻُڌ ڪرموءَ جو لوٽو
ڀري ڏيندي ڪر. هن جا لسي، پيئڻ وارا ننڍا ننڍا ٻار
آهن.“
”خدا توکي گهڻو ڏي. تنهنجي هٿن ۾ ايتري ته برڪت
آهي جو ٻار ٻه ٻه ڀيرا لسي پيو ڇڏين.“ ڪرمو وڌيڪ
لسي وٺندي چيو. جيتوڻيڪ ان مهل لسي ڏيڻ وارا هٿ
ويروءَ جا هئا، پر ڪرمو ان مهل جيڪي ڪجهه چئي رهي
هئي، اُهو نهال ڪؤر جي باري ۾ چئي رهي هئي.
ڪرمو هلي ويئي ته نهال ڪؤر کي سندس دعائون وسري
ويون. پر سندس چيل هڪ لفظ ياد رهجي ويس ”وڏي
سردارڻ ...“
نهال ڪؤر هڪ ڏينهن ۾ ”سردارڻ“ مان ”وڏي سردارڻ“
بڻجي ويئي هئي. خبر ناهي ته کيس وڏي سردارڻ چوڻ جو
خيال سڀ کان اڳ ڪنهن کي آيو هو. شايد سڀني کي گڏ
ئي آيو هو. گهر جي نوڪرياڻيءَ کان وٺي ڪارخاني جا
سڀ منشي منيب ۽ مزدور کيس ”وڏي سردارڻ“ چوڻ لڳا
هئا. ايتري قدر جو گهر جي مالڪ سردار جيءَ به
ڪالهه کيس ”وڏي سردارڻ“ چئي سڏيو هو. پوءِ نهال
ڪؤر کي اهو خيال آيو ته ٽيون ڏينهن هن پاڻ ئي ته
نوڪرياڻيءَ کي چيو هو ته وڃ، ”ننڍي سردارڻ“ کي
سندس ڪمري مان سڏي اچ. ننڍي سردارڻ جي موجودگيءَ ۾
سندس وڏي سردارڻ بڻجڻ ضروري هو. نهال ڪؤر کي اهو
خيال آيو ۽ پوءِ ڪيترائي خيال ننڍن ننڍن چانورن
وانگر سندس من جي کير ۾ پچڻ لڳا.
پچندڙ خيالن ۾ هڪ خيال اهو به هو ته ويروُ جڏهن
کان هن گهر ۾ ننڍي سردارڻ بڻجي آئي هئي. تڏهن کان
هوءَ سمهڻ کان اڳ، هڪ فرض وانگر سندس ڪمري ۾ ايندي
هئي ۽ سندس کٽ جي پيرانديءَ کان ويهي سندس پير
دٻائيندي هئي. نهال ڪؤر کي نه ڪنهن ڌيءَ جي شادي
ڪرائي ساهري گهر موڪلڻو هو ۽ نه ئي ڪنهن پٽ کي
پرڻائي، ننهن گهر ۾ آڻڻ هئي، پر جڏهن سندس پنهنجي
هٿان پرڻايل پهاڄ سندس پير دٻائيندي هئي ته نهال
ڪؤر کي هاڻي ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ هن ڌيءَ به
ڏسي ورتي ته ننهن به. ۽ نهال ڪؤر هڪ ڊگهو ساهه کڻي
مرڪندڙ چپن سان پنهنجو پاڻ کي سرچائي ڇڏيو هو ته
ويروُ سندس ڌيءَ به هئي ته نُنهن به.
نهال ڪؤر پنهنجي سردارجيءَ جي ٻي شاديءَ جي لاءِ
اها ڇوڪري ويروُ ڳولي هئي، مائٽيون ته سٺن گهرن
مان به مليون ٿي، پر اهي سڀ مائٽيون سردارجيءَ کي
نه پر سردارجيءَ جي حويليءَ کي ٿي مليون.
سردارجيءَ جي ڪراڙپ کان ڊڄندي جيڪي ماڻهو به مائٽي
کڻي ايندا هئا، انهن مائٽي طئي ڪرڻ کان اڳ، حويلي،
پنهنجي ڌيءَ جي نالي ڪرائڻ چاهي ٿي. سردارجيءَ
پنهنجي حويليءَ جو وارث ضرور ڳولي رهيو هو. پر هو
حويلي انهيءَ عورت جي نالي نٿي ڪري سگهيو، جنهن کي
وارث شايد الائجي ڪڏهن جنم ڏيڻو هو ۽ في الحال کيس
وارث جي باري ۾ رڳو اڳڪٿي ڪرڻي هئي. سردار ٻي شادي
ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. پر انهيءَ انڪار ۾ هڪ
حسرت ۽ هڪ آهه لڪل هئي. نهال ڪؤر اها آهه ٻڌي هئي
۽ هن هڪ غريب گهر جي هيءَ ويروُ ڳولي پنهنجي
سردارجيءَ کي ڏيئي ڇڏي هئي ۽ ان جي بدلي ۾ سندس
حسرت ۽ آهه وٺي ڇڏي هئائين.
هڪ ڏينهن سردار جيءَ ڀت ۾ لڳل پنهنجي لوهي الماري
کولي ۽ گهڻي دير تائين انهيءَ الماريءَ جي اڳيان
بيهي ڪجهه سوچيندو رهيو. ”وڏي سردارڻ ڪيڏانهن ويئي
آهي“ سردارجيءَ پريشان ٿي پڇيو.
سردارڻ گهر ۾ نه هئي. سردارجيءَ الماري بند ڪري
چاٻي کيسي ۾ وڌي ۽ ڪارخاني ڏانهن ويندي ويروُ کي
چئي ويو ته نهال ڪؤر جڏهن به گهر ۾ اچي ته هوءَ
هيٺ منشيءَ کي سڏي، سندس هٿان ڏانهنس ڪارخاني ۾
نياپو موڪلي ڏي. جڏهن نهال ڪؤر گهر آئي ته ويروُ
ٻاهر حوض وٽ گهٻرايل بيٺي هئي. کيس ان وقت الٽي
آئي هئي.
نهال ڪؤر ويروُ کي ٻانهن کان جهلي ورتو. سندس ڪلهن
کي ٿورو دٻايائين ۽ کيس اندر وٺي کٽ تي ليٽائي
ڇڏيائين، پر ويرو ڪنبندي ڪنبندي پنهنجا پير کٽ تان
هيٺ لاٿا ۽ ڊوڙي وڃي نهال ڪؤر جا پير پڪڙيائين.
”سردارڻ، تو مون کي هڪ ڏينهن چيو هو ته مان تنهنجي
ڌيءَ به آهيان ته نهن به. اڄ مون کي پنهنجي ڌيءَ
سمجهي بچاءِ يا نُنهن سمجهي.“ ويروُ ٻاڏائڻ لڳي.
هٻڪندي ۽ شرم وچان نهال ڪؤر کي ٻڌايائين ته ڪجهه
ڏينهن اڳ جڏهن سندس ڀاءُ ساڻس ملڻ آيو هو ته کيس
ڪجهه پيسن جي ضرورت هئي. هن کيس ڪجهه پيسا ڏنا
هئا، پر اهي تمام گهٽ هئا. انهيءَ ڪري هن
سردارجيءَ جي کيسي مان الماريءَ جي چاٻي چورائي
الماري کولي هئي ۽ منجهانئس چانديءَ جا ٿانوَ ڪڍي
پنهنجي ڀاءُ کي ڏنا هئا.“
”هيءَ تنهنجو پنهنجو گهر آهي، ويروُ، جيڪڏهن تون
پنهنجو گهر پنهنجي هٿن سان برباد ڪندينءَ ...“
ڳالهه اڃا نهال ڪؤر جي چپن ۾ ئي هئي ته ويروُ ڇرڪ
ڀريو. ”هيءُ گهر نه مون کي پنهنجو لڳو آهي ۽ نه
لڳندو پر مان توسان واعدو ٿي ڪريان ته آئيندي مان
هن گهر جي ڪابه شيءِ ڪڏهن به ڪنهن کي نه ڏينديس.
مون انهيءَ ڏينهن غلطي ڪئي. ائين ئي ڪري ڇڏيم. مون
ان کان پوءِ ڏاڍو پڇتايو هو. اوهان کي خبر آهي ته
منهنجي پيءُ منهنجي شاديءَ مهل منهنجي ڀاءُ جي
ڪاروبار لاءِ اوهان کان ٻه هزار رپيا گهريا هئا ۽
اوهان ٻه هزار رپيا ڏيئي ڇڏيا هئا. منهنجي پيءُ
منهنجي شادي ڪري ڇڏي. مون کي وڪڻڻ ۾ ڪهڙي ڪمي رهجي
ويئي. ٻن هزار رپين عيوض مون کي پوڙهي سردارجيءَ
جي حوالي ڪري ڇڏيو. منهنجو پيءُ توڙي منهنجو ڀاءُ
منهنجا سڳا ڪٿي آهن ... ڪنهن جو گهر ويران ڪري،
سندن گهر ڇو ڀريا ...“
”ويروُ!“ نهال ڪؤر ڇرڪي ويروُ جي منهن ڏانهن ڏسڻ
لڳي.
نهال ڪؤر ويرو جي عزت رکي ۽ سردارجيءَ کي چيائين
ته الماريءَ ۾ پيل چانديءَ جا ٿانو ڪڍي پاڻ وٽان
ڪجهه چاندي وجهي، سوناري کي نوان ٿانوَ ٺاهڻ لاءِ
ڏيئي ڇڏيا اٿم.
سردارجيءَ جي پريشاني ختم ٿي ويئي، پر نهال ڪؤر
جڏهن به ويرو ڏانهن ڏسندي هئي ته سندس دل ۾ بي
چيني شروع ٿي ويندي هئي. ويروءَ جون اکيون ڪاريون
۽ ڀوريون هيون. رنگ ڪجهه ڪڻڪائون هئس. پر سانوري
رنگ ۾ جواني سخت اٽي وانگر ڳوهيل هئي. سندس ٻانهون
ويلڻ وانگر گول ۽ سخت هيون. سندس گوشت چپٽيءَ ۾
نٿي آيو. نهال ڪؤر کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ
سردارجيءَ جي جيڪا آهه هن پنهنجي مٿي تي کڻي ورتي
هئي، ويرو اها آهه کانئس وٺي پنهنجي مَن ۾ رکي ڇڏي
هئي.
..... ۽ پوءِ ويروُ جا ڏينهن ڀرجڻ لڳا. حويلي ڏاڍي
وڏي هئي. پر مبارڪون ايتريون گهڻيون هيون، جو
منجهس ماپي نٿي سگهيون. سردارجيءَ جو پير زمين تي
نٿي پيو ۽ نهال ڪؤر ويرو کي پير پٽ تي رکڻ نٿي ڏنو
پر ماڻهن ايتريون مبارڪون نه سردار کي ڏنيون ٿي ۽
نه ويرو کي جيتريون نهال ڪؤر کي ڏنيون ٿي.
”مان ته ڄمڻ سان ئي کيس پنهنجي گود وٺندس. پوءِ نه
چئجانءِ. مان وڏي سردارڻ آهيان ۽ تون ننڍي. پهريون
ٻار وڏيءَ جو پوءِ جيترن کي جنم ڏيندينءَ، اهي سڀ
تنهنجا.“ نهال ڪؤر کي خود سمجهه ۾ نٿي آيو ته سندس
دل ۾ به لڪل ڪو ٿورو به دک ڇو نه هو. هن پنهنجي
هٿن سان پنهنجو مڙس هڪ پرائي عورت کي ڏيئي ڇڏيو
هو. ۽ هاڻي کيس سموري زمين ۽ دولت به هڪ پرائي
عورت کي ڏيئي ڇڏڻي هئي.
”اڙي جادوگرڻ مون ڪهڙي گهڙي تو کي پنهنجي ڌيءَ ۽
ننهن چيو هو! مان ته سچ پچ هڪ سس ۽ ماءُ وانگر خوش
آهيان. مون کي ته ڪنهن وقت به ياد نٿو رهي ته تون
منهنجي ....“ نهال ڪؤر جي انهيءَ ڳالهه تي ويرو
ٽوڪيو هو ۽ کلندي چيو هو، ”سردارڻ، مان کڻي تنهنجي
ڪجهه به نه لڳان، پر اها مون کي خبر آهي ته مان
تنهنجي پهاڄ ناهيان.“
نهال ڪؤر واڍي کان جيڪو پينگهو ٺهرايو هو. انهيءَ
۾ چانديءَ جون گهنڊڻيون ٻڌي ڇڏيائين. بخمل جي
ننڍڙي سوڙ ٺهرايائين. شهر جو هڪ انگريز آفيسر
مهيني جي موڪل تي ولايت وڃي رهيو هو. ”ولايتي
سويٽر ريشم وانگر نرم هوندا آهن.“ نهال ڪؤر چيو ۽
انهيءَ انگريز کي ٻه ڀيرا ياد ڏياريو ويو ته هو
ننڍا ننڍا ٻه سويٽر اتان ضرور وٺيو اچي.
نهال ڪؤر پنهنجي وقت تي پنهنجو پاڻ کي سمجهدار ۽
تجربيڪار داين کي ڏيکاريو هو ۽ شهرن جي ڊاڪٽرن کي
پڻ، پر پنهنجي وقت تي هن ڪنهن ديوي يا ديوتا تي
باس نه باسي هئي جڏهن پورا ٽي ڏينهن ويرو جي چيلهه
۾ سور ٿيندو رهيو ۽ هڪ ڏينهن رت جو داغ به ٿي پيو
ته نهال ڪؤر انهيءَ ڏينهن پهريون ڀيرو پنهنجي
زندگيءَ جي باس باسي.
اهو ناز ڪرڻ جو وقت هو. ويرو جيڪڏهن چاهي ها ته
ڏورانهين هنڌ جي ڪنهن شيءِ جي فرمائش ڪري سگهي ٿي.
سردارجيءَ هاڻي سندس منهن ڏانهن ڏسندو هو ۽ سندس
وات مان نڪرندڙ ڳالهه جو به انتظار ڪندو هو پر
نهال ڪؤر کي خبر هئي ته ويرو جو مطالبو هاڻي به
ايترو هو ته جيڪڏهن کيس آچار جي ڦاڪ به گهرڻي
هوندي ته هو نهال ڪؤر جي منهن ڏانهن ڏسندي. انهيءَ
ڪري نهال ڪؤر پاڻ ئي ويرو جي دل جي ڳالهه جو خيال
رکندي هئي. انهيءَ وچ ۾ ويرو جيڪڏهن ڪا ڳالهه زور
ڏيئي چئي هئي ته اها ئي چئي هئي ته اڱڻ ۾ گوگڙن جا
ٽنگيل هار لاهي رکو. انهن کي ڏسي منهنجي من ۾ ڪجهه
ٿيڻ لڳي ٿو. گوگڙن جون سڪل ڦاڪون مون کي ائين ٿيون
لڳن ڄڻ ڪنهن جو گوشت لڳڙو ٿيندو هجي.“ ويروُ ايترو
چيو هو ۽ سڪل گوگڙن ڏانهن ڏسي کيس الٽي اچڻ لڳي
هئي.
۽ پوءِ ويروُ جي دل ۾ نه ڄاڻ ڇا آيو. جڏهن کيس
نائون مهينو هو ته هو ضد ٻڌي بيٺي هئي ته هوءَ ويم
جا ڏينهن پنهنجي پيڪي گهر گذاريندي. سردارجيءَ
سندس ضد کي نٿي مڃيو. نهال ڪؤر کيس واسطا وجهندي
رهي. پر ويروُ هٺ چڙهيل هئي ته سندس پيڪي ڳوٺ ۾ هڪ
پوڙهي دائي رهي ٿي، جيڪا ڏاڍي ڏاهي ۽ سمجهدار آهي
رڳو کيس انهيءَ دائيءَ ۾ ويساهه آهي ۽ ٻئي ڪنهن تي
به نه، کيس اها پڪ هئي ته جيڪڏهن هوءَ هتي رهي ته
شهر جي ڊاڪٽرياڻين جي هٿان مري ويندي. ”اهو ڊپ
ڏاڍو خراب ٿيندو آهي.“ ڊاڪٽرن به سردارجيءَ کي
صلاح ڏني. پر سردارجيءَ جي دل ۾ڪو ٻيو .... ئي ڊپ
هو. نهال ڪؤر کي اڪيلائي ۾ وٺي وڃي چيو ته ”مون کي
ڊپ آهي ته جيڪڏهن کيس ڌيءَ ڄائي ته سندس ماءُ،
پيءُ اها ٻئي ڪنهن جي پٽ سان تبديل ڪري ڇڏيندا.
مون اهڙيون گهڻيون ڳالهيون ٻڌيون آهن. کين لالچ
هوندي آهي ته جيڪڏهن پٽ هوندو ته وڏو ٿي ملڪيت جو
وارث ٿيندو.“
”پوءِ انهيءِ جو ته علاج اهو آهي ته ساڻس گڏجي هلي
ٿي وڃان. جيڪڏهن مان ساڻس گڏ هونديس ته دايون ڪجهه
نه ڪري سگهنديون.“ نهال ڪؤر سوچيندي چيو.
سردار مڃي ويو. ويروُ به ڪو اعتراض نه ڪيو. نهال
ڪؤر گهر جي نوڪرياڻيءَ کي به پاڻ سان گڏ کنيو ۽
ويرو جي پيڪي گهر هلي ويئي.
ويروُ جو ويم مشڪل ثابت نه ٿيو. هوءَ نوجوان هئي
ته تندرست پڻ. سندس ماءُ ۽ ڀاڄائي ساڻس مذاق
ڪنديون هيون: ”هيءَ ته ائين ئي ڊڄي ٿي. پٽ کي جنم
ڏيڻ ۾ ڇا ٿو ٿئي. هڪ ڀيرو رڙ ڪري پٽ کي جنم ڏيئي
ڇڏيندي.“
نهال ڪؤر ويروُ جي پيڪن تي ڪوبه بار پوڻ نه ڏنو
هو.هوءَ کُلئي هٿ خرچ ڪندي هئي. سڀئي کيس سردارڻ
سردارڻ چوندي ٿڪبا ئي نه هئا. نهال ڪؤر کلندي
چوندي هئي، ”هڪ ڀيرو رڙ ڪري پٽ کي جنم ڏي. پر
جيڪڏهن ڌيءَ کي جنم ڏيڻو هجيس ته ...“ ويروُ جي
ڀاڄائي کلندي کلندي چيو، ”ٻه ڀيرا رڙ ڪري ۽ ڌيءَ
کي جنم ڏي.“
”ڌيءَ جي ويل ٻه ڀيرا رڙ ڇو؟“ نهال ڪؤر کلندي
پڇيو.
”هڪ رڙ تڪليف جي، ٻي رڙ ڏُک جي.“ ويروُ جي
ڀاڄائيءَ چيو، ”خوشي ته پٽن جي ٿيندي آهي، ڌيئن جي
ڪهڙي خوشي؟“
نهال ڪؤر جي دل ۾ جيتوڻيڪ هڪ ڀيرو سخت سُور جي
سُوٽ اُڀري، ”مون نه هڪ ڀيرو رڙ ڪئي، نه ٻه ڀيرا
...“ پر هن پنهنجي مرڪندڙ چپن سان اها سُوٽ پي ڇڏي
جو سندس سُوٽ سندس منهن ڏانهن ڏسي شرمندي ٿي وئي.
۽ پوءِ رات جو ويروُ کي سُور ٿيا ۽ سندس ڏندن
هيٺان دٻيل چپن انهيءَ سور کي ائين سَٺو جو ٻي ڪنڊ
تائين آواز نه پهتو. سندس رڙ رڳو هڪ ڀيرو ٻڌڻ ۾
آئي ۽ پوءِ دائي ويروُ جي سيرانديءَ کان ويٺل نهال
ڪؤر کي ڏسي چيو، ”سردارڻ، مبارڪ هجيئي، اچ ته
تنهنجي جهولي پُٽ سان ڀري ڇڏيانءِ.“ نهال ڪؤر پٽ
کي ۽ مبارڪن کي به جهوليءَ ۾ وجهي ڇڏيو. ۽ صبح جو
جڏهن هوءَ سردارجيءَ کي تار موڪلڻ لڳي ته ويروُ
نهال ڪؤر کي پاڻ وٽ سڏي پنهنجا ٻئي هٿ سندس پيرن
تي رکي ڇڏيا. ”سردارڻ، مان سموري دنيا، اڳيان ڪوڙ
ڳالهائي سگهان ٿي، پر تنهنجي اڳيان نه. هيءُ پٽ
تنهنجي سردارجيءَ جو ناهي. ....“
”ويرو!“ نهال ڪؤر کي ائين لڳو ڄڻ سندس زبان ۾ هٻڪ
پيدا ٿي ويئي هجي.
”مان سردارجيءَ سان سچي ناهيان. توسان سچي آهيان.
جيڪڏهن هن ڇوڪري کي رڳو سردارجيءَ جي اڱڻ ۾ کيڏڻو
هجي ها ته مون کي ڪوبه اعتراض نه هو.پر مان تنهنجي
گود ۾ نٿي ڏيئي سگهان. هيءُ تنهنجي گود لائق
ناهي.“ ”هي تون ڇا ٿي چئين، ويروُ؟“
”مون جيڪي ڪجهه ڪيو هو، اهو مذاق مذاق ۾ ڪيو هو.
پر ڪئين ڀيرا مذاق شايد ائين مصيبت بڻجي ويندي
آهي. مان ته توکي سچ ٻڌايان. مان پڇتايان نه پئي،
مون کي ڪوبه پڇتاءُ ناهي. جيڪڏهن ڪو پڇتاءُ آهي ته
تولاءِ اٿم.“
”وي ... روُ .....“
”سردارڻ، توکي ياد هوندو ته هڪ ڀيري مان پيڪن ويئي
هيس.... گذريل ڀيري .... اوهان جو منشي مون سان گڏ
آيو هو. مون کي پيڪن سان ملائڻ ... هتي سڄي ڳوٺ ۾
اها ڳالهه هُلي ويئي هئي ته منهنجي مائٽن پيسا وٺي
مون کي هڪ پوڙهي سردارجيءَ سان پرڻائي ڇڏيو آهي.
سردارجي هن ڳوٺ ۾ ڪڏهن به نه آيو هو. منهنجو پيءُ
مون کي اوهان جي شهر وٺي ويو هو. مان جڏهن ڳوٺ آيس
ته هر ڪنهن مون کان اهو پڇيو ته سردارجي ڪيترو
پوڙهو آهي. مون کي خبر ناهي ته منهنجي من ۾ ڇا
آيو، جو مون ڳالهه ٺاهڻ لاءِ چئي ڇڏيو ته منهنجي
شادي ڪنهن پوڙهي سان نه ٿي آهي. اوهان جو منشي
جوان هو. خوبصورت به هو. مون پنهنجي ساهيڙين کي
ٻڌايو ته هُو ئي منهنجو مڙس هو. سڀئي منهنجي قسمت
تي حيران ٿي ويون. منشيءَ کي به اها ڳالهه ٻڌائي
ڇڏيم. هو به چپ رهيو. جڏهن منهنجي ساهيڙين کانئس
ڇَلا گهُريا ته هن سوناري کان چانديءَ جا ڇلا خريد
ڪري کين ڏنا، مان هتي پنج ڇهه ڏينهن ٽڪيس. هر روز
کل مسخري ڪندي مون کي به ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته
منهنجي شادي هن سان ئي ٿي هئي، ڪنهن ٻئي سان نه.“
”اسان جو منشي مدن سنگهه؟“
”هاڻي مان سردارجيءَ جي گهر واپس نه وينديس، ۽ نه
هن ڇوڪري کي وٺي وڃڻو اٿم، مان انهيءَ ڪري ضد ڪري
آئي هيس. منهنجو ڪيتو منهنجي آڏو آيو. سردارڻ مان
تو کان ٻيو ڪجهه نٿي گهران، رڳو هڪ شيءِ گهران ٿي
ته سردارجيءَ کي انهيءَ منشيءَ جو نالو نه ٻڌائج،
نه ته هو کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيندو.“
”پر مدن سنگهه جي ته شادي ٿيل آهي، ويروُ، کيس ته
ٻه ٻار به آهن.“
”انهيءَ ڪري ته هو ڊڄي ٿو ته جيڪڏهن سردارجيءَ کي
خبر پئجي ويئي ته هو کيس نوڪريءَ کان جواب ڏيئي
ڇڏيندو. هو مون کي پنهنجي گهر ڪٿي رهائي سگهندو؟
مان کيس نوڪريءَ کان جواب ڇو ڏياريان؟ هو جتي به
هجي، خوش هجي.... ڇا ٿيو ... مون هڪ ڀيرو اهو ته
ڏسي ورتو ته جوان ماڻهو ڪهڙو ٿيندو آهي ...“
نهال ڪؤر گهٻرائجي اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ جڏهن
اکيون کوليون ته ويروُ جي هنج ۾ پيل سندس پٽ سندس
ڇاتيءَ جو کير ڌائڻ لاءِ منهن هڻي رهيو هو.
... ۽ نهال ڪؤر کي ائين محسوس ٿيو ته سردارجيءَ جي
جيڪا آهه هن پنهنجي ذمي کنئي هئي، ويروُ اُها آهه
کانئس وٺي پنهنجي من ۾ رکي هئي ۽ اهو ڇوڪرو ان وقت
اها ئي آهه ويروُ جي ڇاتيءَ مان پيئڻ جي ڪوشش ڪري
رهيو هو.
”ظِلِ
هُما“ سان ڳالهه ٻولهه
س:
توهان جو نالو؟
ج: منهنجو نالو ظِلِ هُما آهي.
س:
شوبز ۾ ڪيئن اچڻ ٿيو؟
ج: شوق هو ڳائڻ جو.
س:
ٽي وي ماحول ڪئين ٿو لڳي؟
ج: سنڀالي قدم کڻڻو پوندو.
س:
پنهنجي ڪم مان ڪيترو مطمئن آهيو؟
ج: ڪو به انسان پنهنجي ڪم مان مطمئن نه هوندو
آهي.
س:
ڪو اهڙو ڪردار جيڪو اوهين ڪرڻ
چاهينديون هجو؟
ج: شوبز ڇڏي چڪي آهيان.
س:
شهرت ڪيئن ٿي لڳي؟
ج: ڪنهن کي نه وڻندي آ؟ پر عزت واري هجي!
س:
عزت، شهرت ۽ دولت مان ڪهڙي
شيءِ جي چونڊ ڪنديون؟
ج: هڪ ئي دعا آهي ته هر شيءِ عزت سان ڏئي.
س:
هونئن ته هيءَ دنيا هڪ رنگ منچ آهي، جنهن ۾ اسين
سڀ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري پڙدي جي پٺيان
هليا ٿا وڃون، پر توهان ڪڏهن اسٽيج تي ڪم ڪيو آهي؟
ج: ڪڏهن نه ڪيو آهي، نه ئي خواهش آهي.
س:
توهين اداڪار نه هجو ها ته ڇا
هجو ها.
ج:
Banker،
منهنجو بابا هڪ
Banker
هو.
س:
گرم مزاج جون آهيو يا ٿڌي مزاج
جون؟
ج: ٻئي.
س:
کاڌي ۾ ڇا وڻندو آهي؟
ج: هوا!
س:
ڊريس ڪهڙي قسم جي پسند ڪنديون
آهيو.
ج: جيڪا ملي وڃي، پر ساڙهي ڏاڍي وڻندي آهي.
س:
رنگ ڪهڙو وڻندو اٿوَ؟
ج: دنيا.
س:
ڇا سٺو رڌي سگهنديون آهيو؟
ج: بيضو.
س:
خوشبو پسند جي؟
ج: سڀئي.
س:
24 ڪلاڪن ۾ ڪهڙو پهر وڻي ٿو؟ ۽ ڇو؟
ج: فجر جو، ڇو جو تنهن وقت هر شيطان ستو پيو هوندو
آهي.
س:
ڪهڙن فنڪارن کان متاثر آهيو؟
ج: عظميٰ گيلاني، شفيع محمد شاهه.
س:
جيڪڏهن فلم لاءِ آفر ٿئي ته؟
ج: ڪڏهن نه ڪنديس، ڪنهن وقت ۾ ٿي به هئي.
س:
ڇا اداڪاريءَ جي فن لاءِ ڪو
ادارو هئڻ گهرجي؟
ج: بلڪل.
س:
جيڪي ڇوڪريون/عورتون شوبز ۾
اچڻ چاهين ٿيون، انهن کي توهين ڪهڙي صلاح ڏينديون؟
ج: پهرين تعليم مڪمل ڪريو ۽ پوءِ ان فيلڊ ۾ اچو ۽
ڪو به اهڙو ڪم يا ڪردار نه ڪيو، جنهن سان توهان جي
مائٽن جو ڪنڌ جهُڪي وڃي. اگر شهرت به ملي ته ماڻهو
فخر سان پنهنجي ڌيءُ يا ڀيڻ جو نالو کڻن ته ”هيءَ
آهي منهنجي ڀيڻ يا هيءَ آهي منهنجي ڌيءُ!“
(پارس لطيف)
منظور جوکيو
* بئڪ مِرر ۾ هن ڏٺو شيدو، پنهنجي هڪ ٽنگ وڃايو،
گهوڙين جي مدد سان رستي
تي بيٺل گاڏين جي وچ تان وڃي رهيو هو، هو انسان جو
آئيندو هو، پر هن کي پنهنجي
آئيندي جي خبر نه هئي.
.................
* جيڪڏهن سڀ سَرنديءَ وارا هڪ هڪ
لاوارث ٻار ايڊاپٽ
ڪن ته شايد دنيا
مان غربت جو خاتمو اچي وڃي.
نرگس هن ڇوڪر کان ته توهان ڪنهن
Pet
کي پاليو ها،
I mean
ڪو،
Hush Puppy يا وري ڪا
Afghani cat
وغيره، گهٽ ۾ گهٽ توهان جي
Asthetic
Sense جي ته خبر پوي ها.
...............
منظور جوکيو
آئيندو
هو پيشي جي لحاظ کان هڪ بئريسٽر هو. لنڊن جي
لنڪولمنس اِن مان بار ايٽ لا ڪري هن ٻن ٽن سالن
کان ڪراچيءَ ۾ پريڪٽس ڪري پنهنجو اهڙو ته ڌاڪو
ڄمايو هو، جو سينئر وڪيل به کانئس سڙندا هئا.
وڪالت ڪرڻ کيس ورثي ۾ ملي هئي، ڇو ته سندس پيءُ
ڪراچيءَ جو هڪ مشهور وڪيل هو، جنهن پنهنجي پٽ کي
به ساڳئي پروفيشن ۾ آڻڻ لاءِ لنڊن مان تعليم ڏياري
هئي. هو ڳالهائڻ جو وڏو ماهر ۽ دليلن ڏيڻ جو قابل
هو. ڊگهي قد، ڳوري رنگت، سڌي بيهڪ ۽ خوش لباسيءَ
سندس شخصيت کي سنواري بيهاريو هو. سندس زال
انتهائي خوبصورت، پڙهيل ڳڙهيل ۽ سوشل هئي. سندس پٽ
۽ ڌيءَ به دنيا جي خوبصورت ٻارن ۾ شمار ٿي پئي
سگهيا. جيڪو به، سندن خوبصورت فئملي ۽ ڪامياب
زندگيءَ کي ڏسندو هو، هنن جي ساراهه ڪندي نه
ڍاپندو هو. هر ڪنهن جي وات تي بس مسٽر جاويد ۽ مسز
جاويد هوندو هو.
مسٽر جاويد جڏهن صبح جو تيار ٿي سوير ڪار ۾ ويهي
ڊفينس کان هاءِ ڪورٽ لاءِ نڪرندو هو ته سندس گاڏي
ڪجهه لمحن لاءِ ئي سهي، پر ڪلفٽن جي مشهور شون
چورنگيءَ تي ضرور بيهندي هئي..... ڳاڙهي بتيءَ جي
ڪري سيڪنڊن ۾ رستي تي چمڪندڙ گاڏين جي قطار لڳي
ويندي هئي. وري جڏهن سائي بتي ٻرندي هئي ته اهي
گاڏيون آهستي آهستي سرندي، رفتار پڪڙيندي، وري تيز
رفتاريءَ سان ڊڪڻ لڳنديون هيون. شون چورنگيءَ تي
صبح جو اڪثر سگنل تي بيهڻ دوران جاويد هيڏانهن
دنيا جي رونق ۽ وٺ پڪڙ کي به ڏسي وٺندو هو. انهيءَ
سِگنل تي اڪثر کيس هڪ نون ڏهن سالن جو ٻار، صبح
جون اخبارون کپائيندي نظر ايندو هو. ظاهر ۾ ته اهو
ٻار، ٻين اخبار کپائيندڙ ٻارن وانگر ئي هو، پر
الائي ڇو جاويد کي انهيءَ ٻار ۾ هڪ انفراديت نظر
ايندي هئي..... اهو ٻار هڪ ڪوجهي صورت وارو هو،
رنگ ڪراچيءَ جي اُس ۽ گهميل آبهوا ۾ ڪارو ٿي وڃڻ
سان چمڪڻو به ٿي ويو هوس. وار اڪثر ڪري ننڍڙا پر
ڦڻي نه ڏيڻ سبب بنان ڪنهن ترتيب جي. ميرا ڦاٽل
ڪپڙا، ڪڏهن پيرن ۾ چمپل ته ڪڏهن پيرين اگهاڙو. ٻار
جي چهري تي وڏي عمر وارا گهنج ته ڪونه هئا، پر هن
جي چهري تي زماني جي سختين ۽ ڏکيائين جي جهلڪ ضرور
موجود هئي.... هن پنهنجي عمر کان وڌيڪ پورهيو ڪيو
هو، جنهن سبب هن جي اکين ۾ هڪ ٿڪ هو، اهو ننڍڙو
معصوم هاڪر ڏاڍو ڦڙت هو. پنهنجي ننڍڙن هٿن ۾ وڏيون
وڏيون اخبارون کڻي بيٺل گاڏين مان هڪ گاڏيءَ کان
ٻيءَ گاڏيءَ تائين اخبار جي گراهڪن جي ڳولها لاءِ
اصل واچوڙي جيان پيو ڦرندو هو. بس ڪنهن اخبار ورتي
ناهي هن تيزيءَ سان پئسا وٺي اُن کي بقايا رقم
واپس ڪري وري ٻي گاڏيءَ تي لامارو ڏنو ناهي. هن جي
انهيءَ مصروفيت، ڦڙتيءَ ۽ تيزيءَ جي ڪري ئي جاويد
انهيءَ ٻار ۾ هڪ انفراديت ڏٺي هئي، جنهن کان متاثر
ٿيڻ جي ڪري، هو روز صبح جو انهيءَ مصروف سگنل تي
بيهڻ دوران هن کي ڏسي، هن جي محنت جو قدر ڪندي دل
ئي دل ۾ هن کي داد ڏيندو هو ۽ وري لنڊن جي ٻارن ۽
ڊفينس ۾ رهندڙ ٻارن جي زندگيءَ جي آسائشن سان
انهيءَ اخباري هاڪر ٻار جي ڏکيائين، پريشانين ۽
محنتن جي ڀيٽ ڪندو هو ته ڪجهه لمحن لاءِ ڏکارو
بڻجي ويندو هو..... پر انهيءَ کي قدرت جو سسٽم سڏي
انهيءَ ٻار جي سوچ کي دل مان ڪڍي ڇڏيندو هو. ڪڏهن
ڪڏهن اهو اخباري هاڪر ٻار صبح جو وهنجي سهنجي ڌوتل
ڪپڙا پائي صاف سٿرو ٿي اخبارون کپائيندي نظر ايندو
هوس ته هو دل ئي دل ۾ مرڪي پوندو هو. انهيءَ ٻار
کي خوش ۽ صاف سٿرو ڏسي جاويد کي هڪ اڻڄاتل خوشي
محسوس ٿيندي هئي....
شام جو به جاويدکي اهو ٻار اڪثر ساڳئي سگنل تي نظر
ايندو هو. هو جڏهن شام جو يا رات جو پنهنجي
فئمليءَ سان آئوٽنگ لاءِ يا وري ڊنر ڪرڻ لاءِ ۽
انهيءَ چورنگيءَ تي اچي سگنل بند هجڻ ڪري بيهندو
هو ته اهو ٻار کيس وري نظر ايندو هو. شام جو هن جي
هٿن ۾ اخبارن بدران گل ۽ گجرا هوندا هئا، جيڪي هو
ڦڙتيءَ سان هڪ ڪار کان ٻي ڪار ۾ کپائيندو رهندو
هو. صبح جي مقابلي ۾ شام جو هو ڪجهه ٿڪل مزدور نظر
ايندو هو، پر هن جي ڦڙتيءَ ۾ گهٽتائي نه هوندي
هئي......
هڪ ڏينهن جڏهن جاويد صبح جو گهران ڪورٽ لاءِ معمول
موجب اخبار پڙهي نڪتو ۽ سگنل بند هجڻ سبب شون
چورنگيءَ تي اچي بيٺو ته اخباري هاڪر ٻار جي ڀرسان
اچڻ تي هن ڪار جو شيشو لاهي هن کان اخبار وٺڻ لاءِ
اشارو ڪيو ته ٻار اخبارن سميت اچي هن جي کليل
دريءَ وٽ پهتو ۽ پڇا ڪئي......
”صاحب ڪهڙي اخبار کپي؟“
”بس يار جيڪا توکي سٺي لڳي...“ هن مُرڪندي کيس
چيو.
”صاحب مون کي ڪهڙي خبر ته سٺي اخبار ڪهڙي آهي....“
”بس مڙيئي هڪڙي ڏي....“ جاويد کيس جواب ڏنو، ڇو ته
هو پنهنجي پسند جي اخبار ته گهر پڙهي آيو هو، پر
هن ٻار کان مڙيئي ڪا اخبار خريد ڪرڻ جي بهاني سان
ڳالهائڻ پئي چاهيو....
”جلدي ٻڌايو صاحب..... ڌنڌي جو ٽائيم آهي...“ ٻار
وري جاويد کان پڇيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي پڪ ڪرڻ
لڳو ته سگنل ڪٿي کلي ته نه ويو آهي....
”بس اها جيڪا مٿان پئي آهي اهائي ڏئي ڇڏ.....“
جاويد هڪ اخبار ڏانهن اشارو ڪندي چيو.... ٻار جهٽ
۾ اها اخبار جاويد کي ڏني، جنهن پنهنجو ويليٽ کولي
سوَ جو نوٽ هن کي ڏنو ته ٻار پنهنجي مَر لڳل کيسي
۾ پنهنجو ڪارو هٿ وجهي جهٽ کن ۾ کليا پئسا ڳڻي
جاويد کي ڏيڻ لڳو ته هن کانئس، پڇيو....
”تنهنجو نالو ڇا آهي....“
”شاهد، پر سڀ مون کي شيدو چوندا آهن....“ ٻار تڪڙ
۾ جواب ڏنو ڇو ته سگنل کلي ويو هو ۽ گاڏين آهستي
آهستي سرڻ شروع ڪيو هو...... کليا پئسا وٺي جاويد
گاڏيءَ کي اڳتي وڌايو ۽ شاهد عرف شيدو به مهارت
سان گاڏين مان رستو ٺاهيندي روڊ جي ڀرسان ٺهيل فٽ
پاٿ تي چڙهي ويو......
وري ٻئي ڏينهن به ساڳي طريقي سان جاويد هن کان
اخبار ورتي، هن کي پئسا ڏنا، کليل پئسا واپس ورتا
۽ وري ڪجهه سوال ڪري ورتا.
”توکي شيدو ڇو چوندا آهن.... تنهنجو نالو ته ڏاڍو
سٺو آهي....؟“
”صاحب ڪارو آهيان نه شايد انهيءَ ڪري....“ شيدي
تڪڙ ۾ جواب ڏنو هو. ڇو ته هن کي انهن سوالن جوابن
۾ ڪابه دلچسپي نه هئي..... بس سندس نظر سِگنل ۾
هوندي هئي ته ڪڏهن ٿو اهو کلي يا بند ٿئي، جيئن هو
پنهنجو ڪاروبار ڪندو رهي.
هڪ ڏينهن اخبار وٺندي جاويد شيدي کان پڇيو......
”تنهنجي پيءُ جو نالو ڇا آهي.... هو ڇا ڪندو
آهي.....؟“
”خبر ناهي صاحب.“ شِيدو ڏکويل ٿي ويو.
”ڇو....؟؟“
”مون کي ڪوبه پيءُ ناهي......“
”ڀلا ماءُ.....“
”نه ماءُ به ڪانهي....... هنن اخبارن جي ٺيڪيدار
کي مان صبح جو ڪٿان لڌو هوس.... انهيءَ نپائي وڏو
ڪيو آهي.....“
وري سگنل کليو هو ۽ شيدو گاڏين جي وچ مان رستو
ٺاهيندو گم ٿي ويو هو.... جاويد هن جي پيءُ ماءُ
نه هجڻ جو ٻڌي پريشان ٿي ويو هو ۽ هن جي شيدي ۾
دلچسپي تهائين وڌي وئي هئي.....
هاڻي شيدو به هن کي سڃاڻي ويو هو..... هن جي گاڏي
سگنل تي بيٺل ڏسي هڪ دم هن وٽ اچي ويندو هو. هن کي
اخبار ڏيندو هو ۽ پئسا وٺندو هو.... هڪ ڏينهن سگنل
کلي ويو ته کليل پئسا شيدي وٽ رهجي ويا، جيڪي هن
ٻئي ڏينهن جاويد کي ڏنا ته هن کيس چيو.
”اهي پيسا تون رک....“
”نه صاحب! منهنجي استاد جو چوڻ آهي ته محنت مزوري
ڪري کائبو، پر پنڻو نه آهي....“
”هي خيرات ڪو ٿوروئي آهي..... تنهنجي خرچي
آهي....“
”نه مون کي خرچي به نه کپي.....“ هن رکو جواب ڏنو
هو.
جاويد کي حيرت ٿي هئي. هن شيدي کان پڇيو هو....
”اهو تنهنجو استاد ڪير آهي....؟؟“
”منهنجي اخبارن جو ٺيڪيدار.... استاد رجب علي....“
”ٺيڪ آهي تنهنجي مرضي.....!“ جاويد کليا پئسا شيدي
کان واپس ورتا ۽ دل ۾ هن کي شيدي تي پيار به اچي
ويو ته هن لاءِ احترام به پيدا ٿي ويو..... |