سرتيون
شاهه لطيف چئي:
سَمَرُ جنين نه ساڻُ، هوتُ حِماتي تن جو،
ڪري ڇيڄَ ڇَپَر ۾، پُنهون اِيندو پاڻَ،
ٿِيندي ريِجههَ رِهاڻِ، لَحظي مَنجههِ لَطِيفُ
چئي.
سر ديسي
سوچ ويچار
زرينه، اَمرتا ۽ پوپٽي
زرينه بلوچ، اَمرتا پريتم کان پوءِ، پوپٽي
هيراننداڻي به اسان کان وڇڙي وئي آهي. انهن ٽنهي
هستين ادب ۽ آرٽ کي ڄڻ پنهنجي زندگي اَرپي ڇڏي
هئي. زرينه بلوچ سنڌي سنگيت کي وڏي اوڄ ڏني، خاص
طور تي لوڪ گيتن کي ته هُن جهڙوڪر نئين سر
جيئاريو. ان سان گڏوگڏ هن نئين شاعريءَ ۽ خاص طور
تي قومي شاعريءَ کي ڳائي، ماڻهن تائين پهچائڻ ۾
انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو. ساڳئي وقت زرينه بلوچ
ڪهاڻيون به لکيون ته ريڊيو ۽ ٽي وي ناٽڪن ۾ ڪم به
ڪيو ۽ اتي به پنهنجو پاڻ مڃايائين.
امرتا پريتم پنجاپيءَ جي هڪ وڏي ليکڪا هئي. هُن به
ورهاڱي جو گهاءُ سَٺو ۽ پنهنجي اصل شهر کي، جتي
هوءَ ڄائي نپني، وطن ڏسڻ جي اکين ۾ آس کڻي جيئندي
رهي، پر جڏهن ٻنهي ديسن، پاڪ، هند - جي حالتن ۾
سُڌارو آيو، ته هوءَ به ان ديس ڏانهن سِڌاري، جتان
ڪو به نه موٽيو آهي! ”اَج اَکان وارث شاهه نون“
جهڙي عظيم نظم جي خالق امرتا پرتيم سنڌي پڙهندڙن
لاءِ نئين يا اوپري به ناهي. ڇاڪاڻ ته سندس
ڪيترائي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪا آهن.
پوپٽي هيراننداڻي، حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائي نپني، ۽
هوءَ به ورهاڱي جو گهاءُ سيني تي کڻي ۽ اکين ۾
حيدرآباد ڏسڻ جي آس کڻي جيئندي رهي ۽ هن وطن کان
جدا ٿيڻ جي گهاءَ کي، پنهنجي لکڻين سان ڀرڻ جي
ڪوشش ڪئي، هن سڄي ڄمار شادي نه ڪئي ۽ پاڻ کي سنڌي
ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين.
اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ فنڪار پنهنجي ٻوليءَ ۾
لکندا، ڳائيندا ۽ ڪم ڪندا آهن، پر اُهي سموري
انسانذات لاءِ، پوري عالم لاءِ سک ۽ سڪار، امن ۽
آشتيءَ لاءِ تخليق ڪندا آهن. زرينه بلوچ، امرتا
پريتم ۽ پوپٽي هيراننداڻيءَ به ساري سڀ ڄمار هن
سموري ڪائنات جي لاءِ لفظ لکيا ۽ سُر پکيڙيا ۽ حسن
تخليق ڪيو. اسين سندن يادگار خدمتن عيوض کين خراج
تحسين پيش ٿا ڪريون. _____________ادارو
ڊاڪٽر سحر امداد حسيني
ههڙا هاڃا
ٿين......!
هڪ نينگريءَ، هڪ عمارت جي مٿين ماڙ تان ٽپو ڏئي
پنهنجو انت آڻي ڇڏيو. اُن نينگريءَ جو نالو دلجيت
ڪور هو--- ۽ اها خبر ڀارت جي هڪ اخبار (21 نومبر)
۾ ڇپي. دلجيت ڪور مٿين ماڙ تان ٽپو ڏئي پنهنجو انت
آندو يا کيس اڇلايو ويو؟ ٻنهي صورتن ۾ اهو خون
آهي، جيڪو دلجيت ڪور جي ساهُرن جي ڳچيءَ ۾ آهي.
ڇاڪاڻ ته اهي دلجيت ڪور کي، گهٽ ڏاج آڻڻ تي، طعنن
سان تنبيندا رهندا هئا، ميهڻن سان ماريندا رهندا
هئا ۽ دلجيت ڪور جيڪا سندن پُٽ سان پرڻجي، ڪنوار
ٿي، گهر ۾ آئي هئي، تنهن سان اهو سانحو پيش آيو.
ڏکڻ ايشيا ۾ اها ڪا نئين ڳالهه به ڪانهي. دلجيت
ڪور به انهن هزارن نوجوان ڇوڪرين مان هڪ هئي، جن
جو اهوئي حشر ڪيو ويو--- يا ته اُهي ماريون ويون ،
يا وري آپگهات ڪيائون. ڪارڻ؟ اُهوئي-- ساڳيو بي
رحم، ظالم، اکين پور، ڪنن کان ٻوڙو سسٽم! ڇوڪريءَ
مٿان گاسليٽ هاري، تيلي ڏيکاري، ڏاج نه آڻڻ تي، يا
ٻين حيلن بهانن سان، ساڙي ٻاري رک ڪري، اهو هُلائڻ
ته اهو هڪ حادثو هو--- ۽ اها هتي هاڻي هڪ عام
ڳالهه آهي.
چرن پريت ڪور دهليءَ جي هڪ وچولي طبقي ۾ ڄائي،
نپني ۽ وڏي ٿي. هن جو پيءُ هڪ پرائمري اسڪول ۾
ٻارن کي پڙهائيندو هو ۽ هن جي ماءُ هڪ سرڪاري
اسڪول ۾ پڙهائيندي هئي. چرن پريت جڏهن 19 سالن جي
ٿي ۽ هاءِ اسڪول ۾ تعليم پوري ڪيائين ته ڄاڻ سڃاڻ
وارن هن جي گهوٽ طور ستونت سنگهه جو نالو پيش ڪيو،
جيڪو سافٽ ويئر انجنيئر هو ۽ ماهوار ڏهه هزار
پگهار هوس، هڪ مڪاني گردواري ۾ ٻيئي ڪٽنب مليا ۽
پاڻ ۾ سڱابندي ڪيائون. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ چرن
پريت ۽ ستونت سنگهه جي شادي ٿي وئي، ڏاج ۽ 250
ڄاڃين جي مانيءَ تي 413000 خرچ آيو، جيڪو ڪنواريتن
ڪيو، اسڪولي ماسترن لاءِ اهو هڪ ڳاٽي ٽوڙ خرچ آهي!
اڃا مهينو ئي مس گذريو ته ستونت سنگهه چرن پريت کي
چيو ته هوءَ پنهنجن مائٽن کان لک رپيا وٺي اچي ته
جيئن هو پنهنجو الڳ سان ڌنڌو ڪري سگهي. چرن پريت
جي مائٽن ٻين مِٽن مائٽن کان اوڌر سوڌر تي ڏوڪڙ
وٺي پنهنجي ناٺيءَ کي آڻي ڏنا. ڪجهه هفتن کان پوءِ
ناٺيءَ ۽ ان جي مائٽن جون گهُرجون ويون وڌنديون،
جيڪي چرن پريت جا مائٽ پوريون نه ڪري سگهيا. ان
کان پوءِ مهينن تائين هو چرن پريت تي جسماني توڙي
ذهني تشدد ڪندا رهيا.
19 آگسٽ 2005ع تي ستونت سنگهه، اُن جو پيءُ ۽ ماءُ
۽ ڀيڻ چرن پريت کي کنڀي وهنجڻ جاءِ ۾ کڻي ويا،
ستونت سنگهه چرن پريت جي وات تي هٿ رکي هن جون
رڙيون ۽ ليلڙاٽيون بند ڪيون، پڻس گاسليٽ چرن پريت
تي هاريو ۽ تيلي ڏئي اُن کي سڙڻ لاءِ ڇڏي ڏنو، جهٽ
کن ۾ ئي باهه سندس پوري جسم کي وڪوڙي وئي. هوءَ
ڄڀيون ڄڀيون ڄيرا ڇيرا، وٺي هيٺئين ماڙ ڏانهن ڀڳي،
ڪِري ۽ بيهوش ٿي وئي. هن جي مڙس ۽ سهري کي پڪ هئي
ته هوءَ ائين سڪرات ۾ ئي هوندي ۽ سولائيءَ سان جهٽ
مري ويندي. پر هوءَ مرڻ کان اڳي هوش ۾ اچي وئي ۽
پوليس ۽ مئجسٽريٽ آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايائين،
جن کي اسپتال انتظاميا گهرائي ورتو هو.
هاڻي ڪجهه خبرون نِشا شرما بابت جيڪا دهليءَ ۾
ڪمپيوٽر سائنس جي شاگردياڻي هئي. هن جي شادي 11
مئي 2003ع تي هڪ اسڪولي ماستر سان ٿي. هن جي مائٽن
اڳواٽ طيءِ ٿيل ڏاج ڏنو، جنهن ۾ زيور، ڪپڙا،
فرنيچر، هڪ ٽيليويزن سيٽ، هڪ ريفريجريٽر ۽ موٽر
سائيڪل (اهو به ياد رهي ته ڀارت ۾ ڏاج ڏيڻ - وٺڻ
غير قانوني آهي!). اڃا شاديءَ جي رسمن ۾ ڪجهه پل
ئي هئا ته گهوٽ 12 لک واڌو گهريا شادي ڪرڻ لاءِ
نِشا جو اهو ٻڌو ته هن مرڳو شادي ڪرڻ کان ئي انڪار
ڪري ڇڏيو. هن پوليس گهرائي ۽ گهوٽ کي گرفتار ڪرائي
ڇڏيو. هن جي همٿ ۽ حوصلي کي سڄي ديس ۾ ساراهيو ويو
۽ هوءَ هڪ ئي رات ۾ هڪ مشهور شخصيت بڻجي وئي.
(ڊيلي ”ڊان“ جي ٿورن سان.)
سوز هالائي
اُترڙو ٿو
لڳي......!
(جيجي زرينه جون ڪجهه يادگيريون)
اڄ وري سنگيت کان هڪ سدا بهار سُر وڇڙي ويو آهي،
ساز سڏڪي پيا آهن،
لوڪ گيت نوحا اوساري ٿڪجي پيا آهن،
سهرا ۽ ڳيچ ماتم ڪري رهيا آهن
ڪافيون ڪيڏارو بڻجي پيون آهن،
۽ ...... هجر جا گهوڙي سوار جيجي زرينه کي الائي
ته ڪيڏانهن وٺيو پيا وڃن،
اف خدايا!......
سنڌي لوڪ گيتن جي مهاراڻيءَ پنهنجي ايام ڪاريءَ جا
پويان ڏينهن لياقت نئشنل اسپتال ۾ گذاريا هئا.
سڀني پئي چيو ته ”سڄڻ سفر سنڀرڻ وارا آهن“ اجهوڪي
اجهو! لا تعداد هٿ دعائن ۾ مصروف ۽ ڪيترائي قلمڪار
الوداعي نوحن لکڻ جا منتظر هئا. پر هو وڃڻا ها سو
نيٺ ويا، ڪنهن جهل پل ساڻ نه جهلڻا هئا ۽ کين نصير
مرزا جا شاندار ۽ شاهڪار ڪلمات به ترسائي نه
سگهيا. ڀلا وڃڻ وارن کي به ڪوئي روڪي سگهيو آهي؟!!
جيجي زرينه پنهنجي جيون جا پويان پساهه آڪسيجن تي
کڻي رهي هئي، ملڪ الموت سندس گهڙيون، پل ۽ لمحا
ڳڻي، آڪسيجن جي نليءَ نڪرڻ جي انتظار ۾ هو ته ڪاتب
تقدير وري سندس ساروڻين کي سميٽڻ ۾ مصروف ٿي ويو
هو. اها آڪٽوبر 2005ع جي 25 تاريخ ۽ رات ويل هئي،
جو درياءَ جي دُنگي جو ”پتڻ“ پورو ٿيو، اونهي ۾
اوهري وڃڻ جو سفر شروع ٿي چڪو هو ۽ وڻجارن وڃڻ جون
وايون ڪيون هيون. اوچتو ئي اوچتو رڻ گجيو راڙو ٿيو
هو ۽ شاهه لطيف جو بيت هوائن ۾ گونجڻ لڳو:
جتي جيتريون، لکيون لوح قلم ۾،
تتي تيتريون، گهڙيون گهارڻ آئيون.
...... ۽ پس منظر ۾ ڄڻ جيجيءَ جو گيت پئي هليو،
الوداع او الوداع او الوداع.
هي جهان مانجهندي جو ماڳ آهي، هتي جو به آيو آهي،
تنهن کي ”اڳي يا پوءِ لالڻ لوءِ“ ضرور وڃڻو آهي،
سو جيجي به جيون جوڳ ڏيئي ماڳ موٽي ويئي، پنهنجي
پويان انيڪ يادون ڇڏي.
پياري نصير مرزا سان گڏجي جيجيءَ جي تڏي تي ويس ته
ايئن لڳو ڄڻ ماڻهن جو سمونڊ اٿلي، سوڳوار سٿ ۾
شامل ٿي ويو آهي. ڀانت ڀانت جا ماڻهو جن ۾
سياستدان، شاعر، اديب، فنڪار، صحافي، ميڊيا وارا،
الائي ته ڪٿان ڪٿان ڪهي جيجيءَ کي خراج پيش ڪرڻ
آيا هئا ۽ اهو سندس وڏي مانَ ۽ منصب جو ثبوت هو.
جيجيءَ جي پٿر تي سوڳوار ساٿين ۾ ويهي، آس پاس جو
جائزو وٺندي، سندس ساروڻين کي اجهو هيئن ياد ڪيو
هوم.
ماضيءَ جا ورق ورائيندي ياد آيو ته 1962ع ۾ هڪ
جواڻ جماڻ فنڪاره ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي
موسيقي جي مقابلي ۾ حصو وٺڻ آئي هئي ۽ شاهه لطيف
جي ڪافي ”ڇوٿيون ڏيو مون کي متيون متيون“ ڳائي
ٽيون نمبر انعام حاصل ڪري، ريڊيو جي ريگيولر
فنڪارن جي صف ۾ شامل ٿي وئي هئي. اها غير معروف
فنڪاره زرينه بلوچ هئي، جيڪا بعد ۾ جيجي زرينه
بڻجي وئي. زرينه کي راڳ سان دلي لڳاءُ هو، هن ان
لاءِ سخت محنت ڪئي، استاد جمن کان سُرُ لڳائڻ سکي
ته وڏا ڪشالا ڪري سنڌ جي ڳوٺن، واهڻن، وستين مان
لوڪ گيت تلاش ڪري، اڇا اجرا بنائي، طرزن ۽ لفظن ۾
سڌارو آڻي، وراڻيون وجهي نه رڳو ٻڌڻ سڻڻ جهڙو ڪيو
پر لوڪ گيتن جي مزاج، سادگي، شائستگي معنيٰ ۽
مفهوم کي سمجهي ڳايو ۽ خوب ڳايو، ته لوڪ گيت به
سندس سڃاڻپ بنجي ويا ۽ اهو به ثابت ٿي ويو ته لوڪ
گيتن جهڙي سادي سودي صنف کي بي تڪي شاعري، بي
معنيٰ لفظن ۽ بي ترتيب گائڪي جي رحم ڪرم تي ڇڏي نه
ٿو سگهجي.
جيجي زرينه جي ڳائڻ جهڙو ڳڻ اهو به آهي جو هن لوڪ
گيتن کي اهو لهجو ڏنو، جنهن علاقي جا اهي گيت هئا،
مثال طور: ”جبل مٿي جهڙ“ واري ڪوهستاني گيت کي
ڪوهستاني لهجو، لاڙ ۽ دريا پڇاڙ واري گيت ”اترڙو
ٿو لڳي“ کي لاڙ ۽ دريا پڇاڙ واري لاڙي مهاڻن وارو
لهجو ته نج سماٽڪن ڳيچن ۽ سهرن کي، وچولي سنڌ واري
ٻوليءَ جو لهجو عطا ڪيو، سو اهي هيرن موتين جهڙا
ڳيچ، لونگن ڦوٽن، پستن بادامن جهڙا سرها سهرا به
سنڌي ثقافت جي سونهن ۽ سينگار بنجي ويا. نه صرف
اهو پرسنڌ جي رنگ ۾ رتل قومي گيتن کي نعري بازيءَ
کان بچائي، صاف سٿرو ڪري عوام آڏو پيش ڪيائين ته
اصل واه واه ٿي ويئي. اچو ته ڪجهه اهڙن، هيرن
جواهرن جهڙن لوڪ گيتن جو لطف ماڻيون.
هٿين گل ميندي پيرن گل ميندي، لاڏل بوند وسئي شل
بوڇڻ تي، لوڏي لونگيءَ پاند، وني ايندو وٺڻ اڄ
ڍولڻو، ائي منهنجو ڇلڙو ڪري پيو کوهه ۾، مور ٿو
ٽلي، لونگ ڦوٽا ٿالهيءَ ۾. وغيره وغيره (اهي سهرا
۽ ڳيچ سنڌي ٻولي جا سدا بهار سُر آهن).
ياد آيو آهي ته 1964ع ڌاري زرينه بلوچ شاهه لطيف
جي اسٽيج تي وقت جي صدر محمد ايوب خان جي
موجودگيءَ ۾ شاهه عبدالطيف جي وائي ”لڳڙي آهي
لغار، لونء لونء ۾ لالڻ جي“ ڳائي ته حاضرين سان گڏ
صدر محمد ايوب به جهومي پيو هو، لطيف سائينءَ جي
ان وائيءَ ۾ الائي ته ڪهڙو اسرار هو جو سڀني ويٺلن
کي اهو يقين ٿي ويو ته سنڌ جي سنگيت ۾ هڪ رسيلي ۽
سريلي آواز جو اضافو ٿي رهيو آهي، ان لطيفي لات جو
سندس ڏات تي اهو اثر پيو جو هو سدائين لاءِ لطيفي
رنگ ۾ رنڱجي ريٽي ٿي وئي ۽ ان اسٽيج تان ئي سندس
سُر جو ستارو روشن ۽ نمايان ٿيو ۽ اتان ئي هي آواز
ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجڻ لڳو ۽ گونجندو ئي رهيو ۽
ميڊيا جي مختلف چئنلز کان اسٽيج، قومي ۽ عوامي
محفلن تائين، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کان سنڌياڻي
تحريڪ جي فورمن تائين، سندس موجودگيءَ ۽ پرفارمنس
کي بيحد ضروري سمجهيو ويو.
جيجي زرينه رڳو نوجوانن ۽ اسٽوڊنٽس جي پسنديده
گائڪا ڪانه هئي، رڳو لوڪ گيت ڪونه ڳايائين، پر
مرداني انگ ۾ ڏوهيڙن سان ڪافي ڪلام ڳائڻ واري لهجي
کي به برقرار رکيائين. نيم ڪلاسيڪل رنگ ۾ رتل غزل
گيت به ڳايائين، ته محمد جمن جي ڏوهيڙن ۾ پيچ پنهل
مون سان پائي ۽ جوڳي ڏاڍي ذات جهڙا عارفاڻا ڪلام
ڳائي اصل وڻ وڄائي ڇڏيائين.
جيجي زرينه پڙهيل ڳڙهيل ليکڪا ۽ ڊرامه آرٽسٽ پڻ
هئي، سندس لکيل شاهڪار ڪهاڻي ”جيجي“ اهڙي ته
اثرائتي انداز ۾ لکيائين جو پاڻ ئي جيجي بڻجي وئي
۽ کانئس سينئرس به کيس جيجي سڏڻ لڳا.
مهان ليکڪ علي بابا جي ڊرامه دنگي منجهه درياءَ،
جنهن بين الاقوامي ڊراما فيسٽيول ۾ انعام کٽيو هو،
اهو به صرف جيجيءَ جي ڪردار ۽ گيت ”اترڙو ٿو لڳي“
جي مرهون منت هو.
جيجيءَ لطيف سائين، سچل سرمست، قلندر لال شهباز
ايوارڊ حاصل ڪرڻ کان سواءِ صدارتي ايوارڊ تمغه حسن
ڪارڪردگي ۽ عوامي محبتن جا الائي ته ڪيترا ايوارڊ
حاصل ڪيا. اهڙي هڪڙي ايوارڊ جي ياد منهنجي ذهن ۾
به موجود آهي.
18 مئي 1998ع تي ريڊيو پاڪستان جي گولڊن جبلي جي
موقعي تي ريڊيو پاڪستان اسلام آباد (هيڊ ڪوارٽر)
طرفان ملڪ جي مشهور ۽ مکيه آوازن بابت هڪ يادگار
آڊيو البم ”خزينه“ جي عنوان سان جاري ڪيو ويو هو،
جنهن ۾ ريڊيو جي اوائلي دور کان گولڊن جبلي تائين
مشهور ۽ اهم آوازن کي رڪارڊ ڪيو ويو هو ۽ گولڊن
جبلي جي ڪل پاڪستان اردو مشاعري جي هر شاعر کي ٻين
تحفن سان گڏ ”خزينه“ جو تحفو به عطا ڪيو ويو هو.
(اهو ڪل پاڪستان اردو مشاعرو جيڪو الحمراءِ
آڊيٽوريم لاهور ۾ منعقد ٿيو هو ان ۾ مون کي به
شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو هو) ”خزينه“ جي آوازن کي
مشهور قارين، نعت خوانن، گائڪن گوين ۽ موسيقارن کي
عظيم سرمائي طور ريڪارڊ ڪيو ويو هو. خوشيءَ جي
ڳالهه اها آهي ته ان اهم البم ۾ جيجيءَ جو ڳايل
مشهور پر وساريل گيت ”مور مڇي ادا مون کي آڻي ڏي،
ڀائو مون کي آڻي ڏي، لاڙ واري مڇي“ به شامل آهي.
بهرحال! ريڊيو پاڪستان جو اهو گولڊن جبلي تحفو
جيجيءَ لاءِ ڪنهن به اعزاز کان گهٽ ناهي.
جيجيءَ جي ايام ڪاري مُني صديءَ تي مشتمل آهي.
جنهن مان اڌ صدي ته فن کي ارپي ڇڏيائين ۽ ايترو ته
مصروف رهي جو کيس مٿي کنهڻ جيتري به فرصت نه ملي ۽
جي ملي ته فقط هجر جي ويل ۽ هجرت جي وقت!!
اهي آڪٽوبر مهيني ۽ پن ڇڻ رُت جا پويان ڏينهن هئا،
اڃا اترڙا ڪونه لڳا هئا، سر لوهيڙا به ڪونه ڳڀيا
هئا ۽ نه وري ”ڪسر“ نسريا هئا، ته سڏ ٿيو سرڪار جو
”ماڙيون محل ڇڏي ويا، هُين نه ويل وڃڻ جي“.
جيجي زرينه هر زاويه ۽ هر نقطهء نظر کان ويهين
صديءَ جي اها مانَ مرتبي واري شخصيت هئي، جنهن
جيئري به محبتون ماڻيون ته لاڏاڻي تي به انيڪ
محبتون ۽ عقدتمنديون ماڻيون، سندس وڇوڙي سان جيڪو
خال پيدا ٿيو آهي اهو الائي ته پُر ٿيندو به يا
نه؟!!
جيجيءَ جو گيت اترڙو ٿو لڳي وري هوائن ۾ گونجيو
آهي، ڪافين، ڪلامن، گيتن، لوڪ گيتن جون صدائون
فضائن ۾ پکڙيون پيون آهن، سو آءٌ به پنهنجا ٻاڙا
ڪسارا ٻول انهن ٻولن ۾ شامل ڪري ٿو ڇڏيان:
اسين ماڻهو لاڙ جا
درياءَ جي پڇاڙ جا
اترڙو ٿو لڳي
واسرڙو ٿو لڳي
اترڙو ٿو لڳي.
.........
عبدالواحد سومرو
ريٽا شهاڻيءَ
جي جيون ڪٿا
هند ۽ سنڌ ۾ ڪافي لکندڙ آهن، جيڪي سنڌي ادب جي واڌ
ويجهه لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. ان جدوجهد ۾ ڪافي
نالا لکي وقت به وقت سنڌي ادب کي خوبصورت بنائڻ جي
لاءِ ڪوشان رهيا آهن. ڀل پوءِ هتي سنڌ ۾ يا هند ۾
جنس کان هٽي ڪجهه لکي رهيا آهن. انهن ۾ خاص ڪري
پوپٽي هيراننداڻي، جنهن به ڪافي لکيو آهي، ان بعد
وينا شرنگيءَ جي ڪتابن جو به چڱو تعداد اچي وڃي
ٿو.
ائين هي جيون جي باري ۾ حيدرآباد جي ڄائي پونا ۾
رهائش پذير ريٽاشهاڻي جي آتم ڪٿا تي مبني ڪتاب به
اچي وڃي ٿو.
تاج جويي چواڻي ”سنڌيءَ ۾ هن وقت تائين منهنجي
مطالعي موجب چاليهارو کن آتم ڪهاڻيون لکيون ويون
آهن، جن ۾ مرزا قليچ بيگ، سائين جي ايم سيد، ڊاڪٽر
عمر بن محمد دائود پوٽو، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي،
شيخ اياز، جمال ابڙي ۽ ٻين جون آتم ڪهاڻيون اچي
وڃن ٿيون. جيستائين عورت ليکڪائن جو تعلق آهي ته
منهنجي نظر مان هن وقت تائين صرف چئن سنڌي ليکڪائن
جون آتم ڪٿائون گذريون آهن.
حيرت جي ڳالهه آهي ته چار آتم ڪٿائون اهڙين عورتن
جون لکيل آهن، جن چئني جو جنم حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو
آهي:
شيخاڻي جي ڊائري (غلام فاطمه شيخ)
منهنجي جيون جا سونا روپا ورق (پوپٽي هيراننداڻي)
گهنڊ ڄاڻ وڳو ۽ ٻپهري جا ٻه پل (ريٽا شهاڻي)
ڳالهيون پيٽ ورن ۾ (ڊاڪٽر آپا شمس عباسي)
ريٽا شهاڻيءَ جو هي ڪتاب دراصل ٻن حصن ۾ ڇپيل آهي.
پهريون ڀاڱو گهنڊ ڄاڻ وڳو، 1993ع ۾ ڇپيو.
ٻيو ڀاڱو ”ٻپهري جا ٻه پل“ جي نالن سان هند ۾ ڇپجي
وڏي مقبوليت ماڻي چڪا آهن.
ريٽا شهاڻيءَ پنهنجي زندگيءَ جي ڪافي نازڪ ۽ نفيس
جذبن کان ويندي پنهنجي ذات جي باري ۾ لکيو آهي.
هن جو پهريون ڀاڱو ”گهنڊ ڄاڻ وڳو“ کي پريءَ جي
ڪردار سان شروع ڪيو اٿائين.
ٻئي ڀاڱي کي ”ٻپهريءَ جا ٻه پل“ کي خاني کولڻ سان
ڪا نه ڪا شيءِ ڪڍي پوءِ پنهنجي جيون جي ڪهاڻيءَ کي
اڳتي وڌائيندي هلي ٿي.
ريٽا هيئن بيان ڪري ٿي ته ”حيدرآباد جي هيرآباد کي
سنڌ جو هاليووڊ ڪري ليکيو ويندو هو. ڇوڪرين جي
فئشن جي شروعات اتان ئي ٿيندي هئي.“
”مان ته عمر ۾ ننڍي هئس، پر هر شام هيرآباد کان
تلڪ چاڙهيءَ تائين فئشني ڇوڪرين جون ٽوليون اتان
لنگهنديون هيون. ايتري به ڄاڻ اٿم ته ڪي ڪاليجي
ڇوڪرا انهن نينگرين جي ديدار خاطر ڪُنڊ پاسيرا ٿي
بيٺا هوندا هئا. هڪ ڇوڪرين جي ٽولي مون کي ياد
آهي، جيڪا هر شام ساڳي وقت گهر جي سامهون گذرندي
هئي. چئن مان هِڪ هِڪ جا وار الڳ الڳ اسٽائيل سان
ٺهيل هوندا هئا. هنن کي ڏسي منهنجي ڀيڻ پنهنجي
ساهيڙين سان گڏ چوڻ شروع ڪندي هئي.
ٻه چوٽا، ٻه چوٽيون، هڪ چوٽو، هڪ چوٽي.“
اسان وٽ شروع ۾ اسڪول کان استاد، شاگردن کي
موڪليندا هيا ته شاگرد نه آيو آهي ان کي گهران وٺي
اچوس، اهڙو منظر هتي ريٽا به پيش ڪيو آهي. ”مون کي
ياد آهي ته ڪيئن مون کي صبوح جو ٻن نوڪرن ٽنگاٽولي
ڪري رات جي ڪپڙن ۾ ئي اسڪول پهچايو هو. نور محمد
هاءِ اسڪول واري سموري گهٽي مون واڪا ڪري رُنو هو.
لتون بُجا هنيا هئا. ايتري قدر جو هڪ نوڪر جي قميص
به ڦاڙي وڌي هئم“.
ريٽا چواڻي ”مانٽيسوري جو هڪ سال (يا شايد ٻه) ۽
ٽي سنڌي درجا ٽيچرس ٽريننگ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهيم
جيڪو اسان جي گهر پُٺيان هوندو هو.
”ٽي درجا ٽريننگ اسڪول ۾ پورا ڪرڻ کان پوءِ جڏهن
مان انگريزي جي پهرئين درجي ۾ پگٽ گرلس اسڪول ۾
ويس ته اتي به هر سال اسٽيج تي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ
آئٽم پيش ڪندي هئس. ڊانس جا توڙي راڳ جا، پر سچ پچ
ته صحيح معنيٰ ۾ ڊانسر منهنجي ڀيڻ شيلا هوندي
هئي“.
”1947ع ۾ سنڌ ڇڏڻ جو وقت، منهنجي انگريزي چوٿين
درجي ۾ شروعات هئي، لکنؤ ۾ مون کي هڪ سال گهر ۾
ويهڻو پيو، پر هڪ هندي پنڊت گهر ۾ پاڙهڻ ايندو هو.
1947ع ۾ ڪرامت حسين مسلم گرلس ڪاليج ۾ سڌو اٺين
درجي ۾ داخلا ورتي هئي. حيدرآباد جي ستين انگريزي
درجي ۾ مئٽرڪ جو امتحان ته لکنؤ ۾ ڏهين درجي ۾
ٿيندو هو، اهڙي طرح منهنجو ڪو به سال ضايع ڪونه
ويو.“
ريٽا سنڌ ڇڏڻ جو مسئلو هيئن بيان ڪيو آهي: ”فيصلو
اهو بيٺو ته دادا کي لکنؤ روانو ڪري، امي ننڍن چئن
ٻارن (ڪملو، چئن مهينن جو، منجو، اڍائي سالن جي،
منو، ڇهن سالن جو ۽ مان تيرهن سالن جي) کي ساڻ ڪري
پاڻ به لکنؤ رواني ٿيندي. اهو 23 جولاءِ 1947ع جو
ڏينهن هو، جڏهن اسان حيدرآباد سنڌ کي هميشه هميشه
لاءِ الوداع ڪئي هئي. مون کي اهو ٿلهو ڪارو لوهه
جو ڪُلف چڱيءَ طرح ياد آهي، جيڪو ٻاهرين دروازي تي
مون پنهنجي هٿن سان لڳايو هو.
”گهٽ ۾ گهٽ اسان کي اها خبر ڪانه هئي ته اسين سدا
لاءِ پنهنجي وطن کان ڌار ٿي رهيا هئاسين. وري اسان
کي پنهنجو سامان سڙو ڏسڻ نصيب ڪونه ٿيندو. ڇاڪاڻ
ته ان تاريخ جي ٽن هفتن بعد، ديش جو ورهاڱو ٿيو.“
ريٽا شهاڻي پنهنجي جوانيءَ کي به ڏاڍي سهڻي نموني
چٽيو آهي! جنهن ۾ هن رک رکاءَ جو مظاهرو نه ڪيو
اٿس.
چوي ٿي، ”هُو ڊگهو، سنهو هو ۽ سانورو يعني هو
Tall،
Dark & Handsome رمليس
Rimless
عينڪ هوندي هيس.
”هو مون کي پريان پريان وڻڻ لڳو هو، هن کي پويان
ايندو ڏسي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳندي هئي.
اُها رڳو جذبات هئي ٻيو ڪجهه به نه.
”بمبئي مان موٽڻ کان پوءِ هڪ ٻئي پيار جو جنم ٿيڻ
لڳو. طارق جعفري بيگم جو پٽ ٺاهوڪو هو، سمارٽ،
ذهين ۽ غير واجبي هوشيار.“
ڪڏهن ڪڏهن منوءَ هٿان چٺي موڪليندو هو ۽ مون کان
ڪن راڳن جي شبدن (ٻولن) جي گهُر ڪندو هو.
”ڪڏهن مُٺ ڀيڙ ٿي پوندي هئي ته ٻئي شرم وچان پاڻي
پاڻي ٿي ويندا هئاسين. بس منهنجي ڪنواري پيار جون
حدون ايتريون ئي هيون.
”هڪ ڳالهه جي پڪ اٿم ته پيار کي دل ۾ سَرڻ (پناهه)
ڏيندي ڪڏهن به راجڪمار ۽ طارق سان شادي ڪرڻ جو
خيال منهنجي دل ۾ ڪونه گهڙيو هو.“
”فيبروري - مارچ 1948ع ۾ مون کي پهريون ڀيرو دم جو
دورو پيو. اها تڪليف سڄي عمر هلي.
1957ع ۾ منهنجي شادي ٿي.“
”1961ع ۾ مان پوني ۾ هئس ته اميءَ، دادا ۽ ٻارن
سان ڪلڪتي ۾ وڃي گهر ڪيو. ان وقت تائين اسان جو
پريوار 122 فيض آباد روڊ جي ان ئي اولهه واري حصي
۾ هو.
”ٻنهي ڀينرن جو قدبُت ساڳيو هوندو هو. ڪپڙن جي ماپ
به ساڳي هوندي هئي. لهاذا اسان جا ڪپڙا ڪامن هوندا
هئا. نوان وڳا گهڻو ڪري پهرين شيلا کي پائڻ لاءِ
ملندا هئا، جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي واد وواد ٿيندو
هو ته امي شيلا جو پاسو کڻندي هئي.
”هڪ سال (54، 1952ع) ڪرامت حسين گرلس اسڪول ۾
ماستري ڪيم ٽي سال (57 - 54) پوسٽ ماسٽر جنرل جي
آفيس ۾ ملازمت ڪئي. انگريزي ۾ خط و ڪتابت سکيم.
”سن 1957ع ۾ پوني مان مائٽي چڙهي آئي. گهر سٺو هو،
فئملي بئڪ گرائونڊ سٺو، قد سٺو، رنگ سٺو ته مون
رضامندي ڏئي ڇڏي.“
”20 آڪٽوبر 1957ع تي پوني ۾ منهنجي شادي ٿي گذري.
وشنوءَ جي ماءُ يعني منهنجي سَسُ سان مترتا
(دوستيءَ) جو سُنٻند هوس. هن ئي ڳالهين ڳالهين ۾
منهنجي مائٽيءَ جي ڳالهه چوري، وشنو ۽ منهنجي
گڏجاڻي بمبئي رکي وئي.
”اهو سال 1967ع وارو هو يا 1968ع وارو، مون کي
چڱيءَ طرح ياد ناهي. پر ڪوشليا سنگتاڻيءَ جي زور
پوڻ تي مون جئه هند اسڪول پمپريءَ جي ڪاروباري
ڪاميٽيءَ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. پهرين هڪ رواجي
ميمبر جي حيثيت ۾، بعد ۾ سيڪريٽري، خزانچي ۽ پوءِ
وائيس پريزيڊنٽ جو پد سنڀاليم. ڪوشليا ئي ان وقت
مون کي پونا وومينس ڪائونسل جو ميمبر بڻايو. اول
صرف ميمبر هئس، سال کان پوءِ مون کي مئنيجنگ بورڊ
تي کنيو ويو. باقاعدي چونڊن بعد ۽ پوءِ ڪجهه سالن
کان پوءِ سيڪريٽري بڻيس.
”منهنجو تخليقي دَور اڃا دُور هو. ان دَور تائين
پهچڻ لاءِ مون کي ستر واري ڏهاڪي کي پورو ڪري،
اَسيءَ واري ڏهاڪي جي شروعات جو انتظار ڪرڻو
پوندو.
”منهنجو مڙس وشنو ۾ پراپڪار (جان نثاري) ۽ ٻين کي
مدد ڪرڻ جو جذبو ننڍپڻ کان اهڙو ته مضبوط جڙ پڪڙيل
آهي.
”وڏي ڳالهه آهي ته هو ٻين کي مدد ڪندو آهي، دل جي
سچائيءَ وچان نه ڪنهن اجوري يا فائدي جي لالچ سان،
سچ پچ ته هو ڀَلائي ڪري ان کي ڀُلائي به ڇڏيندو
آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ساراهه ڪندو به اٿس ته ڪمرو ڇڏي
ڀڄي ويندو آهي.“
4 جولاءِ 1982ع جي دعوتي ڪارڊ کي رديءَ جي ٽوڪريءَ
جي سپرد ڪندي مان سوچڻ لڳس:
”ڇا زندگيءَ جي اهڙي ئي ريت ٿيندي آهي؟“
ڊسمبر مهيني ۾ اوچتو پنهنجي دڪان تي مون کي مراٺي
گيت رامايڻ هٿ چڙهيو. ڪئين سال اڳ مون سُڌير ڦڙڪي
کي ”گيت رامائڻ“ جو هڪ راڳ ڳائيندو ٻڌو هو. مان
شوق وچان ان مراٺي ڪوتا کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش
ڪرڻ لڳس ۽ پوءِ گيت رامايڻ جا رڪارڊ هڪ هڪ ڪري
خريد ڪرڻ شروع ڪيم. چاهه ۽ ڌيان سان ٻڌڻ لڳس. ڪتاب
اڳيان رکي، مارچ ۾ رام نوميءَ جي موقعي تي گيت
رامائڻ جي سِلور جُوبلي ملهائي وئي. مان ست ئي
راتيون سڌير ڦڙڪي کي ٻڌڻ ويس. وشنوءَ مون کي پورو
ساٿ ڏنو. ان وقت الائي ڪٿان من ۾ خيال آيو.
”مان گيت رامائڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪنديس.“
جُنبي ويس اُن ڪم ۾.
”هڪ ڳالهه مان ٻي، ٻيءَ مان ٽين، ٽينءَ مان
چوٿينءَ مان پنجين...سلسلو جاري رهيو. سنگيت سرجڻ،
نرتيه سرجڻ ۽ ساهت سرجڻ ۾ لڳي ويس.
”22 نومبر تي 1997ع تي منهنجو ساٿي بنان ڪنهن
چتاءَ جي اوچتو ئي اوچتو پنهنجي جيون ياترا پوري
ڪري رمندو رهيو. پاڻ سنڀالڻ ۾ مون کي ڪافي وقت لڳي
ويو.“
ريٽا شهاڻي 2001ع ۾ پنهنجي جنم ڀومي گهمڻ آئي هئي.
”هتي (سنڌ ۾) پهچي، مون کي پروڙ پئي ته مان اڪيلي
ناهيان. منهنجي زندگي اجائي ناهي منهنجو به ڪو
مُلهه آهي. هتي پارکو ويٺا آهن، هو مون کي سڃاڻي
سگهيا. مون کي سمجهي سگهيا.
”هتي (سنڌ ۾) نه اچان ها ته پنهنجي مُلهه جي پروڙ
نه پويم ها.“
ريٽا شهاڻي 1983ع کان لکندي ۽ ڇپجندي پئي اچي.
سندس پهريون ڪتاب ”پنک وڄائن شنک“ (شاعري) 1983ع ۾
ڇپيو. ائين ٻيو ڪتاب، ٽيون ڪتاب وڃي پنجويهين ڪتاب
”جتي منهنجا اوٺيئڙا“ (سفرنامو) تي پهچي ٿو.
هن جو جنم 1934ع تي آگسٽ 24 تاريخ تي ٿيو. تيرهن
ورهين جي ڄمار بعد وري 2001ع تي سنڌ ڏٺائين.
ريٽا پنهنجي زندگيءَ ۾ تعليم کان وٺي ذاتي پسند ۽
ننڍين شين کي ڪافي بهتر انداز ۾ بيان ڪيو آهي. ڀل
پوءِ ان جي تعليم انٽر ڇو نه هجي. نوڪري هجي يا
عملي زندگيءَ جي ڪنهن به ميدان ۽ هر هنڌ تي هن همٿ
سان، سچائيءَ سان زندگي گذارڻ لاءِ پئي پتوڙيو
آهي. پسند ڪرڻ، تعليم کان پونا ۾ عورتن جي ڀلائي ۽
بهبود، شادي، گهر، سس، اولاد کان ويندي لکڻ تائين
هُن پنهنجي زندگي ڀرپور انداز سان گذاري آهي ۽
گذاري پئي.
پهاڪو
پهاڪي جي معنيٰ آهي ڏاهپ جو قول، سياڻپ، دانائي يا
ڪنهن واقعي جو ٿورن لفظن ۾ اشارو:
”پهاڪو“ ٿورن لفظن ۾ گهڻي ڳالهه چوڻ جو فن آهي،
اهي ڪنهن چيا؟ ڪڏهن چيا؟ ان جي ڪا به سُڌ نه آهي.
انهن پهاڪن جي ٻوليءَ، ڪردارن، واقعن سان ڪنهن دور
جو تعين ممڪن ٿي سگهي ٿو، پر گهڻي ڀاڱي اُهو هڪ
ڏکيو مرحلو آهي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ”پهاڪو“ اسان جي اتهاس جي ڪا
آڳاٽي صنف آهي، جنهن ۾ ڏاهپ جا نقطا نروار ڪيل
آهن. هتي اسين ڪجهه ”پهاڪا“ ڏئي رهيا آهيون. جن جا
خاص طور تي ”عورتاڻي سماج“ سان تعلق آهي. مجموعي
طور تي ”پهاڪن“ بابت هتي ٻه مکيه ڳالهيون توهان
آڏو رکجن ٿيون.
1. انهن پهاڪن جي پس منظر ۾ هڪ ڪهاڻي آهي. پهاڪا
نثر ۾ به آهن ۽ نظم ۾ به.
مثال طور هي پهاڪو آهي:
عقل ريءَ عذاب، گهڻو پَسنديءَ جندڙي،
ڪنهن ”سورٺي“ جي سٽ لڳي ٿي. ممڪن آهي ته ڪنهن دور
۾ اهو مڪمل سورٺو هجي، يا پورو بيت هجي. ۽ ان جي
ٻي سيٽ ۽ ٻيون سِٽون وقت جي ڊگهي سفر ۾ ڪٿي رهجي
ويون هجن. ____ ادارو
آءٌ به ويندي پيڪي،مون به لهندي سِڪ:
ڪنهن ڪنوار کي، ساهرن ۾ گهڻو سک هوندو هو ته به
پيڪن جي پيئي پچار ڪندي هئي چي، منهنجا لَک لهن
پيڪا، قرب جا ڪوڏيا پيڪا! هڪ دفعي جڏهن پيڪي (پيءُ
جي گهر) آئي، تڏهن ڪنهن ڳالهه تان، سندس ڀاڄائيءَ
کيس کڻي ڏنو. آخر نتيجو اهو نڪتو، جو ڀاڄائنس، هن
ويچاريءَ کي روئاري ڪڍيو. پوءِ ته کانئس پيڪن جي
سِڪ به لهي ويئي.
اَبو گَسي، ڌيءَ وَسي:
هندن ۾ رواج آهي ته ڌيءَ کي جهجهو ڏاج ڏين. ڪنهن
سيٺئي، ڌيءَ کي ايترو ته ڏاج ڏنو، جو پاڙي وارن کي
ڏندين آڱريون اچي ويون. تنهن تي ڪنهن پاڙي واري
ائين چيو:
مطلب: اَبي جي کٽي، اَدي کپائي،
ڪمائي هڪڙو ته کائي ٻيو.
اُٺ ڪڍن سسئي!
جڏهن پنهونءَ جا ڀائر، رات جو چوريءَ، سسئي جي
پاسي مان پنهون ڪڍي، ڪيچ روانا ٿيا، تڏهن سسئي
ويچاريءَ صبح سان ڪاريءَ وارا ڪک ڏٺا. ڀنڀور کي
باهه ڏيئي، اڪيلي سر، پيرين پيادي، ڏونگر ڏورڻ
لڳي. هڪ پنڌ اڻانگو، ٻيو مسافر لنبي، ته به ويچاري
پنڌ مٽيندي پئي ويئي، پر ڪٿي ڀنڀور، ڪٿي ڪيچ!
ڪنهن، سسئيءَ جي اهڙي حالت کي ڏسي ائين چيو: مطلب
آهي ته: پٿر ۽ پوٺي، رڻ ۽ رائي، جهَر ۽ جهنگ، دَڙي
۽ دَنگ کي پار ڪرڻ لاءِ اُٺ سسئي کي ڪيچ پهچائي
سگهندا. ڇا ڪاڻ ته پنهونءَ کي به اُٺ تي کڻي ويا
هئا.
مطلب: جڏهن ڪو ڏکيو پنڌ هوندو آهي، يا ڏکيو مسئلو
درپيش ايندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.
اِهو سونُ ئي گهوريو، جو ڪَن ڇني:
اهوڪم ئي گهوريو، جنهن مان فائدي بدران نقصان يا
خرابي ٿئي.
ايران، نوشيروان کان به اڳ، ڪَنَ جو زيور، ”سونو
والو“ هوندو هو. ”روپو“ ۽ ”لوهو والو“ ڪنيز
(ٻانهيءَ) جو هوندو هو. پوءِ ”سونن دُرن“ جو رواج
نڪتو ۽ پوءِ نوشيروان جي ڏينهن ۾، ”موتين جي دُرن“
جو رواج پيو. انهيءَ وچ ۾ ترڪستان جي زالن ۾ ”مَرِ
واريد“ ۽ ”سونن جهومڪن“ جو رواج پيو. نوشيروان جي
حرمَن، ”جهومڪن“ جي گهر ڪئي. تنهن تي نوشيروان
فرمايو: ”يا دو گوش بايد، يا دو نيلم.“ يا ڪن جو
خير گهرو، يا (ڳرا) جهومڪ (دونيلم) پايو. (لغت-
ملاهمداني گورگاني) اڄ تائين ايران ۾ جهومڪن جو
رواج نه پيو آهي.
نوشيروان جي فرموده جو ترجمو ٿيو: اهو سون ئي
گهوريو، جو ڪَن ڇِني.
ٿانءُ کڻي هڪڙو ۽ ٺِڪر ڀَڄي گهڻن تي:
ڏوهه هڪڙو ڪري ۽ ان جي عوض لوڙهين گهڻا.
چون ٿا ته سسئيءَ جي مزار تي آيل هر مسافر کي ٻه
مانيون ۽ وَٽو کير جو ملندو هو. هڪڙي دفعي ڪو آيل
مسافر، کير کائڻ بعد، وَٽو پاڻ سان کنيو ويو.
انهيءَ کان پوءِ ماني ته بدستور ايندي رهندي هئي،
مگر کير، وٽي جي بدران ٺڪر جي جمني ۾ ملڻ لڳو!
انهيءَ تان ڪنهن سالڪ چيو آهي:
”ٿانءُ کڻي هڪڙو ۽ ٺِڪَر ڀڄي گهڻن تي.“ |